Sunday, November 25, 2012

هڪ پل ۾ لکا پتي، ٻئي پل ڪنگال! - عبدالحي پليجو

هڪ پل ۾ لکا پتي، ٻئي پل ڪنگال!
عبدالحي پليجو
جديد تُرڪي قوم جي معمار مصطفيٰ ڪمال “اتاترڪ” ترڪي ٽوپي ٺاهڻ بند ڪرائي ڇڏي. ڍڪيل بازار واري ترڪي ٽوپي گهٽيءَ ۾ اڄڪلهه نيري رنگ جي زرين مان ٺهيل ڪپڙن جو واپار ٿئي ٿو. بازار جي وچ ۾ ٻن شاهي دڪانن ۾ ٽامي ۽ ٻين ڌاتن جا ٺهيل عجيب نوادرات موجود آهن. اهي تمام وڏي تعداد ۾ آويزان آهن، تنهن ڪري اهي مشهور ڏندڪٿا “علي بابا، چاليهن چورن” واري غار ۾ پيل خزاني وانگر جهلڪندا نظر اچن ٿا. استنبول شهر ۾ موجوده واپاري مرڪزن جو سلسلو گولڊن هارن سامونڊي نار تائين پکڙيل آهي. هيءَ ڍڪيل بازار ته انهيءَ سلسلي جي دنگ تي قائم آهي. هن بازار ۾ هڪڙي ڪتابن جي واپار واري گهٽي آهي. ڪتابن واري گهٽي ۾ ٺهيل ڦوهارو، جتي هينئر ٻِلين جو وڏو تعداد موجود آهي، شهر جي اوائلي دور جو يادگار آهي. ڍڪيل بازار جي اتر طرف پراڻين هوٽلن جي قطار آهي، جتي هاڻي هوٽل وارو ڌنڌو ڪونهي، پر ريڙهين وارا مزدور ۽ پراڻي مشينريءَ جا دڪان آهن. هتي چانهه جا هوٽل به آهن، جتي مزدور طبقو اچيو ٿڪ ڀڃي. هن بازار ۾ اڄ ترڪ باشندو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هو، باقي گهڻو ڪري سڀ حاضر ماڻهو مختلف ملڪن کان آيل سياح نظر ٿي آيا. سڄي دنيا ۾ سونهن ماڻڻ ۽ ماني کائڻ جو مزو جيڪو توهان کي ترڪيءَ ۾ ملندو، اهڙو لطف توهان کي شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻئي هنڌ نصيب ٿئي! سڄي دنيا ۾ عورت جي  حُسن جو عروج يا ڪمال ترڪيءَ ۾ ئي انتها تي پهچي ٿو. سندن سونهن بيشڪ هزارين سالن کان پوري دنيا ۾ مشهور آهي. ترڪيءَ جا کاڌا ۽ ميوا به ترڪ خواتين جي سونهن وانگر تازا، لذيذ خوشبودار ۽ ڏاڍا وڻندڙ ٿين. ترڪيءَ جي هوٽلن جي اڳيان ڪو هندستاني يا پاڪستاني لنگهيو ته هوٽلن جا ملازم کيس شاهه رخ خان يا سلمان خان جي نالي سان مخاطب ٿيندا يا کيس انڊين يا پاڪستاني ڪري سڏيندا. پوءِ جيڪڏهن توهان چيو ته، ها آئون پاڪستاني آهيان، ته ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ يڪدم چوندا، “پاڪستان ترڪي بوٿ فرينڊس” پوءِ جيڪڏهن توهان  سندن هوٽل ۾ ويا ته توهان کي رسيپشن وارن وٽ رسائي ڪرسيءَ تي ويهاري، پاڻ واپس ٻاهر نڪري ٻين گراهڪن لاءِ بيٺا هوڪا ڏيندا. مون کي ترڪيءَ ۾ مسور جي دال جو ٺهيل سوپ ڏاڍو وڻندو هو، ڏاڍو لاجواب ٽيسٽ هوندي هُيس، منيٰ ۽ محبوب کي وري هنن جو پڪل ڪڪڙ ۽ ڪباب ڏاڍا وڻندا هئا. ترڪيءَ جي سِڪي جو نالو “ليرا” آهي، جيڪو هڪ انگريزي سڪي “پائونڊ” مٽائڻ سان لکن جي تعداد ۾ ملي پيو، جنهن ڪري ماڻهو هڪ پل ۾ لکا پتي ٿيو وڃي ۽ خرچ ڪرڻ مهل به ماڻهو ترت ئي لکن جي تعداد ۾ ليرا ڏيئي ڪنگال ٿيو وڃي. اسين به ماني کائي هوٽل وارن کي هزارين ليرا ڏيئي هڪ ئي پل ۾ ڪنگال ٿي وياسين.


صراف يعني سون ۽ هيرن جا واپاري، بازار جي وچ ۾ سمورين قيمتي وَٿن ساڻ حقيا ويٺا آهن. جڏهن ته چمڙي ۽ ٻارن جي شين ۽ رانديڪن جا دڪان بازار جي پوئين ٻاهرين قطارن ۾ قائم آهن. آڳاٽي زماني ۾ به بازار جي گهٽين جا نالا اتي وڪامجندڙ جنسن يا شين موافق پازيب گهٽي يا تُرڪي ٽوپي گهٽي وغيره هئا. ترڪيءَ ۾ ترڪ کاڌن ۽ ميوَن کان وڌيڪ مشهور ترڪيءَ جون مٺايون آهن، جن کي تُرڪَ ماڻهو “بُڪلاوا” چون. اُهي مٺايون ايتريون ته لذيذ آهن، جو هر سياح اُهي ضرور کائي ۽ ترڪي مان واپس وڃڻ مهل پنهنجي فيمليءَ ۽ يارن دوستن لاءِ تحفي طور خريد ڪري کڻيو وڃي. چون ٿا ته هي مٺايون کنڊ سان نه، پر ماکيءَ سان ٺاهيندا آهن، تنهن ڪري اهي عام مٺائيءَ کان وڌيڪ لذيذ ٿين ٿيون. آئونDiabetic  آهيان، تنهن ڪري کاڌي پيتي ۾ مجبوراً پرهيز ڪندو آهيان، پر بُڪلاوا مٺائيءَ مون کي به پرهيز ٽوڙڻ تي مجبور ڪري وڌو. استنبول شهر جي هڪڙي ٻي قديم ۽ مشهور بازار “اسپائيس مارڪيٽ” يعني مصالح بازار آهي. مصالحا بازار پهچڻ کان اڳ آئون توهان کي ڪجهه استنبول جي باري به ٻڌائيندو هلان. دنيا جي تاريخ موجب رومي سلطنت جي شهنشاهه ڪانسٽينٽائين هي شهر فتح ڪرڻ کانپوءِ شهر جي نئين سر تعمير جا بنياد شعوري طور هڪ ٻيو روم شهر بنائڻ خاطر جوڙايا، تنهن ڪري سڀ کان پهرين شهر جو اصل نالو “بائزنٽيئم” رد ڪري شهر تي شهنشاهه سندس نالي مان ٺهندڙ نئون نالو Constantinople ڪانسٽينٽينوپل رکيو.
قديم روم وانگر هن شهر ۾ رستن جي ماپ وارو سنهري رنگ وارو پٿر نصب ڪيو ويو. انتظام جي سلسلي ۾ به اصل روم شهر وانگر هن شهر کي به چوڏنهن وارڊن ۾ ورهايو هو. وڏي ڳالهه اها ته شهنشاهي شان مستحڪم ۽ برقرار رکڻ خاطر شهنشاهه ڪانسٽينٽائين هي شهر ستن ٽڪرين تي اڏيل هئڻ جو اعلان ڪيو، ڇو ته روم شهر به ستن ٽڪرين تي اڏيل هو. سن 1204 ۾ صليبي جنگيون ڪندڙ عيسائي مذهبي انتهاپسند فوجن طرفان هن علائقي ۾ تمام گهڻي ڦرلٽ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ سونا زيور ۽ اڻ گهڙيل سچو سون وڏي مقدار ۾ ڦريو ويو هو، تنهن ڪري هي علائقو برباد ٿي ويو. مقامي ماڻهن جي وڏي گهڻائي مصالحا بازار کي مصر جي بازار ڪوٺي ٿي، ڇو ته هن بازار ۾ وڪرو ٿيندڙ تقريباً سموريون شيون، ٻوٽيون ۽ مصالحا نيل نديءَ جي واديءَ مان چونڊي آندا وڃن ٿا. مصالحا بازار ۾ زيورن ۽ هيرن کان وٺي ڏٻن کولڻ وارين بجليءَ جي چاٻين تائين شيون وڪري لاءِ موجود آهن. تنهن کان سواءِ، ڳوٿرين، برنين ۽ شيشي جي نلين ۾ رکيل سوين قسمن جون عجيب ۽ نراليون شيون ڏسندي لطف پيو اچي. انهيءَ بازار ۾ شهر جي درخواست نويسن جو به وڏو تعداد موجود آهي، جيڪي سرڪاري ڪمن لاءِ حاجتمند ماڻهن کي گهربل فارم ڀري ڏيندا آهن ۽ ڪن کي ٽائيپ رائيٽر تي درخواستون لکي ڏيندا آهن.

1 comment:

  1. ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو

    انهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
    ،
    منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
    مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
    ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
    منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
    دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
    هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
    مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
    ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
    بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
    تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
    مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
    اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
    مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
    (albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
    توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
     پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.

    ReplyDelete