Saturday, November 17, 2012

ايٿوپيا جي عجائب گهر ۾ سنڌي ٽوپي ڏسي دنگ رهجي ويس - ظفر الله شيخ


ايٿوپيا جي عجائب گهر ۾ سنڌي ٽوپي ڏسي دنگ رهجي ويس
ظفر الله شيخ
اقتصادي طور تي به اسان ڪافي ڪمزور آهيون ۽ اسان کي تمام سخت ايمانداري ۽ محنت جي ضرورت آهي. الله سائين اسان جي مدد ڪندو ۽ اسان جي حال تي رحم ڪندو.


نيل ندي خرطوم جي وچ مان وهندي هئي، مان ۽ منهنجي زال اڪثر نيل نديءَ جي ڪناري تي مهاڻن کان تازي مڇي وٺي ايندا هئاسين. مهاڻا جڏهن مون کي ڏسندا هئا ته ڏاڍو خوش ٿيندا هئا ۽ تمام گهٽ پئسن ۾ مڇي وڪڻندا هئا. چوندا هئا ته ايڏو سفير پاڻ مڇي وٺن اچي پيو. بس مان منهنجي زال کي ته جهليندو هيس ته مون کي نه وٺي هلي پر ضد ڪندي هئي ته هل، شايد سڀني زالن کي پنهنجي مڙسن سان گڏ وڃڻ سٺو لڳندو آهي. هڪ ڀيري پريس وارن اسان کي ڏسي ورتو ۽ منهنجا ۽ منهنجي زال جا مڇي وٺندي فوٽُ ڪڍيائون ۽ اخبار ۾ اچي ويو. بس ادا پوءِ ته مان هڪ عوامي سفير جي حيثيت سان به مشهور ٿي ويس. جيتوڻيڪ مون نه پي چاهيو پر هڪ Blessing هئي جو سوڊاني ماڻهن ان کي برو نه سمجهيو.
منهنجي زال ته ٽپا ڏيڻ لڳي ۽ ميارون پئي ڏنائين ته ڏس مون سان گڏ مڇي وٺي هلڻ ۾ منهنجي بدنامي نه پر تعريف ٿي آهي، پوءِ هوءَ ته مٿي چڙهي وئي. هڪ دفعي چيائين ته مون سان سبزي مارڪيٽ ۾ گڏ هل، خير مان سندس گڏ ويس، جيئن آءُ مارڪيٽ ۾ ويس ته اٽڪل سڀ دڪان وارا سڃاڻن پيا ۽ چيائون ته هي عوامي پاڪستاني سفير آهي ۽ سچ پڇو ته ڏاڍو قرب سابن ملندا هئا ۽ سودو به سستو ڏيندا هئا. مون بهرحال دل ئي دل ۾ پنهنجي زال کي فل مارڪون ڏنيون پر ظاهري تعريف ڪو نه ڪندو هيس، پر هن سڄي Process ۾ منهنجي زال منهنجي ڪم ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿي.
سوڊان اسان کي ڏاڍو پسند آيو ۽ وقت ڏاڍو سٺو گذريو. نيل نديءَ جون موجون، ماڻهو سٺا ۽ ڳوٺاڻو ماحول اسان کي پنهنجي ڳوٺ جي ياد ڏياريندو هو، جيئن اسان جا بزرگ ڳوٺڻ ۾ پٽڪا پائيندا آهن اهڙي طرح سوڊاني مرد پڻ پٽڪا پائيندا آهن ۽ مقافت ڪافي سنڌ سان ملندي آهي.
سوڊان ۾ وچولو طبقو ڪو نه آهي يا ته ماڻهو ڏاڍا امير يا وري ڏاڍا غريب آهن، غربت ايتري جو کائڻ لاءِ کاڌو نه هوندو آهي، اسان کي هڪ نوڪرياڻي ٻه سئو رپيا مهيني جي پگهار تي آساني سان ملي ويندي هئي، نوڪرياڻين جا مزا هوندا هئا، اسان وٽ هر وقت پنج ڇهه ته هونديون ئي هونديون هيون. بس منهنجي زال جا مزا هئا. گهر جو سٺو ڪم نوڪرياڻيون ڪنديون هيون ۽ پاڻ پئي گهمندي هئي. پر وري به مون کي چوندي هئي ته ناخوش آهي ۽ مون کي دڙڪا پئي ڏيندي هئي، شايد هر زال جي اها پاليسي هوندي آهي، پنهنجي مڙسن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ، بهرحال اسان به هيٺ ڪنڌ ڪندا رهياسين، زال هڪ جو هئي، ٻي شاديءَ جو ڪئي دفعا سوچيو پر پوءِ سوچيم ته انجام ڏاڍو خراب ٿيندو ۽ پهرين زال جو جهيڙو ۽ ٻارن جي ناراضگي هميشه رهدني، هڪ لحاظ کان اهو منهنجو صحيح فيصلو هو ۽ هاڻي جڏهن رٽائر ٿيو آهيان ته احساس ٿئي پيو ته ٻه زالون هجن ها ته ڏاڍي تادي ٿئي ها، بهرحال هي منهنجو پنهنجو خيال نه آهي، ٿي سگهي ٿو ٻن زالن وارا متفق نه ٿين.
سوڊان کان مون کي ٻين ٽن ملڪن جي حد به هئي، هڪ سال گذرڻ کان پوءِ مون کي پنهنجي سند جا ڪاغذ پيش ڪرڻ لاءِ نياپو آيو، مان هليو ويس ۽ اتي چاڊ جي صدر ايڊريس ڊيبي کي منهنجي سند جا ڪاغذ پيش ڪيا. جيئنڊا جيڪو چاڊ جي گادي جو هنڌ آهي، اتي نووٽل هوٽل ۾ منهنجي رهڻ کائڻ جو بندوبست چاڊ سرڪار طرفان ڪيو ويو هو، هڪ گاڏي ۽ هڪ پروٽوڪول آفيسر پڻ منهنجي ڊيوٽي تي هو، جنهن ڏينهن مون پنهنجا ڪاغذ پيش ڪيا ته مون کي سرڪاري گاڏي ۾ صدر جي محل ۾ وٺي ويا. سلامي ڏنائون، پاڪستاني قومي ترانو وڄايائون ۽ پوءِ مون ننڍي تقرير ڪري پنهنجي سند صدر ديبي کي پيش ڪئي. صدر ديبي مون کي ڏاڍي عزت ڏني، ان موقعي تي پنهنجا ڇهه وزير به گهرايائين جنهن ۾ وزير خارجه به هو، ڪافي گپ شپ ٿي ۽ مون کي ماني به گڏ کارايائين، چوي پيو ته چاڊ ننڍو ۽ غريب ملڪ آهي ۽ پاڪستان جي مدد چاهي ٿو. خاص ڪري چاڊ جي اسڪولن ۽ يونيورسٽين لاءِ استادن جي گره ڪيائين، مون واعدو ڪيو مانس ته ڪوشش ڪندس، مون پاڪستان سرڪار کي پڻ لکيو پر حسب معمول آفريڪا کي ڪا لفٽ ڪا نه ڪيائون.
منهنجي سند پيش ڪرڻ کان پوءِ هوٽل واپس آيس ۽ ڪپڙا بدلائي شلوار ڪميز پائي ٽيڪسي ۾ شهر ويس چڪر ڏيڻ، مون سوچيو ته جيڪڏهن سرڪاري گاڏي ۾ ويندس ته گهمڻ جو مزو ڪو نه ايندو، انهيءَ ڪري ٽيڪسي ڪرائي ويس. چاڊ ۾ فيرنچ ٻولي ڳالهائين ويندي آهي پر ٽيڪسي وارو نوجوان ڇوڪرو انگريزي به ٺيڪ پئي ڳالهائيائين. هي ٽيڪسي وارو هوٽ: جي ٻاهريان مليو ۽ پڇيو مانس ته شهر گهمائڻ  جو گهڻو وٺندين، چيائين ۱۰ ڊالر، مون ڏاڍو سستو سمجهيو ۽ چيو مانس ته سندس ڏهه نه پر ويهه ڊالر ڏيندس، بس پوءِ ته هن کي يقين نه پئي آيو ۽ جڏهن ٽيڪسي هلايائين ته ايئرڪنڊيشن جون تارون به ملايائين ڇو جو گاڏي پرائي هئي، بهرحال شهر پهتاسين ۽ هڪ مارڪيٽ ۾ وٺي هليو، مون کي Swimming Costume وٺڻو پيو، مون خاص طور تي منع ڪئي مانس ته دڪاندارن کي اهو نه ٻڌائي ته مان سفير آهيان، نه ته پئسا گهڻا نه وٺندا. مان مارڪيٽ ۾ گهڙي پيس ۽ هڪ دڪان تي ويٺس ۽ ڪاسٽيوم جي پڇا ڪئي، مون کي حيرت لڳي جڏهن دڪان وري ٻه ٽي سوئمنگ ڪاسٽيوم ڏيکاريا ۽ ا مان هڪ Made in Pakistan هو، چيائين هي سڀ کان سٺو آهي ۽ مهانگو پڻ. بس اهو ٻڌي ٽئڪسي ڊرائيور کان رهي نه سگهيو ۽ دڪاندار کي ٻڌايائين ته مان پاڪستاني سفير آهيان، پوءِ ته سائين دڪاندار اڇلجي پيو ۽ سڀني دڪان وارن کي ٻڌايائين ته پاڪستان جو سفير هن کان خريداري ڪرڻ آيو آهي.
ڪافي دڪاندار مون کي ڏسڻ ۽ ملڻ لاءِ جمع ٿي ويا ۽ مون کي خوش آمديد چيائون. سچ پڇو ته ان وقت مون کي خوشيءَ کان اکين مان ڳوڙها اچي ويا. سوچيم پئي ته منهنجي ملڪ پاڪستان لاءِ ڪيترو نه پيار آهي ۽ ڪاش اسان انهن جي پيار جو جواب به قرب سان ڏيون. مان سڀني سان سڪ سان مليس ۽ انهن جو شڪريو ادا ڪيو. مان وڃڻ لڳس ته چيائون ته ماني کائڻ بغير نه ڇڏينداسي، بس پوءِ ته منهنجي سڄي شام انهن سان گذري، انهن ڪافي تحفا به ڏنا ۽ پيار به، ٻئي ڏينهن تي مان چاڊين اخبارن جي سرخي تي هيس، مان جڏهن اتان جي چئمبر آف ڪامرس ۾ ويس ته مون کي وڏو آڌرڀاءُ مليو، چاڊين بزنس جا ماڻهو ڏاڍ خوش ٿيا ۽ منهنجي انهن سان ميٽنگ ڏاڍي فائدي واري رهي. جئمينا ۾ لبيا جو سفير اتان جو ڊين هيو ۽ راويتن منهنجي نئين سفير جي هجڻ ڪري هڪ وڏي دعوت ڪيائين، پنهنجي گهر تي واهه جي سفير جو گهر هو، ٻن ايڪڙن کن جي ايراضي هئي جتي شطر مرغ ۽ هرڻ وغيره هئا ۽ ٻيا پکي ۽ هڪ پاسي هڪ وڏو ۽ سهڻو تمبو لڳل هو، لبيا جي سفير ٻڌايو ته جڏهن به ڪرنل قذافي چاڊ ايندو آهي ته انهيءَ تنبو ۾ رهندو آهي. بار بي ڪيو جي دعوت هئي، جنهن ۾ ٻيا سفير ۽ ڪجهه اتان جا وزير پڻ هئا، هڪ يادگار ملاقات هئي ۽ ڏاڍو مزو آيو. منهنجي زال مون سان گڏ نه هئي نه ته ڪافي متاثر ٿئي ها، مون گهڻو ئي چيومانس ته چاڊ هل پر چيائين ته ڀؤ ٿو ٿئي، ڪارن جو ملڪ آهي ۽ جهنگ آهن. اهڙي ڳالهه ته نه هئي بس هن جو وهم هو، مون به زال جي دڙڪي تي چپ کڻي ڪئي ۽ اڪيلو چاڊ آيس. خرطوم کان چاڊ ويندي مان اٿوپيا ايئرلائين ۾ سفر ڪيو، ٻن جاين تان فلائٽون هيون يا ته مان پيرس کان وڃان ها يا وري اٿوپيا جي رستي، مون اٿپويا جو فيصلو ڪيو، ان جو سبب هي هو ته مان پيرس ڪو ئي سو کان وڌيڪ دفعا وڃي چڪو هيس جڏهن منهنيج پوسٽنگ فرئڪفرٽ ۾ هئي، اٿوپيا جي تعريف ٻڌي هئي ۽ دل چيو ته اهو ملڪ به ڏسي وٺان. مان خرطوم کان ايڊس ابا ابا، اٿوپيا جي گادي جي هنڌ پهتس، ۳ ڪلاڪن جي فلائيٽ کان پوءِ ڏاڍو سهڻو ۽ ننڍو شهر آهي ۽ هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ، اٿوپيا ايئرلائين ۾ پهريون دفعو سفر ڪيو هيم، سروس تمام سٺي هئي ۽ جهازن جون سيٽون پڻ خلاصيون هيون. اسان جي جهازن ۾ ته سيٽون ايتريون تنگ آهن جو مشڪل سان ويهي سگهجي. بس ڄڻ ته ماڻهو ٻڌو ويٺو هوندو آهي. ان جي مٿان وڃي جهاز جي ڪمائي جي نخري واري سروس، اٿوپيا ايئرلائين جي ايئرهوسٽس مون کي ڏاڍي سٽي سروس ڏني، کاڌو ڀلو هو، مڇي تمام مزيدار هئي، پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته آئينده به اٿوپيا ائيرلائين سان سفر ڪندس.
ايڊس اباابا ۾ منهنجو ٽرانسٽ ستن ڏينهن جو هو، سڄو شهر گهميس، جنهن هوٽل ۾ رهيس اتي قدرتي گرم پاڻي جي چشمي جو ڪنيڪشن هو، ننڍڙو تلاب ٺهيل هو، ڪافي ٽٻيون هڻندو هيس، اڄ ڪلهه ته اسان جو سفارتخانو به کلي ويو آهي پر ان وقت ڪو نه هو، پاڪستاني به ڪو ئي نه هو، هڪ ڀيري مان ايڊس ابابا جي هڪ ننڍي پهاڙي تي چڙهي ويس، اتي هڪ عجائب گهر ٺهيل آهي ۽ منهنجي حيرت جي انتها رهي جڏهن مون ڏٺو ته اتي شوڪيس ۾ سنڌي ٽوپي رکيل هئي ۽ لکيل هو Embroidery From Pakistan دل ڏاڍي خوش ٿي ۽ محسوس ڪيو ته هن دنيا جي حصي ۾ به سنڌ جي ثافت جون نشانيون موجود آهن، مون فوٽو ڪڍيو ۽ سنڀالي رکيو.
اٿوپيا جا ماڻهو سهڻا چاڪليٽي رنگ جا ۽ ڪارا به آهن، خاص ڪري عورتن جا منهن وڻندڙ آهن، نيري نيل ندي جو منڍ اٿوپيا ۾ آهي، Addis Ababa کان ڪو ئي چار سؤ ڪلوميٽر جي فاصلي تي تانا ڍنڍ آهي، جيڪا تمام وڏي ڍنڍ آهي.

No comments:

Post a Comment