Sunday, November 25, 2012

صاحبزاده يعقوب علي خان ڪعبي اندر داخل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو - ظفر الله شيخ


صاحبزاده يعقوب علي خان ڪعبي اندر داخل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
ظفر الله شيخ
ڍاڪا، ننڍڙو شهر آهي ۽ جڏهن مان اتي هيس ته جنرل ارشاد صدر هو. ڪافي دوست ٿي ويا ۽ ۳ سال سٺو وقت گذريو. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان جو ضياءُ الحق هو ۽ بنگلاديش جو دورو به ڪيائين. منهنجي ساڻس ڊيوٽي به لڳي، اهڙي جنرل ارشاد سان ملڻ جو موقعو مليو.


ڍاڪا جون شامون ڏاڍيون سٺيون گذرينديون هيون. هڪ ته کائڻ جا مزا هوندا هئا ۽ ٻيو شام جو ناريل، ڪاٺيل ۽ خاص ڪري ڪُرڙي مڇيءَ جا ته مزا هوندا هئا. منهنجي زال ۽ ٻار ڏاڍا خوش هئا. منهنجي گهر ڪجهه فلمن سان واسطي رکڻ وارا ماڻهو به ايندا هئا. جن ۾ نديم، مرحوم محمد علي ۽ زيبا وغيره شامل آهن. مهدي حسن ۽ غلام علي جا به خاص پروگرام ڪرايا ۽ ان ريت بنگلاديش ۾ سٺي واقفيت ٿي وئي. نوڪر چاڪر به جام هوندا هئا. غربت جي ڪري سروس سٺيون هونديون هيون.
انور زاهد بنگلاديش ٽائمس اخبار جو ايگزيڪيٽو ايڊيٽر هو ۽ اپوزيشن ۾ هوندو هو، منهنجو سٺو دوست هو، هن کي ڪافي قائل ڪيو ته جنرل ارشاد جي پارٽيءَ ۾ اچي ۽ آخرڪار ائين ٿيو، هو جنرل ارشاد جي دور ۾ انفارميشن منسٽر ٿي ويو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته هو سڀ کان پهريان جهنڊي واري گاڏيءَ ۾ منهنجي گهر آيو. چيائين ته مان هن جو سٺو دوست آهيان ۽ اڄ وزارت ملي ته سلام ڪرڻ آيس.
بنگلاديش ۾ ۳ سال رهيس، ان دوران شيخ حسينه واجد ۽ بيگم خالده ضيا سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. شيخ حسينه، شيخ مجيب جي ڌيءَ آهي ۽ عوامي ليگ جي سربراهه ۽ اڄ ڪلهه بنگلاديش جي وزيراعظم آهي. ان وقت اپوزيشن ۾ هئي. منهنجو ساڻس رابطو، عوامي ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڪمال جي معرفت ٿيو. ڪمال صاحب جي زال اتفاق سان سنڌي هئي ۽ منهنجي زال سان دوستي ٿي وئي هئس. حيدرآباد جي هئي، اسان کي تڏهن خبر پئي جڏهن هن پاڻ منهنجي زال سان رابطو ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي قرب وڌي ويو.
ٻئي طرف وري خالده ضيا جي پارٽي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (BNP) هئي، جنهن جي هوءَ سربراهه هئي. سندس پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل مستفيز الرحاني هو، جنهن جي شادي وري ڪراچيءَ مان ٿيل هئي. پاڪستان لاءِ BNP جو سٺو جهڪاءُ هو، ان دور ۾ اسان ڪافي فائدو ورتو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جا تعلقات ڪافي ويجها ۽ سٺا ٿيا. ان سان پڻ منهنجيون ڪافي ملاقاتون ٿيون. هڪ ڊپلوميٽ جي حيثيت سان ساڻس سٺو تعلق رهيو. مڙئي اندر جي خبر چار پئي ملندي هئي ۽ مان وري سفير صاحب کي ٻڌائيندو هيس.
منهنجي سفارتي سفر ۾ بنگلاديش هڪ سٺي اسٽيشن هئي هو، هڪ ٽائيم تي پاڪستان جو حصو هو ۽ اتان جا ڪافي ماڻهو پڻ پاڪستانين جي مخالفت ۾ رهيا. ان لحاظ کان مان اتي رهي ڪافي ڪجهه سکيس. ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۶ع تائين اتي پوسٽنگ رهي ۽ هڪ سنڌي جي لحاظ کان ڪجهه ڪردار اهم هوندو هو.
ڊسمبر ۱۹۸۶ع ۾ منهنجي بدلي جده جي پاڪستان قونصليٽ ۾ قونصلر جي حيثيت سان ٿي. جده ۾ چار سال رهيس، هر وڏو ماڻهو عمري يا حج تي ايندو هو ته اسان جو ان سان واسطو پوندو هو. انهن چئن سالن جي عرصي ۾ مون پاڪستان جون چار حڪومتون ڏٺيون. پهريائين ضياءُ الحق جو دور هو، پوءِ محمد خان جوڻيجو، پوءِ پيپلز پارٽي جي بينظير ڀٽو شهيد آئي، ان کان پوءِ نواز شريف ۽ آخر ۾ جتوئي صاحب کي وزيراعظم ٿيندي ڏٺو. سڀ جده آيا ۽ ڪافي ويجهيون ملاقاتون ٿيون.
ضياءُ الحق عمري ۾ ڪافي ايندو هو ۽ اهڙي ريت عمرو فيشن ٿي ويو هو، هر وڏو ماڻهو عمرو ڪندو هو. ضياءُ الحق جڏهن جده ايندو هو ته ڪافي ماڻهو پاڻ سان وٺي ايندو هو. هر دفعي ۱۰۰ کن ته هوندا هئا. مون زندگيءَ ۾ تمام سٺي عبادت ڪرڻ وارو شخص ضياءُ ڏٺو.
سعوديءَ ۾ لکين پاڪستاني رهن ٿا، جده ۽ رياض ۾ ٻه وڏا پاڪستاني ايمبسي اسڪول آهن. هڪ هڪ اسڪول ۾ ۲۵ هزار کان وڌيڪ شاگرد آهن. ۵ سئو بسون ۽ چار سئو استاد ۽ استادياڻيون آهن. هڪ يونيورسٽي آهي، مان جڏهن اتي هيس ته محبوب علي شيخ جيڪو اڄ ڪلهه بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياريءَ جو رجسٽرار آهي. تڏهن پاڪستان ايمبسي اسڪول جده جو پرنسپال هئو، تمام قابل شخص آهي، مان سندس مداحن مان آهيان. اسان جده ۾ هڪ سٺو ڪم اهو ڪيو جو جده اسڪول ۾ سنڌي سيڪشن الڳ کولرائي ڇڏيو. اهڙي ريت اسان جي سنڌي شاگردن ۽ استادن کي ڪافي سهولت ٿي. ڪجهه رڙيون به ٿيون، پاڪستان ڪميونٽي جي طرفان ته مان ۽ ڊاڪٽر محبوب سنڌين کي سهارو ڏيون ٿا پر اسان ان مخالفت جي پرواهه نه ڪئي. مان ته بچي ويس پر اخبارن محبوب شيخ خلاف واويلا ڪري ڇڏي ۽ آخرڪار ڊاڪٽر محبوب بي گناهه پاڪستان بدلي ٿي ويو. بهرحال اها هڪ وڏي خدمت هئي، هو اڄ ڪلهه به سنڌي سيڪشن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
سعودي عرب ۾ پوسٽنگ دوران سعودي بادشاهه ملڪ فهد بن عبدالعزيز ۽ ٻين وزيرن سان پڻ ملڻ جو ڪافي موقعو مليو. پروٽوڪول جو شعبو به مون وٽ هيو. جڏهن به صدر يا وزيراعظم عمري تي ايندا هئا ته سعودي رائل پروٽوڪول سان واسطو پوندو هو.
هڪ ڀيري بينظير ڀٽو شهيد عمري تي آئي ۽ پاڪستان ڪميونٽيءَ کي خطاب ڪرڻ جي خواهش ڪيائين ته سيڪيورٽي جي لحاظ کان جلد سفير صاحب جي گهر تي جده ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو. پ پ جا ڪافي ورڪر آيا ۽ سٺو جلسو ٿيو. بعد ۾ پريس ڪانفرنس به ڪيائين، مان پڻ ان ۾ موجود رهيس، ڪمال جي وزيراعظم هئي ۽ ڇا ته هن جي International Relations تي ويچار هئا. ايتري ته قابل هئي جو ڇا ٻڌايان. واقعي هڪ عظيم ليڊر هئي، قوم هر وقت ان کي خراج عقيدت پيش ڪندي رهندي.
جده ۾ چار سال رهڻ کان پوءِ منهنجي بدلي ڪراچي فارن منسٽري جي ڪئمپ آفيس ۾ ڊپٽي چيف آف پروٽوڪول جي حيثيت سان ٿي. انهن ڏينهن ۾ صاحبزاده يعقووب خان فارن منسٽر هو، ڪراچي ڪافي ايندو رهندو هو ۽ هر ڀيري مان ساڻس گڏ هوندو هوس. تمام گهٽ ڳالهائيندڙ شخص هو ۽ پروٽوڪول جو تمام پابند هوندو هو، مجال آهي جو پنج منٽ به دير ٿي وڃي، ناراض ٿي ويندو هو، پر عجب جي ڳالهه جو مون سان ڪافي گپ شپ ڪندو هو، پنهنجي تجربي جون ڪافي ڳالهيون ڪندو رهندو هو. رام پور جو نواب هو ۽ نوابيءَ واري انداز ۾ ڳالهائيندو هو. جڏهن مان سعودي عرب ۾ هيس ته هڪ ڀيري جنرل ضياءُ الحق سان عمري تي آيو. اسان طواف ختم ڪيو ته ڪعبة الله جو دروازو خاص طور تي صدر صاحب لاءِ کوليو ويو. وفد جا ميمبر ڪعبة الله ۾ اندر وڃڻ لڳا پر صاحبزاده يعقوب خان ويٺو رهيو. مان سندس ڀرسان ويس ۽ چيو مانس ته ڪعبة الله جو دروازو کليو آهي، اوهان به هلو. مون کي تيزي سان جواب انڪار ۾ ڏنائين. مان حيران ٿي ويس ته ڪعبة الله جو دروازو کليو آهي هيءُ اندر وڃڻ جي سعادت نه پيو حاصل ڪري. مون کي شايد شڪ پيو ته مون ٺيڪ طرح سان نه ٻڌايو مانس. مان وري همت ڪري ويجهو وڃي ساڳي ڳالهه چئي، مون کي وري جواب انڪار ۾ ڏنائين. بهرحال مون پوءِ فيصلو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ مان ته اندران ٿي اچان. بس الحمد لله تمام وڏي سعادت حاصل ٿي.

No comments:

Post a Comment