Sunday, November 25, 2012

فورٿ اسٽريٽ - آڪاش سنتورائي


فورٿ اسٽريٽ
آڪاش سنتورائي
جهڙي ريت ميرپورخاص ضلعي جي ڇيڙي واري شهر ”نئون ڪوٽ“ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي ريگستاني علائقي ”ٿر“ جو ”گيٽ وي“ سڏيو وڃي ٿو، اهڙي طرح ڪي ايف سي جي باني جي اباڻي رياست ڪينٽڪي جي شهر لوئيسوِل کي آمريڪا جي ڏاکڻين علائقي جو ”گيٽ وي“ چيو وڃي ٿو، آمريڪي پرڏيهي وزارت جي دعوت تي انٽرنيشنل وزيٽرز ليڊر شپ پروگرام تحت پاڪستان جي 9 صحافين تي ٻڌل جٿو هاڻي ٽيڪساس مان سڌو لوئيسوِل Louisville پهتو، لوئيسول ۾ اسان جي گروپ جي ميزباني ”ورلڊ افيئرز ڪائونسل آف ڪينٽڪي اينڊ سدرن انڊيانا“ وٽ هئي، ”لوئيسوِل“ شهر تي اهو نالو فرانس جي بادشاهه لوئيس (پندرهين) پويان رکيو ويو آهي، اوهايو ندي جي ڪناري تي آباد هن شهر ۾ اسان جي آمد ڇنڇر تي ٿي، ان ڏينهن جيتوڻيڪ شهر ۾ ڏاڍي رش هئي، پر هر نئين شهر پهچڻ بعد اسان جو پهريون ڪم کاڌي پيتي لاءِ ڪنهن مناسب ريسٽورنٽ ڳولڻ هوندو هو، جيتوڻيڪ اسان جي رهائش اهڙي هوٽل تي هئي، جنهن جي ڀروارن علائقن ۾ ڪافي ريسٽورنٽ ۽ فوڊ اسٽريٽ به هئي. منجهند جو 3 وڳي ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد هوٽل تائين پهچڻ ۽ پوءِ ”چيڪ اِن“ ڪرڻ تائين اٽڪل 4 ٿي چڪا هئا. جڏهن ته اسان جي هر شهر ۾ هوٽل جي اڳواٽ بُڪنگ ٿيل هئي، سامان روم ۾ رکڻ بعد فريش ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر آياسين ته تيز مينهن وسي رهيو هو، اٽڪل اڌ ڪلاڪ تمام تيز برسات ٿي، پر برسات بند ٿيندي ئي جيئن ئي اسان هوٽل جي لابي کان ٻاهر آياسين ته شهر جو نظارو انتهائي دلڪش هو، آسمان تي انڊلٺ اڀريل نظر آئي ته يڪدم مون ۽ اسماعيل دلاور ان منظر کي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪيو، ٻاهر روڊ ۽ وڻ ٽڻ ڌوپجي چڪا هئا، اسان کي اهو ڏسي حيرانگي ٿي ته شهر جي روڊن تي ڪٿي به برسات جو پاڻي بيٺل نه هو. ان وقت مون کي حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ، نسيم نگر، عملدار چوڪ ۽ ڀٽائي نگر وارا علائقا ياد اچي ويا، جتي برساتن جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيٺل رهي ٿو، پر هتان جي شهر جا روڊ رستا ۽ فوٽ پاٿ بلڪل رٿابندي سان ٺهيل آهن، ڪوبه شهري يا دڪاندار پنهنجي مرضي تحت اڏاوت نٿو ڪرائي سگهي، جيستائين شهر جي انتظاميه ان جي ڊزائين کي ڪليئر قرار ڏئي.


ٽيڪساس ۾ اسان کي ٻڌايو ويو هو ته، ”لوئسوِل ۾ توهان جي رهائش واري هوٽل فورٿ اسٽريٽ ڀرسان آهي“. مطلب ته اها ڳالهه اسان جي فائدي ۾ هئي، پر اسان مان ڪنهن کي به فورٿ اسٽريٽ جي خبر نه هئي، تنهن ڪري اسان مان ڪنهن به دوست ان ڳالهه تي غور نه ڪيو، پر آئون ۽ پشاور جي صحافي رياض دائود سج لهڻ وقت کاڌي جي تلاشي ۾ نڪري پياسين، اتفاق سان اسان هلندي هلندي فورٿ اسٽريٽ پهچي وياسين، سامهون ئي گهٽيءَ جي شروعات ۾ ئي وڏن اکرن ۾ فورٿ اسٽريٽ لکيل هو، اسان به سڌو فورٿ اسٽريٽ ۾ گهڙي پياسين، ڏاڍي رش، وڏي آواز ۾ راڪ ميوزڪ، فوڊ اسٽريٽ، بيئربار، ٽينگوبار، شاپنگ سينٽر، نائيٽ بار... وغيره وغيره. ڇنڇر جي شام هجڻ ڪري نوجوان توڙي اڌڙوٽ جوڙن جي ڀرپور آمد، گهٽي جي وچ تي وڏو اسٽيج ٺهيل هو ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان بيريئر لڳل هئا. ان اندر ڪنهن کي سڃاڻپ کانسواءِ نه پئي ڇڏيو ويو، اسان به پنهنجا پاسپورٽ هوٽل تي ئي ڇڏي آيا هئاسين، سو ان طرف ته نه وڃي سگهياسين، پر پوءِ فوڊ اسٽريٽ جو رخ ڪيوسين. هڪ بلڊنگ جي ٽئين فلور تي پهتاسين، جتي مختلف ملڪن جا ريسٽورنٽس توڙي سب وي ۽ ڪي ايف سي به هئا. اسان جائزو وٺندي نيٺ هڪ تائيواني فوڊ سينٽر تي بيٺاسين ۽ اتان برياني کاڌي سين، پوءِ واپس هوٽل طرف آياسين، رستي ۾ اسان کي نوجوان ڇوڪرين ۽ عورتن جا ڪيترائي ٽولا نظر آيا، جيڪي فورٿ اسٽريٽ طرف وڃي رهيا هئا، جن مان ڪجهه ٽيمون ته اسان جي رهائش واري هوٽل ۾ ئي ترسيل هيون. پوءِ خبر پئي ته انهي فورٿ اسٽريٽ ۾ هر ڇنڇر ۽ آچر جي شام کان وٺي رات جو 2 يا 3 وڳي تائين مختلف بارز ۾ سڄي رياست مان آيل نوجوانن جي مختلف ٽيمن وچ ۾ ميگا مقابلا ٿين ٿا، انهي اسٽريٽ جا اڪثر بار صرف ڇنڇر ۽ آچر تي ئي کلندا آهن.
هوٽل تي اسان کي انٽر پريٽرس ٻڌايو ته سڀاڻي يعني آچر جي صبح جو توهان کي تاريخي ۽ قديم غار گهمائينداسين، ٻئي ڏينهن صبح جو 10 وڳي اسان غار گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين، اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جي ڊرائيو کانپوءِ اسان جي بس خوبصورت جابلو علائقي طرف موڙ کاڌو، روڊ جي پاسن کان ڪٿي هرڻ بيٺل هئا ته ڪٿي ڀولڙا ۽ گدڙ به نظر آيا. انهي سرسبز جابلو علائقي ۾ اڌ ڪلاڪ جي سفر طئي ڪرڻ بعد اسان منزل تي پهتاسين، سڌو ٽِڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ٽڪرين تي ٺهيل پُل پار ڪري ٻئي طرف وياسين، پر اتي اسان کي ٻڌايو ويو ته گروپ 3 (جيڪو ان وقت غار ۾ وڃڻ وارو هو) جا ٽڪيٽ وڪرو ٿي چڪا آهن، هاڻي توهان کي هڪ ڪلاڪ انتظار ڪري گروپ 4 ۾ شامل ٿيڻو پوندو. پوءِ اسان اهو هڪ ڪلاڪ اتي مختلف ميوزيم گهمندي گذاريو، ان دوران بک لڳي ته فش برگر به کاڌوسين ته جيئن جبلن جي اندر اونهي غار جو هڪ ڪلاڪ جو پنڌ ڪري سگهون. آخرڪار هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اسان هڪ پوائنٽ تي گڏ ٿياسين، جتي اسان جي گروپ جي ٽوئر گائيڊ غار اندر پنڌ هلڻ بابت سمجهايو، اها غار ”ميموٿ ڪيوِ“ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا 4 هزار سال پراڻي ٻڌائي پئي وڃي، هي غار مختلف وقتن تي آيل طبي تبديلين جي ڪري وجود ۾ آئي. 1800ع کانپوءِ هن غار کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويو ۽ پوءِ آهستي آهستي هن غار کي تفريح لاءِ آسان بڻايو ويو، هونئن ته اسان غار دنيا جي سڀ کان ڊگهي يعني 591 ڪلو ميٽر ڊگهي 18 ميٽر اونهي آهي، پر هن غار جي ڪجهه حصي کي ماڻهن جي گهمڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. آخرڪار اسان به گائيڊ جي اڳواڻي ۾ دنيا جي ڊگهي غار جو سفر شروع ڪيوسين. غار اندر داخل ٿيڻ وقت اسان کي بايو سيفٽي سرڪل مان گذرڻو پيو. ان کانپوءِ سڌو غار اندر داخل ٿياسين، ڏاڪڻين ذريعي غار اندر لٿاسين، پوءِ ته بس اندر نيم اوندهه ۾ سڄو سفر طئي ڪيو، غار ڪٿي صفا سوڙهي ته ڪٿي ويڪري هئي. واٽ تي هلڪي هلڪي روشني وارا بلب لڳل هئا ۽ اندر گرمي جو درجو تمام گهٽ هو، جنهن ڪري ڏاڍي ٿڌڪار هئي. سڄي سفر ۾ گائيڊ اسان کي غار جو تعارف ڪرائيندو هليو. اسان جي گروپ ۾ اٽڪل 2 سؤ ڄڻا شامل هئا، جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا.
جيتوڻيڪ شروع ۾ اسان کي ڊيڄاريو ويو ته غار اندر چمڙا به ٿي سگهن ٿا، توهان کي تمام سنڀالي هلڻو پوندو. ڪٿي ڪِري به سگهو ٿا، پر غار اندر اهڙي ڪابه ڳالهه نه هئي، ڇاڪاڻ ته هر ڏکئي رستي کي آسان بڻايو ويو هو. غار گهمڻ دوران اسان کي سوين ڏاڪڻيون لهڻيون ۽ چڙهڻيون پيون. غار ڏسڻ کانپوءِ شام جو واپس هوٽل تي پهتاسين.
لوئيسوِل (عام طور تي لوئيوِل چيو وڃي ٿو) شهر 5 لک 54 هزار آبادي تي مشتمل آهي، دنيا ۾ تماڪ جو واپار سڀ کان وڌيڪ هن شهر ۾ ئي ٿئي ٿو. ان کانپوءِ آمريڪا کي 25 سيڪڙو شراب جي فراهمي هن شهر ۾ موجود فيڪٽرين مان ٿئي ٿي. هتي اسان جي پهرين اسٽڊي وزٽ به شراب ٺاهيندڙ هڪ وڏي ڪارپوريٽ اداري جي هئي. برائون اينڊ فورمين نالي اها ڪمپني 1870ع ۾ وجود ۾ آئي ۽ هاڻي ان ڪمپني جو شراب پوري دنيا ۾ وڪرو ٿئي ٿو. شام جو شهر جي چيمبر آف ڪامرس جي طرز تي قائم ڪيل گريٽر لوئيسوِل انڪارپوريشن ۾ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي، اهو ادارو نه صرف شهر جي واپاري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جو ڪم ڪري ٿو، پر پرڏيهي سيڙپڪارن کي ويزا سميت ٻين ڪاغذي گهرجن ۾ مدد ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ انهي اداري طرفان گريٽر لوئيسوِل انٽرنيشنل پروفشينلز نالي نيٽ ورڪ به جوڙيو ويو آهي. هن پروگرام ۾ پاڪستان سميت 84 ملڪن کي شامل ڪيو ويو آهي، ٻئي ڏينهن تي اسان جو گروپ وزٽ واشنگٽن ڪائونٽي جي شهر ۽ ابراهم لنڪن جي اباڻي شهر سپرنگ فيلڊ ڏانهن هو، صبح 8 وڳي اسان اسپرنگ فيلڊ شهر ڏانهن روانا ٿياسين، ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ اسان اتي پهتاسين، جتي اسان جي وزٽ جي ميزباني اسپرنگ فيلڊ ايڪنامڪ ڊولپمينٽ اٿارٽي وٽ هئي، اٿارٽي جي ڪانفرنس هال ۾ ڊائريڪٽر هال بي گوڊي ڪائونٽي جي معاشي، جاگرافيائي توڙي سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏني. اسپرنگ فيلڊ جي وزٽ ۾ اسان سان گڏ گائيڊ طور چين سان تعلق رکندڙ جيائو سُو شامل هئي، جنهن جو مڙس لوئيسوِل جي يونيورسٽي ۾ ليڪچرار آهي. هال گوڊي جي بريفنگ کانپوءِ شهر جي ميئر جان ڊبليو سيڪوني سان ملاقات ڪئيسين، ان سان شهر جي ايڊمنسٽريٽر به گڏ هئي، ان کانپوءِ سڀني گڏجي منجهند جي ماني کاڌي، جنهن بعد شهر جي هڪ فيڪٽري جو دورو ڪرايو ويو، واپسيءَ تي وري شهر جي هڪ ٻئي هال ۾ انڊيانا يونيورسٽي جي ميڊيا پروفيسر ۽ شاگردن سان ڪچهري رٿيل هئي، جنهن بعد ميئر طرفان اسان جي مان ۾ شام جي ”هاٽ ڪافي“ جو بندوبست ڪيو ويو، جت ميئر طرفان گروپ جي سڀني دوستن کي شهر جي لوگو وارا ٿيلها تحفي ۾ ڏنا ويا. اتان کان انڊيانا رياست جي حد شروع ٿئي ٿي.
اسپرنگ فيلڊ جيتوڻيڪ ٻهراڙي جي علائقي جو شهر هو، سڄي رستي جي ٻنهي پاسي صرف مڪئي ۽ جوئر جو فصل پوکيل هو، دلچسپ ڳالهه اها ته ٻهراڙي جي علائقي ۾ توڙي ٻنين ۾ اسان کي ڪٿي به ڪو ماڻهو پنڌ ڪندي يا روڊ تي بيٺل نظر نه آيو، واپسيءَ تي مين روڊ تي ٽريفڪ جام هجڻ سبب ڊرائيور بلڪل ٻهراڙين وارو رستو ورتو، اتان نيويگيٽر ذريعي مين روڊ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ويو. چوٿين ڏينهن اسان پنهنجي ٽوئر جي آخري منزل نيويارڪ لاءِ روانا ٿياسين.

1 comment:

  1. ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو

    انهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
    ،
    منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
    مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
    ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
    منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
    دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
    هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
    مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
    ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
    بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
    تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
    مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
    اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
    مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
    (albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
    توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
     پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.

    ReplyDelete