Sunday, November 25, 2012

پئرس ۾ انڊين ريسٽورينٽ جي ڳولها - عبدالحي پليجو


پئرس ۾ انڊين ريسٽورينٽ جي ڳولها
عبدالحي پليجو
دروازي کي اليڪٽرانڪ چاٻي هنيم ته دروازي تي لڳل ڳاڙهي بتي بند ٿي وئي، وري سائي بتي ٻرڻ لڳي ۽ دروازي جي لاڪ کي گهمايم ته دروازو ”کُل جا سم سم“ وانگر خود بخود کُلي پيو ۽ اسان علاءُ الدين جو جادوئي چراغ کڻي اندر ڪمري ۾ داخل ٿياسين. ڇا ته ڪمرو ڊيڪوريٽ ٿيل هو! هونئن ته هر هوٽل ۾ خوبصورت نفيس گلم غاليچا، پردا، بيڊ ۽ ٻيو فرنيچر، لائيٽ جا شينگلر، جيڪي ڄڻ ته هيرن جواهرن سان جڙيا پيا آهن، پر هي ڪمرو انهن سڀني شين کانسواءِ ننڍن ننڍن ڊيڪوريشن پيسز سان اهڙي ته نفاست سان سنواريل ۽ سينگاريل هو، جو دل پئي چئي ته هر هڪ شئي کي ماڻهو ويٺو ڏسي. انهيءَ کانسواءِ پئنٽنگس به ڏاڍيون ڀلوڙ لڳل هيون، جيڪي ڏاڍي سٺي ترتيب سان ٽنگيل هيون. ڪمرو ڏسڻ شرط سڄي ڏينهن جي مُسافريءَ جو ڄڻ ته ٿڪ ئي لهي ويو، پر ٽوڪيو جي هوٽل گينزا ڊائچي، لاس ويگاس آمريڪا جي هوٽل مئراج ۽ جرمني ۾ رائن نديءَ جي ڪپرن تي ٺهيل هوٽل Tulipجي ڳالهه ئي جدا هئي، جن ۾ گذاريل گهڙين جون روح رچنديون ڄڻ ته سڄي زندگيءَ جو سهارو ٿي پيو آهي. جنهن جي يادن سهاري باقي زندگي به ڄڻ ته بي مقصد ڪانه ٿي لڳي.هونئن به مونکي زندگيءَ سان ڏاڍو پيار آهي ۽ آئون هر ايندڙ پل کي رب پاڪ طرفان موڪليل هڪ حسين تحفو سمجهي ٿو گذارڻ چاهيان. مِنا ڪمري جي دري کولي ته پئرس جي سونهن جي خبر پئي. اسانجو ڪمرو شايد هوٽل جي ڇهين فلور تي هو، جنهن ڪري شهر جو وڏو حصو اتان ڏسڻ ۾ پئي آيو ۽ ماڻهن جا فليٽ ۽ انهن جا صحن به چڱي طرح نظر پئي آيا.


پئرس جا فليٽ ۽ انهن جا صحن پنهنجي ڪراچيءَ وارن فليٽن کان تمام وڏا ۽ خاص ڪري انهن جا صحن ته بلڪل بنگلن جيان ٿي لڳا، جن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڪونڊين ۾ گل رکيل نظر آيا ۽ ائين چڱو خاصو پارڪ ٿي لڳو. ڪن ڪن جڳهين جي ڇتين تي صرف لان نظر آيو. بلڪل ائين، جيئن پاڻ وٽ بنگلن ۾ نظر اچي ٿو. اسان انهن منظرن جا ڪافي تصويرون به ڪڍيون.
آئون باٿ روم ۾ ويس ته باٿ روم ڪمري کان به وڌيڪ خوبصورت ٿي لڳو. باٿ روم ۾ ٻي هر سهولت سان گڏ فون، ڪارپيٽ به هئا. باٿ روم سڄو خوشبو ٿيو پيو هو. باٿ روم ۾ ننڍا وڏا ست اٺ ٽوال رکيا هئا، پنجن ڇهن جڳهين تي صابڻ، هڪ جوڙو سليپنگ سوٽ جو ۽ هڪ عدد چپل رکيل هو. شيمپو. باڊي لوشن، ڪريم، شيونگ ڪريم ۽ پرفيوم جون ڪئين ننڍيون ننڍيون شيون هيون، جيڪي هر روز ڪمري جي صفائي جي وقت استعمال ٿيل کڻي وري نيون رکي ڇڏين. جي ڪمري ڇڏڻ مهل صابڻ ۽ اهي شيشيون کڻو ته هوٽل وارن کي ڪو به اعتراض ڪونهي، ڇو ته ڪمري جي مسواڙ ۾ اهي شيون شامل آهن. آئون باٿ روم کان ٻاهر آيس ته هڪ تمام سهڻي نفيس وڻندڙ شيشي جي فروٽ داني ۾ اسٽرابيريءَ ۽ رس بري پنن سميت سينٽرل ٽيبل تي رکيا هئا، جيڪي کائڻ کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ سٺا لڳي رهيا هئا. اسان به ائين ڪيو. مِنا اڃا بستري تي ليٽي پئي هئي، مون ڪافي پيتي. ٿوريءَ دير کانپوءِ محبوب فون ڪئي ته شام جو ڇا پروگرام آهي؟ مون کيس چيو ته ڪمري تي اچو ته پروگرام ٺاهيون. ٿوري ئي دير ۾ محبوب به اچي ويو. ايتري ۾ مِنا به تيار ٿي وئي. اسان هوٽل جي رسيپشن تي چاٻيون ڏئي ٻاهر روڊ تي پنڌ ئي پنڌ نڪري پياسين.اسان هت پهچڻ شرط هوٽل وارن جي معرفت پئرس گهمڻ لاءِ ٽوئر بڪ ڪرايو. هاڻ اسان جي مٿي مان سور لٿو، ٽوئر وارا ڄاڻن ۽ سندن گائيڊ ڄاڻن.
پئرس جو شهر ڪيترن ئي وارڊن ۾ ورهايل آهي، جنهن کي پئرس وارا چون ”ارانڊ سمينٽن“. اسانجي هوٽل جنهن علائقي ۾ آهي، انهيءَ علائقي جو نالو اوپيرا گارنيئر/پگال ۹.e- آهي. موجوده حڪومت هن علائقي جي سُڌاري ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن، جنهن ڪري هاڻ هي علائقو، جيڪو اڳ ۾ اهڙو خوبصورت ۽ سهڻو نه لڳندو هو، سو هاڻ ٻئي سڄي شهر جي سونهن سوڀيا وانگر ئي لڳي ٿو ۽ خاص ڪري گارنيئر اوپيرا جي ڪري ته هي علائقو ڏاڍو مشهور ٿي ويو آهي، جت سڄو وقت رونقون لڳيون پيون آهن. هن ارانڊ سمينٽن يا علائقي ۾ رهائش جون هوٽلون، کاڌي جا ريسٽورانٽ، ڪلبون، مارڪيٽون ۽ ٿيٽر جام آهن. توهانجو هر ڪم هت روڊ تي هلندي آسان ٿي ويندو. ڳالهائڻو ته توهانکي ئي آهي. ٻيو نه ته به صرف ٻه ٽي لفظ ئي کوڙ آهن يعني You are free پر مشڪندي. توهان اهو دل مان کٽڪو ئي لاهي ڇڏيو ته توهانکي ڪو اهو به جواب ملندو ته آئون ڪا اهڙي تهڙي آهيان ڇا؟ جي ها، ته وڏو ٽهڪ ڏئي بيهي رهندي. جي نه، ته پوءِ هلندي هلندي ڪنڌ نهڪر ۾ لوڏيندي هلي ويندي، ٻيو ٿيو خير يا دل ئي دل ۾ چوندي ويندي ته،
مکڻا، تيري پيار دا رنگ نهين چکڻا
هلندي هلندي محبوب فرمائش ڪئي ته اڄ ڪنهن انڊين ريسٽورانٽ ۾ ڊنر ڪجي ته بهتر. سچ ته اڄ منهنجو به اهو پروگرام هو ته ڪنهن انڊين هوٽل ۾ ماني کائجي. سو هن جي فرمائش تي ”ها“ ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪيم. پر مسئلو هو ته هاڻ انڊين هوٽل کي ڳوليون ڪٿي؟ سو يڪدم ياد اچي ويو ته ٻه ٽي سال اڳ جڏهن آئون اڪيلو پئرس آيو هئس، تڏهن به هن ئي هوٽل ۾ رهيو هئس ۽ هن علائقي ۾ ڪنهن انڊين هوٽل ۾ کاڌو کاڌم. ذهن تي زور ڏيڻ جي باوجود به هوٽل جو نالو ياد نه آيم. هاڻ ڇا ڪجي؟ رهائش جي هوٽل به ڇڏي آياسين. هت روڊن رستن تي انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهو ائين ملن، جيئن لنڊن ۾ فرنيچ ڳالهائيندڙ، سو ڪجي ڇا؟ نيٺ پري کان هڪ ميٽرو اسٽيشن يا انڊر گرائونڊ جو بورڊ نظر آيو. اندر گهڙي فقط ٻه لفظ ڳالهايم يعني انڊين ريسٽورانٽ. ويٺل همراهه ڪنڌ مٿي کڻي اسان ۾ نهاريو ۽ وري به اسان اهي لفظ ورجايا..... ”انڊين ريسٽورانٽ“. همراهه کي ڪجهه ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ سوچ ۾ پئجي ويو. نيٺ سوچيندي سوچيندي هٿن جي اشارن سان سمجهائڻ لڳو. جنهن مان اندازو ٿيو ته هتي ئي ڪٿي ارد گرد ڪا انڊين ريسٽورانٽ آهي. اسان ڪنڌ لوڏي سندس ٿورو مڃيندي ميٽرو اسٽيشن کان نڪري هن جي اشارن واري ٻوليءَ تي غور ڪندي اڳيان هلڻ لڳاسين ته پري کان هڪ بورڊ نظر آيو، جنهن تي عربي ۾ لکيل هو ”جهانگير فندق“ ۽  فرنيچ ٻوليءَ ۾ به ڪجهه لکيل هو پر اسانجي سمجهه ۽ پڙهڻ کان ڳالهه زور هئي. بورڊ تي تير جو نشان به لڳل هو. هوٽل مين روڊ تي نه پر گهٽيءَ ۾ هئي. اسان هوٽل جو دروازو کولي اندر وياسين ته اسانکي انڊين هوٽل ئي لڳي. هوٽل لنڊن جي اهڙين هوٽلن کان ڪُشادي ۽ تمام ويل ڊيڪورٽيڊ هئي. ڪرسين تي ويهڻ شرط هڪ همراهه مينو سان اچي حاضر ٿيو. ڪنڌ سان سلام ڪري چار تمام خوبصورت کاڌي جا مينو کڻي اڳيان رکيائين ۽ پاڻ سواءِ ڪجهه به وڌيڪ ڳالهائڻ جي واپس هليو ويو. اسان ون ڊش جي حساب سان ماني جو آرڊر لکايو ۽ پڻ کيرڻيءَ جو آرڊر ڏنو. محبوب دال ۽ ڪابلي پلاءُ جو آرڊر ڏنو. اسان سمجهيو ته ماني ٿوري ايندي پر جڏهن ماني آئي ته سمجهيو سين ته هي هيتري ساري ماني کائيندو ڪير؟ پر ماني ايڏي لذيذ هئي جو دل ئي دل ۾ پئي سوچيم ته، ٻيو نه ته به کيرڻي ته وري به گهرائجي. کيرڻيءَ ۾ فروٽن جا ڪيترائي قسم، مٿان ٿوري آئس ڪريم ۽ آئس ڪريم جي چوٽيءَ مٿان هڪ ڳاڙهي اسٽرابيري..... مانيءَ کائڻ جو مزو اچي ويو. پر جڏهن بل ڏٺم، تڏهن کاڌي جي مزي کان وڌيڪ بل ڳرو محسوس ٿيو. پئرس ۾ رڳو ڪنهن شئي تي هٿ رکڻ جي دير آهي، کيسا خالي. هوٽل ۾ جيتري دير ويٺا هئاسين ته صرف اسين ئي هئاسين، ٻيو مڙئي ٿيو خير.

No comments:

Post a Comment