Sunday, November 25, 2012

پئرس جي ايفل ٽاور جو نظارو - عبدالحي پليجو


پئرس جي ايفل ٽاور جو نظارو
عبدالحي پليجو
ڪلوئيسٽر گيٽ تي ڪنواري ماءُ جي ڳنڀير ۽ اداس شبيهه ٺهيل آهي. سندس هنج ۾ قتل ٿيل ٻار ڏيکاريل آهي. ٻار جي ڳچي ڪپيل آهي. ڪنواري ماءُ جو مجسمو اصل ۾ تيرهين صديءَ جو گهڙيل آهي.سج لهڻ مهل گرجا گهمڻ وٽان هوندي آهي. اتر پاسي واري گئلريءَ ۾ ٺهيل North Rose Window تيرهين صديءَ جو بهترين شاهڪار آهي. اندريون حصو گوٿڪ فن عمارت سازيءَ جي علامت ڪالمن يا پلرز تي مشتمل آهي. انهن تي مقدس بائبل جي واقعن جا نظارا تراشيل آهن. منبر ALTAR جي ويجهو ڪنواري ماءُ ۽ ٻار ڏيکاريل آهن، جيڪي پرسڪون نظر اچن ٿا. گرجا جي مال خاني ۾ شاهي تاجن سميت سون جو ۽ ٻيو قيمتي سامان رکيل آهي. هن گرجا گهر کي اهو خاص اعزاز به حاصل آهي ته هتي اصلي صليب ۽ ڪنڊن وارو تاج به موجود آهي. هتي فوٽن ڪڍڻ تي ڪابه بندش ناهي، تنهنڪري محبوب هتي منهنجا ۽ منا جا فوٽو ڪڍيا.


وڪٽر هيوگو جا لافاني بنايل ڦوهارا ڏسڻ لاءِ جاڙڻ ٽاورن تي چڙهبو آهي، جيڪي ۲۲۵ فوٽ اوچا آهن. اتان کان ڪيترن ڀوتن، پريتن، ڏائڻين ۽ شڪار ڪندڙ پکين جون تصويرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. گرجا گهر جي پويان باغ ۾ انهن شهيدن جو يادگار ٺهيل آهي، جن کي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران آسڪوٽز Auschwitz ۽ بُچين والڊBuchen Wald تشدد جي ڪيمپن ۾ ماريو ويو هو. انهيءَ يادگار تي رت واري ڳاڙهي رنگ ۾ هيٺيان لفظ لکيل هئا: Forgive, but do note forget يعني ”معاف ڪريو، مگر نه وساريو“.  ان کانپوءِ اسان ٽرائينن محل ڏسڻ وياسين. لوئس چوڏهين جي دور ۾ هن محل جي اڏاوت جي خرچ سبب فرانس جي خزاني جو ڏيوالو نڪري ويو. ورسيلس وارو تاريخي امن معاهدو هن عمارت ۾ صحيح ڪيو ويو. ڪلاسيڪي فن تعمير جي نقشي ۽ شاهاڻي جاهه ۽ جمال سان اڏيل هيءَ عمارت پنج ايڪڙ زمين تي پوکيل باغ ۾ واقع آهي. هاڻوڪن جاپاني مالڪن ۶۰ ملين ڊالرن جي خرچ سان هن عمارت کي هوٽل طور شروع ڪيو آهي. توهان محل يا ٻي عمارت جيڪا باغ کان ٻاهر اڏيل آهي، انهيءَ ۾ رهي سگهو ٿا. محبوب مونکي هن خاص مجسمي ڏسڻ لاءِ چيو. محل ۽ هوٽل جي اها عمارت زير زمين سرنگ وسيلي ڳنڍيل آهي. پراڻي توڙي نئين طرز جا ڪمرا موجود آهن، پر جاپاني طرز جا ڪمرا آرائش توڙي لطف ۾ بيمثال آهن. طعام، تفريح توڙي مختلف خدمتن، جيڪي توهانکي پئرس جي وڏين هوٽلن ۾ نصيب ٿين، سي سڀ سهولتون هتي هر وقت مُيسر آهن. صرف رسيپشن تي هڪ فون ڪرڻ جي دير آهي. انهن سڀني سهولتن جي ڄاڻ لاءِ عرض آهي ته فون جي هيٺان رکيل خاني کي کولبو ته ڪيترا سارا ڪتاب پيا آهن، جن جي پڙهڻ سان هر ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. جنهن ۾ فون نمبر، فوٽو ۽ ٻي سڀ معلومات لکيل آهي. توهان سڌي طرح هوٽل مان يا ٻاهران به انهن سان فون تي ڳالهائي سگهو ٿا. اسان ٽوئر گروپ ۾ هئاسين نه ته هوٽل گهمائڻ ته پري پر اندر داخل به ٿيڻ نه ڏين. جي اهڙي هوٽل ۾ ماڻهو رهي ته جاپاني طرز ڪمرن ۾ رهي، خاص ڪري اهي ڪمرا، جن ۾ پٽ تي سمهبو آهي، جنهن کي جاپان ۾ چون ”رائيو ڪان“ Royo Kan ۽ ڪمري ۾اندر چپل يا جُتيءَ سان ڪونه وڃبو آهي. بوٽ ڪمري کان ٻاهر لاهي ڇڏبو. جاپاني طرز ڪمري ۾ صُبح ۽ رات جي مانيءَ جا پئسا به ڪمري جي مسواڙ ۾ شامل هوندا آهن ۽ ماني به جاپاني ملندي آهي. آئون جڏهن ٽوڪيو ويو هئس، تڏهن اهڙي هڪ ڪمري ۾ ترسيو هئس.
فرانس جو اهو علائقو، جنهن ۾ هي محل نما هوٽل ۽ ناٽرڊيم ڪيٿيڊرل آهن، تنهن کي هتي فرانس ۾ سينٽ لوئس ۽ بيو برگ چون. هن علائقي ۾ سياحن لاءِ هر شئي موجود آهي. هي شهر جو قديم ترين علائقو آهي. ڪنهن دور ۾ هي علائقو شانزلي زي وانگر پئرس جي دل هو، پر هينئر به شهر جو مُک حسين ترين علائقو آهي. سينٽ چئپل ۽ سينٽ لوئيس واري ٻيٽاري به هن وارڊ ۾ آهي. پئرس شهر جي پکين ۽ گُلن جو مرڪز به هي علائقو آهي. انهن ٻنهي جنسن جو هتي وڏي پئماني تي واپار ٿئي ٿو. پئرس جا ٻه مک مرڪز يعني جارج پامپيڊو اسڪوائر ۽ وڪٽر هيوگو اسڪوائر پڻ هن علائقي ۾ آهن. اميراڻي طرز وارا گهر ۽ راندين جا وڏا وڏا گرائونڊ به هن علائقي ۾ آهن. اسان ان عظيم هوٽل مان نڪري سامهون هڪ وڏي واپاري مرڪز ۾ گهمڻ لاءِ وياسين. هتي جمعا بازار وانگر ڪئين بازارون لڳل آهن. ڀرسان هڪ وڏو تلاءُ آهي، جنهن ۾ ننڍڙا ٻار پلاسٽڪ بوٽس ۾ چڙهي رانديون رونديون ڪري رهيا هئا. اسان هتي ٻين سياحن وانگر پيل بئنچن تي ڪجهه دير لاءِ ويهي رهياسين. ڏاڍو خوبصورت منظر هو. هتان کانپوءِ اسان جي ٻي منزل ايفل ٽاور آهي. اسانجي بس وڏي چوڪ تان ڦري درياءَ سين ڪراس ڪري مين روڊ تي چڙهي ايفل ٽاور ڏانهن وڌڻ لڳي. هن علائقي ۾ فرينچ آرمي جون آفيسون آهن، جتي ڪجهه آرميءَ وارا نظر آيا. آرمي هيڊ ڪوارٽر تي فرينچ اڇي، ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جو قومي جهنڊو نه پر شايد آرمي وارن جو جهنڊو لڳل آهي، جنهن جي مونکي خبر ڪانهي. بس پئرس جي رستن تي هلندي هلندي نيٺ اسان جي منزل مقصود ايفل ٽاور وٽ اچي بيٺي. ايفل ٽاور جي چوگرد بس اسٽينڊ ۽ وڏا وڏا پارڪ آهن، جتي سون جي تعداد ۾ بسون ۽ هزارن جي تعداد ۾ سياح هر هنڌ گهمي ڦري، فلمون ٺاهي ۽ فوٽو ڪڍي رهيا آهن. محبوب ان رات به هتي گهمڻ آيو هو، باقي مِنا هتي پهريون ڀيرو آئي آهي. آئون اڳي به ايفل ٽاور گهمي ويو آهيان. هر انسان جي اها تمنا هوندي آهي ته پئرس گهمجي. پئرس پهچڻ کانپوءِ هر سياح جي آرزو هوندي آهي ته ايفل ٽاور، ناٽرڊيم چرچ، لوور عجائب گهر، يورو ڊزني، ورسيلس، ۽ شانزلي زي ڏسي ۽ واقعي اها ئي ته پئرس آهي. انهيءَ ۾ به جيڪي سياح هفتو کن رهن، سي ته سڀ ڪجهه آرام سان ڏسن ٿا پر جيڪي هڪ يا ٻه، ٽي ڏينهن اسان وانگر رهن، تن کي ته کُڙين تي زور رکي سواءِ هڪ منٽ به ضايع ڪرڻ جي شهر جي انهن تاريخي ماڳن مڪانن کي گهمڻو آهي.
اسانجي ٽوئر وارن اسانکي چيو ته هاڻ الله واهي، پاڻ وري هاڻ صبح جو هوٽل تي گڏباسين. پوءِ جا پروگرام پوءِ سان. اڄ توهان پنهنجي مرضيءَ سان گهمو ڦرو يعني خوش رهو پنهنجي خرچ تي. هميشه ائين ٿيندو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. محبوب ٻڌايو ته رات هتي ميلا لڳا پيا هئا. سرچ لائيٽن ۽ خود ايفل ٽاور وارين روشنين ڪري هي سڄو علائقو روشنين ۾ جرڪي رهيو هو. هن کان رات وڌيڪ رش هئي، ڄڻ ته سڄي پئرس جا ماڻهو هتي هلي آيا هئا. هر طرف رنگن ۽ روشنين جي چمڪ ۽ نور ورکا نظر اچي رهي هئي. هر چهرو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو. هي هڪ روح پرور نظارو هو، جيڪو لفظن ۾ بيان ڪرڻ ته ممڪن ئي ڪونهي. هينئر ته اُها ڳالهه ئي ڪانهي. مون اڳ به ايفل ٽاور ڏينهن جو ڏٺو هو. ٽاور تي مٿي چڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ لائينون لڳيون پيون هيون. سڄي ٽوئر ۾ ٽڪيٽن جو بندوبست ٽوئر وارا ڪندا آهن، پر هتي اسانکي پاڻ ٽڪيٽ وٺڻي هئي، سو سڀ آسرا لاهي لائين ۾ بيهي رهياسين. لائين تمام وڏي هئي پر لائين کٽڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي. هونئن به يورپ ۾ سياحن جي بي پناهه رش آهي ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کي انهيءَ جو احساس آهي، تنهنڪري هنن سياحن جي سهولتن لاءِ اهڙا ته بندوبست ڪيا آهن، جو دير نٿي ٿئي. جي ائين نه ڪن ته وري ڪير ايندو پنهنجو پئسو ۽ وقت ضايع ڪرڻ. هنن ملڪن جو جياپو ئي سياحن ۽ سيلانين ۽ پنهنجي تعليمي ادارن جي ڪمائي تي آهي. يورپ جي ڪيترن ملڪن جي مقابلي ۾ اسانجي ملڪ ۾ ڪئين جڳهيون وڌيڪ پرڪشش ۽ حسين آهن، جنهن ۾ اسڪردو، سوات ۽ مري هِلز، ڀوربن ۽ ڪراچي شامل آهن. ڪراچيءَ تي پرويز مشرف حڪومت تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو، جنهن ۾ ڪراچي بيچ تي سمنڊ تي ڪنارن تي سرچ لائيٽون، قائد اعظم جو مقبرو ۽ شهر جا روڊ رستا فلاءِ اوورس، ۽ پارڪ شامل آهن. اسان ٽڪيٽ وٺي وري به مٿي وڃڻ واري لائين ۾ اچي بيٺاسين.

No comments:

Post a Comment