Sunday, November 25, 2012

ديس پرديس جون ڪي يادون - خير محمد ڪولاچي


ديس پرديس جون ڪي يادون
خير محمد ڪولاچي
”توهان جي علائقي ۾ برفباري ٿيندي آهي؟“ روس جي شهر چيريپاوسَ(Cherepovets)  بس جي انتظار ۾ بيٺل هڪ روسي ان وقت اتي ٿيندڙ برفباري کي ڏسندي مون کان پڇيو؛ ”اسين ته پنهنجي علائقي ۾ اونهاري جي مند ۾ پاڻي ٿڌو ڪري پيئڻ لاءِ برف خريد ڪندا آهيون.“ مون کيس جواب ڏنو. منهنجي ان جواب تي هو خاموش ٿي سوچڻ لڳو، شايد ان ڪري جو اهڙي ڳالهه سندس سوچ ۽ تصور کان  ٻاهر هئي. ڀلا جيڪو ماڻهو سخت ٿڌي علائقي ۾ ڄمي ۽ نپني، جيڪو ڊگهي سياري ۽ ان ۾ ٿيندڙ برفباري کان تنگ هجي ۽ جنهن جي ٻاهرين دنيا بابت ڄاڻ نالي ماتر هجي، تنهن کي گرم علائقي جي ماڻهن جي زندگيءَ جي معمول جي ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ ڪيئن ايندي.


78-1977ع وارن سالن ۾ روس جي ان شهر ۾ گذاريل 9 مهينن جون ڪي خوشگوار يادون ڪڏهن ڪڏهن ذهن تي تري اينديون آهن. هي شهر روس جي ٻن مکيه شهرن ماسڪو ۽ سينٽ پيٽرسبرگ (Saint- Peters Burg) جنهن جو ان وقت نالو لينن گراڊ هو، جي وچ ۾ آباد آهي. اٽڪل ٽن لکن جي آباديءَ وارو اهو شهر صنعتن لڳڻ سبب ننڍي وسندي مان وڏي علائقي جو اهم شهر بڻجي ويو. هي شهر شيڪسنا (Sheksna) ندي جي ڪناري آباد آهي، جيڪا علائقي جي هڪ وڏي مصنوعي آبي ذخيري (Reservoir) ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي ندي وولگا (Volga River) جو هڪ لنڪ ڪئنال آهي. شهر ۾ ٻين صنعتن کان علاوه هڪ وڏي اسٽيل مل  به لڳل آهي، جنهن جو شمار روس جي فولاد جي پيداوار جي حوالي سان چند وڏين  ملن ۾ ٿئي ٿو. اسين ان فيڪٽري ۾ فني تربيت وٺڻ اتي ويا هئاسين.
اتي رهڻ دوران سڀ کان وڏو مسئلو زبان جو درپيش آيو. اتي ماڻهو فقط روسي زبان ڳالهائيندا هئا، ورلي ڪو ٿوري انگريزي ڄاڻندو هو. اسان کي تربيت لاءِ موڪلڻ کان اڳ چند مهينا روسي زبان جي تعليم ڏني ويئي هئي، پر اها چند سوالن جوابن ۽ روزمره جي شين جي نالن تائين محدود هئي. اسان کي تربيت دوران ته مترجم جي سهوليت مليل هئي پر روزمره جي زندگيءَ ۾ ماڻهن سان گفتگو ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي پر پوءِ هوريان هوريان ٻولي جي معلومات بهتر ٿيڻ لڳي ۽ ٿوري گهڻي گذاري جيتري گفتگو ڪرڻ لڳاسين.
جون جي پهرين هفتي ۾ اسين اتي پهتا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ اونهاري جي انتهائي موافق ۽ خوشگوار موسم هئي. ماڻهو اڪثر سير تفريح لاءِ نڪرندا هئا. هر طرف ساوڪ ۽ گلزاري لڳي پئي هئي. انهيءَ موسم ۾ رات ننڍي فقط چند ڪلاڪن جي هوندي آهي، باقي ڏينهن تمام وڏو ٿئي. ان علائقي ۾ 22 جُون جي رات مختصر ترين رات ليکي ويندي آهي. ان رات سوجهرو ئي رهندو آهي ۽ اوندهه ٿئي ڪونه. اتان جو ماڻهو ان رات کي پنهنجي زبان ۾ بيلي نوچ يعني سفيد رات چوندا آهن. ان رات هو گهمي ڦري مستيون  ڪري پيا لطف اندوز ٿيندا آهن. انهن ڏينهن ۾ ترڪي مان به هڪ گروپ تربيت سانگي ان شهر ۾ آيو هو، جنهن کي پڻ ساڳئي هوٽل ۾ ترسايو ويو هو. اسان کي ترڪين لاءِ ۽ ترڪين کي پاڪستانين لاءِ ڇاڪاڻ ته دل ۾ عزت هئي، ان ڪري جلدي دوست بنجي وياسين پر مزيدار ڳالهه اها هئي ته هو به انگريزي ڪونه ڄاڻندا هئا. تنهن ڪري گفتگو روسي زبان ۾ ڪرڻي پوندي هئي، جيڪا ٻنهي کي تمام گهٽ ايندي هئي.
اسان جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ هوٽل انتظاميه کان هڪ هال استعمال ڪرڻ جي اجازت ورتي پر مسئلو اهو ٿيڻ لڳو ته امامت ڪير ڪري. ترڪين مان هڪ همراهه قادر بي کي دين جي بهتر معلومات به هئي ته کيس ڪافي دعائون به ياد هيون، ان کانسواءِ هو شراب پيئڻ ۽ ڇوڪرين سان دوستي رکڻ وارن مشغلن کان به پري نظر آيو. ان ڪري سڀني ان کي امامت لاءِ موزون سمجهي کيس ذميواري کڻڻ جي درخواست ڪئي، جيڪا هن قبول ڪئي. ائين هو ٽي مهينا ترسڻ دوران امامت جا فرائض انجام ڏيندو رهيو. آخرڪار اسان سندن الوداعي دعوت (Farewell party) به ڪئي ۽ روانگي واري ڏينهن کين ڇڏڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن تي به وياسين. اسٽيشن تي سڀني سان ملاقات ٿي پر قادر ڪٿي به نظر نه آيو. مون سجهيو ته شايد اڃا ڪونه پهتو آهي. نيٺ روانگي جو وقت ويجهو اچي ويو. ان وقت مون هڪ ترڪ کان پڇيو ته قادر ڪٿي نظر ڪونه ٿو اچي? تنهن تي ان ترڪ چيو ته اچ ته توکي قادر ڏيکاريان. هو مون کي وٺي اسٽيشن جي هڪ پاسي آيو, جتي اوٽ ۾ قادر پنهنجي محبوبه سان الوداعي ملاقات ڪري رهيو هو. مون کيس چيو ته ”پيش امام هي ڇا پيو ٿئي؟ تون ته لڪل رستم نڪتين.“ هن مون کي چيو ته توسان ملان ٿو. ٿوري دير ۾ هو آيو ۽ کلندي اچي ڀاڪر وڌائين، چيائين ته يار هاڻي مون کي وڌيڪ توهان جي امامت ڪونهي ڪرڻي، ان ڪري جيڪڏهن منهنجي عشق جي خبر به پيئي ته به خير آهي.  ائين کين گرمجوشيءَ سان رخصت ڪري واپس آياسين.
سوويت يونين ۾ انهن ڏينهن ۾ سوشلسٽ نظام رائج هو. پيداواري ۽ آمدني جا سڀ ذريعا حڪومت جي ملڪيت هئي. هرڪوئي سرڪاري ملازم هو، کيس ڪم موجب پگهار ۽ ضرورت موجب گهر ملندو هو. جائيداد ٺاهڻ جي گنجائش نه هئڻ ڪري ماڻهو ڪم ڪار ڪرڻ، ملڻ جلڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ تائين محدود هوندا هئا. درآمد حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هئي، ان ڪري فقط کوٽ جي صورت ۾ ضرورت جون شيون درآمد ڪيون وينديون هيون. ترجيح مقامي تيار ٿيل شين کي هوندي هئي. انهن ڏينهن تائين اتي ڪوڪا ڪولا ۽ ٻيا مغربي مشروب اڃا متعارف ڪونه ٿيا هئا ۽ نه وري عام ماڻهن کي انهن بابت ڄاڻ ٿي هئي. مغربي فاسٽ فوڊ جي هوٽلن جو رواج نه پيو هو. عام ماڻهو غير ملڪي شين جا شيدائي هوندا هئا جن ۾ گهڙيون،  چين ۽ چيغم وغيره. اهي هو غير ملڪين کان ڳري قيمت تي خريد ڪندا هئا.
ميڊيا حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هئي ان ڪري حڪومتي پاليسي جو پرچار مؤثر ٿيندو هو ۽ عام ماڻهوءَ جي دنيا بابت معلومات به حڪومتي ميڊيا طرفان مليل معلومات ۽ ڪجهه ٻُڌل ڳالهين تائين محدود هوندي هئي. فحش رسالا ۽ بيهوده فلمون ڪونه هلنديون هيون، ان ڪري فحاشي به مغربي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هئي. ڪي غير ملڪي چالاڪ ماڻهو عام ماڻهن جي گهٽ معلومات جو فائدو وٺي، کين ڪي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائي منجهائي وجهندا هئا. جيئن هڪ همراهه پنهنجي گرل فرينڊ کي ٻڌايو ته توهان ننڍن گهرن ۾ رهنديون آهيو، اسان جا گهر تمام وڏا آهن. هن کيس ڪراچي واري حبيب بئنڪ پلازه جو فوٽو ڏيکاري چيو ته هي منهنجو گهر آهي. باقي اهي روسي جيڪي نظرياتي طور تي پڪا هئا ۽ سرمائيدار دنيا بابت ۽ سرمائيدار دنيا جون برايون ڪندا هئا. هڪ ڀيرو روسي سان بحث ۾ جڏهن هڪ همراهه بار بار امريڪا جي ترقي جي تعريف ڪئي ته اهو روسي چڙي پيو. چوڻ لڳس ته تون ڪو امريڪا جو ايجنٽ آهين ڇا، تون پنهنجي ڳالهه ڪر ته ڇا تنهنجو ملڪ اسان جي ملڪ کان وڌيڪ ترقي يافته آهي.
ڪي روسي جيڪي پنهنجي هنر ۾ مهارت رکندا هئا، سي جڏهن ٻڌندا هئا ته قابل ماڻهوءَ جي سرمائيدار ملڪن ۾ اهميت آهي، کيس وڏي اجرت ملندي آهي ته سندن بيقراري واضح محسوس ٿيندي هئي. عام طور تي روسي شطرنج راند جا شوقين هوندا آهن ۽ اڪثر ڪري هو راند جا ماهر هوندا آهن. هاڻي سياري جي مند شروع ٿي. جلدي ئي سخت ٿڌ شروع ٿي ويئي. گرمي پد عام طرح ڪاٽو 15 کان ڪاٽو 20 جي وچ ۾ رهڻ لڳو، ڪڏهن اهو وڌي ڪاٽو 30 ۽ اڃا وڌيڪ به ٿي ويندو هو. ماڻهو سياري جون رانديون ڪري پيا وندر ڪندا هئا، جن ۾ اسڪي (Ski) اسڪيٽنگ (Skating) ۽ آئس هاڪي (Ice Hockey) وغيره هيون. برفباري اڪثر ٿيندي هئي. مکيه روڊن تان ته حڪومت برف هٽائڻ جو بندوبست ڪندي هئي. باقي هر جاءِ تي برف جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا. شهر جي ڀر ۾ جيڪا ندي هئي، ان مٿان برف جو ايڏو تهه چڙهي ويندو هو، جو ڪن جاين تان ماڻهو اسڪي ڪندي نديءَ جي ٻي پاسي وڃي ٻيلي ۾ سياري جون رانديون ڪندا هئا. هڪ ڳالهه جنهن اسان جو وڌيڪ ڌيان ڇڪايو، اها هئي ته ڪي ماڻهو اهڙي سياري ۾ ندي جي مٿان پيل برف هٽائي جڳهه ٺاهي ان برف واري پاڻيءَ ۾ وهنجندا هئا. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هي هرڪو ڪونه ٿو ڪري سگهي. اهي ماڻهو ائين ڪري سگهن ٿا جيڪي ان مقصد لاءِ خاص ورزش ۽ مشقون ڪندا آهن.
ائين تربيت پوري ڪري موٽي اچي نوڪري تي چڙهياسين. ان سال گرمي جي مند ۾ منهنجو پنهنجي آبائي شهر وڃڻ ٿيو هو. انهن ڏينهن ۾ اتي سخت گرمي هئي، لُڪ پئي لڳي. ٿڌي پاڻي جي طلب مسلسل پئي ٿي. جيترو به پاڻي پيتوسين پئي، اڃ لهي ئي ڪانه پئي. برف جي وڌيڪ طلب سبب اها به دڪانن تان ختم ٿي ويئي هئي. اسين شام جي وقت بازار مان لنگهي رهيا هئاسين ته اتي هڪ پراڻو دوست مليو. قرب سان ملڻ کانپوءِ ڪنهن خدمت ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيائين. مون کيس چيو ته يار جيڪڏهن خدمت ڪرڻي اٿئي ته ٿڌو پاڻي پيار. مون کي ڏسي چوڻ لڳو ته اها به ڪا فرمائش آهي. مون کيس چيو ته بس اها ئي فرمائش آهي. هو اسان کي ويهاري برف وٺڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو پر جيڏانهن وڃي اتان کيس ناڪامي ٿئي. هو همراهه به انهن مان هو، جيڪي پنهنجي ڳالهه گهٽ ٿيڻ نه ڏيندا آهن. ان ڪري هو ان مقصد لاءِ هرطرف نظر ڊوڙائڻ لڳو، اتي سندس نظر هڪ آئيس جي ريڙهي تي پئي. ڊوڙي وڃي آئسڪريم جي دٻي جي چوڌاري پيل برف مان ڪجهه ٽڪرا کنائين. ريڙهي واري رڙ ڪري چيس ته يار منهنجي آئسڪريم پگهرجي ويندي ۽ منهنجو نقصان ٿيندو. هن همراهه چيس ته تنهنجي پئسن ۽ ڌنڌي جو نقصان ٿيندو پر منهنجي عزت جو سوال آهي، ائين چند گلاس پاڻي ٿڌو ڪري اسان کي پياريائين.
ٿڌي پاڻي پيئڻ مهل مون کي روس ۾ بس اسٽاپ وارو منظر ياد آيو ۽ روسي جو چيل اهو جملو ته توهان جي علائقي ۾ برفباري ٿيندي آهي؟

1 comment:

  1. ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو

    انهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
    ،
    منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
    مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
    ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
    منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
    دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
    هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
    مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
    ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
    بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
    تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
    مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
    اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
    مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
    (albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
    توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
     پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.

    ReplyDelete