Sunday, November 25, 2012

پئرس جي عظمت جا اهڃاڻ ۽ سياحن جي وندر جو سامان - عبدالحي پليجو


پئرس جي عظمت جا اهڃاڻ ۽ سياحن جي وندر جو سامان
عبدالحي پليجو
پيٽرونس ٽاور، برج خليفا، لنڊن ٽاور، ٽوڪيو ٽاور ۽ پيزا واري ٽاور کان سواءِ ايفل ٽاور به دنيا ۾ مشهور آهي. هي ٽاور ست هزار ٽن فولاد سان تعمير ڪيو ويو ۽ انهيءَ وقت هن کي هميشه قائم رهڻ لاءِ ڪونه اڏيائون. هڪ ماهر معمار مسٽر گُسٽو اليگزينڊر ايفل 1889ع ۾ عالمي نمائش لڳائڻ خاطر هي ٽاور جوڙيو. هي انجنيئر هن کان اڳ فقط درياهن جون پُليون اڏڻ ۾ مشهور هو، پر اتفاقي طور تي آمريڪي آزاديءَ واري مجسمي جي ڊزائين به مسٽر ايفل ٺاهي هئي.


هي ٽاور ٽي وي اينٽينا سميت، جيڪا 55 فوٽ ڊگهي آهي، ڪُل هڪ هزار ڇاونجاهه (1056) فوٽ اوچو آهي. جڏهن آسمان صاف هوندو آهي ته هي ٽاور چاليهن ميلن جي مفاصلي تان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن ٽاور جي بناوت جي ڊزائين دنيا ۾ اهڙي طرز تعمير موجب ٻين ٽاورن اڏڻ لاءِ راهه هموار ڪئي. ڪيترن ماڻهن جو خيال هو ته هن ڊزائين موجب ٽاور ٺهي نه سگهندو، پر ايفل اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. ڪافي سالن تائين هي ٽاور انسان جو جوڙيل سڀ کان وڌيڪ اوچو ٽاور رهندو آيو. تان جو نيٺ نيو يارڪ شهر ۾ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ اڏي هن ٽاور واري اوچائي جو رڪارڊ ٽوڙي اڃا وڌيڪ اوچائي وارو رڪارڊ قائم ڪيو ويو. مواصلات جي وائرليس نظام سبب هن ٽاور کي تباهي کان بچايو ويو. اڄ ڪلهه دبئي وارو برج خليفا ٽاور وڏو آهي. هي ٽاور ٽن مرحلن ۾ گهمي سگهجي ٿو. پهرئين طبق تي ايليويٽرن وسيلي پهچڻ سان پئرس شهر جي جڳهين جون ڇتيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن طبق تي هڪ سئنيما، هوٽل بار ۽ هڪڙو ميوزيم آهي. ٻئي ماڙ تي توهانکي وڌيڪ عجيب نظارا ڏسڻ ۾ ايندا. هن طبق تي لي جولس ورنيس ريسٽورانٽ آهي، جتي لنچ يا ڊنر مزي سان حاصل ٿئي ٿي. ٽئين طبق  تان شهر جي مکيه ماڳن ۽ مڪانن کي سڃاڻي سگهجي ٿو. گرائونڊ فلور تي اوڀر ۽ اولهه وارن پيل پاون ۾ اصلي ايليويٽر ڦٽل حالت ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. اهي ايليويٽر 1889ع ۾ ٽاور ٺاهڻ وقت لڳايا ويا هئا. لي جولس ورنيس ريسٽورانٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ توهانکي گرائونڊ تي ڏکڻ طرف قائم هڪ خانگي ايليويٽر استعمال ڪرڻو پوندو، جنهن وسيلي توهان هڪ پيانو بار ۾ پهچندا، جتي ڪجهه ساهي کڻو ۽ هڪ بک وڌائيندڙ مشروب سان لطف اندوز به ٿي سگهو ٿا. ڪجهه دير بعد توهان ڊائننگ روم جي ڪنهن به ميز وٽ وڃي ويهي سگهو ٿا، جتان روح پرور نظارو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مُندن مطابق مينو ۾ مڇي ۽ گوشت مان ٺهيل ڪئين آئٽم تبديل ڪندا آهن. هتي رزرويشن به ٿئي ٿي.
پئرس جي عظمت جو قديم اهڃاڻ، جنهن کي ڪروڙين سياح هر سال سڄي دنيا مان ڪهي اچي ڏسن ٿا، تنهن کي ڏسندي ڏسندي ڪئين ڪلاڪ گذري ويا، ۽ لوور ميوزيم ۽ يورو ڊزني ڏسڻ لاءِ وقت نه بچيو هو، ڇو ته انهن کي ڏسڻ لاءِ به ڪافي وقت گهرجي، سو خيال ڪيوسين ته پئرس شهر جي ۽ دنيا جي حسين ترين بازار Champs Elyseas جنهن کي فرانس ۾ عام زبان ۾ شانزلي زي چون، تنهن جو چڪر لڳايون. سو انڊر گرائونڊ ٽيوب ۾ چڙهي شانزلي زي روانا ٿياسين. فرانس جو ٽيوب يورپ جي سڀني انڊر گرائونڊ ريلوي اسٽيشنن کان وڌيڪ ڪشادو، سينگاريل ۽ صاف سٿرو آهي، جنهن ۾ ڪٿي به گند ڪچرو نظر نه ايندو. اسان ٿوريءَ دير ۾ شانزلي زي جي ٽيوب اسٽيشن تي لهي ٻاهر آياسين. شانزلي زي جي چوڪ جو فوٽو فرانس جي هر سڃاڻپ ڪارڊ ۾ نظر ايندو. انهيءَ کي فرانس ۾ فتح چوڪ Victory Squire چون ٿا. اها جڳهه مٿي ٽي چار ماڙ آهي ۽ وڏن وڏن ونگن سان آرچ طرز تي ٺهيل آهي، جنهن جي ڇت تي چڙهڻ سان پئرس شهر جون ڇهه اهم بازارون توهان اُتي دروبينيءَ سان سهڻي نموني ڏسي سگهو ٿا. اهڙيون دوربينيون مٿي ڇت تي چوطرف فٽ ٿيل آهن، جن جي ڪابه في ڪانهي. اتي توهان انهن بازارن جي چوطرف پکڙيل رونقون ڏاڍي مزي سان ڏسي سگهون ٿا. شانزلي زي پئرس جي تمام پراڻي بازار آهي، جنهن کي سڀني حاڪمن ڏاڍي چاهه سان هميشه سنواريو ۽ سينگاريو آهي.
مون آمريڪا، سڄو مغربي يورپ، جپان، سينگاپور استنبول ۽ هانگ ڪانگ جون گهڻو ڪري سڀئي مشهور بازارون ڪئين دفعا ڪارن موٽرن ۾ ۽ پيرين پنڌ گهمي ڦري ڏٺيون، جن ۾ اسڪاٽ لينڊ جي پرنس اسٽريٽ، سئنفرانسسڪو جي گلن واري بازار، لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۽ ٽوڪيو جي گنزا سونهن ۾ بي مثال آهن، پر شاهراهه شانزلي زي تي پوکيل وڻ ۽ گُل، فٽ پاٿ، جن تي فٽ پاٿي هوٽلون ۽ ماڻهن لاءِ رکيل بئنچون ۽ سڄي دنيا مان آيل سياحن جي رنگ رونق هن بازار کي سياحن جي توجهه جو مرڪز بنائي ڇڏيو آهي. هيءَ بازار پئرس جي 8-e سمينٽن ۾ آهي. هتي فتح چوڪ ۽ ڪنڪارڊ جو نالو رکيو ويو آهي. سڄي پئرس جون سٺي ۾ سُٺيون هوٽلون، ريسٽورانٽ، مارڪيٽون، سپر مارڪيٽون، فيشن جون مُک بازارون پئرس جي هن ئي اتر واري شاهراهه شانزلي زي ۾ آهن، جتي سڄو ڏينهن رنگينيون ۽ روشنيون پکڙيون پيون آهن. پئرس سڄي دنيا ۾ سهڻو شهر آهي ۽ هيءَ بازار پئرس شهر جي سونهن جو مرڪز آهي. جيڪو سياح پئرس اچي ۽ هيءَ بازار نه ڏسي، معنيٰ ته هن پئرس ڏٺو ئي ڪونه. اسان ڪلاڪ کن پنڌ ئي پنڌ هتي چڪر لڳايا، جنهن کان پوءِ بئنچن تي ويهي هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسندا رهياسين.
اسان لڊو سرڪس جي ڀرسان مئڪڊونلڊ وارن جي هڪ ڏاڍي سهڻي هوٽل تي ڪجهه کاڌو پيتو. زندگيءَ ۾ ڪافي جڳهيون ۽ بندر بازارون اهڙا به هوندا آهن، جيڪي وسرندا ئي ڪونه آهن، شانزلي زي به انهن مان هڪ آهي. واقعي جهڙي ٻڌي سين، تهڙي ڏٺي سين. جيتوڻيڪ شهر جي نئين عمارتن جي مرمت جي ته ڪا نشاني ڏسڻ ۾ نٿي اچي، پر صفائيءَ جي روايتي مهم جنهن ۾ لوور ميوزيم، ناٽرڊيم چرچ ۽ اوپيرا ٿيٽر جي صفائي سبب شهر جي رونق ۾ اضافو بيشڪ ٿئي ٿو. هر شوق ۽ مزاج جا ماڻهو هٿ ۾ هٿ ڏيئي گهمندا ڦرندا، ٻار راند روند ۾ مصروف، کاڌي پيتي جي هوٽلن وغيره ۾ ماڻهن جي کل خوشي ۽ ڪلبن ۾ راڳ ناچ وغيره - هن وقت به پئرس ۾ اڳي کان وڌيڪ ميوزيم، ڪلب ۽ ٻيا باعث ڪشش لوازمات گهڻي مقدار ۾ موجود آهن. هن کان اڳ ۾ ايتريون وڏيون بين الاقوامي شهرت يافته هوٽلون ۽ ڪلب هيڏي وڏي تعداد ۾ ڪونه هئا. اڄ پئرس جا ماڻهو اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سچائي سان ايندڙن جي آجيان ڪن ٿا. پئرس اچي زندگيءَ جي خوشي ۽ لطف کي ماڻي سگهو ٿا، جنهن بابت پئرس جي عظمت جو علمبردار هر شخص توهانکي يقين ڏياريندو ته هتي حاصل ٿيندڙ خوشي، سڪون ۽ لطف آمريڪا، لنڊن ۽ استنبول ۾ هرگز ڪونه لڀندو. اها ڳالهه ترڪي، آمريڪا ۽ لنڊن وارا ته يقينن ڪونه مڃيندا پر اها حقيقت آهي.

No comments:

Post a Comment