Sunday, November 25, 2012

ٽيڪساس جي گرمي ۽ “ڊالر” جو ڪرندڙ گراف - آڪاش سنتورائي

ٽيڪساس جي گرمي ۽ “ڊالر” جو ڪرندڙ گراف
آڪاش سنتورائي
جڏهن پاڪستان مان اسان جي گروپ جي آمريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ آمد ٿي هئي ته اُتان جي ميزبان سان پهرين گڏجاڻي ۾ ئي اسان کي ٽيڪساس جي گرمي بابت ڊيڄاريو پئي ويو، گوري چمڙي وارن جو چوڻ هو ته، “هن وقت توهان ٽيڪساس  جي گرمي برداشت نه ڪري سگهندؤ.” اسان پڇيو ته ٽيڪساس ۾ گرمي جو درجو ڪيترو آهي ته اسان کي ٻڌايو ويو ته تقريبن 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ رهي ٿو. اهڙي جواب تي اسان ٽهڪ ڏئي جواب ڏنوسين ته “ڀائو، اسان نوابشاهه، حيدرآباد، سبي جهڙن گرم علائقن مان آيل آهيون جتي ڪڏهن ڪڏهن گرمي جو درجو 50 ڊگري کان به وڌي ويندو آهي تنهن ڪري اسان کي ٽيڪساس جي گرمي جو خوف ناهي. “


اها حقيقت آهي ته جڏهن اسان بالڪٽي مورا ايئرپورٽ تان ٽيڪساس جي ڊيلس- فورٽ ورٿ انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿاسين ۽ ايئرپورٽ جي لائونج مان ٻاهر اچڻ سان ئي اسان کي محسوس ٿيو ته “واقعي ڪجهه گرمي آهي.” ٽيڪساس ۾ اسان جي پروگرام جي ميزباني نارٿ ٽيڪساس ڪائونسل فار انٽرنيشنل وزيٽرز وٽ هئي، ايئرپورٽ تي ڪائونسل طرفان جيري جورڊن ۽ مسز جنيٽ سُو ميگزويل آجيان ڪئي. 343 چورس ميلن تي پکڙيل ۽ اٽڪل 13 لک آبادي تي مشتمل ڊيلس Dallas شهر 1841ع ۾ وجود آيو ۽ هن شهر کي آمريڪي رياستن کي اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه طرف ملائڻ لاءِ اڏيو ويو هو. 1930ع ۾ ٽيڪساس مان تيل دريافت ٿيڻ بعد هن علائقي جي قسمت ئي تبديل ٿي وئي ۽ اڄ هي شهر آمريڪا جو چوٿون وڏو ميٽروپوليٽن آهي. هن شهر ۾ الٽرا ماڊرن مارڪيٽون موجود آهن جيڪي ڊزائين توڙي خوبصورتي جو به مثال آهن. ڊيلس ۾ اسان کي جنهن هوٽل ۾  ترسايو ويو، اها اڳوڻين هوٽلن کان وڌيڪ لگزري ۽ وڌيڪ فائديمند به هئي. هياٽ سمر فيلڊ سوئٽس نالي انهيءَ هوٽل ۾ اڪثر ڪري ٽيڪساس رياست جي مختلف شهرن مان آيل فيميلز ترسيل هيون، جيڪي پنهنجي ڊاگيز (پالتو ڪتن) سميت ڊيلس شهر گهمڻ آيل هُيون، عام طور تي اسان جي هر هوٽل ۾ ناشتو ڪامپليمينٽري هو پر هن هوٽل ۾ شام جو 5 کان 7 وڳي تائين بيئر، شراب ۽ مڪمل ريفريشمينٽ جنهن ۾ چڪن بروسٽ، ميڪسيڪن سوپ، جوس، ڪافي وغيره به شامل هئي ۽ اسان جي هن هوٽل ۾ ترسڻ دوران ڪنهن به دوست شام جو 5 کان 7 وڳي وارو “ورانڊڙي” جو  وقت وڃائڻ نه ڏنو. هوٽل جي لابي سان لڳولڳ سوئمنگ پول به هو، لابي ۽ پول جي وچ ۾ صرف شيشي جي ديوار هئي، اهو سوئمنگ پول صبح 7 وڳي کان رات جو ساڍي 10 وڳي تائين هوٽل جي هر مهمان لاءِ کليل هو، جيتوڻيڪ اسان جي گروپ جي سمورن دوستن سوئمنگ پول جي ڪنارن تي موجود ڪرسين تي ويهي ميڪسيڪن سُوپ جي سُرڪين سان گڏ سوئمنگ پول جي پاڻي جي ڇنڊن جو مزو ورتو پر آئون ۽ پاڪستان ٽوڊي جي اسماعيل دلاور سانجهي ٽاڻي سوئمنگ پول ۾ وهنجڻ جي خواهش به پوري ڪئي.
ٽيڪساس ۾ اسان جي گروپ جي پهرين گڏجاڻي ڪومريڪا بئنڪ جي چيف ايڪنامسٽ سان رکيل هئي، ڊاڪٽريٽ ڊگري رکندڙ روبرٽ ڊاءِ جيتوڻيڪ آمريڪا جي سموري ايڪانامي تي روشني وڌي پر هن کي انهيءَ ڳالهه جو خوف هو ته آمريڪا جي مارڪيٽن تي چين جي ڪمپنين جو غلبو ٿي رهيو آهي. پنهنجي بئنڪ جو ايڪنامڪ شعبو سنڀاليندڙ ۽ ان کي تحقيق فراهم ڪندڙ ڊاڪٽر روبرٽ ڊاءِ انهيءَ ڳالهه جو خدشو ڏيکاريو ته “ڊالر کي يورو کان هاڻي ڪو خطرو ناهي پر هاڻي چيني يين ڊالر لاءِ خطرو ضرور ٿي سگهي ٿو.” حقيقت اها آهي ته رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر ڀلي کڻي بادشاهه هجي پر عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر جو گراف ڪري رهيو آهي جنهن جو تاثر خود آمريڪي ماڻهن به ڏنو. Comerica بئنڪ جي چيف اڪنامسٽ سان گڏجاڻي کانپوءِ اسان جو شهر جي تاريخي عمارت “بيلو مينشن” ۾ بار ايسوسيئيشن سان گڏجاڻي رٿيل هئي، ان سان گڏوگڏ هتي اسان کي “نو هوسٽ” مانجهاندو به  ڪرڻو هو، بار جي ڪينٽين ۾ منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ اسان کي وڪيل اڳواڻ پال سي والر آمريڪا ۽ ٽيڪساس ۾ ميڊيا ۽ انفارميشن بابت رائج قانون بابت هڪ ڪلاڪ جو ليڪچر ڏنو. بيلو مينشن ڊيلس بار ايسوسيئيشن جو هيڊڪوارٽر آهي، بار جا 10 هزار کان وڌيڪ ميمبر آهن.
ڊيلس ۾ WFAA ٽيليويزن چئنل ۽ ڪيرا KERA ريڊيو اسٽيشن جو دورو ڪيوسين، واپس هوٽل تي اچڻ بعد رات جي ماني “هوم هاسپيٽلٽي” طور مختلف دوستن جي مختلف شهرين جي گهرن ۾ رکيل هئي. اسماعيل دلاور، عمران بشير ۽ مون کي ٻڌايو ويو ته توهان جو ميزبان شام جو 6 وڳي توهان کي وٺڻ ايندو،  شام جا 6 ٿيندي ئي اسان ته هوٽل جي لابي ۾ پهچي چڪاسين پر ٺيڪ ٻن منٽن اندر هڪ ڊگهي قد واري ڪارو چشمو پاتل پوڙهي پر پرجوش ۽ پراعتماد انگريزياڻي هوٽل جي رسيپيشن تي پهتي ۽ اسان ٽن دوستن جا نالا پڇڻ لڳي، ايتري ۾ اسان به پهتاسين ته انتهائي گرمجوشي سان هٿ ملائي پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ پنهنجي گهر هلڻ جي دعوت ڏني، اسان ٻاهر آياسين ته پراڻي ماڊل جي ڪار بيٺل هئي. هن پاڻ ڊرائيونگ ڪئي ۽ اسان کي ويهاري پنهنجي گهر طرف رواني ٿي، رستي ۾ هن پنهنجو تعارف، شهر ۽ سندس گهر واري علائقي بابت ڄاڻ ڏني، هن ٻڌايو ته سندس گهر شهر جي انتهائي مهانگي علائقي ۾ آهي، هن جو نالو لين آمراسٽرانگ ۽ سندس مڙس جو نالو  نِڪ ڪرتس هو، لين ۽ سندس مڙس ڪروڙ پتي آهن. لين امپورٽر آهي ۽ سندس مڙس جو زرعي فارم آهي. نڪ ڪرتس پنهنجي زرعي فارم تي پنهنجي ذاتي جهاز ۾ وڃي ٿو پر هن ڪروڙ پتي جوڙي جي زندگي تمام سادگي آهي، سادو ننڍڙو گهر، گهر ۾ ڪو به نوڪر چاڪر ناهي،  هر ڪم پاڻ ڪن، گهر پهچڻ بعد لين پنهنجي مڙس سان ملايو جيڪو به هڪ اسٽائلش شخصيت جو مالڪ هو. لين کي سنڌ جي ڪلچر بابت ٻڌايم، رات جي ماني جي ٽيبل تي پاڪستان جي سياست، پاڪ- امريڪا لاڳاپن، دنيا ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي جي موضوعن تي ڀرپور ڪچهري ٿي. لين کي اجرڪ جو تحفو ڏنم، اجرڪ ڏسندي هوءَ ڏاڍو خوش ٿي، فوٽوگرافي به ٿي پوءِ رات جو هوءَ اسان کي واپس هوٽل تي ڇڏي وئي.
ٻئي ڏينهن تي صبح جو پوڻا 8 وڳي ڊيلس جي ڀر واري شهر فورٽ ورٿ روانا ٿياسين، اٽڪل هڪ ڪلاڪ جي روڊ رستي سفر بعد فورٽ ورٿ پهتاسين. هي شهر 5 لک آبادي تي مشتمل آهي جيڪو آمريڪا ۽  ميڪسيڪو وچ ۾ جنگ دوران هڪ فوجي ڪئمپ جي شڪل مان شهر طور جنم ورتو. 1849ع ۾ ميڪسيڪو سان جنگ دوران هتي فوجي  ڪئمپ قائم ٿي هئي پوءِ هن ڪئمپ کي روڊ ۽ ريل رستن سان ڳنڍيو ويو. اهڙي ريت اچ  وڃ بعد هن شهر جو روپ ڌاريو. فورٽ ورٿ ۾ اسٽار ٽيليگرام اخبار جي آفيس جو دورو ڪيو، جتي بزنس ايڊيٽر پيٽ ڪولون ليڪچر ڏنو، هتي اسان جا 3 ليڪچر رکيل هئا، جنهن بعد اٽارني جيسن بلوم جو ليڪچر لا اسڪول ۾ اٽينڊ ڪيوسين. ان کانپوءِ سِد رچرڊسن ميوزيم آف ويسٽرن آرٽ گهمي ڏٺوسين ۽ اتان ڪجهه خريداري ڪئي.
 ٽيڪساس ۾ رهڻ دوران اسان ڊيلس شهر کان اڌ ڪلاڪ جو سفر ڪري روڊيو شو ڏٺوسين، انهيءَ شو ۾ ڪائو بواءِ شو، بيئر بيڪ، رائيڊنگ، ڪائو گرلز شو، بُل رائيڊنگ وغيره جو عالمي چيمپين ڏٺوسين. رات جو 11 هين وڳي شو مان ٻاهر آياسين ته اسان جي بس وٽ هڪ انگريزياڻي گهڻو شراب واپرائڻ سبب ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪري رهي هئي. هن شو ۾ اڪثر عورتن کي ڪائو بواءِ ٽوپيون، بُوٽ ۽ سموري ڊريسنگ ٿيل هئي، فورٽ ورٿ ۾ اسان کي وڏين سڱن وارين ڍڳين جو ميوزيم به ڏيکاريو ويو، اتي وڃي ڏٺم ته انهن ڍڳين کان ته اسان وٽ ٿر ۾ وڏن سڱن واريون ڍڳيون آهن، ٻئي ڏينهن ٽيڪساس وارن کان موڪلائي KFC جي باني جي اباڻي رياست ڪينٽڪي روانا ٿياسين.

No comments:

Post a Comment