Sunday, November 25, 2012

عجب ۾ وجهندڙ حرم سراءِ ۽ سفيد غلام! - عبدالحي پليجو


عجب ۾ وجهندڙ حرم سراءِ ۽ سفيد غلام!
عبدالحي پليجو
اسان هاڻ وري هن ئي ميوزيم جي ٻي پورشن لاءِ ٽڪيٽون وٺي حرم واري طرف گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. هي محل خليفن، بادشاهن ۽ سلطانن لاءِ سوَن سالن کان رهائش طور استعمال هيٺ رهيو آهي. ٽاپ ڪاپي ميوزيم واري طرف فوٽن ڪڍڻ تي بندش هئي، پر هت اهڙي ڪا به بندش نه هئي، تنهن ڪري محبوب هت ڪافي فوٽا ڪڍيا. ٿورو ٿورو مينهن وسڻ جا ويس ڪري روم مان رمي ڪابل ۽ قنڌار تي وسي چين ۽ سمر قند کان ٿيندو، هاڻي استنبول ۾ مينهڙا وسائي هاڻ ڪابل کان ٿيندو سنڌ ۽ عالم کي آباد ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ اسان هاڻي دنيا اسلام جي آخري خلافت جي خليفن ۽ بادشاهن جي حرم ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. حرم ۾ داخل ٿيڻ واري پهرئين ڪمري ۾ هڪ تمام وڏي آرسي لڳل آهي، جيڪا ڀت جيڏي ئي وڏي آهي. ان جي پاسن تي سوني رنگ سان خبر ناهي ته چاندي يا ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ جو تمام سهڻو ڪم ٿيل آهي. مون، منيٰ ۽ محبوب اُتي بيهي هڪ ٻئي جا فوٽا ڪڍيا. اندر ڪمرن جي دروازن جي مٿان چاندي يا ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ تي مينارڪيءَ جو لاجواب ڪم ٿيل هو، تنهن کي سياحب ڏاڍي چاهه سان ٿي ڏٺو ۽ انهيءَ جا فوٽا ۽ فلمون ڀري رهيا هئا. ڪمرن ۽ هالن اندر ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ فانوس لڳل هئا. هي سلطاني حرم جنهن ۾ اسين هاڻي گهمي رهيا آهيون، تنهن کي ترڪي ٻوليءَ ۾ ”حرم همايون“ چئجي ٿو. اهو سلطان جي خانگي محلات جي هڪ اهم حصي طور تعمير ٿيل هو، تنهن ۾ چار سئو کان به گهڻا ڪمرا ٺهيل هئا. حرم ۾ سلطان جي ماءُ، سندس زالون، سندس سُريتون، سندس ٻار، سندس خاندان جا ٻيا فرد ۽ حرم ۾ ڪم ڪندڙ خادم ۽ پهريدار خواجا سرا رهندا هئا. توپ ڪپي محل جو هي سلطاني حرم سراءِ وارو ڀاڱو ڪيترين ئي عمارتن تي مشتمل آهي، جيڪي مختلف ورانڊن، دالانن ۽ اڱڻن وسيلي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. خادمن، ٻين ملازمن ۽ عملدارن جي هر گروهه کي حرم جي حدن اندر رهڻ لاءِ جدا جدا جڳهيون مليل هيون. هر ٽولي کي مليل جڳهيون سندن اڱڻن جي چوڌاريءَ ٺهيل هيون. انهن عمارتن جي ڪمرن جو تعداد هڪ سئو کان به مٿي هو.


حرم جي دروازن کان پري حد اورانگهڻ وارو عمل عدم موجود هو، البته سلطان، سندس راڻيون ۽ زالون، سندس والده، شهزادا، سلطان جون سُرتيون ۽ حرم جي حفاظت تي معمور محافظ صورتحال موافق رائج ضابطي کان آجا هئا. حرم سراءِ وارين عمارتن جو ميڙ توپ ڪپي محل جي اصل عمارتي سلسلي سان سورهين عيوسي صديءَ جي آخر ۾ دالانن يا ڍڪيل رستن وسيلي ڳنڍيو ويو هو. حرم سراءِ جي عمارتن جو سلسلو ٻئي نمبر دالان ۾ کلندڙ ۽ اتان کان شروع ٿيندڙ آهي. گاڏين وارو گيٽ پڻ انهيءَ دالان ۾ کلندڙ آهي. وقت گذرڻ سان گڏ حرم جي عمارتن جي تعمير جو سلسلو گولڊن هارن آبي رستي ڏانهن وڌندو رهيو ۽ عظيم عمارتن جي ميڙ جي صورت اختيار ڪري ويو. هنن عمارتن جي تعمير جو سلسلو پندرهين عيسوي صديءَ کان اوڻيهين صديءَ جي شروعات تائين جاري رهيو، جنهن ۾ محلاتي تعمير واري طرز ۽ آرائشي انداز اختيار ڪيو ويو. سلطان محمود اول ۽ سلطان عثمان ٽئين جي اقتدار دوران حرم سراءِ جي چند عمارتن کي نئين سر سينگاريو ۽ سنواريو ويو هو. سينگار جي هيءَ نئين طرز اڳوڻي آرائشي طرز کان بلڪل نرالي ۽ وڌيڪ جاذب نظر هئي. دالان نمبر ٻئي جي پاسي ۾ گاڏين واري دروازي مان لنگهي گنبذ جي ڇت واري ڪمري ۾ داخل ٿبو. انهيءَ عمارت جي تعمير سلطان مراد ٽئين سن 1887ع ۾ ڪرائي. هت هاڻ سياح ٽولن جي صورت ۾ ڪمرن اندر داخل پيا ٿين ته ڪي وري ٻين هالن ڏانهن وڌي رهيا آهن. سندن ٻاهران آندل ڪِرائي جا گائيڊ کين هر ڪمري، هال، فانوس، دري ۽ دروازي جي پراڻي حيثيت بابت سمجهائي رهيا آهن. هر گروپ جي سياحن کي سندن مخصوص ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ وارو گائيڊ ڪرائي تي آندل آهي، پر اسين ۽ ٻيا به بيشمار سياح بنا گائيڊ جي گهمي رهيا آهن. هتي حرم سراءِ جي خزاني جي آفيس به هوندي هئي. هن جڳهه اندر رکيل ڪٻٽن ۾ مختلف شين، ماڳن ۽ ملڪيت جي وقف بابت لکيل دستاويز ۽ ٻين اهم معاملن متعلق مواد ۽ رڪارڊ حرم جي نگران اعليٰ جي سنڀال هيٺ محفوظ ڪيل هو. انهيءَ ۾ سلطان، سندس ڪٽنب ۽ ٻين فلاحي ادارن جي مالي معاملن بابت رڪارڊ ۽ ناڻو به شامل هو. وضو ڪرڻ لاءِ مخصوص چشمي واري هال جي مرمت سن 1665ع ۾ حرم سراءِ وارين عمارتن کي لڳل باهه کان پوءِ وڌيڪ بهتر نموني سان ڪرائي وئي هئي. حرم سراءِ کي باهه لڳڻ وارو اهو ٻيو واقعو هو، جيڪو 24 جولاءِ 1665ع تي واقع ٿيو. هن ماڳ کي انهيءَ وقت حرم سراءِ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٺهيل هال يا صفحي واري حيثيت حاصل هئي، جنهن تي محافظن جو پهرو هوندو هو. هي ماڳ حرم، حرم جي محافظن ۽ حرم سراءِ جي حدن اندر رهندڙ خادمن واري مسجد، سلطاني صلاحڪارن واري باغيچي ۽ ايوانِ عدل کي پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ هو. ايوانِ عدل واري عمارت وٽان سلطان، سلطاني مجلس شوريٰ جي ڪار گذارين جو معائنو ڪندو هو. هن صفحي جي يقين تي سترهين صديءَ ۾ ٺهيل ڪاشيءَ جا مشهور چوڪا لڳل آهن.
ڪاشيءَ جو ڪم نه صرف سنڌ ۽ ملتان ۾ ٿئي ٿو، پر توهان کي اهو ڪم مشرق جي ڪيترن ئي ملڪن جي ثقافتي پسمنظر ۾ سندن عمارتن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. اسان وٽ انهن ڪاشيءَ جي چوڪن تي صرف گلڪاريءَ مختلف قسم جي ٺاهيندا آهن، پر ڪيترن ئي ملڪن، خاص ڪري چين ۽ جپان ۾ ڪاشيءَ جي چوڪن تي ماڻهن، جانورن ۽ پکين جون تصويرون به نظر اينديون. هن هال سان لڳو لڳ مسجد جي اڳيان ٺهيل دِڪو سلطان کي گهوڙي تي چڙهڻ ۾ ڪم ايندو هو. اتي رکيل بينچن تي پهريدار ويهندا هئا. هن ماڳ جي کاٻي هٿ تي اڏيل مسجد ۾ نيري، سائي ۽ سفيد رنگ وارا ڪاشيءَ جا چوڪا لڳل آهن. انهن چوڪن جو رنگ جهڪو ٿي ويو آهي. هن هال جي هڪڙي دروازي مان لنگهي هڪ دالان يا اڱڻ پهچبو، انهيءَ اڱڻ جي کاٻي طرف خادمن ۽ پهريدارن جا رهائشي ڪوارٽر ٺهيل آهن. انهن ڪوارٽرن جي دنگ وٽ نگران اعليٰ شيدي خواجا سرا جي گهر جي عمارت ٺهيل آهي. نگران اعليٰ شيدي خواجا سرا جو عهدو عملدارن ۾ چوٿون نمبر سڀ کان اعليٰ عهدو آهي. هنن عمارتن جي وچ ۾ سلطاني شهزادن لاءِ هڪ اسڪول ٺهيل آهي. هتي ٺهيل هڪڙو سوڙهو گذر گاهه سفيد غلامن جي رهائشي جڳهين ڏانهن وڃي ٿو. اهي سفيد غلام، ترڪ سلطانن کي يورپي ۽ بادشاهيءَ ۽شهنشاهن کان تحفي طور مليا هئا.

1 comment:

  1. ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو

    انهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
    ،
    منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
    مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
    ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
    منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
    دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
    هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
    مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
    ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
    بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
    تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
    مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
    اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
    مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
    (albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
    توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
     پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.

    ReplyDelete