Sunday, November 25, 2012

جتي پاڪستان جا سفارتخانا نه آهن اتي ڪائونسل آهن - ظفر الله شيخ


جتي پاڪستان جا سفارتخانا نه آهن اتي ڪائونسل آهن
ظفر الله شيخ
۲۰۰۳ع مارچ ۾ مون کي مالي وڃڻ جو موقعو مليو، هي ملڪ به منهنجي حد ۾ هيو ۽ اتان جو گاديءَ جو هنڌ باماڪو آهي،  ڪارن جو ملڪ آهي ۽ اتي اسان جو سفارتخانو نه آهي، اسان جا جتي سفارتخانه نه هوندا آهن، اتي هانريري ڪائونسل هوندا آهن، جيڪي اتان جا رهواسي هوندا آهن، باماڪو، مالي ۾ اسان جو هانريري ڪائونسل جيريل بابا آهي، ۽ اتان جو سٺو بزنسمين آهي، مان باماڪو پهتس ته ايئرپورٽ تي مالي فارن آفس جو پروٽوڪول آفيسر آيو ۽ مون کي سرڪاري مهمان جي حيثيت سان هوٽل ۾ وٺي ويو، بلڪل نئون ماحول هيو، ماڻهو ڪارا، غربت ۽ گندگي ڪافي نظر آئي، ٻئي ڏينهن منهنجي وزير خارجه سان ملاقات هئي ۽ ان ڏينهن شام جو ماليءَ جي صدر کي ان جي محل ۽ پنهنجي سند جا ڪاغذ پيش ڪيا، مان صدر آمادو توماني توري  جيڪو اڄ ڪالهه به اڃان صدر آهي، سٺي ملاقات ٿي، ڪافي دير گپ شپ ڪيائين خاطر توازن ٿي، ماليءَ جي خاص ماني کارايائين ۽ هڪ جڙي بوٽيءَ جو تحفو به ڏنائين.


باماڪو هڪ وڏو مارڪيٽ پڻ آهي، جتي خاص ڪري ڪاٽن جو ڪپڙو ڏاڍو زبردست ملندو آهي، اهڙو ڪاٽن مون دنيا ۾ ڪٿي ڪو نه ڏٺي آهي،  منهنجي زال مون سال گڏ هجي ها ته چري ٿي پوي ها، ايڏيون ته عورتن جو ڊزائينون آهن جو ڇا ٻڌايان، مردن جي ڪاٽن به ڪافي سٺي ڪوالٽي جي ملندي آهي، مان جڏهن به باماڪو ويندو هيس ته ڏهه ٻارنهن جوڙا وٺندو هيس اصل ۾ مالي جي ڪاٽن جو اسٽيل وڏو آهي ۽ ڪپهه تمام سٺي هوندي آهي،
باماڪو ڏاڍو سهڻو شهر آهي، نائجرندي وچ شهر مان لنگهي رهي آهي، اتي هڪ وڏو ڪسينو ۽ تمام سٺا ريسٽورنٽ پڻ آهن، ڪافي فارينر رهن ٿا، پنج لک کن لبناني به اتي وسل آهن. لبنان جي جنگ کان پوءِ اتي وسجي ويا آهن، ۽ اڪثر سپر مارڪيٽ جي بزنس ۾ آهن، نائٽ ڪلبون پڻ جام آهن ۽ ماليءَ جا ماڻهو ڏاڍا آزاد خيال ۽ زنده دل آهن، ميوزڪ ۽ ڊانس هنن جي رڳ رڳ ۾ آهي، ڪيترائي ڊانس جا پروگرام ڏٺم ۽ سچ پچ ته اتان جي ماڻهن کي خوش ڏسي آس ٿيندي هئي ته ڪاش اسان جي ملڪ ۾ به اهڙو سڪون هجي، مالي جا ماڻهو غريب ضرور آهن، پر ايماندار تمام گهڻان، اسان جيتريون نمازون گهڻيون پڙهون ٿا اوتري بئماني گهڻي آهي،
اسان جي هانري ڪائونسل جيرل بابا باماڪو ۾ اسان جو نمائندو هيو، هڪ مشهور بزنسمين آهي ۽ انگريزي تمام سٺي ڳالهائيندو آهي، مون چيو مانس ته مالي گهمڻ جو شوق آهي، اتي هڪ حيرت انگيز خبر پئي. ٽمبڪٽو جو شهر ڪافي مشهور آهي ۽ مالي ملڪ آهي، مون کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو، جڏهن به ڪا استاد جي يا گهر ۾ سزا ملندي هئي ته چيو ويندو هيو ته وري اهو ڪم ڪيئي ته توکي ٽمبڪٽو موڪلينداسين، سزا جي طور تي اهو اڄ به سنڌي ۾ چيو ويندو آهي، بهر حال ڏاڍو شوق ٿيو ته ٽمبڪٽو ڏسان، جيريل بابا کي چيو ته منهنجي وڃڻ جو ۽ رهڻ جو بندوبست ڪرائي، سوچيم پئي ته ٽمبڪٽو سفر ڪيئن هوندو، خير مون بس جي رستي وڃڻ پسند ڪيو، باماڪو کان ڪوئي اٺن ڪلاڪن جو سفر هيو، ڪافي ڪنٽري سائڊ ڏسڻ جو موقعو مليو، سڄو ريگستاني علائقو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي وڻڪار نظر ايندي جتان نائيجر ندي لنگهي پئي، اڪيلو سفر پئي ڪيم ٽمبڪٽو شام جو چئي بجي پهتس، محبتي آڌر ڀاءَ لاءِ اتان جو هڪ وڏيرو هيو ۽ جيئن بس مان لٿس ته کڻي گلن جا هار پارائيون، وڏيون مضبوط ۽ ڊگهيون ماليءَ جو مايون هيون، مٿيون حصو روائتي انداز سان کليل هيو ۽ هيٺين حصي تي اسڪرٽ پاتل هجن، مان ڏسي پريشان ٿي ويس،منهنجي مان ۾ هڪ وڏو فنشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ انهن عورتن مالي جي ڊانس به ڪئي ۽ گانا ڳايائون، اتان جي مقامي ٻولي هئي ۽ مون کي بلڪل سمجهه ۾ نه پئي آئي، ايتري ته عزت ڪيائون جو مون ايترو سوچيو به نه هيو، ٽمبڪٽو ۾ هڪ پاڪستاني اين جي او پڻ آهي، جنهن جو خرچ پاڻي ڊاڪٽر قدير خان ڏيندو آهي، تمام وڏو ڪم پيا ڪن ۽ اتان جي ماڻهن کي  پاڪستان جي ڪافي خبر آهي، ٽمبڪٽو جو شهر گهميس ۽ سوچيم پئي ته ايترو ته خراب نه آهي، جنهن جي ڪري اسان جا سنڌي ڀئو ڏيندا آهن،
رات ٽمبڪٽو ۾ گذاري ۽ ٻئي ڏينهن باماڪو واپس آيس، سفر ڏاڍو سٺو رهيو.
ٻيو ملڪ مارٽينيا آهي، جيڪو منهنجي حد ۾ هيو، تمام وڏو ملڪ آهي ۽ اتان جي سرڪاري ٻولي عربي آهي، مارٽينيا جو صدر به تمام سٺو ماڻهون هيو ۽ جڏهن به آءُ ويندو هيس ته هڪ دم ملڻ جو ٽائيم ڏيندو هيو، مارٽينيا به قدرتي ذخيرن سان مالا مال آهي ۽ ناڪشاٽ گاديءَ جو هنڌ آهي، هي شهر ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آهي ۽ سمنڊ جو ڪنارو/ بيچ تمام سهڻي آهي، مان اڪثر ويندو هيس، سمنڊ جو رنگ سائو آهي ۽ اتي مڇي تمام گهڻي ۽ سٺي ٿيندي آهي، جاپانين تمام وڏا ڪولڊ اسٽورس ٺاهيا آهن، اتي مڇي ڦاسائي پئڪنگ ڪري ايڪسپورٽ ڪندا آهن.
ناڪشاٽ جو شهر اسان جي حيدرآباد وانگر آهي، موسم به اسان جهڙي گرم آهي، رستن تي ٻٻر جا وڻ ۽ پپل عام آهي، اتي ويندو هيس، ته پنهنجا ڳوٺ ياد اچي ويندا هيا، سڄي شهر ۾ سحارا ريگستان جي ڳاڙهي واري ڏسڻ ۾ عام هوندي آهي، اتي هڪ پاڪستاني مائي رهندي آهي. تمام پڙهيل لکيل آهي ۽ ڪنهن وقت ۾ مارٽينيا جي وزير ۽ اسپيڪر جي زال هئي پر ٻن ٻارن کان پوءِ طلاق ٿي ويس، مارٽينيا ۾ ٻن کان وڌيڪ شادين جو عام رواج آهي، ماڻهو کليءَ دل جا مهمان نواز آهن، هڪ ڀيري مارٽينيا جي وزير اعظم سان ملاقات ٿي سندس آفيس ويس، مان ته سندس آفيس ڏسي حيران ٿي ويس، هتي اسان جي عام آفيسن کان به خراب هئي، هڪ پراڻو ڦاٽل غاليچو وڇايل هيو ۽ سوفا سيٽ به ڪافي گندا پيا لڳن، بس ايئن سمجهو ته هڪ سيڪشن آفيسر جي آفيس وانگي دفتر هيس، پاڻ به تمام سادي طبيعت جو هيو ۽ ڏاڍي قرب سان مليو.
نيارا خان پاڪستاني عورت ناڪشاٽ ۾ رهندي هئي، ان جو ذڪر مٿي ڪيو اٿم، وڏي ماڻهوءَ جي زال هئي پر ان سان ڪو نه ٺهي ۽ جدائي ٿي وين، اڄ ڪلهه پڻ اتي آهي ۽ ڪافي ملڪيت واري آهي، پئرس ۾ پڙهندي هئي ۽ اتي هن جي اڳوڻي مڙس سان ملاقات ٿي، گهر تي مون کي اڪثر مانيءَ تي سڏائيندي هئي ۽ سٺن ماڻهن سان ملاقاتون ڪرائيندي هئي.
ناڪشاٽ ۾ به اسان جي ايجنسي ڪو نه آهي ۽ اتي اتان جو هڪ وڏو بزنسمين موريس بينزا آهي، تمام سٺو ماڻهون آهي ۽ مڇيءَ جي ڪاروبار ۾ آهي، مان جڏهن به ناڪشاٽ ويندو هيس ته اتان جي هڪ مشهور بيڪريءَ جا بسڪوٽ ۽ پيٽيس کائيندو هيس، ڏاڍيون مزيدار شيون ان بيڪري تي ملنديون هيون ۽ منجهند تائين هنن جو سڄو مال وڪامي ويندو هيو، مان کائڻ جو سامان گهڻو ڪري اتان وٺندو هيس.
مالي ۽ مارٽينيا ويندي مان اڪثر مراڪش ائرلائن ۾ سفر ڪندو هيس،ا الجيئر س کان ڪاسابلانڪا ويندو هيس ۽ اتان جهاز بدلائي انهن ٻنهي ملڪن ۾ ويندو رهندو هيس، ڪاسا بلانڪا به واهه جو سهڻو شهر آهي، مارڪش جا ماڻهو ڏاڍا سهڻا آهن ۽ اتان جي گهمڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي، مراڪش جي ثقافت ۽ اتان جون ننڍڙيون ننڍڙيون بازارون ۽ شاپنگ سينٽر دنيا ۾ مشهور آهن ۽ ڪافي سامان سستا، مان اتا اڪثر خريداري ڪندو هيس، ڪاسا بلانڪا جي نائٽ ڪلبن جو ته جواب ناهي، ڪئبري ڊانس شوق سان ڏسڻ ويندو هيس مراڪش شهر به موراڪو جو تاريخي شهر آهي، جتي خاص ڪري عرب ثقافت نظر ايندي آهي، جنهن به ريسٽورنٽ ۾ ويندا ته اتان جو خاص کاڌو ۽ حصو (شيشه) پيئڻ لاءِ ڏيندا آهن، بس ماني به عربي طرز جي کائو ۽ هتي جي حقي جو به ڪش لڳايو. مالي يا مراٿانيا مان جڏهن به الجيرئس ويندو هيس ته ڪافي ڏينهن جو رهندو هيس، بس دنيا ئي ٻي آهي، منهنجو ڀاءُ اسد الله شيخ لنڊن ۾ رهندو هيو مان الجيريا مان خاص ڪري ان سان لنڊن ٻن مهينن ۾ ڪم از ڪم هڪ دفعو ضرور ويندو هيس، ترڪش ايئر لائن ۾ سفر ڪندو هيس ۽ ٽرانزٽ استنبول شهر ۾ ڪندو هيس، استبول شهر جي وري پنهنجي تاريخ ۽ خوبصورتي آهي، نيري مسجد، گرينڊ بازار، عجائب گهر ۽ ريسٽورنٽ ڪافي مشهور آهن، استنبول شهر ٻن کنڊن يورپ ۽ ايشيا کي اڌ اڌ ڪري باسفورس پل وٽان ملائي ٿو، استنبول ايترو ته سهڻون شهر آهي، ان جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، جهڙا ترڪيءَ جا ماڻهو سهڻا ۽ مهمان نواز تهڙيون وري زيارتون سهڻيون منهنجي زال مون سان اڪثر گڏ هوندي هئي ترڪيءَ شوق سان هلندي هئي، ان جو خاص سبب اهو هو جو گرينڊ بازار ۾ تمام گهڻي شاپنگ ڪندي هئي،
جنوري ۲۰۰۸ع ۾ منهنجي رٽائرمنٽ الجيريا ۾ ٿي ۽ اهڙي طرح مان پنهنجو سفارتي سفر پورو ڪيو.


No comments:

Post a Comment