Sunday, November 25, 2012

سفر ڪٿا - اسحاق انصاري


سفر ڪٿا
اسحاق انصاري

اسان ٻنهي کان علاوه انڊيا، بنگلاديش، چائنا، نيپال، ڪمبوڊيا، لائوس، فلپائين، انڊونيشيا، ميڪائو ۽ سريلنڪا جا ڊيليگيٽس موجود هئا. انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي طرف کان هڪ نيپال جو ۽ ٻيو هالينڊ جو انسٽرڪٽر هيو، سڀ کان پهريائين تـ گروپ فوٽو ڪڍيو ويو، بين الاقومي طرز تي پاڪستان بـ پنهنجي فارين ڪرنسي رزروس جي باري ۾ ڊيٽا ڏيڻ شروع ڪئي آهي ۽ اهو ڪم منهنجي ۽ اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ جي غلام ربانيءَ جي بلي هو. تنهنڪري اسان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا هئاسين. ورڪشاپ جي شروع ۾ انسٽرڪٽر چيو تـ اسان جي ذهن ۾ هو تـ پاڪستان جا پارٽيسيپينٽس زلزلي جي ڪري هن سيمنار ۾ حصو نـ وٺي سگھندا، اسين کين ٻڌايو تـ زلزلي جو گھڻو اثر اترين علائقن تي ٿيو هو پر هونئن بـ زلزلي جون تباھ ڪاريون تـ آهستي آهستي کلنديون وين نـ تـ پهريئن ڏينهن تـ اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ئي خبر هئي. منجھند جي ماني جي وقفي ۾ ان سينٽر جي ڀرپاسي جو علائقو گھمڻ نڪري ويس سنگاپور ۾ موسم گھميل ۽ گرم رهي ٿي. ان علائقي ۾ گھڻو ڪري آفيسز ڪجھ شاپنگ سينٽر ٺهيل هيا، روڊن تي ٽريفڪ بـ چڱي هئي پر پوليوشن گھڻي گھٽ هئي شايد ان ڪري جو گاڏيون نيون هيون ۽ انهن جي ڪنڊيشن تي ڪنٽرول بـ رکيو پئي ويو. هتي جي ماڻهن جون شڪليون تـ چائينيز ئي آهن پر سندن انگريزيءَ جو لهجو بهتر آهي ڇو جو هتي گھڻو وقت انگريزن جي حڪومت رهي آهي، شام جو هوٽل تي اچي فريش ٿي لٽل انڊيا گھمڻ وياسين. سنگاپور ۾ هڪ علائقو انڊيا جي رهواسين جو آهي تـ ٻيو وري چائنا وارن جو تـ ٽئين هنڌ وري عرب ملندا تـ چوٿيئن هنڌ يورپين جو ڪلچر ملندو. سنگاپور ۾ رهندي مون محسوس ڪيو تـ هن ملڪ جھڙي سهپ ۽ ٻين ماڻهن کي قبول ڪرڻ واري طاقت ٻي ڪنهن ملڪ ۾ گھٽ آهي، لٽل انڊيا واقعي بـ انڊيا آهي، ان هنڌ تي برصغير جا ماڻهو گھمندي نظر ايندا دڪان بـ انهن جا آهن جن تي جليبيءَ کان وٺي چوڙين تائين هر شيءَ ملي پئي. هڪڙي وڏي سپر مارڪيٽ ”مصطفيٰ“ جي نالي سان هئي، جنهن ۾ بـ دنيا جي هر شيءَ موجود هئي. سنگاپور ڪافي مهانگو ملڪ آهي پر سنگاپورين جي جيئن تـ آمدني وڌيڪ آهي تنهن ڪري هنن لاءِ ڪو وڏو مسئلو ناهي، سنگاپور دنيا جي شاهوڪار ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. هنن جي آسودگي رستن، جڳهن ۽ گاڏين مان بـ ظاهر ٿئي ٿي، لٽل انڊيا ۾ گھمندي هڪ انڊين ريسٽورنٽ تي ماني کاڌي، جنهن جي ماني بهتر هئي، اتان وري ٽيڪسي ۾ هوٽل تي واپس آياسين.


سنگاپور جي خاص ڳالھ هتان جا شاپنگ سينٽر آهن پر سنگاپور اچي ماڻهو هتان جي ٻيٽ ”سنتوشا“ ضرور وڃي ٿو. مان ۽ رباني بـ هڪ شام جو ٽيڪسي ڪري سنتوشا ڏي نڪري وياسين رستي تي ربانيءَ پڇيو تـ سنتوشا جي معنيٰ ڇا ٿيندي؟ مون کيس ٻڌايو تـ ”سڪون“ هن حيرت مان مون ڏي ڏٺو، مون مرڪي کيس چيو تـ منهنجي نظر ۾ تـ ائين ئي هجڻ کپي، پر پوءِ معلومات ورتي سين تـ پڪ ٿي تـ اهو ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي سڪون يا آرام وارو ٻيٽ ٽيڪسيءَ اسان کي گيٽ وٽ ڇڏيو جتان اسان ٽڪيٽ وڍي ٻين سياحن سان گڏ بيهي رهياسين، ٿوري دير ۾ بس آئي جنهن ۾ سوار ٿي ٻيٽ ۾ داخل ٿياسين. پهريائين اسان اچي انڊر واٽر واري اڪاريم تي بيٺاسين جنهن لاءِ ٿورو هيٺ وڃڻو پئي پيو ۽ ڪنوينر بيلٽ جي ذريعي ” جيئن ايئر پورٽ تي هوندو آهي“ رائونڊ ڪري اچي ٿو. ڪافي خوبصورت نظارو هيو. گھڻن قسمن جون مڇيون ۽ ٻيا سامونڊي جانور نظر آيا. ان کان پوءِ اسان گھمندا سنگاپور جي مشهور نشان” شينهن“ جي وڏي مجسمي وٽ پهتاسين جنهن جي منهن مان پاڻي ڪري رهيو هيو، هن مجسمي جي منڊي تـ شينهن جي آهي پر ڌڙ وري مڇيءَ جو آهي، اهو نشان، سنگاپور جي ٽوئر ڊپارٽمينٽ جي لوگي طور 1964ع ۾ ٺاهيو ويو، جيڪو اڳتي هلي سنگاپور جي علامت بڻجي ويو، ان جي ٺاهڻ واري فريزر برنر جو چوڻ هو تـ هن شينهن جي علامت پراڻي تاريخ مان کنئي آهي، جڏهن شهزادي” سانگ نيلا اتم“يارهين صديءَ ۾ سنگاپور کي دريافت ڪرڻ وقت شينهن ماريو هو، جڏهن تـ مڇيءَ جھڙي پڇ لاءِ هن جو ڇوڻ هو تـ سنگاپور جي پراڻي نالي ”نيماسيڪ“ مان کنئين آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سمنڊ، ۽ شروع ۾ سنگاپور هيو بـ مهاڻن جو ڳوٺ. اتي سٺو پارڪ بـ ٺهيل هو ۽ مٿي هلندا وياسين تـ هڪ ٽڪريءَ تي وڃي پهتاسين جتي ريسٽورينٽ وغيره ٺهيل هئا ۽ اتان لفٽ چيئر بـ هلي پئي. پهريائين تـ ڪافي پيتيسين، حيرت جي ڳالھ اها لڳي تـ اتي مور آزاديءَ سان گھمي رهيا هئا ۽ پليٽن ۾ بچيل شيون بـ کائي رهيا هئا، رباني جو شوق هو تـ لفٽ چيئر جو مزو وٺجي پر مان ٿورو لهرائي رهيو هئس. خير هن جي زور ڀرڻ تي لفٽ چيئر جي ٽڪيٽ ورتي. هي لفٽ چيئر هڪ بند ڪيبن هئي جنهن جي شيشن مان نظارا پسي سگھجن پيا، هي ڪافي اوچائيءَ تي هو هيٺيان سمنڊ هو جنهن ۾ هلندڙ ٻيڙا ڏسي سگھجن پيا، مون کي 22 20 سال اڳ هتي ٿيل هڪ وڏو حادثو ياد آيو، جيڪو هيٺان هڪ جهاز جي لنگھڻ ڪري ٿيو هو، جهاز جو ٽاور، لفٽ واري رسي ۾ اٽڪي پيو هو ۽ ڇڪجي ٽٽي پيو هو جنهن ۾ ست اٺ ماڻهو مري بـ ويا هئا ۽ ڪجھ زخمي بـ ٿي پيا هئا.

No comments:

Post a Comment