Sunday, November 25, 2012

هندستان جي ياترا - غلام شبير شر


هندستان جي ياترا
غلام شبير شر
تاريخ 2011-03-16 تي ساڍي اٺين وڳي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري کان ميڊم عاصمه جهانگير جي اڳواڻيءَ ۾ هندستان وڃڻ لاءِ واگها بارڊر بَس ذريعي روانه ٿياسون، صبح جو 9:30 وڳي بارڊر تي پهتاسون، جتي پاڪستاني اميگريشن وارن اسان 134 وڪيلن جي گروپ کي 10:30 وڳي ڪليئرنس ڏئي ڇڏيو. اُتان اسان پيادل هندستان جي اٽاري بارڊر تي پهتاسون، پنجن منٽن جو پنڌ هيو. اٽاري بارڊر تي پاسپورٽ چيڪنگ ۽ ڪليئرنس ساڍي ٻارهين وڳي پوري ٿي، پوءِ سپريم ڪورٽ بار انڊيا طرفان موڪليل چئن ايئرڪنڊيشنڊ بسن ۾ سوار ٿي اڍائي (2:30) وڳي امرتسر پهتاسون، جتي امرتسر بار جي صدر ۽ ٻين بار جي عهديدارن ۽ ميمبرن سپريم ڪورٽ بار پاڪستان جي عهديدارن ۽ ميمبرن جو استقبال ڪيو ۽ حويلي هوٽل امرتسر ۾ شاندار قسم جي منجهند جي ماني کارائي.


اسان 4:00 وڳي امرتسر کان دهلي لاءِ روانه ٿياسون، اسان جي بار جي اڳواڻ ميڊم عاصمه جهانگير چيو ته ستن ڪلاڪن جو سفر آهي، پر روڊ زير تعمير هئڻ سبب تمام خراب هيو، بس جي هلڻ جي رفتار تمام آهستي هئي، ٻڌايو ويو ته دهليءَ کان امرتسر تائين ايڪسپريس وي يا موٽر وي زير تعمير هُجڻ سبب روڊ خراب آهي، جنهن ڪري اسان 7 ڪلاڪن جو سفر 18 ڪلاڪن ۾ ڪري 17 مارچ تي صبح جو 7:00 وڳي دهلي وائي ايم سي اي هاسٽل پهتاسون، جتي ٿڪاوٽ ۽ هيڻائيءَ جي ڪري منهنجي ڪيمرا گُم ٿي وئي، جيڪا مان پنهنجي ڀائٽين علي ۽ نجيب الله کان اُڌاري وٺي آيو هئس، علي کي اهو احساس هو ته چاچا ڪٿي ڪيمرا گُم نه ڪري ايندو سو ڏيڻ وقت ورجائي ورجائي چيائين ته چاچا هي زبردست ڪيمرا آهي، مان 20 هزار ۾ تڏهن ورتي هئي جڏهن بابا گذريل سال حج تي ويو هو، اُها ڪيمرا گم ٿي وئي.
تاريخ 2011-03-17 صبح جو 10:00 وڳي دهلي ۾ مغل بادشاهن جو تعمير ڪرايل لال قلعو، جتي اڌ حصي تي فوجي ڇانوڻي هئي، جنهن طرف اسان کي وڃڻ نه ڏنو ويو، بقايا حصي ۾ شاهجهان بادشاهه ۽ ٻين مغلن جا محل هئا، جن کي مرمت ڪري اصل شڪل ۾ آندو ويو آهي، جڏهن ته لال قلعي جي موتي مسجد کي تالو هئڻ سبب اسان اندر نه وڃي سگهياسون.
بعد ۾ منجهند جو اتان جي سپريم ڪورٽ بار اسان جي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بار جي وفد جي مان ۾ منجهند جي ماني ڏني، جتي خبر پئي ته سپريم ڪورٽ بار آف دهلي جو صدر رام ڄيٺ ملاڻي آهي، جيڪو شڪارپور سنڌ جو آهي، پروگرام ۾ هڪ سنڌي وڪيل مليو، جنهن پڇيو توهان سنڌي آهيو، مان چيو ها اسان 10 سنڌي جنهن ۾ عبدالحڪيم بجاراڻي، فيض الله ڪورائي، محمد سليم جيسر، عباس ڪڇي، عاقل خان، شبير اعواڻ، ابرار الحسن، شفيع محمد چانڊيو ۽ رمضان هن وفد ۾ شامل آهيون.
سپريم ڪورٽ بار طرفان اسان جي وفد سپريم ڪورٽ دهلي جي لان تي استقباليه ڏنو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ لوئر ڪورٽ جي وڪيلن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، اتي وڏي تعداد ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا ڪيمرا وارا ۽ رپورٽر بيٺا هئا، انهن صحافين مان هڪ رپورٽر ڇوڪري عاصمه جهانگير ڏانهن ڪيمرا کڻي آئي ۽ صرف هڪ ئي سوال ڪيو ته ريمنڊ ڊيوس تي نيٺ پاڪستان سرڪار امريڪا سرڪار اڳيان بيوس بڻجي وئي ۽ ريمنڊ ڊيوس کي آزاد ڪري ڇڏيو، عاصمه جهانگير اهو چئي جان ڇڏائي ته اسان جي قانون ۾ قصاص جو طريقو آهي، جنهن تحت اگر قاتل جا وارث معاف ڪندا ته جوابدار کي عدالت آزاد ڪري سگهي ٿي.
پروگرام شروع ٿيو ته سپريم ڪورٽ بار انڊيا جي نائب صدر انتهائي تعصب واري تقرير ڪندي چيو ته قائداعظم نفرتن جا ٻج پوکي هڪ اکنڊ ڀارت جو ورهاڱو ڪيو، رام ڄيٺ ملاڻي ڪجهه بئلينس تقرير ڪئي، هن چيو ته هو 1947ع ۾ جڏهن شڪارپور کان لڏپلاڻ ڪري ڀارت روانه ٿيا هئا ان وقت هو ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندو هو، هن وٽ صرف 10 روپيه هئا، سامونڊي جهاز ذريعي ممبئي پهتو، جتي سالن تائين ڪيمپ ۾ رهڻو پيو، ائين چئي هن روئي ڏنو، تمام جذباتي ماحول ٿي ويو، پوءِ سالن تائين سنڌ کي ڏسڻ جي حسرت ئي رهي.
بعد ۾ هڪ وڏي ٽي پارٽي ٿي، ان دوران ڀارتي وڪيلن جو رويو مڪمل طور تي اوپرو رهيو، هو اسان جي وفد سان مڪس اپ ٿيڻ وارا ڪونه هئا، صرف مسلمان خاتون وڪيل شبانه اسان وٽ آئي ۽ گڏجي فوٽو ڪڍرايا.
سپريم ڪورٽ جي هاءِ ٽي پارٽي مان ٿي اسان ڪرائي جي ٽيڪسي ڪري نظام الدين اولياءَ ۽ امير خسري جي مزارن تي وياسون، نظام الدين اولياءَ جي مزار کان ڪافي پري اسان کي گاڏيءَ لاٿو ۽ اتان کان پيادل وڃڻو پيو، رستي ۾ سون جي تعداد ۾ مسلمان پينو فقيرن جي شڪل ۾ ويٺا هئا، جيڪي خيرات گهرڻ لاءِ ڪلما پڙهي اهو يقين ڏياري رهيا هئا ته اسان مسلمان آهيون ۽ مسلمان زائرين کي مجبور ڪن پيا، جنهن مان هندستان جي مسلمانن جي حالت زار ڏسي اکيون آپديده ٿي ويون. اندر مزار ۾ پهريان ئي پهريان داخل ٿيندي امير خسري جي مزار آهي، جنهن کانپوءِ نظام الدين اولياءَ جي مزار آهي، اتي هزارن جي تعداد ۾ زائرين موجود هئا، اتي قوالي هلي رهي هئي، جنهن ۾ مردن سان گڏ عورتون به پئسا اڇلائي رهيون هيون ۽ اتي هڪ چوکنڊ هئي، جنهن مان اندران بيحال ٿيل عورتن جي رڙين جا آواز اچي رهيا هئا. هڪ ڪراڙي عورت ان چوکنڊي جي ديوار سان مٿو ٽڪرائي روئي رهي هئي، شايد اندران ان جي ڌيءَ جو آواز پئي آيو.
رات جو رام ڄيٺ ملاڻي پنهنجي گهر تي رات جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو، جنهن ۾ صرف اسان جي وفد سان تعلق رکندڙ 134 وڪيل شريڪ ٿيا، ڀارتي وڪيل هڪ به اُن ڊنر ۾ شامل نه ٿيو، رام ڄيٺ ملاڻي مانيءَ جو شاندار بندوبست ڪيو، اتي هن ڪيبينيٽ لڳائي، جنهن ۾ هر قسم جو مشروب ۽ بيئر رکرايا، هُن جي ڪيبينيٽ ڪلاڪ اندر خالي ٿي وئي. ماني جو ايڏو زبردست بندوبست هو، ڪنهن کي ڪباب، مڇيءَ جا ڪباب، تِڪا وغيره کڻڻ لاءِ اٿڻو نه پيو، ترت سروس لاءِ ماڻهو موجود هئا، جيڪي هر گهڙي تڪا، ڪباب، سبزي مان تيار ڪيل ڪباب وغيره کڻي سامهون بيهي پيا رهن، ”سَر وٺو.“
تاريخ 2011-03-18 تي اسان کي دهلي شهر گهمڻ جي اجازت ڏني وئي، پهريون مسئلو موبائل سِم وٺڻ جو هو، ان لاءِ چاندني چوڪ وڃڻو پيو، جتي رڪشا وارو ان همراهه وٽ وٺي هليو، جنهن سان هن جو گراهڪ آڻڻ لاءِ حساب ڪتاب ٺهيل هو، اتي اسان ڊالر تبديل ڪرائي هندستاني سِڪا ورتا، جڏهن سِم خريد ڪرڻ آياسون ته اسان حيران رهجي وياسون، پاڪستاني ٽوٽل 150 روپين ۾ سِم ملندي ته 100 جو بيلنس به ملندو آهي. 100 روپئي جي سِم 200 روپيا دهلي شهر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ رومنگ چارجز وري الڳ هئي، جڏهن ته اسان جي ملڪ پياري پاڪستان ۾ رومنگ چارجز جو تصور به ناهي، سِم وٺي پاڪستان جي ڪهڙي به شهر ڪهڙي به ڪُنڊ تي سروس ڏيندي. اُتي حيرت ٿي اها ته اسان 100 رپئي جو بيلنس وجهندا آهيون ته ڪافي دير تائين ڳالهائيندا آهيون، هتي 1000 جو بيلنس ختم ٿيڻ جو پتو ئي نه پيو پئي، معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته انڪمنگ ڪال تي به چارجز آهي، ٻيو ته نيٽ ورڪ پرابلم ڪيتري به ڪوشش ڪجي بيڪار، ڪال پنهنجي مرضي سان ملندي.
تاريخ 2011-03-19 تي صبح جو 8:30 وڳي جئپور لاءِ روانه ٿياسون، اسان جي حصي ۾ جيڪا بس آئي، اها حريانه صوبي واري وروموڙا شهر ۾ خراب ٿي پئي، ان جي گيئر جي سيل ليڪ ٿي وئي ۽ سڄو گيئر آئل وهي ويو، گاڏي بيهي رهي، ڊرائيور کان پڇيو ته هاڻ ڇا ٿيندو، هن چيو مڪينڪ کي گهرايو آهي، اهو ٻڌائيندو ته بس ٺهڻ ۾ گهڻي دير لڳندي. مڪينڪ آيو، جنهن کان فيض الله ڪورائي پڇيو ته گهڻي دير لڳندي؟ هن چيو ته گيئر کلندو، کلڻ ۽ فٽ ٿيڻ ۾ صرف ڏيڍ ڪلاڪ لڳندو، سليم جيسر چيو ته هي ڪوڙ ٿو ڳالهائي ان جي ڪري ته جيئن هن جا پئسا نه مرن، گيئر کلندو، سيل لڳائڻ ۽ گيئر وري لڳائڻ ۾ چار کان پنج ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. ان وقت ساڍا ڏهه وڄي رهيا هئا، عبدالحڪيم بجاراڻي چيو ته عاصمه کي فون ڪيو ته اسان جي سواري جو بندوبست ڪري، نه ته اسان هتي رُلي وينداسون، اتي اسان 40 ڄڻن مان سواءِ سليم جيسر جي ڪنهن جي به فون ۾ بئلينس نه هو، جيڪو عاصمه کي فون ڪري سگهي. سليم جيسر فون تي عاصمه کي اطلاع ڏنو ته بس خراب آهي اها شام تائين به ٺهي نه سگهندي. ميڊم عاصمه چيو توهان ڏانهن ٻي بس موڪليون ٿا، توهان پنهنجو سامان نه کڻجو، صرف توهان هليا اچو، اُها بس اچڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويا. 3:30 وڳي بس پهتي، اسان ان ۾ روانه ٿياسون، اسان نمرانه فورٽ تي 4:00 وڳي پهتاسون، جيڪو شهر ته ننڍو هو، پر پهاڙي تي هو ۽ ڏاڍو خوبصورت هو، هر طرف وڻڪار، سرسبزي ڇانيل، جڏهن مٿي فورٽ تي پهتاسون ته اتي هڪ شاندار منظر نظر آيو، اسان پاڪستانين جا وات پٽجي ويا، اتي ٽوئر ڪرڻ وارن لاءِ سوئمنگ پول ٺهيل هو، جن ۾ انگريز جوڙا اگهاڙا وهنجي رهيا هئا. اسان جي ڪيترن ئي ساٿين اتي ڪيمرائون کولي فوٽو وٺڻ شروع ڪيا. ڪجهه شريف وڪيل ڊڄن پيا ته ڪيئن پرائين اگهاڙين عورتن جا فوٽو وٺون، اتي بيٺل گائيڊ چيو ڪو مسئلو ناهي، توهان به وٺي سگهو ٿا، مان سوچيو منهنجي اولاد جوان آهي، ڪيمرا چيڪ ڪئي ته پنهنجا وڻ وڃي ويندا. نور علي ۽ شهريار ڇا سوچيندا ته بابا به اهڙيون حرڪتون ٿو ڪري ۽ مان پنهنجي ڪيمرا ٻاهر ئي نه ڪڍي. باقي سنگت لڳي رهي، هتي جي حڪومت پنهنجي ثقافتي ورثي کي چڱي طرح سنڀالي رکيو آهي، ان مان هو ڪروڙين ڊالر ٺاهيندا رهن ٿا. نمرانه قلعو مٿي پهاڙي تي ٺهيل آهي، ان جي اندر هڪ خوبصورت لذيذ کاڌا مهيا ڪندڙ هوٽل ۽ ريسٽورنٽ به ٺاهيو ويو آهي، سياحت وارن جي قيام ۽ طعام جو بندوبست ٿيل آهي.
اسان کي هتي موبائل فون جو نظام پراڻو هئڻ سبب سخت تڪليف ٿي، پاڪستان ۾ هزار تائين هڪ وقت ايزي لوڊ ٿي ويندو آهي، جڏهن ته انڊيا ۾ هڪ ته موبائل فون جو ڪوڊ هر اسٽيٽ ۽ شهر جو الڳ آهي، جنهن ڪري رومنگ جا الڳ پئسه ڏيڻا ٿا پون. ٻه سؤ روپيه پاڪستان ڳالهائڻ دوران 30 سيڪنڊن ۾ ختم ٿيا، ٻيو مسئلو ته انڪمنگ ڪال جي به چارجز آهي، اسان دهلي مان رومنگ ڪرائي نڪتاسين، جيئن راجستان اسٽيٽ ۾ داخل ٿياسين ته سگنل ختم ٿي ويا ۽ نو سروس لکيل آيو، ان وقت تائين شام جا پنج ٿي ويا هئا، جئپور نه پهتا هئاسين، ڇو ته اتي روڊن جي حالت سٺي نه هئي، شهرن ٻاهران باءِ پاس بدران روڊ شهرن جي وچان هئڻ سبب ڪافي وقت شهر اندر ڦاسي پياسون، جنهن ڪري وقت برباد پئي ٿيو، هڪ بسن جي حالت به سٺي نه هئي، قانون سخت هجڻ سبب بسن وارا 65 کان مٿي اسپيڊ تي گاڏي هلائڻ لاءِ تيار نه هئا، اسان کي هڪ ته صرف ستن ڏينهن جي ويزا ملي هئي، لڳي پيو اسان جو گهڻو وقت سفر ۾ ئي برباد ٿي ويندو.
اسان جو قافلو رات جو 8:00 وڳي جئپور پهتو، رات هجڻ سبب جئلٿل محل جيڪو رستي ۾ هو، ان جو منظر نه ڏسي سگهياسون، اسان جي قافلي کي جئپور جي فور اسٽار هوٽل فار چون تي آندو ويو، اسان لٿاسون ته هوٽل وارن راجستان روايت موجب دهل شرنائين ۽ نارين جي ناچ سان اسان جي آجيان ڪئي، ڏاڍو ڀلو منظر هو، هڪ اسان جي قافلي جو وڪيل پنهنجي جذبن کي قابو نه ڪري سگهيو ۽ ان نچڻ شروع ڪيو، هوٽل ۾ اندر وياسون ته هڪ نوجوان خوبصورت ڳاڙهي ساڙهي پاتل خاتون اسان جو ٻئي هٿ ٻڌي چيو ته ”نمسڪار“، هي سنڌين جي هٿ ٻڌي ملڻ واري سنڌي ثقافتي انداز تي ٺٺوليون ڪندڙ ڪراچي ۽ لاهور وارا وڪيل ٻئي هٿ ٻڌي نمسڪار چوندا رهيا، هندستاني پڇن پيا ته ڪٿان جا آهيو، لاهور ۽ ڪراچي پيا چون، اتي هنن کان پاڪستان وسري ويو، گهڻن ته اڳتي وڌي چيو ته اسان جا وڏا هتان جا هئا، اسان کي ائين پيو لڳي جيئن پنهنجي ڌرتي تي اچي ويا آهيون.
رات جو ئي اسان کي بسن ۾ ويهاري ماني کارائڻ لاءِ وٺي ويا، ڌرمپور پئلس جي اُتي تنور تي ماني پچي رهي هئي، شامين جا ڪباب پچي رهيا هئا، بهترين جڳهه هئي، اُتي رڳو رام ڄيٺ ملاڻي پاڻ ۽ ان جي جونيئر لتا ڪنيا ديوي ۽ هڪ ٻه دهلي جا وڪيل ۽ دهلي جي وڪيلياڻي شبانه کان علاوه جئپور جو ڪوئي به وڪيل نظر نه آيو ۽ نه ئي ميڊيا جو ڪو ماڻهو هو، جڏهن اسان جئپور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيلن جي شرڪت نه ڪرڻ جو سبب پڇيو ته لتا چيو هتي هولي جون تقريبون شروع ٿيڻ واريون آهن، ان ڪري وڪيل پنهنجي ٻارن کي خريداري ڪرائڻ ۾ مصروف آهن.
تاريخ 2011-03-19 صبح جو 10:00 وڳي لائرس فار پيس جي عنوان سان ڪانفرنس عاصمه جهانگير جي صدارت ۾ شروع ٿي، اتي خطاب لاءِ صرف رام ڄيٺ ملاڻي ۽ عاصمه جهانگير کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به نه سڏايو ويو، رام ڄيٺ ملاڻي چيو ته هو پاڪستان جي شهر شڪارپور جو ڄائو آهي، هُن ايل ايل بي ايس ايم لا ڪاليج مان ڪئي ۽ ڪراچي ۾ پريڪٽس ڪئي، 1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو، ورهاڱي وقت غير سنڌين جو ٻنهي طرفن وڏو قتل عام ٿيو هو، منهنجي کيسي ۾ صرف 10روپيه هئا، جيڪي کڻي هو پنهنجي خاندان سميت سامونڊي جهاز ۾ ممبئي پهتو هو ۽ ڪيترائي ڏينهن هن کي شرنارا ٿي ڪيمپ ۾ رهڻو پيو، ائين چئي هو روئي پيو، هاڻي ڀڳوان جي مهرباني آهي، ڪيترائي ڀيرا ايم ايل اي ۽ وزير رهي چڪو آهيان ۽ هاڻي به ايم ايل اي آهيان ۽ هندستان جي سپريم ڪورٽ بار جو صدر آهيان. اچو ته هاڻي ماضي جي تلخين کي ختم ڪريون ۽ امن ڀائيچاري جي فضا پيدا ڪيون، عاصمه جهانگير به تمام برجستي تقرير ڪئي ته ڀائيچاري ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي عوام کي پهريان هڪٻئي جي ويجهو اچڻو پوندو ۽ ماضي جون تلخيون وسارڻيون پونديون، هن ڪانفرنس ۾ جئپور جي مقامي وڪيلن جي شرڪت نه هئڻ برابر هئي، جيڪڏهن پاڪستانين جا 132 وڪيل پروگرام ڇڏي گهمڻ هليا وڃن ها ته ڪانفرنس بلڪل ناڪام ٿي وڃي ها. ميڊيا ته بلڪل بائيڪاٽ ڪيو نه اخبار نه اليڪٽرانڪ ميڊيا جو هڪ ماڻهو به ڪانفرنس جي ڪوريج ڪندي نظر نه آيو، جڏهن ته هي پهرين ڪانفرنس هئي، جنهن ۾ سڄي پاڪستان جي نمائندگي هئي. سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا سڀئي وڪيل شامل هئا، ائين لڳو ته هندستاني حڪومت ۽ ميڊيا ان ايڏي نمائندگي واري ڪانفرنس کان ڄاڻي سمجهي اڻڄاڻ رکيو ويو، ڀارتي ميڊيا ۽ سرڪار تعصب وارا نظر آيا، اسان کي اهو تاثر ڏنو ويندو رهيو ته پاڪستان سرڪار تعصب ڪندڙ آهي ۽ اها ڀارتي حڪومت ۽ عوام سان تعلقات سڌارڻ بدران خراب ڪرڻ لاءِ ذميوار رهي آهي، پر هتي معاملو بلڪل ابتڙ نظر آيو، هن ڪانفرنس جو خرچ رام ڄيٺ ملاڻي ذاتي طور تي ڪيو، عاصمه ڪجهه پاڪستاني اين جي اوز کان به ڪنٽريبيوشن ورتي هئي، جيئن ڪانفرنس ڪرائي. ڀارتي سرڪار طرفان هيڏي وڏي وفد کي چانهه پارٽي به نه ڏني وئي ۽ ائين لڳو ته ڀارتي سرڪار سڄي ملڪ جي نمائندگي ڪندي امن واري وفد کان بلڪل ئي بيخبر هئي، ڪانفرنس 12:00 وڳي ئي پوري ٿي وئي، اسان جئپور جي مسلمان وڪيل لياقت علي خان کي چيو ته اسان کي جئپور گهمائي جو مون کي عبدالحڪيم خان بجاراڻي، محمد سليم جيسر ۽ فيض الله ڪورائي کي پنهنجي ڪار ۾ جئپور گهمائڻ وٺي هليو، هن ٻڌايو ته هتي مسلمانن کي اڃا تائين قبول نه ڪيو ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ مسلمان ايس ايڇ او ڦول محمد کي گولي هڻي پيٽرول هاري زنده ساڙيو ويو، ٽن ڪلاڪن تائين لاش سڙندي ڏسي پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي، هندو سرڪل آفيسر جي موجودگي ۾ واقعو ٿيو، هن کي بچائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا. هاڻ اسان گڏجاڻي ڪئي آهي، سومر تي هاءِ ڪورٽ جوڌپور ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ ٿا چاهيون، اسان پڇيو ته جئپور راجستان جو صوبائي هيڊڪوارٽر آهي. اتي هاءِ ڪورٽ نه آهي. هن چيو ته هتي هرهڪ شهر کي هر کاتي جو هيڊ ڪوارٽر ورهائي ڏنل آهي، هتي ايڪسائيز ۽ موٽر وهيڪل رجسٽر ڪرڻ جو هيڊ ڪوارٽر ڏنل آهي روينيو بورڊ. ور اجمير کي مليل آهي اهڙي طرح زراعت جو سيڪريٽري بيڪانير ۾ ايجوڪيشن جو هيڊڪوارٽر جيسلمير ۾ هي ٽيڪس اسٽيٽ (صوبائي) حڪومت وٺندي آهي. اسان کي ڀارت جي اسٽيٽ پنجاب ۾ داخلا ٿيڻ وقت داخلا فيس ڀري جڏهن دهلي ۾ داخل ٿياسون ته دهلي سرڪار پنهنجي ملڪ جي بسن کان في بس 250 روپيا داخلا فيس ورتي هئي، جئپور شهر ۾ داخل ٿياسون، اتي گهڻ ماڙ عمارتن جو نالو نشان نه هو، سڀ عمارتون هڪ ئي رنگ ۽ نقشي جون سڀ عمارتون ڳاڙهي رنگ جون، بازارون هيون، هڪ بازار ۾ داخل ٿيندي ئي مندر تي نظر پوي پئي، جتي ڀڄن هلي رهيا هئا. لياقت علي خان کان پڇيو ته هتي مسلمان ڪيترا آهن، هن ٻڌايو ته جئپور جي 65 لک آبادي آهي، ان مان 15 لک مسلمان آهن ۽ انهن جو علائقو الڳ آهي، اهي سڀ هڪ پاسي رهندا آهن. اڄ هولي جي شام آهي، مسلمان حملو ٿيڻ جي ڊپ کان پنهنجي گهرن ۾ ئي رهندا ۽ ٻاهر نه نڪرندا.

هو اسان کي مسلمانن جي علائقي ۾ وٺي ويو، جتي ڪار جهلي ته اچي ڏاڙهين وارا ڪراڙا ڦري آيا. هٿ اڳتي وڌائي چيو مدد ڪريو، ٻچا فاقاڪشي ۾ آهن، مون پڇيو هي ڇا آهي. لياقت چيو هتي اسان اقليت ۾ آهيون ۽ ملازمت ۾ ڪا خاص ڪوٽا نه آهي، تمام گهڻي بيروزگاري آهي. نوجوان پيءُ ماءُ کي ڇڏي پري پري روزگار لاءِ هليا ٿا وڃن، اُتي هڪ نوجوان آيو جنهن لياقت کي چيو توهان کي وڪيل صاحب ڦول محمد جي واقعي جي خبر آهي، پوءِ به توهان خاموش آيو، سڀاڻي اقليت جي گڏجاڻي ڪوٺايو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪانگريس پارٽيءَ کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ناهي ڏيڻو، ڪانگريس جي دور ۾ اقليتون وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويون آهن. هاڻي بي جي پي کي ووٽ ڏينداسون، هو جذباتي ٿيندو ويو ته ڪانگريس جي دور ۾ اسان تمام گهڻو غير محفوظ ٿي ويا آهيون. لياقت چيو ته سومر تائين ترسو اسان پٽيشن داخل ٿا ڪريون ۽ سڀاڻي گڏجاڻي به ڪريون ٿا.
لياقت مسلمان نوجوان کي ٿڌو ڪري اڳتي وڌيو روڊ تي باهه جو ڀڀڙ ڀڙڪي رهيو هو. اسان پڇيو ته ڇا ٿيو آهي؟ هن چيو ته هي مسلمانن جو علائقو آهي، هتي هڪ اڌ هندن جا گهر آباد آهن. هتي ٻاهريان هندو اچي هولي ساڙيندا آهن، اِها هولي پئي سڙي. شام جو وقت هو سڄو شهر باهه جي ڀڀڙن ڀڙڪي پيو، هر طرف باهه جا شعلا ئي شعلا هئا. عجيب منظر نظر اچي رهيو هو. ماڻهن کي به مختلف رنگ به رنگي رنگ هڻي هاٿين جي ريس ڪئي، ان وقت ائين لڳو جيئن ته اسان راجا مهاراجا دور ۾ هليا ويا هجون، ههڙو دلڪش منظر اسان اڳ نه ڏٺو، جنهن ۾ روڊ تان گذرون ته اُتان هاٿين جا رنگ برنگي پينٽ ٿيل مختلف سونڊ وارن هاٿين جا ولر گذري رهيا هئا ۽ ماڻهو ان مٿان گلن جي ورکا ڪري رهيا هئا.
اسان جئپور جي مشهور تاريخي هنڌ جلٿل محل پهتاسون، جتي جو محل وچ ڍنڍ ۾ ۽ ٻه منزلون هيٺ زمين ۾ هُيون ۽ ٽي منزلون مٿي. لياقت ٻڌايو ته جئپور جي راجا جو محل آهي. جتي هو عياشي ڪرڻ ايندو هو، محل ۾ وڃڻ لاءِ ٻيڙين کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي.
جڏهن واپس موٽياسون ته رات ٿي چڪي هئي ۽ شهر هوليءَ جي تقريبن سان جرڪي رهيو هو، مرد عورتون مست لڳا پيا هئا. جتي نوجوان ڇوڪرا موٽر سائيڪلن تي ٻه ڄڻا سواري تي گهمن پيا، قانون سخت هجڻ سبب ٻئي هيلميٽ پائي پوءِ موٽر سائيڪل هلائيندا نظر اچي رهيا هئا. ائين نوجوان ڇوڪريون به هيلميٽ پائي، موٽر سائيڪل تي گهمي رهيون هيون. ڪيترائي نوجوان روڊن تي هلندي شراب بيئر پيئندا ۽ ڊانس ڪندا نظر آيا. اسان کي وڪيل صاحب پنهنجي گهر وٺي ويو، جتي هُن چانهه پياري. واپسي تي سليم جيسر چيو وڪيل وٽ چانهه جا وڏا ڪپ نه هئا جو ننڍن ڪپن ۾ چانهه پياري. ان تي عبدالحڪيم خان بجاراڻي چيو ادا هي ڪفايت پسند قوم آهي، ان ڪري هنن وٽ فضول ۽ ضايع ڪرڻ جي گنجائش ئي نه آهي. اسان ديڳ چانهه جي ڪاڙهي ڪجهه پيئندا ۽ باقي هاري ڇڏيندا آهيون. هنن جي سوچ اها آهي ته نقصان نه ڪجي. رات جو ڇهين فلور تي راڳ رنگ جو پروگرام ٿيو، جتي سرندو وڄائڻ وارا به آيا ۽ تمام سٺو پروگرام ٿيو، اسان جي وڪيل ۽ وڪيلياڻين به ڳائي فن جو مظاهرو ڪيو، رات دير تائين ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو رهيو. تاريخ 2011-03-20 صبح جو 10:00 وڳي سيمينار جو آخري سيشن شروع ٿيو. مان سپريم ڪورٽ بار جي صدر رام ڄيٺ ملاڻي کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي سوکڙي طور ڏيڻ لاءِ انڊين اسٽيج سيڪريٽري کي پرچي لکي ڏني ۽ عبدالحڪيم بجاراڻي ۽ فيض الله ڪورائي به اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪرڻ لاءِ نالا نوٽ ڪرايا، جيڪا اسٽيج سيڪريٽري اڇلائي ڇڏي، ان تي عاصمه جهانگير پاڻ اٿي ۽ مائيڪ وٺي اعلان ڪيو. جڏهن تقريرون شروع ٿيون ته انڊين وڪيل تقرير ڪندي چيو ننڍي کنڊ جو ورهاڱو غير فطري هو اچو ته ان 65 سالن جي عرصي کي هڪ اونداهو خواب سمجهي وساري ڇڏيون ۽ وري هڪ ٿيون ۽ اکنڊ ڀارت ٺاهيون. ان تي پاڪستاني وڪيلن شور ڪيو ۽ نامنظور نامنظور جا نعرا لڳايا، عاصمه جهانگير مائيڪ سنڀالي چيو توهان ڀارتين جي اها سوچ غلط آهي، ٻه ملڪ بڻجي چڪا آهن، جيستائين توهان پاڪستان کي الڳ ملڪ نه سمجهندا ۽ تسليم ڪندا ته پوءِ امن به قائم ڪونه ٿيندو، توهان کي رويا تبديل ڪرڻا پوندا ۽ پاڪستان جي وجود کي قبول ڪرڻو پوندو. پوءِ پاڪستاني وڪيلن ابرار الحسن، بهاولپور جي ممتاز مصطفيٰ، سعيد حسن ۽ سڪندر جوجا به اکنڊ ڀارت جي سخت مخالفت ۾ تقريرون ڪندي چيو ته سنڌ ڪڏهن به مغليه سلطنت جو حصو نه رهي، بلوچستان قلات رياست ۾ رهيو. توهان جو اکنڊ ڀارت موجوده پاڪستان ۾ ڪڏهن به نه هو، سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو ته خيرپور رياست رهي ۽ جڏهن سنڌ کي انگريزن بمبئي صوبي ۾ شامل ڪيو ته ان جي سخت مزاحمت ٿي ۽ نيٺ انگريزن کي اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ سنڌ جي سڃاڻپ بحال ڪئي، جنهن تي رام ڄيٺ ملاڻي کي معافي وٺڻي پئي ته نوجوان وڪيل آهي، جن کي حالتن جو پتو نه آهي، ڪانفرنس سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پوري ٿي. جنهن بعد اسان وري شهر گهمڻ خريداري ڪرڻ لاءِ وڃڻ لڳاسون ته ميزبانن چيو ته اڄ شهر ۾ هولي آهي ۽ توهان کي ڪٿي تڪليف نه اچي، اسان جي وڪيل برادري چيو اسان وينداسون ۽ توهان جي هولي ڏسڻ ٿا چاهيون ته ڀارت ڪيتري قدر سيڪولر ۽ ان جو عوام قوت برداشت ٿو رکي. 132 وڪيل جڏهن شهر ۾ لٿا ته پوليس ۽ ايجنسيون حرڪت ۾ اچي ويون، تقريبن کي گهرن ۾ محدود ڪرڻ جا اعلان ڪيا ۽ روڊن تي هلندڙ پروگرام فوري طور تي منسوخ ڪيا ويا. اسان جئپور شهر ۾ واقع محل ڏسڻ وياسون، جيڪي ڪاريگرن جو شاهڪار نظر آيا. اسان جي ڪافي سنگت خريداري ڪرڻ لاءِ بازار ۾ لهي پئي پر بازارون بند ڏسي هنن کي واپس هوٽل موٽي وڃڻو پيو ۽ گهڻن دوستن وري اسان جو ساٿ ڏنو ۽ پوءِ سڀئي گڏجي تاريخي هنڌ ڏسندا رهياسون. هڪ وڏو ٽي سو سال پراڻو مندر ڏٺو سون، جنهن جي اوچائي 70 فٽن کان به مٿي هئي ۽ ڪاريگريءَ جو شاهڪار نظر آيو. عبدالحڪيم بجاراڻي چيو يار ڳالهه ته ٻڌو اسان هيترا مهانگا اجرڪ ۽ ٽوپيون وٺي آياسون، هي ماڻهو زبان جا به ڪنجوس نڪتا جو ملاڻي اسان جا نالا وٺي شڪريو به ادا نه ڪيو. شام جو گهمي ڦري ٿڪجي اچي هوٽل فارچون ۾ رهياسون.
تاريخ 2011-03-21 تي صبح جو سوير اٺين وڳي تيار ٿي اجمير شريف لاءِ خواجه معين الدين چشتي جي زيارت ڪرڻ لاءِ پهتاسون. رستي ۾ امرتسر کان دهلي ۽ دهلي کان جئپور سڄو راجستان گهمايائون. ڪٿي بجلي جي لوڊشيڊنگ نظر نه آئي، نه جهوپڙيون، ايستائين جو ڪوبه ڪچو گهر نه هو، جائين جا نقشا دهلي ۽ امرتسر جهڙا نظر آيا. اجمير ۾ هڪ پراڻي عمارت تي سنڌيءَ ۾ لکيل هو، هي گهر مان جي پتا ۽ ماتا جي نالي ٿو ڪريان، سال هو 1969ع.
اجمير شريف ۾ خواجه معين الدين چشتي جي مزار جي دروازي تي ئي مسلمانن جي بک بدحالي سان گڏ مفلسي جا شاهڪار نمونا نظر آيا. چادر خريد ڪرڻ وقت پهريان ملهه ٻڌايو 150 جڏهن 500 جو نوٽ ڏنو ته اڍائي سؤ واپس ڪيا ۽ چادر سان گڏ گلن جي ننڍڙي پليٽ ڏني، اسان چيو اسان صرف چادر خريد ڪئي آهي، چيائون ”ميان ڦول ڪي بغير چادر نهي ڊال سڪتي“. اسان به هنن کي اکيون ڏيکاريون اسان جي مرضي آهي گل نٿا وٺون، ان بحث دوران سادن ڪپڙن وارا سرڪاري جاسوس به حرڪت ۾ آيا ۽ اچي چيو ته ”جو ڪهي هين وهي ڪرو بدمعاشي نهين چليگي“ پوءِ هڪدم ٿڌا ٿي ويا. وري اندر به ڀائي ميان ويٺا هئا. ”ادهر آئو ميان اپنا نام لکوائو، اور يهان مراد رکو“ اسان چيو توهان وٽ داخلا وٺڻ ڪونه آيون. بهرحال اسان جي درگاهن تي ان قسم جي پٽ کوهه ڪاٿي نظر نه ايندي آهي. هتي هڪڙو ڀيرو جيڪو زيارت لاءِ آيو ته ٻئي ڀيري همٿ ڪري نه سگهندو. درگاهه تي فاتح خواني پڙهائڻ کانپوءِ اُهي ديڳيون ڏٺيون سي جن مان هڪ ديڳ ۾ 60 مڻ چانور پچندا آهن ۽ ٻي ۾ 120 مڻ چانور پچندا آهن. ان وقت 60 مڻ واري ديڳ لٿي ته اسان به چانور گهريا، شام جو وقت هو بک به ڏاڍي لڳل هئي، پر رش سبب پهچي نه سگهياسين، نيٺ فيض الله ڪورائي الائي ڪيئن اتي پهتو، پر ڌِڪن ۾ هو به واپس پهچي ويو ۽ هڪ ٿيلهي ڀري کڻي آيو. چانور ڏاڍا مزيدار هئا، چون پيا ته ديڳ ۾ جيڪو ڪجهه به وڌو ويندو آهي اهو سڀ گڏجي پچائي ڇڏيندا آهن. مون کي چانورن ۽ پٽاٽن کانسواءِ ڪا ٻي جنس چانورن ۾ نظر نه آئي، پر ذائقو زبردست هو.
اسلام آباد جو وڪيل شفقت عباسي درگاهه جي دروازي تي بيٺو ڪجهه مقامي مسلمانن سان رڙيون ڪري ڳالهائي رهيو هو، مان ويجهو ويس ته هو کين چئي رهيو هو ته توهان تي خدا جو عذاب نازل ٿيندو، توهان هي زائرين جا کيسا پٽي کين بڇڙو ٿا ڪريو. هتي هڪ ڀيرو ڪو آيو ته ٻيهر نه ايندو، توهان کي ڌاڙيل ۽ لٽيرو ڪنهن بڻايو آهي، توهان اسان کي آرام سان زيارت ڪرڻ به نٿا ڏيو.
درگاهه ۾ عورتن جي داخلا تي پابندي هئي، اُهي ٻاهران بيهي روئي دعائون گهري رهيون هيون. اسان پڇيو ته هنن کي ڇو نه ٿا ڇڏيو، اسان چيو ته مڪي ۾ بيت الله ۽ رسول الله جي روزي مبارڪ تي عورتن جي داخلا تي پابندي ناهي ته توهان هتي ڇو پابندي لڳائي آهي ته ان جو هنن وٽ ڪو جواب نه هو. بس اسان معلم آهيون، پئسا ڏيو ته توهان کي درگاهه جي باري ۾ ٻڌايون.
بعد ۾ اسان واپس جئپور لاءِ روانا ٿياسون، جئپور ۾ رات جو ڏهين وڳي پهتاسون ته اتي اشفاق راجا اعلان ڪيو ته صبح جو اٺين وڳي آگرا تاج محل ڏسڻ لاءِ روانا ٿينداسين.
تاريخ 2011-03-22 رات جو ئي ميڊم عاصمه جهانگير اسان کي چئي ڇڏيو ته صبح جو سوير آگري لاءِ روانگي آهي، وچ تي فتحپور سڪري جو قلعو ۽ اڪبر ۽ ٻين مغل بادشاهن جون مزارون ڏسڻيون آهن، جيئن سوير هلنداسون، سڀ تاريخي هنڌ گهمي سگهنداسون. اسان چيو اُهو ته سڀ درست آهي، هي جو تون 132 رڍن جو ڌڻ وٺي آئي آهين، ان کي سنڀالڻ به ته مسئلو آهي، سنبرندي سنبرندي هنن يارن کي ڏينهن جا ڏهه يارنهن ٿي ٿا وڃن. ڪنهن کي اک ۾ سور آهي ته ڪنهن کي پيٽ ۾ ويلو، اسان کي اجازت ڏيو ته اسان سوير تيار ٿيون ۽ الڳ نڪري وڃون. ان تي ميڊم چيو ڪو مسئلو ٿي پوي ته سڀ گڏ هجون. اسان چيو پوءِ هي ٽوئر اسان جو سفر ئي سفر آهي. بيهڻ يا ڏسڻ وارو سفر نه آهي، هڪ ويزا محدود، هنڌ محدود، الڳ نڪرڻ ۽ گهمڻ جي به اجازت نه آهي ته پوءِ هي جنگي قيدي تو آندا ڇا لاءِ پئي، اسان ته سمجهندا هئاسون ڀارت سرڪار ۽ ماڻهو ڀلا آهن، پر هي ته عربن کان به وڌيڪ رُکا ۽ اسان دوستي رکڻ ٿا چاهيون، هو دشمنيون وسارڻ لاءِ تيار نه آهن.
 اسلام آباد جو وڪيل شفقت عباسي درگاهه جي دروازي تي بيٺو ڪجهه مقامي مسلمانن سان رڙيون ڪري ڳالهائي رهيو هو، مان ويجهو ويس ته هو کين چئي رهيو هو ته توهان تي خدا جو عذاب نازل ٿيندو، توهان هي زائرين جا کيسا پٽي کين بڇڙو ٿا ڪريو. هتي هڪ ڀيرو ڪو آيو ته ٻيهر نه ايندو، توهان کي ڌاڙيل ۽ لٽيرو ڪنهن بڻايو آهي، توهان اسان کي آرام سان زيارت ڪرڻ به نٿا ڏيو.
درگاهه ۾ عورتن جي داخلا تي پابندي هئي، اُهي ٻاهران بيهي روئي دعائون گهري رهيون هيون. اسان پڇيو ته هنن کي ڇو نه ٿا ڇڏيو، اسان چيو ته مڪي ۾ بيت الله ۽ رسول الله  جي روزي مبارڪ تي عورتن جي داخلا تي پابندي ناهي ته توهان هتي ڇو پابندي لڳائي آهي ته ان جو هنن وٽ ڪو جواب نه هو. بس اسان معلم آهيون، پئسا ڏيو ته توهان کي درگاهه جي باري ۾ ٻڌايون.
بعد ۾ اسان واپس جئپور لاءِ روانا ٿياسون، جئپور ۾ رات جو ڏهين وڳي پهتاسون ته اتي اشفاق راجا اعلان ڪيو ته صبح جو اٺين وڳي آگرا تاج محل ڏسڻ لاءِ روانا ٿينداسين.
تاريخ 2011-03-22 رات جو ئي ميڊم عاصمه جهانگير اسان کي چئي ڇڏيو ته صبح جو سوير آگري لاءِ روانگي آهي، وچ تي فتحپور سڪري جو قلعو ۽ اڪبر ۽ ٻين مغل بادشاهن جون مزارون ڏسڻيون آهن، جيئن سوير هلنداسون، سڀ تاريخي هنڌ گهمي سگهنداسون. اسان چيو اُهو ته سڀ درست آهي، هي جو تون 132 رڍن جو ڌڻ وٺي آئي آهين، ان کي سنڀالڻ به ته مسئلو آهي، سنبرندي سنبرندي هنن يارن کي ڏينهن جا ڏهه يارنهن ٿي ٿا وڃن. ڪنهن کي اک ۾ سور آهي ته ڪنهن کي پيٽ ۾ ويلو، اسان کي اجازت ڏيو ته اسان سوير تيار ٿيون ۽ الڳ نڪري وڃون. ان تي ميڊم چيو ڪو مسئلو ٿي پوي ته سڀ گڏ هجون. اسان چيو پوءِ هي ٽوئر اسان جو سفر ئي سفر آهي. بيهڻ يا ڏسڻ وارو سفر نه آهي، هڪ ويزا محدود، هنڌ محدود، الڳ نڪرڻ ۽ گهمڻ جي به اجازت نه آهي ته پوءِ هي جنگي قيدي تو آندا ڇا لاءِ پئي، اسان ته سمجهندا هئاسون ڀارت سرڪار ۽ ماڻهو ڀلا آهن، پر هي ته عربن کان به وڌيڪ رُکا ۽ اسان دوستي رکڻ ٿا چاهيون، هو دشمنيون وسارڻ لاءِ تيار نه آهن.
بهرحال اُهو ئي ٿيو، گڏجي نڪرڻ واري چڪر ۾ صبح جا 10 ٿي ويا، اسان جئپور کان فتحپور سڪري 2:00 وڳي پهتاسون، هتي گاڏيون پري بيهاري پوءِ اسان کي ٽانگن تي قلعي طرف وٺي ويا، هي قلعو وري سڀني کان نرالو ۽ مغليه سلطنت جو شاهڪار نظر آيو، ديوارون ۽ ڪوٽ سڀ ڳاڙهي پٿر جا ٺهيل، هي ڳاڙهو پٿر ايڏي وڏي مقدار ۾ ڪٿان ۽ ڪيئن هتي پهتو، آس پاس نظر ڊوڙائي ڏٺو سون ته اهڙي رنگ جو ڪو به پهاڙ يا ٽڪري نظر نه آئي، جئپور مان آيو ته ان زماني ۾ ٽرڪيون ۽ ٽريڪٽر ته نه هئا ۽ نه ئي ريل ته پوءِ هي پٿر هتي ڪيئن پهتو؟ بيل گاڏي ذريعي، ان ۾ ڪيترا ڍڳا ۽ هاري مزدور ان قلعي جو کاڄ بڻيا هوندا. ڪيترا ڪاريگر ۽ مزدور هليا هوندا. ڪابه ديوار ڏنگي ۽ ڦڏي نه آهي، آرڪيٽيڪٽ جو شاهڪار آهي. ان زماني ۾ انجنيئر به نه هئا ته پوءِ هي ڪير هئا. ڪٿان سکي آيا هي عمارتي هنر، هو ته ڪمال جا آرڪيٽيڪٽ ۽ سول انجنيئر هئا، ڊرل مشينون ۽ پٿر ڪٽڻ واريون مشينون به نه هيون ته هنن پٿر کي ڪيئن ته اشيو ۽ پوءِ لَسو ڪيو ويو، سيمينٽ به نه هو، ڪهڙي شيءِ هن کي چنبڙي ۽ مضبوط بڻايو جو صديون گذرڻ بعد هڪ سر به ٽيڙي نه آهي. اسان جو حيدرآباد جو پڪو قلعو ڪيئن کاڄي ويو، عمرڪوٽ ۾ ڪجهه به نه آهي، اُتي ڊپٽي ڪمشنر جو گهر اڏي قلعو تباهه ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ ڌارين قلعي اندر گهر ناهي سنڌ جا تاريخي ماڳ مٽايا ويا. هتي هر شيءِ جي حفاظت ڪئي وڃي ٿي، قلعي جي آس پاس ڪابه آبادي نه آهي، دهلي واري قلعي ڀرسان به ڪابه آبادي نظر نه آئي.
اسان 5-5 ڄڻن کي هڪ پراڊو ٽائپ جيپ ڏني وئي، ٻڌڻ ۾ آيو ته اهڙيون 25 جيپون رام ڄيٺ ملاڻي پنهنجي خرچ تي اسان کي ڏنيون آهن، جيڪي آگرا، دهلي، امرتسر ۽ اٽاري باڊر تائين اسان سان گڏ هونديون، جيپن ذريعي اسان ڏيڍ وڳي آگرا پهتاسون، اتي هڪ نوجوان ڀوري رنگ جو ڀولو نچائي رهيو هو، هن اسان کي ڏسي سلام ڪيو، اسان پڇيو مسلمان آهين؟ چيائين ها، اسان چيو تون ئي رهجي وئين، تنهنجا سڀ مائٽ ته پاڪستان هليا آيا. اتي ڪروڙ ۽ عرب پتي آهن هن چيو ته بس منهنجي قسمت اتي ئي هئي. مون پنهنجي ڳوٺائي آدم جعفري کي فون ڪئي ته آدم مان تنهنجي ڳوٺ آگرا ۾ آهيان، هن چيو ته اهو منهنجي ڏاڏي جو ڳوٺ آهي، منهنجو ڳوٺ خيرپور آهي.
بهرحال اسان بادشاهه جي محنت جو عبرتناڪ يادگار ۽ قلعو ڏٺو سون، جڏهن شاهجهان کي سندس پٽ اورنگزيب سندس ئي تيار ڪيل قلعي ۾ قيد ڪري رکيو هو ته هو کوليءَ جي دري مان تاج محل کي ڏسندو رهندو هو. قلعي وٽان هر طرف کان تاج محل نظر پيو اچي، جڏهن ته اسان کي سڄو قلعو گهمڻ جي اجازت نه ڏني وئي، ڇو ته هن قلعي ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهي فوج کي رهايو ويو آهي. قلعي کان ٿي اسان تاج محل ڏانهن وياسون، اُتي مقامي مسلمان ڦري آيا، اسان گائيڊ آهيون. انهن جي اولاد آهيون، جن هنن بادشاهن سان گڏ گذاريو هو، مان هن کان پڇيو قلعي جي تعمير تي شاهجهان جو ڪيترو خرچ آيو، هن چيو ته 200 روپيه ڏيو، سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿو. اسان هن کي 200 ڏنا، هن چيو ته پهريان داخلا جي ٽڪيٽ وٺو، اسان ولايتي ماڻهن واري قطار ۾ بيهي 500 روپيه في ماڻهو ادا ڪري داخلا جي ٽڪيٽ ورتي، 500 روپيه في ماڻهو يعني پاڪستاني 1000 روپيه، ڇو ته اسان جا ٻه روپيه هندستان هڪ روپئي جي برابر آهن. هندستاني في ماڻهو 20 روپيه ٽڪيٽ جا ڀري رهيا هئا. اهي پيرين اگهاڙي محل ۾ داخل پيا ٿين ۽ اسان کي بوٽن تي جوراب چاڙهڻ لاءِ ڏنا ويا ۽ اسان به انگريزن سان گڏ بوٽن تي جوراب چاڙهي تاج محل ۾ داخل ٿياسون، واقعي هي هڪ شاهڪار نظر آيو، جنهن زماني ۾ نه ڪرين هئي نه پٿر ڪٽڻ ۽ ان کي لسو ڪرڻ واريون مشينون ۽ نه سيمنٽ ته پوءِ هي ان وقت جي ماڻهن جو ڪمال هنري شاهڪار آهي.
چون ٿا ته تاج محل جو ڪم 1622ع ۾ شروع ٿي 22 سال ۾ يعني 1644ع ۾ مڪمل ٿيو. ان ڪري هن جي مين دروازي تي 22 گنبذ لڳل آهن ۽ 22 ڏاڪا آهن، هن تي شاهجهان چار ڪروڙ روپيه خرچ ڪيا. قلعي جي ڀرسان جمنا ندي بهترين ڏيک ڏئي رهي هئي، گائيڊ ٻڌايو ته الله آباد ۾ جمنا ۽ گنگا جو ميلاپ (سنگم) ٿيندو آهي، قلعي اندر رنگين مختلف رنگن جا پٿر لڳل هئا، جيڪا لائيٽ لڳائڻ تي هيري وارو شُعاع ڏين پيا، گائيڊ ٻڌايو ته شاهجان اهو پٿر يَمن مان گهرايو هو، چانڊوڪي رات جو هي محل چنڊ جي شعاع تي سڄي علائقي ۾ ڏينهن ڪري ڇڏيندو آهي. ان رات جو هتي سياحن جي وڏي رش هوندي آهي. اهو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي. اندر وياسون ته شاهجهان ۽ ممتاز جون قبرون هيون ۽ اندران فوٽو ورتوسين. شاهجهان جي قبر تي تاج محل ٺهيل هو ۽ ممتاز جي قبر بغير تاج جي هئي.
اتان ئي بادشاهي مسجد ۾ آياسون، جتي ڇت ۾ ماکي جي مک جا پنج ڇتا هئا، جنهن مان لڳو ته ماکي اتي ئي هنڌ مٽائيندي رهي آهي جو ڇت ۾ ڪيترائي نشان هئا ۽ مسجد جي مرمت وغيره ته ڪوبه ڌيان نظر نه آيو، هندستاني سرڪار هنن مان روزانه ڪروڙين روپيه ڪمائي رهي آهي، پر انهن جي مرمت ۽ نگهباني تي ڪوبه خرچ نه آهي، پيش امام چيو ته شاهجهان جي دور کان هنن کي 15 روپيه مهيني جو پگهار ملندڙ هو ۽ اڄ 15 روپيه ٿا ملن. جيڪا ڳالهه اسان جي سمجهه ۾ نه آئي، مسجد جي ڏکڻ ۾ آذان ڏيڻ لاءِ چوڪنڊو ٺهيل هو، گائيڊ موجب اڄ به هتي لائوڊ تي آذان ڏيڻ جي اجازت نه آهي، ان چوڪنڊي تي بيهي آذان ڏيندڙ جو آواز پوري علائقي ۾ گونجندو آهي.
تاج محل ۾ انگريز، آمريڪي، فرانسيسي، جاپاني، چيني، جرمن، سڄي دنيا جا ماڻهو نظر اچي رهيا هئا. اسان جي ملڪ جا سڪايل ماڻهو انگريزن سان فوٽو ڪڍرائيندي نظر آيا. گائيڊ آصف اسان کي بعد ۾ ان دڪان ۾ وٺي ويو، جتي تاج محل جا سنگ جا مڊل ٺهيل هئا. جيڪي به ڊالر جي ريٽ تي وڪرو ٿي رهيا هئا، ننڍي ۾ ننڍي ماڊل جي قيمت 5 هزار هندستاني روپين کان گهٽ نه هئي.
اسان آگري کان شام جو 7:00 وڳي دهلي لاءِ روانا ٿياسون ۽ قافلي کان ٽٽي وياسون، رستي ۾ ڪوئيٽا جو پراڻو ڪامريڊ ساٿي وڪيل اجمل ڪانسي مليو، هن چيو يار اڄ فتحپور سڪري سڪي ۾ ڏاڍو مزو آيو، گهمندي گهمندي هاڻ ته ٿڪجي هتي تاج محل ڏسڻ پهتا آهيون، اسان ان تاج محل مان نڪري چڪا هئاسون. اسان دهلي لاءِ پنهنجي کاتي ۾ آيل پراڊو ۾ ويهي چارئي ڄڻا عبدالحڪيم خان بجاراڻي، فيض الله ڪورائي، محمد سليم جيسر ۽ فقير ڊرائيور نٽور لال کان پڇيوسون ڪهڙي وقت دهلي پهچنداسون، نٽور لال چيو ته چار ڪلاڪ لڳندا. گاڏي هلي ته نٽور لال عبدالحڪيم خان بجاراڻي کي چيو بابوجي هتي ڪائي آنٽي توهان کي ملي يا نه؟ عبدالحڪيم خان بجاراڻي ٿڌو ساهه ڀري چيو ته الائي ڇو هي اُهو ڀارت نظر نٿو اچي، جيڪو اسان ٽي وي تي ڏسندا آهيون، توهان ته هن کي پاڪستان ٺاهي ڇڏيو آهي.
رستي ۾ اڌ ڪلاڪ چانهه پيئڻ واسطي لٿاسون، واش روم وڃڻو هو، باقي سڄو وقت اونداهي رات ۾ سفر ڪندا رهياسون، نه ڪي جايون پيون کٽن، نه ئي آبادي نه ڪٿي لوڊشيڊنگ نظر آئي، نه ڪچيون جايون ۽ لوڙها، جنهن مان لڳو ته ڀارت يورپ بڻجي چڪو آهي ۽ اسان واري ملڪ وارا هٿ جا لوڙها ته ڪٿي نظر ئي نه آيا.
رات جو ساڍي ڏهين وڳي دهلي جي واءِ اي سي اي هاسٽل پهتاسون، جتي ٻڌايو ويو ته ريسٽورنٽ بند ٿي چڪو آهي، هاڻ توهان کي ويجهي علائقي ڪلانٽ پئلس ۾ ئي هوٽل يا بار ملي سگهندا، اسان هٿ منهن ڌوئي ڪلانٽ پئلس وياسون، هي ڪلانٽ پئلس، ميلن ۾ گولائي تي وڏو مارڪيٽ ٺهيل آهي، جنهن ۾ هوٽل، بازارون ۽ ڪلبون ٺهيل آهن، بازار ته خير بند هئي، پر هوٽل ۽ بار کليل هئا، اسان هڪ هوٽل ۾ وياسون، دوستن چيو سبزي کائينداسون، گوشت الائي ڇاجو هجي؟ ۽ ڪيئن ذبح ٿيل هجي، سبزي ۾ دال ڏاڍي مزيدار هئي، کائي وڃي واءِ ايم سي اي هاسٽل ۾ سمهي پياسون، بجاراڻي صاحب چيو ادا هلو ته ڪِرون، نه ئي راکي نظر آئي نه ماڌوري نه مڌو بالا، سليم جيسر چيو اُهي ته ڪراڙيون ٿي چڪيون آهيون، فيض الله ڪورائي چيو ته پاڻ ڪهڙو جوان آهي، پنهنجون عمر ۽ حساب واريون پيو ڳولهي.
تاريخ 2011-11-23 تي صبح جو 8:00 وڳي اسان تيار ٿي ناشتو ڪري پنهنجي حصي ۾ مليل پراڊو ۾ ويهي سامان به رکيوسون ۽ قطب مينار ڏسڻ لاءِ نڪتاسون، سامان ان ڪري کنيون سون جو اڄ اسان کي امرتسر پهچڻو هو ۽ اتان اٽاري، اٽاري کان واگها ۽ واگها کان لاهور ۽ لاهور کان مينگهو فقير شر روڊ تي نڪتاسون ته دهلي جا روڊ به ڪراچي جي روڊڻ جيان ٽريفڪ جام جو شڪار نظر آيا، روڊن مان نڪرندي نڪرندي اسان کي قطب مينار پهچندي 11:00 ٿي ويا، قطب مينار قطب الدين اليسڪ ٺهرايو ۽ ان ۾ وري ڪجهه تبديليون تمورلنگ ڪرايون ۽ ڪجهه التمس اُن ۾ به فن جو ڪمال نظر آيو.
قرآن شريف جون سِرن جي ڪاريگري سان آيتون اُڪريل هيون، اسان اِهو ڏسي حيران رهجي وياسون ته زير زبر به گٿل نه هئي، ڪيئن ته هر لفظ لاءِ الڳ سانچو جوڙيو ويو هوندو ۽ ڪاريگر جو ڪمال ان هر جملي کي هن ڪهڙي ته مهارت سان جوڙيو ۽ لڳايو، واقعي مغل فن تعمير جا شوقين ۽ قدردان هئا. هتي به داخل ٿيڻ لاءِ اسان کان ولايتي هجڻ واري 250 روپيه في ماڻهو جي حساب سان فيس ورتي وئي، قوت السلام مسجد جا صرف دروازا بچيا آهن، ڇت خبر نه آهي ته ڪڏهن جي شهيد ٿيل هئي، مسجد جي اڱڻ تي چار قبرون آهن، جن تي ڪوبه نالو لکيل نه آهي، مسجد جي دروازن تي قرآن شريف جون خوبصورت گلن واري انداز ۾ آيتون اُڪريل آهن، قطب الدين ايسڪ جو دربار هال سلامت نظر آيو، جنهن جي به مرمت ڪري ان کي اصل شڪل ۾ بيهاريو ويو هوندو. اسان هتي فوٽو ورتا ڪلاڪ سوا گهمڻ بعد، اسان امرتسر لاءِ روانه ٿي وياسون.
شام جو 6:00 وڳي امرتسر جي اي ڪي هوٽل ۾ پهتاسون، جتي اسان جي رهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. جتي جا هوٽل وارا به لاهوري اسٽائل ۾ رڙيون ڪري ڳالهائي رهيا هئا. جڏهن ته لاهوري هوٽل وارن جو رويو بهتر ۽ گراهڪ کي مان ڏئي سڏيندا، گراهڪ کي ٺاهڻ وارو هوندو آهي. هي اسان سان ائين پيا ڳالهائين جيئن ڪي اسان هنن جا جنگي قيدي هجون. جڏهن مئنيجر کي اسان ڇنڊ ڪڍي ته تون ڳالهائين ڪيئن ٿو، پوءِ هن کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هي گنگا جمنا ۾ شنان ڪرڻ وارا ناهن.
اسان ٿڪيل هجڻ ڪري ماني کائي سوير ئي سمهي رهياسون، هن هوٽل جي ماني به سٺي نه هئي، بقول عبدالحڪيم خان بجاراڻي جي شر صاحب توهان اکنڊ ڀارت جي مخالفت ڪري مليل مراعتون ۽ سهولتون پاڻ گهٽرائي ڇڏيون آهن.
صبح جو سوير اُٿي ناشتي لاءِ وياسون ته ناشتو به معمولي رکيل 4 اسٽار هوٽل وارو ناشتو ئي نه هجي. چانهه ۽ بسڪيٽ وٺي اسان گولڊن ٽيبل ۽ جڙان والا باغ ڏسڻ لاءِ روانه ٿياسون. جڏهن پراڊو ۾ ويٺاسون ته ڊرائيور نٽور لال شڪايت ڪئي ته رات کيس ماني نه ملي، هر هنڌ توهان ماني کارائيندا آيا آهيو، هتي توهان وساري ڇڏيو، اسان معافي گهري اٿي هن کي 500 روپيه ڏناسون ته اسان کي گولڊن ٽيبل ڇڏي وڃي ماني کائي اچجان.
گولڊن ٽيمپل وياسون ته اسان کي چيو ويو رومال وٺي مٿو ڍڪيون ۽ جوتا جمع ڪرايو ۽ پيرين اُگهاڙا اندر وڃون، اسان ائين ئي ڪيو، اندر وڏو پاڻيءَ جو تلاءُ هيو، سوني چادر لڳل گولڊن ٽيمپل پاڻي وچ ۾ ٽڪيل هو صرف هڪ پاسو خشڪي وارو هو، جتان کان سک مرد عورتون اندر وڃي رهيا هئا، ڏيون قطارون ڏسي اسان ڊڄي وياسون ۽ همٿ نه ڪري سگهياسون، ڇو ته اسان کي چيو ويو هو ته اڍائي وڳي واگها باڊر جو اميگريشن عملو هليو ويندو آهي، پوءِ وڃي نه سگهنداسون، اسان اتان موٽي جڙيان والا باغ وياسون، جتي 10 مارچ 1919ع ۾ جنرل ڊائر انگريز سامراج خلاف نڪتل جلوس تي گوليون هلائي 2000 مسلمان، هندو، سک ۽ عيسائي قتل ڪيا هئا. جنرل ڊائدجي ان ظالماڻي عمل جي مذمت لاءِ اُتي يادگار ٺهيل آهي، جتي 24 ئي ڪلاڪ باهه ٻرندي رهندي آهي، ميوزيم هو، جتي جنرل ڊائر جون گوليون کائي شهيد ٿيندڙ ۽ زخمين جون تصويرون لڳل هيون. هزارين ماڻهو ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اچي رهيا هئا. اسان اُتان ٿي واپس واگها باڊر تي پهتاسون ۽ پياري پاڪستان ۾ موٽي آياسون.

No comments:

Post a Comment