Sunday, November 25, 2012

شهزادن وارا جزيره، جتي ڪو به شهزادو ڪونهي! - عبدالحي پليجو


شهزادن وارا جزيره، جتي ڪو به شهزادو ڪونهي!
عبدالحي پليجو
صبح سوير ناشتو ڪري ٽيڪسي ڀاڙي تي ٻڌي ڪباتاس (Kabatas) نالي پتڻ تي پهتاسين، جتان پاتڻي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ رستي پرنسز آئيلينڊس ڏانهن روانا ٿياسين. مون هن کان اڳ يورپ ۾ فرانس کان انگلينڊ، انگلينڊ کان بيلجيم ۽ جرمنيءَ جي رائن نديءَ ۾، آمريڪا جي مين فرانسسڪو مارڪو پولو جي شهر وينس ۾، انگلينڊ جي ٿيمس نديءَ ۾ ۽ هالينڊ ۾ ايمسٽر نديءَ ۾ ڪَئِين دفعا سفر ڪيو آهي، پر مون کي ٻيڙيءَ ۾ گهمڻ جو مزو جهڙو سنڌو درياهه ۾ منهنجي ڳوٺ ٻني وٽ ٿو اچي، اهڙو مزو ٻئي هنڌ ڪٿي به ڪو نه آيو. هينئر درياهه جي ڪنارن تي ٻيلن جا وڻ ختم ٿي ويا آهن، پر جڏهن ٻيلا ڀلا ۽ منجهن عاليشان وڻ هوندا هئا ۽ درياهه ۾ پاڻيءَ جا جام هوندا هئا، تڏهن درياهه ۾ ٻيڙين جي سير جو مزو ئي ٻيو هوندو هو. خاص ڪري چانڊوڪي راتين ۾، ڇولين جو ڪپرن سان ٽڪرائجڻ جو آواز ۽ پڙاڏو ماحول کي مست ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن چوڏهين جي چنڊ جا ڪرڻا درياهه جي لهرن ۽ پاڻيءَ تي پوندا هئا ته اهو اهڙي ته سحر انگيز نموني جرڪندو هو ۽ ائين ڀانئبو هو ڄڻ ته سموري درياهه ۾ چاندي وارو پاڻي پيو وهي. اهڙي حسين ماحول ۾ موج ۾ اچي جڏهن شيخ اياز پنهنجي شاعري ٻڌائيندو هو ته ٻڌڻ وارن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. ٻڌڻ وارن ۾ بابا سائين ارباب نور محمد پليجو، جمال ابڙو، ابراهيم جويو، رشيد ڀٽي غلام رباني آگرو وارا هوندا هئا. اسين چپ چاپ باادب سندس شاعري ٻڌندا رهندا هئاسين. پريان ناکئو جمون ۽ آچار مير بحر واريءَ ۾ پلا پيا پچائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻلهڻيون درياهه جي پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏيندي ڏسبيون هيون. انهن تي چنڊ جي پوندڙ چانڊاڻ جي جهلڪ ڏاڍي وڻندي هئي. درياهه جي ڪپرن تي وڏا گهاٽا ٻٻر جا وڻ پري کان هڪ عجيب ڏيک ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن درياهه جي ٻيٽن تي راڳ جون محفلون به ڪرائيندا هئاسين. درياهه شاهه جي هنج ۾ اهي منظر ۽ محفلون موجون ۽ مستيون جڏهن ياد ٿيون پوَن ته جسم ۽ جان جوان ٿيو پون! کيا رات تهي که اک کهاني مين کٽ گئي!


ڪڏهن ڪڏهن شيخ اياز درياهه ۾ رڇ لهرائي پوءِ انهيءَ ۾ ڦاسندڙ مڇين ۽ پلن کي ڏاڍي غور سان ڏسندو هو. سندس اهو دستور هوندو هو ته محفل جي آخر ۾ هو ملاحن سان مخصوص ڪچهري ڪندو هو ۽ ٻيڙين، رڇن ۽ مڇين جا ڪيترائي نوان لفظ پنهنجي ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪندو هو. لفظن ۽ محاورن نوٽ ڪرڻ جو اهو سلسلو سندس لاڙ جي سموري سفر دوران جاري رهيو ۽ ڪيٽي بندر وٽ پورو ٿيو. اياز اهو سربستو احوال پنهنجي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ بيان ڪيو آهي.
استنبول شهر جي وچان وهندڙ هن سحر انگيز سمنڊ ۾ هلندڙ ٻيڙين جو ايڏو وڏو تعداد هن کان اڳ مون صرف آمريڪا جي شهر سين فرانسسڪو ۾ ڏٺو، پر استنبول مون کي سين فرانسسڪو کان به وڌيڪ وڻندڙ ۽ پنهنجو لڳو، جنهن جا ماڻهو ملوڪ، محبتي ۽ پنهنجا لڳا. اسان هاڻ پنهنجي بوٽ ۾ ٻنهي طرفن کان وڏين وڏين ٽڪرين مان نڪرندا پرنسز آئلينڊس يعني شهزادن وارن ٻيٽن ڏانهن وڃي رهيا آهيون. اسين هت تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ کن سفر ڪرڻ کان پوءِ پهتاسين. هنن ٻيٽن کي ڳاڙها ٻيٽ به ڪوٺيو ويندو هو. انهن ٻيٽن جو ڪل تعداد نوَ (9) آهي. جيڪي استنبول شهر جي ايشيا کنڊ واري ڀاڱي سان وابسته شهر کان تمام گهڻو پري، ساحل سان تقريباً متصل، هن وقت شاندار تفريحي ماڳ آهن. باضنطيني، رومي ۽ عثماني گهراڻي جي اوائلي دور حڪومت ۾ شاهي خاندان جا جيڪي فرد بغاوت سبب حزب اقتدار کان ٻاهر رکيا ويندا هئا، انهن کي سزا طور هنن ٻيٽن تي نظربند ڪيو ويندو هو، ڇو ته انهيءَ وقت ۾ اهي ٻيٽ استنبول شهر کان تمام گهڻو پري تصور ڪيا ويندا هئا. جتان باغي شهزادا باغيانه سرگرميون انجام ڏيئي نه پئي سگهيا. انگريز پڻ هندستان جي باغي سياسي اڳواڻن کي مالديپ جي ويجهو ڪجهه ٻيٽن ۾ سزا طور نظربند ڪندا هئا. انهن ٻيٽن کي ”ڪارو پاڻي“ سڏيندا هئا. شهزادن وارن ٻيٽن تي شهزادن کي قيد ڪري رکڻ جي روايت کان اڳ انهن ٻيٽن تي اهي رهندا هئا، جيڪي سماجي زندگي تياڳي انهن ويران ٻيٽن تي الله تعاليٰ جي عبادت ڪندا هئا، تنهن ڪري انهن ٻيٽن کي ”شهزادن وارا ٻيٽ“ سڏڻ کان اڳ ”تياڳين وارا ٻيٽ“ سڏيندا هئا. انهن ۾ چار وڏا ۽ پنج ننڍا ٻيٽ آهن. Kinaliada  ڪائنالئاڊا، Burgaz برگاز، Heybeliada ، هيبِيلِئاڊا ۽ Buyukada بُيُوڪاڊا وڏا ٻيٽ آهن. تنهن کان سواءِ Sedef صدف نالي به هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ آهي، جتي انساني آبادي آهي. اهو ٻيٽ بُيوڪاڊا وڏي ٻيٽ جي اوڀر طرف آهي.Kasik ڪاسڪ ننڍو ٻيٽ بُرگاز ۽ هيبِيلئاڊا ٻيٽن جي وچ ۾ آهي.
اڄ هي چارئي ٻيٽ ويران آهن، جن تي ڪا به وسندي ۽ آبادي ڪانهي. نه وري ڪو شهزادو آهي. بُيوڪاڊا ٻيٽ کي شهزادن وارن ٻيٽن جي راڻي چوندا آهن. استنبول شهر کان هنن ٻيٽن ڏانهن مسافر کڻي ويندڙ ۽ ايندڙ ٻيڙين کي پتڻ واريون ٻيڙيون سڏيندا آهن. بيوڪاڊا ٻيٽ جي پتڻ تي لهڻ سان سامهون تعمير ٿيل سينٽرل اسڪوائر نالي عاليشان عمارت ۾ نصب ٿيل وڏا گهڙيال چڱي طرح ڏسڻ ۾ اچن ٿا. گهاٽ مان ٻاهر نڪري ڪپ تي ڏسندا ته هتي سٺا ريسٽورينٽ ٺهيل آهن. ٽائون سينٽر ۾ ٻين شين کان سواءِ پاسارين جا دڪان پڻ موجود آهن. گهڙيالن واري سينٽرل اسڪوائر جي کاٻي هٿ تي شاهي رستو اوڀر طرف، ساڄي هٿ تي شاهي رستو اولهه طرف ۽ اوهان جي سامهون عاليشان رستو ڏکڻ طرف پيو وڃي. سمورن رستن تي شاندار عمارتون ٺهيل آهن. هتي سڀئي وڏا رستا يونين اسڪوائر وٽ اچي ملن ٿا. هن ٻيٽ جي جاگرافيائي سينٽر پوائنٽ ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ صنوبر وڻن جي ڀَلَ ۾ ڄاڻائي وڃي ٿي. هن ٻيٽ جو واضح ۽ سٺو نقشو پتڻ واري گهاٽ جي کاٻي هٿ تي نصب ٿيل آهي. هنن جزيرن ڏانهن وڃڻ جو واحد وسيلو سامونڊي پاتڻي ٻيڙيون ۽ تفريحي ٻيڙا آهن، جيڪي استنبول شهر جي ٻنهي کنڊن وارن گهاٽن يعني تڙن تي مقرر ٽائيم ٽيبل موافق سدائين موجود هوندا آهن. استنبول جي الهندي ڀاڱي کان هنن جزيرن ڏانهن ويندڙ پاتڻي ٻيڙيون Kabatas ڪباتاس نالي تڙ تان مسافر کڻنديون آهن ۽ اڀرندي يعني ايشيا واري ڀاڱي مان مسافر کڻندڙ پاتڻي ٻيڙيونKadikoy  بوسٽانسي،Maltepe  مالتپي ۽ Kartal ڪرتل نالي گهاٽن تان مسافر کڻنديون آهن.

1 comment:

  1. This comment has been removed by a blog administrator.

    ReplyDelete