Wednesday, November 14, 2012

استنبول ۾ ياد آيل اصغر خان! - عبدالحي پليجو


استنبول ۾ ياد  آيل اصغر خان!
عبدالحي پليجو
محبوب هڪ ڀيرو اڳي به هن بازار مان رات جو چڪر لڳائي آيو هو، تنهن ٻڌايو ته هت رات جو تمام گهڻي رش هوندي آهي ۽ بازار مٿان گهڻيون وڏيون لائيٽون لڳل هئڻ ڪري هتي رات جو به ڏينهن لڳو پيو هوندو آهي. پر اسين هتي ڏينهن جو گهمڻ آيا هئاسين، تنهن ڪري روشنيءَ جو اهو جلوو ۽ جمال ڪو نه ڏٺوسين، منيٰ هتان ترڪي جا ليڊيز ڪپڙا ۽ ڪجهه اسڪارف خريد ڪيا، باقي آئون ۽ محبوب ونڊو شاپنگ ڪندا رهياسين. رات جي وقت هي بازار لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۽ پيرس جي شانزلي زي کان به وڌيڪ سهڻي ٿي لڳي. انهيءَ وقت هتي ايڏي ته رش هوندي آهي جو هلڻ ۾ به تڪليف پيئي محسوس ٿيندي آهي. ترڪيءَ گذريل ڏهن سالن ۾ ايڏي ته ترقي ڪئي آهي، جو هي ملڪ هاڻ دنيا جي ٻيو نمبرGrowing economy يعني ترقي ڪندڙ معيشت وارو ملڪ ٿي پيو آهي. گروئنگ ايڪانامي وارن ملڪن ۾ پهريون نمبر چائنا، ٻيو نمبر ترڪي، ٽيو نمبر برازيل، ۽ چوٿين نمبر تي هندستان آهي، پر تازو ئي بي بي سي تان انڊيا جي هڪ وڏي ڏاهي مائي ارونڌتي راءِ جو انٽرويو ٻڌم. هن ٻڌايو ته انڊيا ۾ صرف چند سرمائيدارن ترقي ڪئي آهي، باقي انڊيا جون پنج رياستون جن ۾ بهار ۽ جهارکنڊ به شامل آهن، اتي آفريڪا جي غريب ملڪن کان به وڌيڪ غربت آهي. انڊيا جي اسي ڪروڙ ماڻهن جي روزانه آمدني آمريڪا جي هڪ ڊالر کان به گهٽ آهي.


استنبول جي استقلال شاهراهه جو اهڙو شان ڏسي مون کي اصغر خان واري تحريڪ استقلال پارٽي ياد اچي وئي، جيڪا هاڻي عمران خان جي تحريڪ انصاف پارٽيءَ ۾ ضم ٿي وئي آهي. پاڪستان جي سياست ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان پوءِ ڪنهن سياستدان جو گهڻي ۾ گهڻو پورهيو آهي ته اهو اصغر خان جو آهي. هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته جيڪڏهن بينظير جي شهادت واري وقت پيپلز پارٽيءَ ۾ آصف علي زرداري نه هجي ها ته جهڙي طرح ورديءَ وارن سڀني ڀٽن کي ماري ڇڏيو، اهڙي نموني اهي پيپلز پارٽي ختم ڪري يا ڌڙابندي جو شڪار بڻائي منتشر ڪري ڇڏين ها. سو عرض پئي ڪيم ته شهيد ڀٽي سان گڏوگڏ اصغر خان به سياست جي شروعات ڪئي ۽ انهيءَ دور ۾ جڏهن فوجي آمر ايوب خان شهيد ڀٽي کي جيل ۾ بند ڪيو ته انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ اصغر خان ڀٽي جي سياسي اسٽيج تي عدم موجودگيءَ  کي محسوس ڪرڻ ڪو نه ڏنو. اسين انهيءَ وقت قومپرست سياست جي سرگرمين ۾ مشغول هئاسين. پر وقت ملڻ تي اصغر خان جي جلسن ۾ به شريڪ ٿيندا هئاسين. سندس سياسي سرگرميون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهنديون هيون ۽ هو پڻ ايوب، ڀٽي ۽ ضياءَ جي ادوار حڪومت دوران ڪيترا سال جيلن ۾ نظربند رهيو، هن پنهنجي ڪتاب ”ميرا سياسي سفر“ ۾ لکيو ته سندس پٽ عمر اصغر به آخر کيس ڇڏي پهرين وڃي ”سنگي“ نالي هڪ اين جي او هلائي، پوءِ جڏهن جنرل مشرف جمهوري حڪومت هٽائي اقتدار تي قبضو ڪيو ته ان جي ڪئبينيٽ ميمبر طور وفاقي وزير ٿيو ۽ ٿوري ئي وقت اندر پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”لڳي ته لک ڪري، ٽُٽي ته ٽڪو به نه ڪري“!اصغر خان هاڻ ڪڏهن چوڏهن آگسٽ يا ڪنهن ٻئي قومي ڏينهن تي خوشامدي ڪامورن يا سياستدانن وانگر اخبارن ۾ پنهنجو فوٽو پاڻ ڇپرائڻ ۾ عافيت ڀائيندو آهي. سو اسان به تحريڪ استقلال کان واپس ٿا اچون، استنبول شهر جي شاهراهه استقلال تي.
اتان کان پوءِ اسان جي منزل مسجد سليمانيه آهي، جيڪا استنبول شهر ۾ هڪ عظيم فن تعمير جو شاهڪار آهي، جنهن کي پڻ استنبول شهر ايندڙ سياحن کي ضرور شوق سان ڏسڻ گهرجي. هونئن ته استنبول سڄو شهر مسجدن سان ڀريو پيو آهي، پر بلو مسجد ۽ سليمانيه مسجد شهر جون ٻه عظيم ۽ تاريخي حيثيت جون حامل مسجدون آهن ۽ سندن سونهن ٻين ترڪي ۾ سمورين مسجدن کان نرالي آهي. اڄ جمعي جو ڏينهن آهي، تنهن ڪري ڪوشش ڪبي ته جمع نماز هن ڀلاري مسجد سليمانيه ۾ ادا ڪريون. اسان ٽيڪسي ۾ هن مسجد ڏانهن روانا ٿياسين، رستي ۾ هلڪو مينهن پئي وٺو، تنهن ڪري ٽيڪسي مان لهي ٿورو پنڌ ڪري مسجد شريف پهتاسين. مسجد شريف جو پري کان ڏيک ڏاڍو پيارو ۽ لاجواب هو! الائجي ڇو مون کي سڄي دنيا جي مسجدن کان استنبول جي مسجدن جي اڏاوت وڌيڪ سٺي ۽ سهڻي محسوس ٿئي ٿي. سندن گنبذ، مينار ۽ اندران گنبذن جون خوبصورت ڇِتيون، تن تي وري نهايت سنهڙي گلڪاري ۽ گهرو سليٽي رنگ هنن مسجدن کي سڄي دنيا جي ٻين مسجدن کان عليحده ۽ منفرد بنايو بيٺو آهي. جنهن ڪري هي مسجدون دل کي ڏاڍيون وڻندڙ، پر وقار ۽ بيحد سهڻيون لڳن ٿيون، اسين جُوتا لاهي وضو ڪري نماز لاءِ مسجد ۾ داخل ٿياسين.

No comments:

Post a Comment