شڪارپوري، شڪارپورڪر ۽
شڪارپور والا...
الطاف شيخ
ممبئي انڊيا جي مهاراشٽرا
رياست ۾ آهي، جنهن جي سرڪاري زبان مراٺي آهي ۽ ڳالهائڻ وارا مرهٺا يا مرهٽا ۽
انگريزيءَ ۾ مهاراشٽرين سڏجن ٿا. مرهٺي مهاراشٽرا رياست کان علاوه ڀر وارين رياستن
گجرات، مڌيا پرديش، گوا، ڪرناٽڪ، ڇتيس ڳڙهه ۽آنڌرا پرديس جي به ڪجهه حصن ۾ ڳالهائي
وڃي ٿي. ڪيترائي مرهٺا آمريڪا، انگلينڊ، سنگاپور، جرمني، آسٽريليا، عرب ملڪن ۾ ته
تمام گهڻا، ڏکڻ آفريڪا ويندي جپان ۽ اسرائيل ۾ به رهن ٿا.