Thursday, February 03, 2011

منهوڙو ۽ ڪراچي - الطاف شيخ

منھوڙو ۽ ڪراچي
الطاف شيخ

دنيا جا ٻيٽ مڙيئي ٻِيٽ آهن، پر اهو زمين جو ٽڪرو جنهن جي چوڌاري پاڻي آهي ٻيٽ آهي، ڪنهن به ٻيٽ جي اهميت هن جي ننڍ وڏائيءَ مطابق نه آهي، گرين لئنڊ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آهي اٽڪل 21 لک چورس ڪلو ميٽر، پر ان جي مقابلي ۾ سنگاپور جهڙو ننڍڙو ٻيٽ وڌيڪ اهميت رکي ٿو، جيڪو فقط 600 چورس ڪلو ميٽر آهي، ملائيشيا جي چوڌاري سوين ٻيٽ آهن پر سواءِ پينانگ جي ٻيو ڪو به نه جاگرافيائي اهميت رکي ٿو ۽ نه تاريخي.
 
اسان جي پاڪستان بارڊر جي ويجهو جيڪو مشهور ٻيٽ آهي اهو منهوڙو آهي، هي هڪ تمام ننڍڙو ٻيٽ آهي، اڄ جي دور ۾ منجهس ڪو جديد پڻو نه آهي پر هن جي وڏي تاريخي اهميت آهي، ڪراچي جي ويجهو هجڻ ڪري ۽ پنهنجي نموني اڪيلو ٻيٽ هجڻ ڪري روزانو هزارين ماڻهو لانچن موٽر بوٽن) ذريعي تفريح لاءِ منهوڙي وڃن ٿا، منهوڙي ٻيٽ تي ٽالپرن جڏهن قلعو ٺهرايو هو ته اهو سال 1797ع هو، هوڏانهن ان کان 22 سالن پوءِ 1819ع ۾ انگريزن پهريون دفعو سنگاپور جي ٻيٽ تي قدم رکيو ۽ ان ويران ٻيٽ کي ملئي حاڪم کان وٺڻ جو ارادو ڪيو جيڪو حاڪم جوهور رياست جي ڀرسان هڪ ٻئي ٻيٽ ريائو تي رهيو ٿي. سنگاپور جو سڄو ٻيٽ گهاٽن ٻيلن ۽ جيتن جانورن سان ڀريو پيو هو، ڪوئا، سؤ-پيريون ۽ وڇون ته ايترا هئا جو درياءَ جي منهن وٽ رهندڙ ڪجهه سامونڊي ڌاڙيل به مجبور ٿي عارضي طور ڪڏهن ڪڏهن اچي رهندا هئا.
بئنڪاڪ ۾ هڪ هوٽل جو نالو منهوڙا ريسٽورنٽ آهي، مون سمجهيو پڪ ڪنهن سنڌي هندوءَ جي هوندي پر پوءِ اهو ٻڌي تعجب لڳو ته ان جو مالڪ هڪ سک آهي ۽ اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته منهوڙي ٻيٽ تي ڪيترائي سک رهندا هئا جن جا ٻه ٺڪاڻا (گوردوارا) هئا ۽ هينئر به پنجاهه کن ڏاڙهي ڪوڙ سک منهوڙي ٻيٽ تي رهن ٿا. سکن جي ڌرم موجب ڏاڙهي ڪوڙائڻ گناهه جو ڪم آهي پر اڄ ڪلهه ڪيترائي سک ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل نظر اچن ٿا.
ڪراچي جي سٽي اسٽيشن کان آءِ آءِ چندريگر روڊ (اڳيون ميڪلوڊ روُڊ) ڏئي ۽ صدر کان جناح روڊ (بندر روڊ) وٺي اڳتي هلڻ تي ميري ويدر ٽاور تي پهچي ٿو، ان کان پوءِ جناح پل ٽپي چار پنج ميل هلڻ بعد ڪياماڙي اچي ٿي، ڪياماڙي ڪراچي بلڪ پاڪستان جي سرزمين جو دنگ آهي، ان بعد سمنڊ ئي سمنڊ آهي، اتي ڌارين ملڪن کان آيل يا ٻاهرين ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ تيار جهاز ۽ مڇيون مارڻ ۽ مسافرن کڻڻ جون ٻيڙيون نظر اينديون. مسافر کڻڻ وارين ٻيڙين (جيڪي اڄڪلهه انجڻ تي هلڻ ڪري لانچون سڏجن ٿيون) اتي پنجاب، سنڌ وغيره کان ڪراچي گهمڻ لاءِ آيل ماڻهو يا ڪراچي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٻارن جي ڌم هوندي آهي، اهي سڀ هڪ ئي وقت ٽن شين مان لطف وٺن ٿا، سمنڊ جو نظارو، ٻيڙيءَ جو سير ۽ منهوڙي ٻيٽ تي گهمڻ ڦرڻ، ڪياماڙي کان پنج ڇهه ميل پري سمنڊ ۾ هي هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي جتي نيويءَ جا تعليمي ادارا پڻ آهن، جهازن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ لائيٽ هائوس آهي (جنهن جي رات جي وقت ٽيهه چاليهه ميل پري تائين ويندڙ روشني راهه ڀليل جهازن کي آگاهه ڪري ٿي ته ڪراچي بندرگاهه ۾ گهڙڻ لاءِ جهازن جو رخ هن طرف موڙيو) گهر ۽ آفيسون آهن، بازارون ۽ بيچون (سامونڊي ڪنارا) آهن. سمنڊ جي (خاص ڪري عربي سمنڊ جي) مستي ڏسڻي هجي ته منهوڙي تي سامونڊي ڪناري وٽ بيهي ڏسجي، خاص ڪري اونهاري جي مينهن ۾ ڪراچي واري سمنڊ ۾ اهي ناکئا (جهاز هلائيندڙ وڏا نيويگيٽرس به توائي ٿي وڃن ٿا” ڪو جو قهر علاچ ۾ گهڙي سونئي (ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ اهڙو ڪو قهر پيو وسي، جو جيڪو ٿو اندر گهڙي تنهن ڪري ٿو کڻي) هي شاهه لطيف 1690ع-1752ع ۾ چيو جنهن هن سمنڊ ۽ هتي جي ڪنن کان جهازن کي ٽي صديون کن اڳ آگاهه ڪيو هو ته “جنين نه ڀو ڀانئيو، ڪري توائي تن کي” ۽ ناکئي کي خبردار ڪيو ته؛
“سامونڊي ٿو سنبهين، ساڄو جهل سکان،
لڳي واءُ وڏاندرو، منجهائي مهراڻ.”

No comments:

Post a Comment