ما انڊام
ڪنوار جي ٻي ماءُ
ڪنوار جي ٻي ماءُ
الطاف شيخ
ملئي زبان ۾ ماءُ کي Ibu (اِبُو) چون. پيءُ کي Bapa (باپا) پر سڏڻ وقت Aya (آيا) چون. ماءُ کي سڏڻ وقت Mak (ما) چون. ملئيءَ جي ڪيترن لفظن ۾K لکيو وڃي ٿو، پر اچاربو نھ برابر آهي.
ملئي ڇوڪرين جي شاديءَ وقت، اصلي ماءُ کان علاوه هڪ ٻي ماءُ به نظر ايندي آهي، جيڪا Mak-Andam ما-انڊام يعني “ڪنوار جي ماءُ” جي نالي سان سڏبي آهي. ان جو ڪم، ڪنوار کي ٺاهڻ/سينگارڻ هوندو آهي. جيئن اسان وٽ شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ کان، اُستيءَ/حجامڻ جو ڪم هوندو آهي؛ ڪنوار کي اکيو ٻڌي اندر وهارڻ، ابٽڻ/پيٺو هڻي سهڻو بنائڻ ۽ شاديءَ رات لانئن تي وٺي اچڻ وغيره. تيئن هتي ملائيشيا ۾ ملئي ماڻهن جي شاديءَ ۾ ما-انڊام جو ڪم هوندو آهي؛ ڪنوار کي ٺاهڻ/سنوارڻ، شاديءَ واري ڏينهن ڪنوار جي رهنمائي ڪرڻ ته گهوٽ ۽ مهمانن جو ڪيئن آڌر ڀاءُ ڪجي ۽ کيڪارجي. پاڻ وٽ ڪنوار کي ڪنڌ هيٺ ڪري وهڻ جي تاڪيد ڪبي آهي. پوءِ ڀلي کيس ٽي ڏينهن ڪنڌ ۾ سور رهي. جڏھن ته هتي ملائيشيا توڙي سنگاپور جي شادين ۾ ڪنوار کي ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان ايتري جهل پل نه ڪئي ويندي آهي. بهرحال اها سڄي Guide Line ڏيڻ ۽ ڪنوار کي ٺاهڻ جوڙڻ جو ڪم، ملائيشيا ۾، ما-انڊام جو آهي ۽ پاڻ وٽ اُستيءَ جو آهي.
هاڻ اها ٻي ڳالهه آهي ته نت نوان ميڪ اپ جا سامان ۽ بيوٽي پارلر کُلڻ ڪري، اڄڪلهه ماڻهن کان اهي اصل حجام وسري ويا آهن ۽ ورلي ڪا ڪنوار انهن روايتي استين/حجامڻين کان منهن ۽ جسم تي اٽو ٿڦائڻ پسند ڪندي. هر ڪا ڪنوار شاديءَ واري ڏينهن، هزار يا ٻه هزار رپيا ڏيئي، بيوٽي پارلر تان ميڪ اپ ڪرايو ۽ وار ٺهرايو اچي. جتي جون ڇوڪريون پاڻ کي حجام سڏائڻ بدران بيوٽيشن (Beautician)، هيئر ڊزائينر (Hair Designer) ۽ ٻيا ماڊرن ۽ فيشني نالن سان سڏائين ٿيون. ڪيتريون ته دڪان کولڻ بدران، ڪنوار جي گهر اچي، ڪنوار کي سينگاريو وڃن. اسان جي ڳوٺ جون خانداني اُستيون، جن کي ڪنوار کي اٽو ٿڦڻ ڪري چار پئسا گهور طور ۽ ڪنوار جو لٿل وڳو ملي ويو ٿي، سي هاڻ ٻڪ کڻي اهڙي ماڊرن حجامڻين ۽ ميڪ اپ ڪندڙ بيوٽيشن عورتن کي پٽينديون آهن.
ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به ڪيترا ئي اهڙا بيوٽي پارلر کلي ويا آهن. ساڳئي وقت اتي جون هي خانداني استيون يعني ما-انڊام به انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سونهن ۽ ميڪ اپ جا ماڊرن طريقا سکي پيون آهن. ان ڪري سندن روزگار سنڌ جي حجامڻ/اُستيءَ وانگر ڊانواڊول ٿيڻ بدران، ڏينهون ڏينهن وڌ آهي. شاديءَ وارا ٻه ٽي ڏينهن ته ما-انڊام (Mak-Andam) ڪنوار جي اصلي ماءُ کان به زور هوندي آهي. ڪنوار جي ميڪ اپ ۽ وڳي جي چونڊ کان وٺي هر قسم جي رسم رواج لاءِ، ما-انڊام سان ڪنسلٽ ڪيو ويندو آهي. گهوٽيتن توڙي ڪنواريتن، مردن توڙي عورتن جي جملي ساٺن سوڻن ۽ ڪاڄن ۾، ما-انڊام پُل جو پارٽ ادا ڪري ٿي. هر هڪ جي رڙ لڳي رهندي آهي: “ما-انڊام هي ڪم”. “ما-انڊام هيءَ ڳالهه.”
سنڌ ۾ ڪنهن زماني ۾ اهڙن ڪاڄن اندر استي/حجامڻ جي اهميت هئي؛ “استي! مڱڻهارن مان دهل گهرائي ڏي.” “استي! راڄ جي ماڻهن کي ٻڪيءَ جو سڏ ڏيئي اچ.” يا وري؛ “استي، پاڙي وارن ۽ سيدن پيرن ۾ ڏيج پڙو ڏيکاري اچ.” وغيره وغيره. پوءِ استي/حجامڻ هڪ راجستاني نموني جو هئڊي کهنبي رنگ جو خانداني پڙو پائي، نڪرندي هئي پاڙي ۾ سڏ ڏيڻ، يا ٽامي جو وٽو کڻي آيل ڪاڄ مان گهور وٺڻ لاءِ اٿندي هئي.
پاڪستان کان آيل ڪنهن دوست ٻڌايو ته؛ “پاڪستان ۾ اڄڪلهه جنهن عورت کي واپار/پئسي ڪمائڻ جو شوق ٿئي ٿو، سا ڏهه پندرنهن ڏينهن ڪنهن انسٽيٽيوٽ مان ميڪ اپ جو ڪورس ڪري، وتي اوڙي پاڙي جي ڪُنوارِن جا منهن سَجائيندي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ته ڇڏ پر ٽنڊو جان محمد، ٽنڊو قيصر، ميهڙ، مٽياري ۽ جهڏي يا ڪنريءَ جهڙن شهرن جون به ڪيتريون وانديون وانديون، رات اندر ميڪ اپ جون آرٽسٽ ٿي پيون آهن ۽ ‘هلي نه هلي وٺ رينگٽ کي’ چواڻي، لالين، سرخين ۽ روجن جا ليپ هڻي، غريب ڪنواريتن مان به، رپيا ٻه ٽي سؤ تڳايو ويٺيون آهن.
ملائيشيا جو به ڪجهه اهو ئي حال آهي. ‘ما-انڊام’ ته تمام پراڻيون، هوشيار ۽ خانداني آهن. يعني سندن ماءُ/نانيءَ به ساڳيو ئي ڪم ڪيو ٿي. هو نه فقط ڪنوار جو ميڪ اپ ۽ وار ٺاهين، پر ڪنواريتن کي اهڙن موقعن مهلن تي، ٺهڪندڙ وهنوار، ريتون، رسمون ۽ محفل جا آداب ٻڌائڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪن ٿيون.
ڪي وري ڏسندي ڏسندي، ائين ئي ما-انڊام ٿي پيون آهن. اسان جي آفيس ۾ هڪ پوڙهو ڪمپائونڊر آهي. پنجونجاهه سٺ سالن جو ٿيندو. سندس زال مسز راس الياس به ان ئي عمر جي ٿيندي. سندس پيءُ انڊونيشي هو ۽ ماءُ ملئي هئي. هن عُمر ۾ به، کيس ناچ گاني جو اهڙو شوق، جو کڻي نئين سال جو ڏينهن هجي يا عيسائين جي ڪرسمس پارٽي، سالياني گڏجاڻي هجي يا ڪئڊٽن جي فيئر ويل ڊنر، هيءَ ضرور هڪ ٻن سان نچي داد وٺندي. کيس واپار وڙي جو پڻ ڏاڍو شوق آهي. ڪڏهن آفيس جي ڪئنٽين جو ٺيڪو کڻي، ديڳڙو ڀت جو ۽ مڇيون گانگٽ رڌي پئي وڪڻندي، ته ڪڏهن دڪانن تان ڪپڙن جا ڪٽ-پيس سستي اگهه ۾ وٺي، ڳوٺ جي غريب عورتن کي قسطن تي پئي ويچيندي. هر وقت فل ميڪ اپ ۽ چمڪندڙ ويس وڳي ۾ نظر ايندي. کيڪار کڙي اهڙي ڪندي ڄڻ ويجهي مائٽياڻي هجي. اڃا به ائين چئجي ته ڪا پراڻي ساهيڙي هجي.
هڪ دفعي ڪراچيءَ کان ٽيليويزن جي پروڊيوسر آپا سلطانه صديقي اسان وٽ گهمڻ آئي. کيس ملئي ماڻهن جي شادي ۽ ٻين رسمن ڏسڻ جو شوق هو. خبر پئي ته ڀر-واري ڳوٺ ۾ ڪنهن جي شادي آهي. بنا دعوت جي اتي پهتاسين ۽ سوچي رهيا هئاسين ته مالڪن کي ٻڌايون ته؛ “اسان ٻئي ملڪ جا آهيون ۽ هتي جي شادي ڏسڻ آيا آهيون.” اتي ڪنوار جي ڀر مان هيءَ مسز راس، آدم بوءِ واري جن وانگر ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي ۽ اسان کي سڏي ويجهو ڪيائين. وڏي کيڪار کڙيءَ بعد، اسان جون ۽ پاڪستان جون تعريفون ڪري، ٻين سان ملايائين.
جڏهن ڪجهه سانت طاري ٿي ته کانئس سندس موجودگيءَ جو سبب پڇيم: “ماسي تون هتان ڪيئن اچي نڪتينءَ؟”
“مسٽر الطاف! توکي خبر ناهي ته آئون اڄڪلهه ‘ما-انڊام’ ٿي آهيان؟”
“نه مون کي ته خبر ناهي. ڀلا پوءِ ڪنوار جي سجاوٽ لاءِ توکي به ڪو سڏي ٿو؟” پڇيومانس.
“هنن وٽ به آئون ما-انڊام ٿي آئي آهيان ۽ ائين دعوت تي، تو وانگر رڳو ڀت کائڻ لاءِ ڪانه آئي آهيان. ڏس ڪنوار کي ڪهڙو سهڻو سينگاريو اٿم.”
“واهه جي لڳي ٿي. Sungoh Cantik Lah”. کيس جواب ڏيئي آپا سلطانه کي چيم ته؛ “مهرباني ڪري ڪنوار جي ڀر ۾ ٿي ويهه ته فوٽو ڪڍانءِ. ههڙي ڪنوار ڪٿي نه ڏٺي هوندءِ، جنهن کي مٿي تي جُوڙو ٺاهڻ جي تڪليف ڪرڻ بدران، مسز راس، دفتري/گتي جي بدڪ ڪتري کڻي هنئي آهي.”
مسز راس کان پڇيم: “ان ميڪ اپ جو، يا ڪنوار جو منهن خراب ڪرڻ جو؛ گهڻو ملندءِ؟”
آهستي چيائين: “اڃا ٽڪو به نٿو مليم. هن مهيني جي هيءَ ٽين ڪنوار آهي. زوريءَ پئي هر شاديءَ ۾ پوان. ڪو سڏي يا نه سڏي، ڀريل ڄڃ ۾ ڪنوار جي ما-انڊام ٿيو پئي هلان. مسواڙ جا سندن پئسا بچائڻ لاءِ، ڪپڙا به پنهنجي هڪ مائٽ ڌوٻيءَ جي دڪان تان کڻي آئي آهيان. ميڪ اپ جا نه ته گهٽ ۾ گهٽ مسواڙ جا ته پئسا ڏيڻ کپين.”
ياد رهي ته ملائيشيا توڙي سنگاپور، انڊونيشيا توڙي برونائيءَ ۾ گهوٽ ڪنوار لاءِ، شاديءَ وارن ڏيهاڙن لاءِ جهڳ مڳ وارا ويس وڳا دڪانن تان، مسواڙ تي وٺبا آهن. ويندي ڳهه به، جيڪي رولڊ گولڊ جا ڪوڙا ٿين ۽ ڪنوارين لاءِ مسواڙ تي ملن.
مسز راس کي سرٻاٽ ۾ چيم: “ما-انڊام راس! وڏي ڀاڳ واري آهين. بچي وئي آهين.”
“ڇو ڇو؟ اهو ڀلا ڪيئن؟” هوءَ وائڙي ٿي ويئي.
“ڏس نه!” کلي، کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم؛ “هڪ ته ڪنوار ٿي پيئي آهي ڳوٺ جي. ٻيو ته هوءَ اڳهين ايڏو گهڻي سهڻي آهي جو ساڻس هيءَ تعدي ڪرڻ بعد به، ماڻهپي ۾ لڳي ٿي.”
سال اڌ مسز راس، ‘ما-انڊام’ جون ڊيوٽيون سر-انجام ڏنيون. هاڻ، هيءُ مضمون لکڻ دوران، خبر پيئي اٿم ته هڪ نئون ڌنڌو شروع ڪيو اٿائين ۽ ما-انڊام جو ڪم ڇڏي ڏنو اٿائين. بقول سندس؛ “اڄڪلهه جيڪا ملئي عورت گهر کان رُسي ٿي، سا ما-انڊام ٿيڻ چاهي ٿي.” ان ڪري هاڻ هوءَ رنگين مڇيون ۽ مڇين جا ننڍڙا گهر Aquariums وڪڻي ٿي. اهي شيون، هوءَ سنگاپور کان روڪ تي سستيون وٺي، ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ اوڌر تي ڏئي ٿي.
ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ اوڌر ۽ قسطن تي شيون وٺڻ ائين ئي عام آهي، جيئن سنڌ جي ڳوٺن؛ جهانگارا باجهارا، قمبر، ڪنڌڪوٽ ۾. ٻنهي پاسي ڪو تِر جو به فرق ناهي. ڪي اوڌر موٽائين، ڪي کائي وڃن، ڪي منهن ڏيکارڻ کان مهانگا ٿي وڃن.
هتي اهو لکڻ به دلچسپيءَ کان خالي نٿو سمجهان ته مسز راس جو نالو يعني Ros، هتي ملائشيا ۾، عورتن جو هڪ عام نالو آهي. اهو نالو ائين آهي، جيئن پاڻ وٽ مردن ۾ گل يا گلاب. ملائيشيا ۾ گلاب جو گل ۽ صوف نه ٿئي. انهن جو تعارف انگريزن ڪرايو ۽ انهن جو نالو سنئون سڌو انگريزيءَ تان کنيل آهي. صوف (Apple) کي ملئي زبان ۾ Apel اپل چون ۽ گلاب (Rose) کي Ros راس چون. راس ملئي زبان ۾ مؤنث هجڻ ڪري، عورت جو نالو پڻ آهي. گلاب سنڌ ۾ خبر ناهي مذڪر آهي يا مؤنث پر هالا ۾ مذڪر به آهي ته مؤنث به. يعني گلاب نالي جا مرد به آهن ته عورتون به.
سنگاپور ۽ انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ برونائيءَ ۾، سڀيئي ما-انڊام مٿينءَ مسز راس الياس جهڙيون به نه آهن، جن سڄي عمر گهمڻ ڦرڻ، نچڻ ٽپڻ، ڀت رڌڻ ۽ وڪڻڻ بعد هاڻ پيريءَ ۾ اچي اهو ڌنڌو شروع ڪيو آهي. شايد اهو ئي سوچي ته ان کان سولو ۽ گهٽ سيڙپ ۽ گهڻي منافعي وارو ٻيو ڪو ڌنڌو ناهي.
ڪي ڪي “ما-انڊام” پنهنجي ڪم ۽ ڊيوٽيءَ ۾، تمام گهڻيون تجربيڪار ۽ ڄاڻ/واقفيت واريون آهن ۽ جن سڄي عمر، هن ڌنڌي ۾ گذاري ڇڏي. جن لاءِ اڄ به ملائيشيا ۽ سنگاپور جون ڪيتريون ئي ملئي ڇوڪريون، ڳالهه ڪنديون آهن ته؛ “امڙ جي شادي ٿي ته به اها ئي ما-انڊام هئي ۽ جڏهن منھنجي شادي ٿي تڏهن به اها ئي ما-انڊام هئي.”
مئڊم سام سعيد نالي هڪ ان قسم جي جهوني ما-انڊام سان، سنگاپور ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان گفتگوءَ جا ٽڪرا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا. جن مان ما-انڊام جي ڊيوٽين ۽ جوابدارين جي ڄاڻ پئجي سگهي ٿي.


(پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هڪ دفعو وري لکان ٿو ته نه فقط ملائيشيا ۾ پر سنگاپور ۽ انڊونيشيا ۾ پڻ، غريب توڙي امير گهرن جا گهوٽ ڪنواريون، شاديءَ وارا ٻه چار ڏينهن مختلف وڳا مسواڙ تي وٺي پائين. ان لاءِ هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ڪيترا ئي اهڙا دڪان آهن جتي مختلف رنگن، ماپن ۽ نمونن جا وڳا ۽ ڪوڙا ڳهه مسواڙ تي ائين ملن جيئن پاڻ وٽ تنبو/شاميانا ۽ رڌ پچاءَ لاءِ پليٽون ۽ ديڳيون، چمچا ۽ ڪفگير. پاڪستان ۾ اڃا به شاديءَ رات واري وڳي تي وڏا خرچ ٿين ٿا، جيڪو ڪنوار، فقط اها رات پائيندي آهي. ان بعد ان کي لوهي صندوق ۾ سوگھو رکيو ويندو آهي، جتي باقي عمر کيس، ڪاڪروچ يا تڏيون کائيندا آهن. وڳي کي، ڪنوار کي نه.)





(ملئي شادين ۾ ميندي نه فقط لڳائي ويندي آهي پر سڪل حالت ۾ مٿئين سامان سان گڏ گهوٽ ڪنوار مٿان ٻرڪي پڻ ويندي آهي.)


(هيءَ رسم ائين آهي جيئن پاڻ وٽ لانئن جي رسم. برسنڊنگ دوران ڪجهه ساٺ سوڻ به ڪيا وڃن ٿا، جن جو مذهب سان نه پر مقامي ڪلچر سان واسطو آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪيترائي ساٺ ٿين ٿا. جهڙوڪ: کير پيارڻ جو ساٺ، ڇمڪون يا وڃڻي جو ساٺ، مُٺ کولڻ يا ڏوري ڇوڙڻ جو ساٺ، تِرَ مئڻ جو ساٺ، ڦل چونڊائڻ جو ساٺ، وغيره وغيره.)







No comments:
Post a Comment