Thursday, February 03, 2011

اهڙيون چريون ۽ ڪوٽن ۾ قيد به نه آهن: - الطاف شيخ

اهڙيون چريون ۽ ڪوٽن ۾ قيد به نه آهن:
الطاف شيخ
فردوسي جي مقبري واري شهر توس ڏي ويندڙ بس جي انتظار ۾ بيٺل مسافرن ۾ هڪ تبريز کان آيل دائود نالي ايراني پنهنجي زال ۽ اٺن سالن جي پٽ سان به هو. هو ڪنهن پيٽروليم ڪمپني ۾ آفيسر هو ۽ ٿوري گهڻي انگريزي کان واقف هو. ٻن ٽن ڏينهن جي موڪل تي هو خراسان گهمڻ آيو هو. خراسان جيڪو گذريل صديءَ تائين ته تمام وڏو هو ۽ منجهس نه فقط افغانستان ۽ ترڪمنستان جا ڪيترائي شهر اچي ويا ٿي پر ڪجهه حصو ازبڪستان جو به اچي ويو ٿي. هاڻ ايران واري خراسان کي به ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. مشهد، نيشاپور ۽ توس جهڙا شهر جنهن خراسان ۾ اچن ٿا اهو خراسان رضوي سڏجي ٿو. دائود تبريزي مون سان گڏ بيٺل ڪاليجي شاگردن کي ٻڌايو ته هو بي فڪر رهن ۽ جيئن ته هو پاڻ به فردوسي جي مقبري ڏي وڃي رهيو آهي سو هو مون کي اوستائين وٺي هلندو. اسان اڌ ڪلاڪ اندر توس پهچي وياسين. رستي تي دائود ڀڳل سڳل انگريزي ۾خبرون ڪندو رهيو ۽ دريءَ مان آئون مختلف عمارتون، انهن جا نالا ۽ رستي تي لڳل بورڊ پڙهندو رهيس. رستي تي ڪيترائي ڪاشيءِ جا دڪان ۽ ڪارخانا نظر آيا. هڪ اسپتال به آئي جنهن جو نالو شايد رضوي هجي جو ان جي ٻاهران وڏي بورڊ تي لکيل هو: ”بيمارستان رضوي.“ هڪ هنڌ بورڊ تي لکيل هو ”يخساري“ شايد برف جو ڪارخانو هجي جو يخ جي معنيٰ ٿڌ يا برف آهي. ٿي سگهي ٿو برف جو ڪارخانو نه پر ”ڪولڊ اسٽوريج“ هجي جتي باغائي صوف نارنگيون، ڪيلا ۽ ٻيو فروٽ رکن ٿا. ڪاشيءِ کان علاوه هن پاسي پٿر جي ڪٽائي جا ڪارخانا به جام نظر اچي رهيا هئا جيئن ڪراچي ۾ گارڊن کان شير شاه ويندي رستي تي ”پاڪ ڪالوني“ ۾ پٿرن جا دڪان نظر اچن ٿا. ڪجهه جا نالا ڪاپيءَ تي نوٽ به ڪيم:
 
سنگبري توليدي
سنگين تراش خراسان
ماشين سازي موجد
سنگ مغناتيش..... وغيره وغيره
ٺهيو! مون دل ۾ سوچيو. چئبو ته اهي تراش، فروش، شڪن، ويندي، ”تيش“ جنهن مان لفظ ”تيشي“ ٺهيو آهي، اهي سڀ فارسي جا لفظ آهن جيڪي اسان جي سنڌي، اردو، پنجابي ۽ پشتو ۾ صدين کان اهڙو ته ملي ويا آهن جو لڳي ٿو ته ڄڻ اسان جي ٻولي جا لفظ آهن. هتي ايران اچي هاڻ آئون به سوچيان ٿو ته پوءِ اسان جي ٻولين ۾ باقي پنهنجا اصل بچيا ئي ڪهڙا لفظ؟ ملئي‎ماڻهو پنهنجي زبان لاءِ چوندا آهن ته ملئي زبان جا پنهنجا فقط چار لفظ آهن: (سوئر)، بيسي (لوه) ...... ۽ ٻه ٻيا لفظ جيڪي هن وقت مون کي ياد نه پيا اچن. رستي جي ڪناري تي رکي رکي بورڊ نظر آيو ٿي جنهن تي فارسي ۾ لکيل هو: ”سرعت گير.“ ڇا معنيٰ ٿي سگهي ٿي ان لفظ جي؟ سرعت جو لفظ اسان چرپر لاءِ استعمال ڪندا آهيون ۽ گير جي معنيٰ ڇا ٿي سگهي ٿي؟ توس جي ويجهو پهچڻ تي اندازو لڳايم ته جڏهن به اهڙو بورڊ اچي ٿو ته بس جو ڊرائيور رفتار بنهه گهٽايو ڇڏي جو اڳيان Speed Breaker اچيو وڃي. تنهن جي معنيٰ ته سرعت گير معنيٰ اسپيد بريڪر. يعني رفتار روڪڻ وارو، رفتار جهلڻ وارو، ۽ ضرور دلگير ۽ دستگيرجهڙا لفظ به فارسي جا ئي هوندا.
دائود نه فقط توس تائين اچڻ جو بس جو ڀاڙو منهنجي پاران ڀريو پر هن مون کي واپس وڃڻ لاءِ به ٻه ٽڪيٽون ڏنيون. هن وٽ به ٻين ماڻهن وانگر ٽڪيٽن جو يڪو پئڪيٽ هو جنهن ۾ ويهه کن ٽڪيٽون هيون. مون سندس ٿورو مڃيو، ساڳي وقت اهو به معلوم ڪري مون کي حيرت ٿي ته ايران ۾ بس جي ٽڪيٽ ڪا پنجاه تومان کان به گهٽ آهي، يعني پنهنجا ٽي روپيا به نه ٿيا. هيڏو وڏو سفر ههڙي عمده بس ۽ رستا، ۽ ههڙي سستي ٽڪيٽ- ايران جي حڪومت پنهنجن ماڻهن لاءِ اهو وڏو سک ڏنو آهي ۽ ٻيو سستن نانن جو! اسان وٽ ڏينهون ڏينهن نان وڃي ننڍو ۽ سنهو ٿيندو ۽ هتي جو نان ايڏو ٿلهو، نرم ۽ ڊگهو آهي جهڙو ٻار سمهارڻ جو رلڪو. ان کان علاوه تعليم، روزگار ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه امن امان آهي جيڪو هتي جي حڪومت غريب عوام لاءِ مهيا ڪيو آهي. ۽ اها هن قوم جي وڏي خوش نصيبي آهي.
فردوسي جي مقبري جي چوڌاري تمام وڏو پارڪ آهي جنهن ۾ هڪ ريسٽورنٽ به آهي. پارڪ جي وچ۾ ماڻهوءَ جي قد کان ٻيڻو فردوسيءَ جو ڌاتوءَ مان ٺهيل Statue (بوتو) آهي. پارڪ ۾ چوڌاري توڙي ڦوهاري اڳيان ڏاڪڻين تي ڪيترائي اڪيلا ۽ ٽولن ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون، فئمليون ۽ اسڪولن ڪاليجن جا مختلف يونيفارمن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پسار ڪري رهيون هيون. ههڙن هنڌن تي ايراني عورتون ايڏي سخت پڙدي ۾ نظر نٿيون اچن، جيترو شهر جي بازارين ۾ يا مذهبي جاين ۽ مسجدن ۾. خير ڏٺو وڃي ته اتي به ڪو اهڙو سخت پڙدو ناهي جيترو ايران خلاف دنيا ۾ پروپئگنڊا هلي ٿي. ايراني عورتون ملئي عورتن وانگر منهن کليل رکن ٿيون، فقط مٿي کي ٽڪنڊي رومال سان ڍڪين ٿيون، جنهن کي ايراني ”روسري“ سڏين ٿا ۽ ملئي ”تودونگ“ (۽ عرب ”حجاب“). ملئي ڇوڪريون چادر يا گائون نٿيون پائين پر ايراني گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل چادر ويڙهين ٿيون. پر ههڙن هنڌن تي، عمر خيام يا هن فردوسي جي مقبري تي، يا شاندليز جهڙن پڪنڪ Spots تي هو چادر نٿيون اوڍين، ان بدران گائون پائي نڪرن ۽ مٿي تي ٻڌل رومال (روسري) به اهڙو ڍرو ڍارو ٻڌين ٿيون جون رکي رکي سندن مٿي جي وارن جون چڳون پيون نظر اچن. ۽ هتي اچي اهو به نوٽ ڪيم ته ڪيترا ايراني ڇوڪرا ڇوڪرين سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلي رهيا هئا. ۽ ڪيتريون ئي عورتون ايندڙ ويندڙ ڌارين مردن سان ڳالهائي رهيون هيون. ڪيترين کي ڪئميرائون هٿن ۾ هيون ، ۽ فوٽو ڪڍي رهيون هيون. اتي منهنجي به ڪيترين ئي فئملين سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اتفاق سان ٻن اهڙن نوجوان عورتن سان ملاقات ٿي جن جا مڙس مون وانگر جهازن تي مئرين انجنير آهن ۽ هنن منهنجي ايراني دوستن: سيد استري ۽ سيف الاهي کي سڃاتو ٿي جيڪي سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ منهنجا ڪلاس ميٽ هئا ۽ هاڻ ايران جي جهاز ران ڪمپني ۾ هنن عورتن جي مڙسن جا باس آهن. هن مون سان پنهنجي Email ائڊريس به Exchange ڪئي، ۽ ٻڌايائون ته هو تهران يونيورسٽي جون گرئجوئيٽ آهن. پنهنجن مڙسن سان گڏ سندن پاڻي واري جهازن تي يورپ پاسي Sail به ڪري چڪيون آهن، پر هينئر ٻارن جي پڙهائي ڪري هو تهران ۾ رهيل آهن ۽ سندن مڙس اڪيلو Sail ڪري رهيا آهن. هي سڀ ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته ايران جون عورتون ڪي اهڙيون چريون ۽ ڪوٽن ۾ قيد به نه آهن جهڙو کڻي مغربي پريس هنن کي بدنام ڪيو آهي. هو ملڪ جي اعليٰ يونيورسٽين جون پڙهيل آهن، مڙسن سان گڏ طوفاني راتين ۽ مڇريل سمنڊن تي جهازن ۾ مهينن جا مهينا سفر ڪري رهيون آهن، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جون ڄاڻو آهن، ٻارن ۽ پنهنجي تفريح لاءِ اڪيلي سر تهران کان هيڏانهن توس ۽ مشهد کان اچيو نڪرن. جيڪو فاصلو ٿورو ٿورو ته به ڪراچي کان سکر يا لاڙڪاڻي جيترو ته ٿيندو، هو ڌارين مردن سان اخلاق جي حدن ۾ رهي، فضيلت ۽ ڄاڻ ڀريو گفتگو ڪري سگهن ٿيون. هنن جي چهرن تي موسم ۽ مهانڊي مطابق هلڪي ۽ ٺهڪندڙ ميڪ اپ ڏسي اندازو لڳايم ته مشهد توڙي تهران جهڙن ايراني شهرن ۾ توڙي کڻي حيدرآباد جهڙا بيوٽي پارلر نه آهن پر ايراني عورتن کي نه فقط صحيح ميڪ اپ ڪرڻ جي ڄاڻ آهي پر هو اهو به سمجهن ٿيون ته اڄ جي دؤر ۾ سهڻو ۽ تندرست رهڻ لاءِ گهٽ کائجي، واڪ ڪجي ۽ ٿولهه کان نجات حاصل ڪجي.
ان کان علاوه فرودسي ريسٽورنٽ جي ٻاهران ٻن ماسترياڻين سان گڏ ويهارو کن شاگردياڻيون نظر آيون. هنن کان پڇڻ تي هو فوٽو ڪڍائڻ لاءِ تيار ٿي ويون ۽ جڏهن هنن کي ٻڌايم ته آئون ليکڪ آهيان ته هنن مون کي پنهنجي وچ ۾ بيهاري پنهنجين ڪئميرائن سان به فوٽو ڪڍيا ۽ ڪيتريون ئي ڇوڪريون پنهنجي Email ائڊريس لکائڻ لڳيون. انڊيا، سري لنڪا، ملائيشيا جهڙو ملڪ هجي ها ته اها حيرت جي ڳالهه نه لڳي ها پر ايران جهڙو ملڪ جنهن کي دنيا، يعني مغربي دنيا جاهل، ڄٽ ۽ دقيانوسي خيالن جو ٿي سمجهي ۽ سچ ته اهو آهي ته منهنجو به مغرب جي دنيا سان واسطو هجڻ ڪري ۽ ٽائيم، نيوز ويڪ جهڙا رسالا ۽ CNN ۽ Sky News جهڙا ٽي وي چئنل ڏسي آئون به هنن جي پروپئگنڊا جو قائل ٿي ويو هوس، پرهتي پهچي مون کي پنهنجي راءِ بدلائڻي پئي آهي.
هيٺ بيسمينٽ ۾ جتي فردوسي جي قبر آهي ان جي چوڌاري ڀتين تي فردوسي جا ڪيترائي شعر ۽ سندس ڪردارن رستم، سهراب وغيره جي ڪارنامن جون تصويرون اڪريل آهن جن جي هيٺان فارسي ۽ انگريزي ۾ Captions ڏنل آهن. جيڪي ڪجهه هن ريت آهن: رستم جنگل مان ٻن منهن وارو تير آڻي رهيو آهي. رستم ۽ اسفندار وچ ۾ لڙائي جنهن ۾ سوڀ رستم جي ٿئي ٿي. رستم مزنداران جي شهنشاه جي حاضري لاءِ پهتل..... وغيره. انهن تصويرن جا ٻيا به فوٽو ڪڍي رهيا هئا پر اهي سڀ موبائيل فون وارين ڪئميرائن سان ڪڍي رهيا هئا. منهنجي ڀرسان بيٺل ڪجهه همراهن کي پنهنجي ڪئميرا ڏي اشارو ڪري انگريزي ۾ پڇيم ته فوٽو ڪڍي سگهان ٿو. هنن کي فقط فارسي آئي ٿي پر هو منهنجي ڳالهه سمجهي ويا، ۽ جنهن ٽون ۽ اشارن سان هنن مون کي ٻڌايو ان مان اهوئي اندازو لڳايم ته هنن جو مطلب اهوئي آهي ته اجازت ناهي، پر ڀلي فوٽو ڪڍ. آئون اڃا ٻڏتر ۾ هوس ته هڪ همراه مون کان ڪئميرا وٺي منهنجي پسند جا چڱا فوٽا ڪڍي ڪئميرا واپس ڪئي. مون سندس ٿورو مڃيندي دل ۾ چيو ته اهو ڪم صحيح ڪيئي. اسين پاڪستاني اڳهين ماڻهن کي نٿا وڻون ويتر معمولي به غلط ڪم ڪنداسين ته اسان کي بدنام ڪيو ويندو، ان ڪري آئون هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان ڪوبه اهڙو قدم کڻڻ نٿو چاهيان جنهن ۾ ڪنهن کي اعتراض هجي.

No comments:

Post a Comment