Thursday, February 03, 2011

فردوسيءَ جو شاهنامون - الطاف شيخ

فردوسيءَ جو شاهنامون
الطاف شيخ
اڄ کان هڪ هزار کن سال اڳ ۱۰۲۰ ۾ وفات ڪري ويل ايران جي وڏي شاعر حڪيم ابوالقاسم فردوسيءَ جو لکيل شعرن جو بياض ”شاهنامھ“ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. شاهنامي جي لفظي معنيٰ ئي آهي ”بادشاهن جو طويل داستاني نظم.“ فارسي ۾ لکيل اٽڪل ۶۰ هزار مصراعن جو هي بيحد ڊگهو شعر ايران جي بادشاهن جي بهادري ۽ ايران جي ماضي جي تاريخ آهي جنهن ۾ جڏهن کان دنيا ٺهي تڏهن کان وٺي ايران تي عربن جي فتح تائين جو احوال ڏنل آهي جنهن ۾ ڪيترين ئي ڳالهين جو بنياد ڏند ڪٿائن (Myth) تي آهي. جيئن رستم ۽ سهراب جو قصو جنهن کي آئون پهرين سمجهندو هوس ته ڪا صحيح ڳالهه آهي. پر پوءِ ايران اچڻ کان اڳ جڏهن ايران جي سڄي تواريخ پڙهيم ته خبر پئي ته اهي فردوسي جا تصوراتي ڪردار آهن. چون ٿا ته سڄي شاهنامي کي لکڻ ۾ فردوسيءَ کي ۳۵ سال لڳي ويا. يعني هن اهو طويل نظم ۹۸۰ ڌاري کان لکڻ شروع ڪيو هوندو، جڏهن پاڻ چاليهه پنجيتاليهه ورهن جي ڄمار جو هو. ان وقت ايران تي سامانين جي ڇهين بادشاه معيد جي ۹۷۶ ۾ وفات بعد ستون بادشاه رضي ابواالقاسم ابن نوح تخت تي ويٺو هو، جيڪو اٽڪل ۲۰ سال کن شهنشاه رهيو. ان بعد سامانين گهراڻي جا آخري ٻه شهنشاه ابوالحارث ۽ ابوالفارس ڪو سال ڏيڍ مس بادشاه ٿيا ته غزنوي گهراڻي جو مشهور بادشاه سلطان محمود غزنوي ۹۹۸ ۾ ايران جي تخت تي قبضو ڪيو. هن جي حڪومت ۾ فردوسيءَ وفات ڪئي ۽ هو پنهنجي شهر توس ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن تي اڄ وارو مقبرو شهنشاه رضاشاه پهلويءَ ٺهرايو. فردوسيءَ هي شاهنامون سامانيان گهراڻي جي آخري بادشاه جي ڏينهن ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ غزنوي گهراڻي جي بادشاه محمود غزنوي جي دؤر حڪومت (۱۰۳۰- ۹۹۸) ۾ مڪمل ڪيو. ٻن يا ٽن سالن بعد فردوسيءَ اهو شعرن جو بياض (شاهنامو) کڻي پنهنجي ڳوٺ توس (خراسان) کان غزني روانو ٿيو. محمود غزنوي جي ڏينهن ۾ ايران جي گاديءَ جو هنڌ غزني هو. چون ٿا ته محمود غزنويءَ فرودسي ۽ ان جي شاهنامي ۾ ڪابه دلچسپي نه ڏيکاري. ڪجهه تاريخ دان اهو به لکن ٿا ته محمود غزنويءَ فردوسيءَ سان هر مصرع لاءِ هڪ دينار انعام جي آڇ ڪئي هئي، ان حساب سان ۶۰،۰۰۰ دينار ٿي ٿيا، پر هن فردوسيءَ کي فقط ۲۰،۰۰۰ درهم ڏنا جيڪي ان وقت ۲۰۰ دينارن برابر ٿي ٿيا. ڪن جو چوڻ آهي ته سلطان محمود غزنوي جي درٻار جي ٻين شاعرن ساڙ جي ڪري بادشاه جا فردوسي خلاف ڪن ڀريا. فردوسيءَ اهو ٿورو انعام وٺڻ کان انڪار ڪيو. ڪن جو چوڻ آهي ته هن اهي پئسا اتي جي هڪ غريب کي ڏئي ڇڏيا جنهن شراب جو دڪان ٿي هلايو. ان بعد فردوسي ڪجهه هفتا ايران جي صوبن سيستان ۽ مزندران ۾ ڦرندو رهيو ۽ پوءِ ڳوٺان (توس کان) اچي نڪتو. هن کي ان ڳالهه جو سخت غم ۽ غصو دل ۾ رهيو ۽ غزني ۾ جنهن ڪمري ۾ بادشاه جو مهمان ٿي رهيو هو، ان جي ڀتين تي بادشاه جي خلاف ڪاوڙ ۽ پٽن پاراتن جا شعر لکي آيو. حڪومت طرفان ڌيان نه ملڻ ڪري چون ٿا ته فردوسيءَ جا آخري ڏينهن سخت غربت ۾ گذريا.
 
ڪجهه راوي اهو به لکن ٿا ته محمود غزنويءَ يڪدم پنهنجي غلطي محسوس ڪري وعدي واري رقم سان اٺ پلاڙي فردوسيءَ جي ڳوٺ توس روانا ڪيا. پر انعام پهچڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ فردوسي وفات ڪري ويو. اهو انعام فردوسي جي ڌيءَ حوالي ڪيو ويو جو فردوسي جو پٽ هن کان اڳ وفات ڪري چڪو هو. فردوسيءَ جي ڌيءَ هي سڀ ڌن دولت قبول ڪرڻ بدران بادشاه ڏي واپس ڪري پنهنجي پيءُ ۽ هن جي بياض شاهنامي کي امر بنائي ڇڏيو.
ان کان پوءِ بادشاه ان رقم مان مروَ (Merv) شهر کان توس واري روڊ تي ”ربات چاهيھ“ نالي مسافر خاني جي فردوسي جي ياد ۾ مرمت ڪرائي. هي مسافر خانو اڄ به توس ڏي ايندي نظر اچي ٿو پر بنھ ڊٺل حالت ۾ آهي.
فردوسي جو هي شاهنامون نج فارسي ۾ لکيل آهي هن شعرن ذريعي ايران جي تاريخ، ايران جا هيرو ۽ ڪيترائي Mythical (خيالي) ڪردار پيش ڪيا آهن. هتي جي ادبي ماڻهن جي چوڻ مطابق شاهنامي ڪري فارسي زبان اڄ به ان حالت ۾ زنده آهي، جنهن ۾ اها اڄ کان هڪ هزار سال اڳ هئي. شاهنامي ۾ ڪل ۶۲ ڪهاڻيون آهن، جيڪي ۹۹۰ بابن تي پکڙيل آهن ۽ ۶۰،۰۰۰ مصراعن تي مشتمل آهن. دنيا ۾ فقط شاهنامون طويل داستاني نظم نه آهي ٻيا به ڪجهه آهن، جهڙوڪه يوناني قديمي شاعر ۽ تاريخ نويس هومر جا ٻه طويل نظم ”الياد“ (Ihe Iliad ۽ اوڊيسي (Odyssey) آهن جيڪي اٺين ۽ نائين صدي قبل مسيح جي وچ ڌاري لکيل آهن. يعني حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به اٺ نو صديون اڳ جي ڳالهه آهي. هومرجو الياد فردوسي جي شاهنامي جي ستين حصي جيترو مس ٿيندو. اهڙي طرح جرمن زبان جو طويل داستاني نظم (Epic) Nibelungenlied آهي پر اهو به ايڏو وڏو ناهي. ان جهڙا ٻارهن گڏ ڪجن ته پوءِ ڊيگهه ۾ فردوسي جي شاهنامي برابر ٿيندو. هونءَ منهنجي خيال ۾ هندن جو ڌرمي ڪتاب مهاڀارت، جيڪو اصل ۾ سنسڪرت زبان ۾ لکيل آهي، اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو Epic (شاعري ۾ طويل داستان) چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ ۷۴۰۰۰ شعر آهن. ائين ته هندن جو هڪ ٻيو ڌرمي ڪتاب رامائن به ڪافي ڊگهي شاعري جو ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
شاهنامي جا ڪيترائي انگريزي ترجما نظر اچن ٿا پر گهڻو ڪري مختصر طور (Abridged) آهن. منهنجي خيال ۾ شاهنامي جو پهريون مڪمل انگريزي ترجمو ٻن ڀائرن آرٿر ۽ ايڊمنڊ وارنر ۱۹۲۵ ۾ ڇپرايو جيڪو نون جلدن (Volumes) ۾ آهي، ۽ هن جو انگريزي ۾ به ساڳيو نالو ”The Shahnama of Firdausi“ آهي. هونءَ جن کي فارسي نٿي اچي ۽ نه وري هنن وٽ ايڏو ٽائيم آهي جو سڄي شاهنامي جو انگريزي ترجمو پڙهي سگهن، انهن لاءِ بهترين ۽ مختصر ترجمو آهي.
The Epic of kings: Shahnama, the National Epic of kings
هي روبين ليوي ترجمو ڪيو آهي جنهن کي مزدا پبليڪيشن وارن ۱۹۹۶ ۾ ڇپرايو. هي نثر ۾ ترجمو ٿيل آهي.
فردوسي جي شاهنامي بعد مختلف دورن ۾ ڪيترن ئي شاعرن ان قسم جا ڊگها نظم لکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪوبه شاهنامي جي برابري نه ڪري سگهيو آهي. ادب جا ڪيترا ڄاڻو اهو چون ٿا ته اڄ جي ماڊرن فارسي زبان اهائي آهي جيڪا اڄ کان هڪ هزار سال اڳ فردوسيءَ جي ڏينهن ۾ ڳالهائي وئي ٿي ۽ ان جو سبب فردوسي جو شاهنامو آهي، جنهن فارسي جي اصل زبان کي جياري رکيو آهي. شاهنامي ۾ اعليٰ قسم جي زبان استعمال ٿيل آهي. شاهنامو هڪ ايراني کي، چاهي هو مسلمان هجي يا غير مسلم قوميت جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. شاهنامي لاءِ ڪنهن انگريز عالم جا پڙهيل رمارڪ ياد اچي رهيا آهن:
No History has been so eagerly read, so profoundly believed, and so ardently treasured in Iran, as has the Shahnameh.
فردوسي پنهنجي هن نظم ”شاهنامي“ جي سونهن ۽ امر بڻجڻ بابت ايڏو پر اعتماد هو جو هن ان شاهنامي ۾ ئي پاڻ بابت لکيو آهي ته مون شعرن جو هڪ عظيم محل اڏيو آهي. مون هن زبان (فارسي) جو چوڌاري ٻج ڇٽيو آهي.
بنا هي آباد گردد خراب
زباران و از تابش آفتاب
پي افکندم از نظم کاخي بلند
کھ از باد و باران نيابد گزند
نميرم از اين پس کھ من زنده ام
پراکنده ام کھ تخم سخن را
ترجمو: اوچيون عمارتون به اچيو ڦهڪو ڪن
بارش جي ڦڙي يا سج جي ڪرڻن سان
مون شعرن جو هڪ عظيم محل جوڙيو آهي
جنهن تي نه هوا نه مينهن اثر ڪري سگهي ٿو
آئون هاڻ زنده رهڻ بعد مري نه سگهندس
ڇوته مون پنهنجي زبان (فارسي) جا ٻج ڇٽيا آهن.
فردوسي هن پنهنجي ڊگهي داستاني نظم ۾ ڪيترائي خيالي (Mythical) ڪردار استعمال ڪيا آهن جن بابت ٻڌي ٻڌي ائين لڳي ٿو ڄڻ اهي حقيقت جي دنيا ۾ موجود هجن. ايتري قدر جو اسان جي ننڍي کنڊ ۾ اڄ ڏينهن تائين پنهنجن ٻارن تي اهي نالا رکيا وڃن ٿا. جيئن ته رستم، سهراب، اسفند يار، تهمينا.... ۽ مزي جي ڳالهه اها ته اهي نالا سنڌ جا مسلمان به رکن ٿا جيتوڻيڪ اهي مسلمان نه پر مجوسي (زوروسٽر) هئا. شاهنامي جا ڪجهه ٻيا ڪردار هن ريت آهن جيڪي نالا پارسين ۾ عام آهن، جيئن ته: افراسياب، فريدون، جمشيد، منوچهر، سيمبرغ، راخش، هشانگ، گدراز، زاهڪ، روهام وغيره.
هونءَ به شاهنامون دنيا ۾ رهندڙ ٻه اڍائي لک پارسين (Zoroastrians) جي لاءِ بيحد اهم ڪتاب آهي جو شاهنامي ۾ پارسين جي اصل نسل کان وٺي سندن آخري پارسي شهنشاه يزدگرم سوم جي عربن کان هار تائين جو احوال آهي. شاهنامي جي سڀ کان مشهور ڪهاڻي رستم جي آهي، جيڪو لڙائي ۾ پنهنجي پٽ سهراب کي قتل ٿو ڪري وجهي. ٻئي پيءُ پٽ هڪ ٻئي کان اڻ واقف آهن. سهراب زخمي ٿيڻ وقت جڏهن پنهنجي قاتل کي چوي ٿو ته مون کي مارڻ جو بدلو منهنجو پيءُ رستم توکان ضرور وٺندو ان وقت رستم محسوس ٿو ڪري ته هي سندس زال تهمينا مان پٽ سهراب آهي.
رستم ايران جو هڪ ڏند ڪٿائي (Mythical) هيرو ٿي گذريو آهي جنهن جي پيءُ جو نالو ذال هو ۽ ماءُ جو رُدابا. چون ٿا ته رستم ڄمڻ وقت ئي وڏو پهلوان ۽ وڏي سائيز جو ٻار هو ۽ سندس ماءُ کي ڊليوري وقت سخت تڪيلف آئي هئي. ذال جيڪو ردابا جو مڙس به هو ته عاشق به، کي پڪ ٿي وئي ته هوءَ سورن وگهي مري ويندي پر پوءِ آخري وقت تي هن سيمرغ (ايراني ڪلچر جو خيالي پکي) کي گهرايو جنهن ذال کي پنهنجي زال جو پيٽ ڪپي ٻار ڪڍڻ جو جيڪو طريقو ٻڌايو ۽ جنهن کي اڄ ڪلهه جي دنيا ۾ سيزيرين آپريشن سڏجي ٿو، فارسي ۾ ان کي ”رستم زاد“ سڏين. چون ٿا ته رستم اڃا ٻار هو ته هن هڪ ئي ڌڪ سان بادشاه منو چيهر جي مست هاٿيءَ کي ماري ڏيکاريو هو. رستم جي ڏاڏي جو نالو سام ۽ پڙڏاڏي جو نريمان هو. نريمان به پارسين جو مشهور نالو آهي. نريمان نالي هڪ پارسي انڊيا جي مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي جنهن جي نالي ممبئي جي پراني علائقي فورٽ ۾ گهٽيءَ جو نالو آهي. ۽ ممبئي جي بلڪل ڏاکڻي علائقي (جتي پارسي رهن ٿا) جو نالو پڻ نريمان پئانٽ آهي.

No comments:

Post a Comment