مغلن جو ھندستان
الطاف شيخ
ڪجهه ڏينهن اڳ، هڪ دلچسپ ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو. دلچسپ ان ڪري جو اهو انڊيا بابت ٽي سؤ سال اڳ جو لکيل آهي ۽ لکڻ وارو نڪولائو مانوچي هڪ يورپي آهي. ڪتاب جو نالو The Mughal India يعني “مغلن جو هندستان” آهي.
ڪتاب جو مصنف چوڏهن سالن جو مس هو ته پنهنجي ملڪ اٽليءَ جي وينس شهر ۾، بيٺل هڪ جهاز تي Stoway جي حيثيت ۾ چڙهي پيو. اسٽووي ان مسافر کي چئبو آهي، جيڪو بنا ٽڪيٽ ۽ بنا موڪل جي، پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي پوي. هر روز ۽ هر دور ۾، دنيا جي بندرگاهن ۾ اهڙا واقعا عام ٿين ٿا. جهاز جڏهن بندرگاهه ۾ هوندو آهي ته اسٽووي، جهاز جي مختلف ڪنڊن پاسن ۾ لڪي ويهندا آهن ۽ پوءِ جهاز هلڻ مهل سمنڊ تي ظاهر ٿيڻ تي سزا خاطر، کانئن جهاز جو ڪم ڪار ڪرايو ويندو آهي. جيسين وڃي جهاز ڪنهن ٻئي بندرگاهه ۾ پهچي يا واپس پنهنجي وطن وري.
هي جهاز ايشيا جي ملڪن ڏي وڃڻو هو. اهو سال 1653ع هو. ان وقت هندستان تي شاهجهان جو راڄ هو ۽ پوءِ سگهو ئي سن 1659ع ڌاري اورنگزيب کي تخت تي وهاريو ويو هو. ان جهاز ۾ ڪيترائي انگريز صاحب پڻ هئا جيڪي هندستان ۽ ٻين ملڪن ڏي وڃي رهيا هئا.
انهن مان هڪ انگريز حاڪم، هن نڪولائوءَ کي پنهنجو نوڪر ڪري رکيو. جهاز بمبئيءَ پهتو، جتان پوءِ نڪولائوءَ جي صاحب کي دهليءَ وڃڻو هو. پر ان کان اڳ هو گذاري ويو. يعني انگريز بهادر گذاري ويو ۽ نڪولائو، مغل شهزادي جي فوج ۾ وڃي آرٽلري مئن (توپچي) ٿيو. پنهنجي قابليت ۽ هوشياريءَ ڪري هو ويو مٿانهين کان مٿانهون رتبو حاصل ڪندو. مغل ڪورٽ ۾ هي هڪ سپتيو ۽ ساک وارو يورپي سمجهيو ويندو هو، جنهن جي حوالي ڪيتريون ئي اهم ذميواريون سونپيون ويون هيون. اڳتي هلي هو رٽائرڊ ٿيو ۽ ڪجهه سال گوا شهر ۾ رهڻ بعد مدراس ۾ حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذاريائين. پاڻ 1717ع ۾ گذاري ويو. مرڻ کان ڪجهه سال اڳ هن هندستان ۾ مغل حڪومت جي مختصر حصي تي تفصيلي احوال لکيو هو.
اهو احوال نڪولائوءَ مختلف حصن ۾ لکيو. ڪجهه پنهنجي مادري زبان اٽلين ۾ ته ڪجهه پورچوگالي ۽ فرينچ زبانن ۾. مغل انڊيا بابت سندس لکيل احوال جا هي حصا، ڪيترن سالن تائين، جدا جدا ماڻهن وٽ رهيا. جن کي هٿ ڪرڻ ۾ آخرڪار انڊين سول سروس جو ميمبر مسٽر وليم ارون ڪامياب ٿيو. مسٽر ارون 1840ع ۾ ڄائو ۽ 1911ع ۾ گذاري ويو. پاڻ مختلف زبانن ۾، نڪولائوءَ جو لکيل مغل انڊيا بابت هيءُ احوال، انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. اهو سمورو احوال، انگلنڊ جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ، چئن جلدن ۾ پهريون ڀيرو ڇپرايو. هي ڪتاب انڊين ٽيڪسٽ سيريز جو هڪ حصو آهي ۽ هيءَ سوسائٽي برٽش حڪومت طرفان اسپانسر ٿيل آهي.
ڪتاب ۾ مغل شهزادن ۽ سندن راڄ ۾ ٿيندڙ ڪيتريون ئي چالبازيون، سازبازيون، سُٺائيون ۽ خرابيون ڏنل آهن، جيڪي ڪتاب جي اٽلين ليکڪ نڪولائوءَ ويجهڙائي کان ڏٺيون يا محسوس ڪيون. مثال طور؛ هڪ باب ۾ آهي ته ڪيئن شهنشاهه اورنگزيب، پنهنجن رقيبن ۽ دشمنن جو خاتمو آڻي پنهنجي بادشاهت جون واٽون هموار ڪيون:
“اورنگزيب پاڻ بادشاهه ته ٿي ويو پر مڪمل طرح پڳدار ۽ اعليٰ طاقت بنجڻ لاءِ، چيف قاضيءَ طرفان فتويٰ ملڻ ضروري هئي. ان بعد ئي هو ڪورٽ ۾ ڏوهارين جا فيصلا ڪري سگهيو ٿي ۽ پنهنجي مرضي/ سوچ/ انصاف موجب جنهن کي وڻي معاف ڪري سگهيو ٿي.”
“اورنگزيب جڏهن ڏٺو ته قاضي صاحب آڻ مڃڻ وارو ناهي ته هن اٽڪل ڪري هڪ ٻيو قاضي اهڙو پيدا ڪيو جيڪو سٺي خاندان جو هجڻ بدران ائين ئي هيٺئين درجي جو هو ۽ ڏوڪڙن تي سولائيءَ سان وڪامي سگهيو ٿي. نتيجي ۾ هن نئين قاضيءَ عهدو سنڀالڻ سان فتويٰ ڏني ته تخت تي موروثي حق شهنشاهه اورنگزيب جو ئي آهي ۽ ارشاد جاري ڪيو ته ان جي ئي پيروي ڪئي وڃي.”
“اورنگزيب بيحد خوش ٿيو. پر پوءِ سگهو ئي محسوس ڪيائين ته هيڏي محنت بعد به اڃا هن جي راهه ۾ مشڪلاتون آهن. سڀ کان وڏو مشڪل مراد بخش جو جيئرو هجڻ هو. ملڪ جي ڪيترن اعليٰ عملدارن ۽ راجائن نوابن جي دوستي ۽ همدردي مراد بخش سان هئي ۽ هنن چاهيو ٿي ته هندستان جو بادشاهه مراد بخش ئي ٿئي. ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته مراد بخش هڪ اعليٰ سپاهي ۽ نيڪ حاڪم هو. ان ڪري هندن توڙي مسلمانن هن کي پسند ڪيو ٿي، ۽ هن جي ايڏي تعريف ۽ مشهوري اورنگزيب جي مٿي جي سور جو ڪارڻ هئي. اورنگزيب مراد بخش کي ظاهر ظهور ماري پنهنجي لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ نٿي چاهي. ان ڪري ڳجهه ڳوهه ۾ هن کي کاڌي ۾ ڏوڏي/ آفيم جو رس وجهي ڏيڻ جو بندوبست ڪيو. جيئن هو آهستي آهستي ختم ٿي وڃي ۽ ڪنهن کي شڪ به نه پوي. مراد بخش جي ڪرندڙ صحت معلوم ڪرڻ لاءِ، اورنگزيب هر مهيني، هن جو ٺهرايل پورٽريٽ گهرائي، غور سان ڏسندو هو ته آيا هن جي منهن مان سندس موت جي ويجهي اچڻ جا آثار نظر اچن پيا يا نه. پر جڏهن ڏٺائين ته زهريلو رس، مراد بخش جي جانٺي جسم تي، ڪو به اثر نٿو ڪري ته نيٺ بيزار ٿي هن کي سنئون سڌو مارڻ جو سـَـٽل سـَـٽيو.”
“جڏهن مراد بخش گجرات جو گورنر هو ته هڪ ڏينهن شڪار ڪندي سندس گوليءَ سان سندس سيڪريٽري مري پيو هو. اورنگزيب اهوئي سوچيو ته مراد بخش کي ڦاسائڻ لاءِ ڪو پلان ٺاهڻ ۾ اهو سٺو بهانو هو جنهن سان ڪنهن کي شڪ پوڻ جي ڪا به گنجائش پيدا ٿي نٿي سگهي ۽ نه وري ڪو ائين چئي سگهيو ٿي ته ههڙي شهزادي سان ناانصافي ٿي، جيڪو قول ۽ عمل جو سچو هو، جيڪو امن ۽ جنگ ۾ دلير ۽ وفادار هو.”
“اورنگزيب بادشاهه ڳجهه ڳوهه ۾ مري ويل سيڪريٽريءَ جي مائٽن کي چورائي موڪليو ته توهان جو مائٽ مري ويو آهي، ان جي پورائي لاءِ توهان جيڪو چوندائو توهان کي دولت سان مالا مال ڪيو ويندو. پر سيڪريٽريءَ جي مائٽن جواب ڏياري موڪليو ته مرڻ واري شيءِ هلي ويئي ان جو مُلهه وٺي ڇا ڪبو. هن جي بس حياتي ئي ايتري هئي ۽ هاڻ پراڻا ڏينهن ڇا ويهي ورجائجن.”
“اورنگزيب جي ذري گهٽ اها چالبازي به ناڪام وڃي ها پر سيڪريٽريءَ جي مائٽن ۾ هڪڙو مڙيئي اهڙو سؤٽ نڪري آيو جنهن اورنگزيب جي اها ڪميڻي اسڪيم قبول ڪئي، ۽ انصاف جي آخري فيصلي وقت هن پنهنجي سؤٽ جي خون جي بدلي ۾ مراد بخش جي سِرَ جي گـُـهر ڪئي.”
“قاضيءَ يڪدم سِر قلم ڪرڻ جو فيصلو ڏنو، جيئن کيس اورنگزيب طرفان چيو ويو هو، ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ شهنشاهه/ اورنگزيب، هڪ لمحو به وڃائڻ بدران سپاهين جو ٽولو موڪليو، جن گواليار جي قلعي ۾ پهچي، مراد بخش جو سِر ڪپي ورتو. اهڙيءَ طرح اورنگزيب سڄي هندستان جو مڪمل طرح حاڪم ٿي ويو.”
No comments:
Post a Comment