تون ڪٿي آھين.....
الطاف شيخ
خيرپور جو ظفر شيخ جيڪو شروع کان فارين سروس ۾ رهيو ۽ گذريل سال رٽائرمينٽ وٺڻ کان اڳ هو ڪيترن ئي ملڪن جرمني، بنگلاديش، چاڊ، آلجيريا، ٽيونيشيا، زائر وغيره ۾ سفر تي رهيو. سندس گهڻو عرصو جپان ۾ گذريو. اتفاق سان هيءُ اهو وقت هئو جڏهن منهنجي به جپان ۾ موجودگي هوندي هئي. جنهن جهاز تي هوندو هوس ان کي جپان جي ئي بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻو پوندو هو يا ڪنهن جهاز جي ڊگهي مرمت لاءِ جپان جي ئي ڪنهن بندرگاهه ۾ رهڻو پوندو هو. هڪ دفعي ته ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ نئون جهاز ٺهرائڻو پيو ۽ ڇهه مهينا کن گنزا ۾ رهڻو پيو، جتان چار پنج لوڪل اسٽيشنن بعد ظفر جو روپنگي ۾ گهر ۽ ٿورو اڳيان اسان جي ملڪ جو سفارتخانو هو. CSS جو امتحان پاس ڪرڻ وارا تعليم ۾ سٺا ۽ ذهين ته ٿين ٿا پر ظفر ۾ اها به خوبي هئي ته هن جپان ۾ نوڪريءَ خاطر مڪاني زبان جپاني، “ڪم هلائڻ” لاءِ نه سکي پر هن وڏي محنت ۽ دل سان ائين سکي ۽ ان تي عبور حاصل ڪيو ڄڻ کيس سڄي عمر جپان ۾ رهڻو هجي. اهو ئي سبب آهي جو مڪاني ماڻهن کيس بيحد پسند ڪيو ٿي. جپاني، طبيعت ۾ شرميلا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ رهڻ وارا هجڻ جي باوجود، ظفر کي پنهنجين غمين ۽ خوشين ۾ شامل ڪندا ھيا. چوندا هئا؛ “ظفر ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل جپانين کان به سٺي جپاني ڳالهائي ٿو.”
تن ڏينهن ۾ صدر ضياءُ ايندو هو ته اهو به ترجمي لاءِ ظفر کي کڻندو هو. ظفر کي جپاني ٻوليءَ سان گڏوگڏ جپانين جي ڪلچر، ثقافت، رسم رواجن، وهمن وسوسن ۽ خوفن خوشين جي به وڏي ڄاڻ رهي ٿي. اڄ به ظفر سان جپان ۽ جپانين بابت ڳالهيون ڪندي مزو اچي ٿو ۽ معلومات ملي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن ڳالهين ۾ آئون سندس راءِ يا سوچ سان سهمت نه ٿيندو آهيان، پوءِ بحث بعد يا کيس مون کي قائل ڪرڻو پوي ٿو يا مون کي کيس مڃرائڻو پوندو آهي.
هڪ دفعي ٽوڪيو جي اينو چڙيا گهر وٽان لنگهي رهيا هئاسين ته ان جي اوس پاس ۾، يا شايد چڙيا گهر جي اندر ڪنهن هنڌ ڪنهن ڪاٺ جي تختي يا شايد ڊگهي ٽائيل تي، اسان جي هڪ دلپسند جپاني شاعر ماتسو باشو جو شعر اڪريل نظر آيو.
ماتسو باشو سترهين صديءَ جو جپاني شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ جي تعريف مون پنهنجن ڪيترن سنڌي شاعرن نصير مرزا، انور ابڙو، قمر شهباز، هدايت بلوچ، تاج بلوچ جهڙن کان به ٻڌي آهي.
باشو 1644ع ۾ ڄائو ۽ 1694ع ۾ وفات ڪيائين. جپان جو ٽاپ جو مشهور شاعر آهي، جيئن اسان وٽ سمجهو ته استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ عبدالغفار تبسم آهن. سندس ڪيترائي شعر ڳائڻ ۾، مضمونن ۽ ڪالمن ۾ ۽ مختلف عمارتن ۽ رستن تي نظر اچن ٿا. ان ڏينهن ظفر شيخ ماتسو باشو جي لکيل ان شعر ڏي ڌيان ڇڪائيندي چيو:
“هو ڏس! سامهون ڇا لکيو پيو آهي! يوڪو هارو يا....”
“تَوري ناڪِي يو نو،
مي وا نامِيدا....”
مون ان هائيڪو جون باقي ٻه سٽون پڙهي شعر پورو ڪيو. پر مون کي ته ان شعر ۾ ڪو به کڙ تيل نظر نه آيو جو واهه واهه ڪجي.
هڪ ڏينهن اڳ ۾، ظفر جي ئي هڪ پاڙيسري عورت شنجوڪوجي، سب وي ۾ ٽرين جو انتظار ڪندي هڪ شعر ٻڌايو هو جيڪو پسند نه اچي ها ته به سندس خماريل اکين ۽ نخريلي ادائن کي ڪَٿي ضرور واهه واهه ڪريون ها. ڇو ته اهي ڏينهن اسان ٻڌڻ وارن جا ڀرپور جوانيءَ جا هئا.... يعني اها ڳالهه اڄ کان 35 سال اڳ جي آهي.
جپاني زبان جو هي شعر توهان لاءِ به لکندو هلان:
Hito ni awan
Tsuki no nari ni wa
Q moiorite
Mune hashiribi ni
Kokoro yakeori.
هي شعر جپان جي مشهور وَڪا (Waka) شاعره “اونو نو ڪوماچي” جو آهي، جيڪا پيار، محبت ۽ شهوت انگيز(erotic) قسم جي شاعريءَ کان اڄ به مشهور آهي، جيتوڻيڪ کيس وفات ڪئي به يارهن سؤ سال گذري چڪا آهن.
وڪا جپاني شعر جو قسم آهي، جنهن ۾ پنج سٽون به ٿين ته ست به، جيئن هائڪو ۾ ٽي ٿين ٿيون.

هِتوني اوان
|
تون اچين نٿو
|
تسڪي نوناڪي ني وا
|
ههڙي بنا چنڊ واري رات جو
|
او موئي ڪيٽي
|
انتظار پئي ڪريان تولاءِ
|
مُوني هاشِيري بِي نِي
|
منهنجيون ڇاتيون اُڌما پيون کائين
|
ڪوڪورو ياڪي اوري
|
دل منهنجي ٻري پئي
|
“واهه واهه! واهه واهه!” مون تعريف ۾ جپاني زبان جون جيڪي صفتون آيون ٿي نڇاور ڪري ڇڏيون.
سامهون بيٺل ظفر کي منهنجو اهو عاشقاڻو مزاج هرگز نه وڻيو. بلاشڪ اونداهي رات ۾ اچڻ لاءِ، اڄ کان يارهن صديون اڳ اونو نو ڪوماچيءَ اھو شعر پنهنجي يار کي چيو هو. پر گنزا تائين، ڪوماچيءَ جو شعر ٻڌائڻ واري هن جپاني خاتون سان گڏ ٽرين ۾ ته ويهي سگهجي ٿو. افسوس ائين ٿي نه سگهيو. ڇو جو جنهن سيٽ تي هوءَ ويٺي، ان جي ڀر ۾ مون کان اڳ ڪو ٻيو هتي جو مڪاني نر ويهي رهيو ۽ مون کي ظفر جي ڀرسان ئي سيٽ ملي.
“تو اجائي پئي واهه واهه ڪئي،” گاڏي هلي ته ظفر مون کي چيو؛ “شعر ۾ ته ڪا ٿوم بصر هئو ئي ڪونه.”
“نه يار! ڳالهه ئي نه پڇ. ڊگهي سامونڊي سفر بعد، ڇوڪرين جي واتان چيل هر شعر مان مون کي اتساهه ملندو آهي.”
“پر تڏهن به شعر ۾ ڪجهه ته هجي،” ظفر چيو؛ “هڪ ته پليٽ فارم تي ماڻهن جي گوڙ ۽ لائوڊ اسپيڪرن تان هلندڙ اعلان جي ڪري ڪجھ ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو....”
“ٻيو تون هن سان لڳي نه بيٺو هئين!” کلي چيومانس؛ “مون ته ان وقت اها دعا پئي گهري ته اڄ اها هبايا لائين جي گاڏي ئي نه اچي.”
“شعر ڇا هو؟” ظفر پڇيو.
“اهو ته هن جي واتان ٻڌين ها ته مزو اچئي ها. چڱو ڀلا انهيءَ جهڙو ۽ انهيءَ مفهوم جو هڪ سنڌي شعر ٻڌ، جيڪو تاج بلوچ جو آهي.
“چنڊ ناهي ۽ نه آهي زندگي،
تون ڪٿي آهين او منهنجي روشني،
رات ساري مون اکين ۾ آ ڪٽي،
منهنجي ڇاتي سمنڊ جيئن ڇلڪي پئي،
هجر ۾ دل کامي ۽ تڙپي پئي.”
ظفر شعر ٻڌي واهه واهه ڪئي. بهرحال اڄ جڏهن اُئي نو پارڪ (Ueno) وٽ ماتسو باشو جي شعر، ان ڏي ڌيان ڇڪرايو ته ٻه دفعا پڙهڻ بعد به مون کي منجهس ڪا اهڙي خاص ڳالهه نظر نه آئي. شايد مون هن شعر ۾ به ڪوماچيءَ وارو erotic مفهوم پئي ڳولهيو. يا شيخ اياز واري رمز پئي پروڙي....
“ڪنهن ڪاري چڳ تي رات ڪَٽي
ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي
هي سانگ سجايو آهي پيارا....”
يا وري امداد جي ئي چواڻي؛
“مومل نه سهي سومل ئي سهي
کاڌل ئي سهي پيتل ئي سهي....”
وغيره وغيره
پر باشو جي هن شعر ۾ صاف صاف بيان ٿيل هو ته:
يوڪو هَارو يَا....
|
بهار جي مند موڪلائي پئي
|
توري ناڪي يو نو.....
|
پکي (هي پَٽ ڇڏڻ تي) روئي رهيا آهن
|
مي وا ناميدا....
|
مڇين جي اکين ۾ ڳوڙها آهن.
|
مون ظفر ڏي سواليه نگاهن سان ڏٺو، يعني پڇڻ چاهيو ته؛ “ان شعر ۾ ڇا آهي؟”
“جپاني شاعرن کي پکين جو، خاص ڪري پرديسي پکين جو ڪيڏو خيال آهي.” ظفر چيو؛ “هو پنهنجي شاعريءَ ۾ پکين جو به ذڪر ڪن ٿا.”
“هائو. اها ته مون کي به خبر آهي. ڪوباياشي ايسا ۽ ماسائوڪا شِڪيءَ به ڪونجن، ڪوئلن ۽ هنجن جو ذڪر ڪيو آهي.” مون چيو.
“تڏهن ته هتي جا ماڻهو پکين سان پيار ڪن ٿا،” ظفر چيو؛ “هو پکين مارڻ بدران، سندن سونهن جي تعريف ڪن ٿا.”
ان تي مون ظفر کي ٻڌايو ته؛ “ائين نه آهي. پکين تي جيترا شعر اسان جي سنڌي شاعرن چيا آهن. اوترا شايد ئي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي شاعرن چيا هجن.”
ان حساب سان ته اسان سنڌين کي پکين، خاص ڪري مهمان پکين، جو وڌيڪ خيال هجڻ کپي. پر اسان جي بدبختي اها آهي جو نه فقط اسان پنهنجن پر ڌارين پکين کي به پنهنجي ڌرتيءَ تي سڏائي ههڙن سهڻ پکين جي ڀينگ ڪئي اٿئون ۽ هاڻي باقي بچيل پکي پنهنجي پراڻي جُوءِ بدلائي ٻين هنڌن تي پيا وڃن. خاص ڪري ڪڇ ۽ گجرات، جهونا ڳڙهه ۽ جيسلمير ڏي، جتي انڊيا جي حڪومت سندن حفاظت ڪري ٿي.
No comments:
Post a Comment