پرديس ۾ پنهنجن سان ويجهڙائي...
الطاف شيخ
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جا ٽي سنڌي ڊاڪٽر مون وٽ آيا. هنن کي
برونائي ۾ نوڪري ملي هئي. جنهن سلسلي ۾ هنن ڪجهه ڳالهيون پڇڻ ۽ منهنجي صلاح وٺڻ چاهي
ٿي. اٿڻ مهل پڇڻ لڳا: ”سائين! اُتي رهندڙ پاڪستانين مان ڪي توهانجا سڃاڻو آهن؟.
”نه، ڪو سڃاڻو هن وقت ذهن تي نه اٿم پر بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ جي ماڻهن
سان گهڻو گهاٽو نه ٿجو.“ مون چيو مان.
”ڀلا پنهنجي ڳوٺ جا سنڌي هجن ته انهن سان ته ملون يا نه؟“ هنن پڇيو.
”انهن کان ته اڃا به پري رهجو!“ چيومان؛ ”ٻيو ته ٺهيو توهان پنهنجو
پاڻ ۾ به فاصلو رکجو.“
منهنجي ان ڳالهه تي هنن کي بيحد حيرت لڳي ۽ ٿي سگهي ٿو، پڙهندڙن کي به
تعجب ٿيو هجي پر پوءِ مون کين مختصر طور سمجھايو ته؛ ”آئون ڪو کين اهو نٿو چوان ته
هو پنهنجن سان مُنهن سُڄائي هلن...... يعني رُسي هلن. منهنجو مطلب اهو آهي ته پرديس
۾ گڏ رهڻ يا هر وقت گڏ گڏ گهمڻ ۽ هڪٻئي وٽ گهڻو اچڻ وڃڻ کان پرهيز ڪندئو ته هڪٻئي سان
پيار ۽ محبت قائم رهندوَ، نه ته ٻي صورت ۾ گهڻو ويجھو رهڻ ۽ هجتي ٿيڻ جي End Result روسامو ۽ غلط فهميون ٿيون ٿين. هڪ ٻي ڳالهه ته قدرت
توهان کي هڪ نئين ملڪ ۾ ٽي سال کن رهڻ جو موقعو ڏئي رهي آهي ته ان مان فائدو وٺي توهان
مقامي ماڻهن سان دوستي رکجو، جيئن توهان اتي جي زبان ۽ ٻيون ڳالهيون هنن کان سکي سگهو
۽ توهان مان ڪنهن جو مقامي دوست ڪا اهڙي ڪم جي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته، توهان پنهنجن هم
وطن دوستن کي به ان جو فائدو رسائي سگهو ٿا، ڇو ته آئون توهان کي اهو ته نٿو چوان ته
اتي پهچي توهان ٽئي ڄڻا هڪٻئي سان ڪِٽي ڪري ڇڏيو يا ڪو هم وطني پنجابي، پٺاڻ يا ڳوٺ
جو سنڌي ملي ته توهان ٻئي پاسي کڻي منهن ڦيريو. آئون رڳو اهو ٿو چوان ته پنهنجن ۾ گهٽ
چُنبڙو، اتي جي مقامي ماڻهن جي گهڻو ويجھو وڃو.
ڪيترا دفعا ائين به ٿيو آهي ته، ٻاهر نوڪري ڪندڙ ڪو ڊاڪٽر، انجنيئر يا
پورهيت وڏي دل جو آهي ۽ هو کاڌي پيتي ۽ لَٽي ڪپڙي تي گهڻو خرچ ڪري ٿو، جنهن کي ڏسي
ڌاريو يا پنهنجي وطن جو محسوس ضرور ڪندو پر ڌارئين مان اهو فائدو آهي ته اها ڳالهه
اتي جو اتي رهي ٿي، پنهنجو ماڻهو ارادتاً يا غير ارادتاً توهان جي ڳوٺ تائين اها ڳالهه
پهچايو ڇڏي. هڪ ٻي ڳالهه جيڪا پنهنجي سالن جي تجربي تي لکي رهيو آهيان ته، پرديس ۾
جڏهن به ڪو هم وطن يا هم زبان ملي ٿو ته اسان Take it granted سمجھون
ٿا ته هو سؤ سيڪڙو اسانجو پنهنجو آهي، اسان سان وفادار رهندو ۽ هن جي هر ڳالهه اعتبار
جوڳي هوندي پر ائين ناهي. هو ڇا چوندا آهن ته؛ پرديس ۾ پنهنجي ديسَ جا ڪانگَ به سُهڻا
لڳندا آهن. سو پرديس ۾ هم زُبان ۽ هم وطن سان ڳالهائيندي ۽ ويجھو ويندي دل ضرور ماندي
ٿئي ٿي پر اها به حقيقت آهي ته پرديس ۾ گهڻيون ٺَڳيون پنهنجا ئي ڪن ٿا. آمريڪا ۾ هڪ
همراهه پنهنجي نقصان ۾ ويندڙ پيٽرول پمپ مان جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ نئين آيل هم زبان کي
ئي مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري وڪڻي ڇڏيو. هو نئون آيل پنهنجي ملڪ جي تڪليفن کان ڀڄي،
پنهنجو الهه تلهه وڪڻي آمريڪا ۾ ڪو بزنس ڪرڻ لاءِ پهتو هو ۽ هن پنهنجي ڪاليج جي دوست
جي ڳالهين ۾ اچي عمل ڪيو ۽ پوءِ دوستي ته ختم ٿي وئي پر پئسو به ڦاسي ويس.
ڪئالالمپور ۾، گذريل ڏهن سالن کان رهندڙ سکر جي پروفيسر، پنهنجي غم جو
اظهار هن ريت ڪيو ته، هن جي هڪ مَلئي آفيسر سان دوستي هئي، جنهن نمونو سمونو ڪري هن
کي اتي جي شهريت (پاسپورٽ) وٺرائي ٿي ڏنو. ان جو پروسيس هلي رهيو هو ته هن نيڪ نيتيءَ
سان کڻي ڪئالالمپور ۾ رهندڙ سندس هڪ ڳوٺائي ڊاڪٽر سان ڳالهه ڪئي. ڊاڪٽر جو ڏٺو ته پروفيسر کي ٿي مستقل رهائش
(Permanent Residency) ملي، سو پاڻ به اهي فارم ڀري اميگريشن آفيس
۾ ڏئي آيو. هنن کيس چيو ته توهان ان لاءِ Qualify نٿا ڪريو.
ان تي هو ماڳهين پروفيسر جو مثال ڏئي آيو ته هن جا ڪاغذ ته Process ۾ آهن. بس وٺ پڪڙ ٿي، پروفيسر صاحب کي به Disqualify ڪري ڇڏيائون.
پوءِ ٻنهي کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته جيڪر هڪ جي ٿي وڃي ها ته پوءِ ٻيو پاڪستاني به هن مَلئي
آفيسر جي معرفت ڪرائي وٺي ها. مون ڪڏهن ڌارئين ملڪ جو پاسپورٽ (شهريت) اختيار نه ڪئي
پر آئون هر ملڪ ۾ ڏسندو هئس ته، اسانجي ملڪ جا ماڻهو جيڪي اڳ ئي ان ڌارئين ملڪ جا شهري
هوندا هئا، اهي هرگز نه چاهيندا هئا ته ڪو اسان جهڙن ٻين کي ملي. هنن کي جيئن ئي کَڙڪ
پوندي هئي ته ٻئي جو پتو ڪٽرائي ڇڏيندا هئا. ڪاميابي فقط انهن کي نصيب ٿيندي هئي، جيڪي
پنهنجن کان پري رهيا ٿي ۽ هنن هر ڳالهه کي راز ۾ رکيو ٿي.
ملائيشيا جي شهر ”جو هور بارو“ جي هڪ اداري ۾ اسانجي، ٽن چئن ڄڻن نوڪري
ڪئي ٿي. هو گڏ رهيا ٿي ۽ گڏ آفيس به ويا ٿي. انهن مان هڪ جيڪو ڦَڏي باز قسم جو هو
۽ هن جي ملائيشيا ۾ دل نٿي لڳي. اهو اهاني بهاني انتظاميا سان وڙهندو رهيو ٿي. آخر
هڪ ڏينهن هن کي نوڪريءَ کان جواب مليو ته ٻين کي به چيائين ته توهان به مون سان ٻَڌي
ڪريو ۽ توهان به نوڪريءَ تان استعيفا ڏيو ته هنن مَلئي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي. هنن
گهڻو ئي چاهيو ته ائين نه ڪجي پر هو هن ڦَڏي باز جي اثر هيٺ ايترو ته هئا، جو مجبورًا
استعيفا ڏنائون. اداري جون في الحال وايون بتال ٿي ويون ته هڪ ئي وقت هيترا آفيسر ڇڏي
ويا پر پوءِ هو ڌَڪ پچائي ويا. وڏو خرچ ڪري هندوستان مان جلدي ماڻهو گهرايائون، جيڪي
ٿوري ئي وقت ۾ ڪم سکي ويا ۽ اداري جو ڪاروبار هلڻ لڳو پر ان اداري اڄ ڏينهن تائين وري
اسان جي ملڪ جي ماڻهوءَ کي نه رکيو آهي. دراصل هر ماڻهوءَ جي پنهنجي طبيعت ٿئي ٿي.
هو پنهنجي اباڻي گهر ۽ وطن جا سُک ڇڏي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي ٿو. پوءِ هو جيتوڻيڪ اهو ئي
سمجھي ٿو ته پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهوءَ سان رهي هو بهتر محسوس ڪندو پر ائين ٿئي نٿو. ٿوري
ئي عرصي ۾ هنن کي هڪٻئي جون عادتون يا فيصلا پسند نٿا اچن ۽ پوءِ اختلاف شروع ٿيو وڃن.
توهان ڏسندئو ته، ڪنهن يونيورسٽيءَ جا ٻه پروفيسر پيار محبت سان گڏ تعليم لاءِ ولايت
ويندا، واپسيءَ تي اهڙو رُسي ايندا جو اچڻ سان هڪٻئي جون گِلائون پيا ڪندا.
پرديس ۾ ڪير کڻي ڪيترو به خبردار رهي پر ٿوري گهڻي کِٽ پِٽ ٿيو وڃي ۽
آئون هميشه اهو چوندو آهيان ته بهتر آهي ته مقامي ماڻهن يا ڌارين ملڪن جي ماڻهن سان
گڏ رهجي، جيئن ڪا هلڪي ڦُلڪي رنجش ٿي به پوي ته ملڪ ڇڏڻ وقت اها اتي ئي دفن ٿي وڃي
۽ اتي جا جهڳڙا پنهنجي ڳوٺ يا محلي ۾ نه کڻي اچجن. هونءَ ئي سفر اهڙي شيءِ آهي، جو
ٿڌي طبيعت جو صابِر ماڻهو به ڪڏهن ڪڏهن چيڙاڪِ ٿيو پوي ۽ ٻئي جي دل رنجايو وجھي. ٻيو
ته ٺهيو پر جنهن زماني ۾ حاجين جا جهاز هلندا هئا ته ڪراچيءَ مان چڙهڻ وقت اسان جا
حاجي سڳورا تسبيحون پڙهندا هلندا هئا ۽ هر هڪ ٽولي جا حاجي پاڻ ۾ عزت احترام ۽ محبت
سان پيش ايندا هئا. پوءِ ٻه مهينا کن سعودي عرب ۾ رهي جڏهن موٽندا هئا ته واپسيءَ جي
سفر تي هر هڪ کي ٻئي لاءِ ڏک ۽ شڪايتون هونديون هيون........... ناراضگيءَ جو هڪ سبب
خريد ڪيل اَڻ ميو سامان به هوندو هو، جنهن جي رکڻ لاءِ کين جاءِ نه پئي ملندي هئي!
پرديس ۾ پنهنجن بدران ڌارين سان دوستي رکڻ لاءِ آئون ان ڪري به چوندو آهيان ته، جيئن
ٻين ملڪن ۽ زبانن جي ماڻهن جي به ڄاڻ ٿي سگهي، پنهنجا ته هونءَ به پنهنجا آهن. ڪم پوڻ
تي هنن وٽ ڪنهن وقت به وڃي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڌارين جي ويجهو رهڻ سان انهن جون
سٺيون ڳالهيون به سکي سگهجن ٿيون. بهرحال هي منهنجا پنهنجا خيال آهن. توهان جو ڪو دوست
يا مائٽ ٽي چار سال کن ٻاهر رهي آيو هجي ته ان کان به راءِ وٺي سگهو ٿا ته منهنجو مشاهدو
ڪيتري حد تائين صحيح آهي.
No comments:
Post a Comment