ترڪ ۽ ترڪي دسترخوان
امتياز منگي
ترڪن لاءِ اسڪارلاٽوس وزنٽيوس (Skarlatos Vizantios) پنهنجي ڪتاب بائزنطينو ترڪيڪا(Byzantino Turcica) ۾ لکي ٿو ته؛ ترڪ گهڻو ڪري سهڻا، ڊگها ۽ ڀريل بت وارا ٿين ٿا. سندن چهري
مان شرافت جهلڪندي نظر ايندي ۽ ڪارين ڀروئن هيٺان سندن تيز اکيون چمڪنديون آهن.
اهي توري تڪي ڳالهائيندا، ترڪ موسيقي، گلن، خوشبوئن، مٺاڻ ۽ قهوي سان پيار ڪن ٿا.
جانور به انهن جي مهربانيءَ ۽ فياضيءَ کان محروم نه ٿا رهن. جتي ڪوئي بي زبان تي
تشدد ڪندو نظر ايندو هي اتي بيهي رهندا ۽ ڪاوڙ مان چئي ڏيندا ”ڇا تون اهڙي زندگي
پئدا ڪري سگهين ٿو؟“ هي اقتباس ۱۸۵۲ع جو آهي پر موجوده دور ۾ ان جي وصف ٻي به ٿي
سگهي ٿي. هرملڪ ۽ هر شخص جو نقطه نگاه ان جي تجربي تي منحصر هوندو آهي. پاڪستان
انهن جو دوست ملڪ آهي ته اسان جي پنهنجي راءِ آهي پر صدين تائين سندن ماتحت رهندڙ
عرب سڳورن جو پنهنجو خيال هوندو. قبرص وارا ترڪن کي الڳangle
سان
ڏسندا هوندا ۽ هنگري يا بلغاريه واسي جن ترڪن جون تلوارون هلندي ڏ ٺيون آهن، اهي
کين ڪهڙو نالو ڏيندا هوندا؟ برطانيه وارن جا ترڪن
سان ناتا هميشه سٺا رهيا آهن، اهي ترڪن کي ”مشرقي انگريز(The Englishmen of the Orient) ڪوٺيندا آهن.
منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته هن وقت ترڪن جا
مهانڊا هڪ جهڙا نه رهيا آهن. ڪي ته typical قسم جا ترڪ لڳندا ۽ ڪي نج يورپي
نيريون اکيون، ڀورا وار، ڳاڙهي چمڙي. گائيڊ اهو به ٻڌايو ته ترڪي جا ڪجهه ڳو ٺ حسن
جي لحاظ کان مشهور هيا جتان وڏي مقدار ۾ عورتون حرم لاءِ چونڊبو هيو. هتي تاتاري
نمونا به موجود هوندا هيا ۽ چچين اکين ۽ منهن جي هڏين نڪتل ترڪمان به ملندا.پر
سڏبا سڀئي ترڪ.مون استنبول جي ڪنڊ ڪڙڇ کان و ٺي Miss
World جي مقابلن تائين ترڪي ءَ جون بادامي اکين ۽ ڪارن
وارن واريون ڇوڪريون ڏ ٺيون آهن. تمام سنهڙيون، پاءُ گلن ۾ ترڻ واريون، سوچيان ٿو
ته ايترن لذيذ کاڌن جي ملڪ واريون ڇوڪريون ۽ ايڏيون slim. ترڪ معاشري ۾ خاندان بنيادي عنصر آهي. هتي قهوه خانن ۾ پڪا پوڙها
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندا نظر ايندا. بازارن، باغن يا رستي ويندي ترڪ خاندان پاڻ ۾
ملي ويندا ته ڳل ملائي مٺي وٺي هڪ ٻي کي کيڪاريندا. عورتون به ساڳي نموني ملنديون.
آخر ۾ هڪ ٻئي جي ننڍن ٻارن کي پيار ڪندا.
خبر ناهي اهڙا مصالحا آهن، پچائڻ
جي ترڪيب اٿن، ڪراڪريءَ جو ڪمال آهي، سروس جي ٽيڪنڪ يا هٿن ۾ لذت، ترڪي کاڌا اهڙا
ته مزيدار آهن، جو آڱريون چٽيندا رهجي ويندؤ. هتڙي ايندڙ سياحن جو وزن هڪدم وڌي
ويندو. هتي وچولي درجي جي هوٽلن ۾ ماني جو بل ۱۰ کان ۱۵ ليرا تائين پئي آيو.
پاڪستاني لحاظ کان هڪ ويلو ستن کان اٺ سؤ تائين، تمام مهانگو لڳو. هتي اها سهولت
ضرور آهي ته کاڌو حلال آهي. پر پاڻي هميشھ منرل پيئجي ۽ عام پاڻي ڪٿي به نه پيئجي
يا ڪولڊ ڊرنڪ وٺي ڇڏجي. هتي سڀ هوٽل صاف سٿرا
آهن، ڪٿي به مکيون نظر نه اينديون. اسٽاف به نهايت فّضيلت ڀريو اٿن. ڀاڄيءَ ۾ لوڻ
مرچ موافق ۽ تاثير ٿڌو اٿن. خاص ڪري هتان جو شورمو (Shawarma)بهترين آهي. شروع شروع ۾ بحرين ۾ دوست اعجاز پنهنجي گهر ۾
شورمو کارايو هيو ۽ مٿان ڪڙڪ چانهه پيئاري هئي. چڪن رول جيان شورمي ۾ ٽماٽا، بصر،
مرغي ۽ سائو مصالحو ڀريل هوندو آهي. ترڪيءَ ۾ اچي اها خبر پئي ته شورمو اصل ۾
ترڪيءَ جي Product
آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ڦرڻ يا (Turning) لاهور کانپوءِ مون کي استنبول جي طعامن ۾
سواد مليو.
گهڻي ديرٿي وئي آهي. واپسيءَ تي
رستي مان جنرل اسٽور تان ڪجهه رهيل سامان ورتو ۽ يادگيري سان ساڳيا رستا وٺي Hotel
Aspen پهتاسين. ڪائونٽر تان ڪنجيون و ٺي هڪ ٻئي کي
شب بخير چئي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ سُمهي پياسين.
ناشتي جي ميز تي
صبح جو سوائين ستين وڳي سجاڳي ٿي.
منهنجي اوائلي سيڪو فاء واچ ٽي ڪلاڪ پوئتي هئي ۽ چار پئي وڄايائين. ٽائيم کي ترڪي
جي معياري وقت موجب صحيح ڪري تاريخ ڏٺم. اڄ اپريل جي ويهين تاريخ هئي ۽ ڏينهن سومر
جو. برش ڪري، ڪپڙا مٽائي ناشتي لاءِ ڇت تي وڃڻ لاءِ لفٽ دٻايم، پر دير تائين در نه
کليو. ڪنهن فلور تي ڦاسي ته نه پئي؟ بيزاريءَ وچان ڏاڪڻ ذريعي مٿي وڃي هال ۾ داخل
ٿيم. هي هال بهترين ترتيب ۽ سليقي سان
ٺهيل هيو. Buffet سسٽم منجهه ٽيبل جنهن تي مختلف قسمن جون
ڊشز، ڪافي، چاءِ، جوسز، فروٽ ۽ گهڻو ڪجهه لڳل هيو. چئو طرف نوجوان يورپي سندرين جي
اٽالن پاڪستاني وفد کي پاڳل ڪري ڇڏيو. سندن دلفريب نخرا ماحول کيidealistic
بڻائي رهيا
هئا. سندن آلن وارن مان Shampoo جي هڳاء، ۽
ڪلهن تي ڪريل وارن مان ٽمندڙ قطرا جرسي جي ٽي شرٽ ۾ جذب ٿيندا پئي ويا. ڪنهن
جلترنگ جيان سس پس، تاڙا ملائڻ، ناشتو ته نه هليو پراکين جو ڍئو ٿي ويو. هال بلڪل
شفاف شيشن سان ڍڪيل هيو جنهن تي شوخ رنگن
جا پڙدا لڙڪيل هئا. اوچائيءَ تان چئني طرفن جي استنبول جي اوچين عمارتن، سڌن رستن
تي ڊڪندڙ ٽريفڪ ۽ مسجدن جا مينار پئي نظرآيا. ان سان لاڳا پيل هڪ کليل حصو، جنهن
تي سن باٿ وٺڻ لاءِ بينچون رکيل هيون. مون پليٽ ۾ ڏهي، سبزي ۽ سلائيز ورتا، جيڪا
منهنجي خوراڪ آهي ۽ چاءِ جو ڪپ ڀري هڪ خالي ٽيبل تي ويهي رهيس. مون چاءِ جو پهريون
ڍڪ مس ڀريو ته چار پنج يورپي ڇوڪريون
منهنجي ٽيبل تي Excuse me چئي لاپرواهي سان اچي ويهي رهيون، مون اٿي
انهن کي اخلاقن رستو ڏنو. هنن مونسان ڪجھه ڪون ڳالهايو ۽ منهنجي اڳيان گسي ويهي
رهيون. هنن پاڻ ۾ کل ڀوڳ پئي ڪئي. سندن جسماني ساخت ۽ انتهائي گوريءَ رنگت کين
مرڪز نگاه بڻائي ڇڏيو. مان به هيڏي هوڏي ڏسڻ بهاني انهن کي scan ڪرڻ
جي پوري ڪوشش ۾ هيس جيڪو اسان پاڪستانين جو قومي فريضو آهي. هڪ مرحلي تي هنن مون
کان کنڊ جي ائڊريس پڇي. منهنجي ته شگر لو
ٿي وئي ۽ ڏڪندي پنهنجي اڳيان رکيل پيالي سرڪائي انهن ڏي ڪيم. منهنجي ڀر۾ ويٺل
ڇوڪري جيڪا انهن سڀني ۾ سيبتي پئي لڳي، تنهن ٽيبل تي استنبول جو نقشو کولڻ لاءِ
ٻانهون ڦهلايون. آهستي آهستي نقشي جي مختلف هنڌن تي هٿ رکنديون ٽيبل کي ول جيان وڪوڙي ويون. منهنجي نڙي سڪي
ٺوٺ ٿي وئي، پا ڻيءَ جو ڍڪ ڀري نڙي آلي ڪيم. مون پنهنجي حق ۾ اهو بهتر سمجهيو ته
ٽيبل ڇڏي ڀڄي وڃان. سامهون واري ٽيبل تي ويٺل گجرانوالا جو قاضي مون کي ڏسي آڱوٺي
سان فتح جو نشان ڏيکاريو ته موجن ۾ آهين ۽ منهنجي حالت اڌ ته تيز خوشبوئن ۽ باقي
ڀريل جسمن جي هڳاءُ خراب ڪئي. مان ڪرسي ڇڏي هلڻ لڳس. ڪمري ۾ واپس اچي جاگر پائي
تيار ٿي هيٺ پهتم.
گروپ کي ٻڌايو ويو ته اڄ نيري مسجد
۽ ڪجهه ٻيون دلچسپ جڳهيون ڏسبيون، جنهن لاءِ ٽرام ذريعي هلبو، جيڪا walking
distance تي آهي. اسان پنڌ پنڌ ٽرام جي اسٽاپ تي
پهتاسين، ٽوڪن ورتو. پليٽ فارم تي انتظار پئي ڪيو، ته اوچتو هڪ تيز رفتار ٽرام اچي
بيٺي ۽ سندس در کلي ويا ڪافي ماڻهو لٿا ۽ ڪافي چڙهيا. آئون رهجي ويس ۽ در بند ٿي
ويا. پر شڪر جو گائيڊ به مون سان گڏ رهجي ويو. ڏاڍي کل پئي آئي ته ٻيا دوست بغير
گائيڊ جي الائي ڪٿي وڃي نڪرندا ۽ جيتري تڪڙ ڪيائون اوترو انتظار ڪرڻو پوندن.
منهنجي اها پراڻي عادت رهي آهي ته وٺ وٺان مهل پوئتي رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پوءِ
شادي هجي يا شغل. اڪثر شادين مان بکيو موٽڻ تي گهرواري جي تنقيد ۽ ٻارن جي کل تي
لڄي ٿيندو آهيان. ساڳي حالت فوٽو ڪڍرائڻ مهل به ٿيندي اٿم. هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ
نيٽورڪ جڏهن چنار هٽس بوربن ۾ ٽريننگ رکي هئي، ته ان جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري
تقريب وقت جيڪي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، انهن ۾ گروپ فوٽو به پيوند ڪيل هيوپر اتفاق سان
منهنجو فوٽو نه آيو. جڏهن مون کان گروپ فوٽو مان غير حاضر رهڻ جو پڇيو ويو ته
ٻڌايم ته مان موجود ضرور هيم، پر منهنجي اڳيان بيٺل دوستن پاڻ کي نمايان ڪرڻ جي
ڊوڙ ۾ مون کي لڪائي ڇڏيائون. منهنجي ان جواب تي سجاد مون کيsorry چيو ۽ چيائين ته هنن ۽ فوٽو ڪڍندڙ
جو به فرض هو ته سڀني جو منهن اچڻ کي يقيني بڻائين ها. هتي وقفي وقفي سان ٽرام اچن
ٿيون، اسان ٻي ٽرام ۾ چڙهياسين ۽ ٽرام جون ٽي اسٽيشنون ڇڏي لهي پياسين. هتي اسان
جا تڪڙا دوست پڻ انتظار ۾ بيٺل نظر آيا. اسان جو قافلو نيريءَ مسجد طرف روانو ٿيو.
رستي تي اسان گروپ فوٽو ڪڍرايو جيڪو جرمن ڦوهاري اڳيان نڪتو.
No comments:
Post a Comment