ترڪيءَ جون يادگار جايون
امتياز منگي
جرمن ڦوهارو
انيڪ خوشبوئن،
ٿڌڙين هوائن ۽ گهاٽي ڇٻر جي وچ ۾ موجود هي قبو ڄڻ ته ڪنهن ڪوه قاف جي پريءَ جو
آستان لڳندو هجي. خوبصورتيءَ جي علامت بڻيل هي چبوترو سياحن لاءِ تاريخي حيثيت ۽
فرحت ڏيندڙ ۽ مقامي نوجوانن لاءِ Lovers Spot جي لحاظ کان مشهور آهي. هڪ نظر ۾ ڄامشوري جي
علامه آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا جي آخري آرام گاهه محسوس ٿيندو. هيءُ عجيب ڦوهارو
آهي، جيڪو مٿان بند آهي. هي ڦوهارو جرمنيءَ جي حاڪم ولهم ٻيو German Emperor Wihelm-II
جي ۱۸۹۸ع ۾ استنبول جي ٻئي دوري جي يادگار طور کڙو ڪيو ويو.
هيءُ ڦوهارو
جرمنيءَ ۾ ٺاهيو ويو ۽ ٽڪرن جي صورت ۾ ٽرانسپورٽ ڪري، ۱۹۰۰ع ڌاري هن هنڌ جوڙي کڙو
ڪيو ويو. هي ڦوهارو وقت جي سلطان عبدالحامد کي تحفي طور ڏنو ويو هيو ڇالاءِ ته
ولهم ٻيو ترڪيءَ جي سلطان عبدالحامد جي مهمان نوازيءَ کان تمام متاثر ٿيو هئو.
تحفي سان گڏوگڏ هي ٻن حاڪمن جي خوشگوار ناتن جو نشان آهي هن چبوتري کي اٺ ڪالم يا
ٺلهه آهن، جڏهن ته ڇت اندران اڪريل گولڊن ڊزائن اٿس. اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل
اٿس. جيڪڏهن ڪنهن مسافر کي ڪجهه ساعتون سڪون وٺڻو آهي ته گلن جي جهرمٽ ۾ جرمن
ڦوهاري وٽ ويهي ڊگها ساه کڻي. مان يقين سان ٿو چوان ته سندس ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي ۽
هو تازه دم ٿي ويندو. ڦوهاري جو سڀ کان وڌيڪ پرڪشش سندس قبو Dome آهي، جيڪو سائي رنگ جو آهي.
ڦوهاري مان پاڻي نڪرندي نظر ڪو نه آيو.
سلطان احمد مسجد المعروف نيري مسجد
گروپ فوٽو بعد اسان عظيم الشان نيري مسجد سامهون اچي پهتاسين. هڪ نَظر وجهڻ سان
سندس نقشو اهڙو ته لاثاني لڳو، جو اوهان مدتن تائين ان کي وساري نه سگهندؤ. هونءَ
ته هيءَ مسجد نيري مسجد جي نالي سان ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي ته هن مسجد جو نالو سلطان
احمد مسجد پڻ آهي، جنهن هيءَ جوڙائي هئي. مسجد جا ڇهه مينار آهن جڏهن اڏاوت پوري
ٿيڻ تي سلطان احمد کي مينارن متعلق خبر پئي ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وي،و ڇو ته انهن
ڏينهن ۾ صرف مسجد حرام (مڪي پاڪ جي مسجد جيڪا حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ حضرت
اسماعيل عليہ السلام جي دور جي ٺهيل آهي) جي مينارن جو تعداد ڇهه هيو. جيئن ته
مسجد جڙي راس ٿي چڪي هئي، ان ڪري ان مسئلي جو حل اهو ڪڍيو ويو ته هن مسجد جي
مينارن ۾ تبديليءَ بجاءِ مسجد حرام ۾ هڪ مينار جو اضافو ڪيو ويو ۽ انهن جو ڪل انگ
ست بيهاريو ويو. مسجد جي مرڪزي ڪمري تي ڪيئي گنبذ آهن، جن جي وچ ۾ هڪ مرڪزي گنبذ
آهي جنهن جو قطر ۳۳ ميٽر ۽ بلندي ٽيتاليهه ميٽر آهي. مسجد ۾ شيشي جون ٻه سؤ کان
وڌيڪ دريون آهن ته جيئن قدرتي روشني ۽ هوا جو گذر رهي. رنگين شيشا اٽليءَ جي شهر
وينس مان سلطان کي تحفي طور مليا، جيڪي ٽٽي پيا، انهن جي جگهه تي نوان شيشا فٽ ڪيا
ويا آهن. مسجد اندر پنهنجي وقت جي مشهور خطاط سيد قاسم غباري جي قرآن مجيد جي خطاطي ٿيل هئي بلڪل ائين جيئن پاڪستان ۾ صادقين
جا فنپارا آهن. مسجد جي طرز تعمير جي خاص ڳالهه اها آهي ته جمع جي نماز جي موقعي
تي جڏهن امام خطبو ڏيڻ لاءِ اٿي ٿو ته مسجد جي هر ڪنڊ کان کيس آسانيءَ سان ڏسي ۽
ٻڌي سگهجي ٿو. هن مسجد جي هر مينار تي ٽي ڇاڄا آهن جتان بيهي موذن پنجن وقتن جون
آذانون ڏيندا هئا. اڄڪلهه اسپيڪر سسٽم ذريعي آذانون ڏجن ٿيون، جيڪي قديم شهر جي
ڪنڊ ڪڙڇ تائين ٻڌيون وڃن ٿيون. سج لٿي جي نماز تي هن مسجد ۾ مقامي باشندن ۽ سياحن
جو وڏو انگ بارگاهه الاهيءَ ۾ سربسجود ٿئي ٿو. رات جو بلبن جون قطارون هن جي جاه
وجلال ۾ اضافو ڪن ٿيون جيڪي ڇت ۾ لڙڪيل آهن. اڳ ۾ لڳل فانوس سون ۽ هيرن جواهرن سان
سينگاريل هوندا هئا، جيڪي بعد ۾ يا ته هٽايا ويا يا ميوزيم ۾ رکيا ويا. يورپين سندس نالو Blue Mosque ان ڪري رکيو، جو درين جي اڌ حصي تائين ڀتين تي بلو ۽ اڇيون ٽائيلز لڳل
آهن. شروع ۾ مسجد جي اڏاوت ۱۶۰۹ع ۾ آرڪيٽيڪچر صيدفڪار محمد آغاSedefkar
Mehmet Agha جي نگرانيءَ ۾ شروع ٿي، جيڪا ۱۶۱۶ع ۾ مڪمل
ٿي. مسجد جو افتتاح خود سلطان احمد ڪيو. مسجد اندرهڪ ڏيئو پڻ پاڻ ئي روشن ڪيو
هيائين، جنهن جو ٻارڻ اڳتي هلي روايت بڻجي وئي. هيو استنبول ۾ جوتا مسجدن جي ٻاهر
ڪونه رکيا ويندا آهن، پر پلاسٽڪ جي مختلف ٿيلهين جون مشينون لڳل آهن ۽ ٽشو پيپر
جيان ڪوبه شاپر کي ڇڪي پنهنجو بوٽ ان ۾ کڻي مسجد جي زيارت ڪري سگهي ٿو. مسجد اندر
پوءِ مرضي آهي ته هو ماڻهو ڪنهن سولي جڳهه تي شاپر رکي نماز پڙهي يا زيارت ڪري.
مسجد اندران تمام ڪشادي هئي ۽ ڇت
تي چٽسالي ٿيل هيس، جيئن ڪلهوڙا دور جون سنڌ ۾ ٺهيل مسجدون آهن. مسجد اندر ڪن
عورتن ته Scarf مٿي تي رکيا هئا. باقي ڪافي ٽوئرسٽ عورتون Jeans ۾ لاپرواهيءَ سان گهمندي
ڦرندي نظر آيون. مسجد جو اندروني ماحول نهايت ئي پرسڪون هيو. ڪجهه مقامي ماڻهن ته
نماز پئي پڙهي ۽ ڪن هلڪي آواز سان قرآئت پيئي ڪئي، باقي ۹۰ سيڪڙو صرف مسجد گهمڻ ئي
آيا هئا. فرش ڪارپيٽ سان ڍڪيل آهن، جيڪي مخير ماڻهن طرفان ڏنا ويندا آهن. ميري ٿيڻ
يا فاٽي پوڻ جي صورت ۾matched ڪارپيٽ هڪدم مٽايا وڃن ٿا. مسجد سان لاڳاپيل
مدرسا، بازارون، ڦوهارا ڏسڻ وٽان آهن. مسجد جو ٻاهريون صحن تمام ڪشادو آهي، پر فرش
تي لڳل ماربل مختلف جڳهن کان ٽٽل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ناهموار پڻ آهي.
پوپ بنيڊ ڪٽ (Pope Benedict
XVI) ٽيهه نومبر ۲۰۰۶ع تي بلو مسجد ۾ آيو هيو.
هتي هو جوتا لاهي، ٻن منٽن لاءِ اکيون ٻوٽي خاموش بيٺو رهيو. هن جي هڪ پاسي استنبول
جو مفتي ۽ ٻي پاسي بلو مسجد جو امام هيو.
هتان ٿي هو مڪي پاڪ ويو هيو، جتي هن خاموش عبادت ڪئي هئي.
تاپ ڪاپي ميوزيم
نيري مسجد بعد اسان کي Topkapi محل/ ميوزيم ڏسڻو هيو جيڪو اڏاوت، تاريخي بيهڪ،
رهائشي، انتظامي توڙي مذهبي لحاظ کان اهم هيو. هي محل سلطانن جي سرڪاري رهاشگاهه
هيو. محل کي سلطنت جي زوال بعد ميوزيم جو درجو ڏنو ويو ۽ ان ۾ موجود ناياب شيون ۽
نوادرات کي نمائش
لاءِ رکي ميوزيم بڻايو ويو هيو. اسان
جو قافلو پيرين پنڌ سندس مک دروازي طرف پهتو. هن محل کي ڏسڻ جي ٽڪيٽ ۲۰ ليرا آهي
جيڪا پاڪستاني حساب سان هڪ هزار سٺ روپيه بيهندي. هتڙي ٻاهرينِ ۽ مقامي ماڻهن جي
ڏاڍي رش آهي. مون انٽري ٽڪيٽ ورتي ۽ سنگت سميت مک دروازي مان داخل ٿي، محل جي ايوان ۾ اچي پهتاسين.
Wonderful................. هڪ نئون جهان، هڪ سنهرو دور يا ڪو پرستان. هي محل ته خواب ۾ به قسمت وارن
کي شل نظر اچي. ستر واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي ٻاراڻي سائنسي ڊراما سيريل
۾، ٽيليفون بوٿ نموني هڪ شفاف ٽائيم مشين ڏيکاري ويندي هئي، جنهن ۾ پويان سال enter ڪري گذريل وقتن ۾ وڃي سگهبو هو. تاپڪاپي ۾ اندر داخل ٿيڻ سان ائين لڳندو ڄڻ
ماڻهو ڪنهن ٻي دنيا ۾ داخل ٿيو هجي. مان حيرت وچان محلات جي نقش و نگار جو جائزو
وٺندي اهو به وساري ويٺس ته باقي سنگت مون کان اڳتي نڪري وئي هئي ۽ مان بلڪل اڪيلو،
ڄڻ انصاف لاءِ، سلطان جي درٻار ۾ سين بيٺو هجان؟ ڪي پاسا اوسا ته اهڙا ڄڻ انگريزي
ڀوائتين فلمن ۾Vampire يا رت چوسيندڙ بلائن جي بستي. ڪن هنڌن تي وري
ائين محسوس ٿيندو ڄڻ آدمخورن جا ڦٽل آستان. باقي ڪافي حصا صاف سٿرا جن جي هر شئي
ترتيب سان رکيل.
هي محل ڪنهن دؤر ۾ سلطانن جو انتظامي
مرڪز رهيو هيو. ۱۴۵۳ع ۾ جڏهن استنبول فتح ٿيو. ان وقت سلطان گرانڊ بازار (استنبول
جي مشهور بازار) ڀرسان، هڪ ننڍي گهرڙي ۾
رهائش پذير ٿيو هو، جيڪو بايزيد Bayezid سڏرائيندو هو.
بعد ۾ ۷۸-۱۴۷۵ع دوران هي محل ٺهي راس ٿيو ۽ سلطان ان ۾ منتقل ٿيو. پر سندس مرمت جو
ڪم ان بعد به وقتن فوقتن ٿيندو رهيو ۽ محل جي خوبصورتي ڏيهان ڏينهن مشهور ٿي. محل
ڏسڻ سان گذريل دورن جي ڪاريگرن جو ڪمال فن، پلاننگ سان جوڙيل عمارتن ۽ سلطانن جي
ذوق ۽ اعلي سوچ کي داد ڏيڻ تي دل ٿي چيو. محلاتن ۾ هڪ حصي ۾ اسلامي نوادرات، پياري
پيغمبرؐ ۽ خليفن جون تلوارون، هجر اسود مبارڪ جي ڪيسنگ، خانه ڪعبه جو سون سان جڙيل
نيسارو، سندس قلف ڪنجيون نهايت ترتيب سان سجايا ويا آهن. ان کان سواءِ حضرت اويس
قرنيءَ جي ٽوپي، حضرت ابراهيم عليه السلام جو پيالو، حضرت يوسف عليه السلام جو
پهراڻ، حضرت موسيٰ عليه السلام جي لٺ ۽ شيشي جي شوڪيس ۾ رسول الله ﷺ جن جي پاڪ قدمن
جا نشان، سندن ڏند مبارڪ، ٺپو ۽ جنگين ۾ ڦڙڪايل جهنڊا پڻ موجود آهن.
محل اندر سلطانن جي اولاد جي تعليم
۽ تربيت لاءِ پڻ هڪ حصو نظر آيو ۽ سلطان جي آفيس پڻ ڏٺيسين، جتي انتظامي جوڙجڪ،
ڪچهريون، صلاح صواب ۽ فيصلا ٿيندا هئا. ڪجهه حصن تي جوڙيل بلاڪن ٻاهران ٻنهي پاسن
کان ڀتين ۾ پاڻي جون نلڪيون لڳل هيون ۽ سندن منهن به چڱو خاصو وڏو هو. گائيڊ جنهن
جو نالو اوڪتائي هيو ۽ مون کيس چغتائي پئي سڏيو، جي ڀرسان وڃي پڇيومانس ڏي ته خبر
ڀلا مکيه آفيسن ٻاهران پاڻي جي وڏين ٽانڪين لڳائڻ جي ڪهڙي تُڪ هئي. منهنجي سوال جي
جواب ۾ گائيڊ هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو. هن ٻڌايو ته جڏهن سلطان ڪابه خفيا گڏجاڻي
رکندو هو يا ڪنهن سان ڪا اهڙي ڳالهه ڪرڻ چاهيندا هيا، جيڪا ڪو ٻيو نه ٻڌي ته هڪدم
پاڻي جي ٽانڪين جا منهن کوليا ويندا هئا. پاڻي جي شور ۽ گوڙ گهمسان تي ٻاهران بيٺل
رعايا توڙي اندر اچي ويل ٿيندڙ خفيه يا ڳجهيون ڳالهيون ٻڌي نه سگهندا هيا ۽ جڏهن
ڳالهه ختم ٿي ويندي هئي ته هڪ پاڻي بند ڪيو ويندو هيو، جنهن مان ظاهر ٿيندو هو ته
هاڻي سلطان فارغ آهي. هي هڪ قسم جو حساس اداري وارو ڪم هيو، جنهن جو مقصد سائونڊ
پروف ماحول پئدا ڪري حڪومت جي خفيه فيصلن کي ڳجهو رکڻ هيو.هن محل جي پکيڙ ۱۷۳
ايڪڙن تي آهي ۽ چوڌاري ڏنل ڪوٽ جي ڊيگهه پنجن ڪلوميٽرن تائين ٿيندي. ترڪيءَ ۽
سعودي عرب جي مسجدن جي باري ۾ هڪ ويبسائيٽ جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ته خانه ڪعبه ۽ مسجد نبوي کان سواءِ تاپڪاپي ۽ بلو مسجد کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي اسلامي زيارتن جون(3D three
dimensional) تصويرون آهن. مون
کي جڏهن به استنبول ياد ايندو آهي ته اها ويبسائيٽ www.3DMekanlar.com ڏسندو آهيان. حيدرآباد ۾ نوڪريءَ دوران ڪنهن ٻاهرئين وفد کي
هيرآباد ۾ سرفراز ڪالونيءَ ۾ ميرن جا قبا ۽ صحافي ڪالونيءَ ۾ ڪلهوڙن جا مقبرا
ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو هيس. وفد جي ميمبر مون کان سوال ڪيو ته؛ ڇا ڳالهه آهي جو جديد
مشينون، بي انداز بجيٽ ۽ انجينيئرنگ جي مهارت باوجود، پراڻيون عمارتون اڄ به
شاهڪار آهن؟ مون کلي وراڻيو ته؛ هي عمارتون ڪميشن بنا جوڙايل آهن، تڏهن اڃا تائين
سلامت آهن.
حرم
تاپڪاپي ۾ عورتن جي مخصوص حصي کي
حرم سڏيو ويندو هيو. مردن کي هن حصي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي هئي. هن
زنانخاني جو ڪنٽرول ۽ انتظام راڻي ماءَ جي هٿ وس هوندو هو. ٻڌايو ويو ته هتي ڏاڏي
پوٽين کان علاوه مختلف ملڪن ۽ نسلن
جون پٽ راڻيون ۽ ٻيون بلا جون حسين عورتون
رهنديون هيون، جيڪي سلطانن جي هڪ نگاه جون منتظر هونديون هيون، جن مان
ڪجھه نڪاح ۾ ورتل، ڪجهه سنگتياڻيون، ڪي تحفن ۾ مليل، ڪجھه فتوحات وقت هٿ ڪيل ۽
ڪجهه مخصوص دلبريءَ لاءِ ترسايل هيون. ڪنهن هنڌ پڙهيو هيم ته عورتن جي هن جزيري ۾
موجود حور پرين سان سلطان سلامت حياتي ۾ مشڪل سان ڪو هڪ دفعو ئي انصاف ڪري سگهيو
هيو. ته سوال اهو آهي ته پوءِ بقايا حياتي اهي sex symbol سندريون
ڪهڙي ذهني ۽ بدني ڪيفيت مان گذرنديون هونديون؟ سندن ڪشش ۽ جنسي ڇڪ مان سندن ارد
گرد منڊلائيندڙ ڪاري نسل جا خدمتگار، نوڪر چاڪر ۽ سڊول بدن وارا محافظ ڪيترو محفوظ
رهيا هوندا؟ باغن ۾ جهولا جهوليندڙ ۽ گلن جي جهڳٽن ڀرسان هوائن مان لطف اندوز
ٿيندڙ قيدي حسينائن جي دلين ۾ ڪهڙي قسم جون حسرتون جنم و ٺنديون هونديون. عين ممڪن
آهي ته امداد حسيني جي شعر وانگي،
”لڪي ۽ ڇپي شام ويلي ٻه پاڇا انهن
وڻن جي ڇانون ۾ ملندا ته هوندا؟“
رات جي سناٽي
۾ ڪٿي ته سنجوڳ ٿيندو هوندو ۽ اڃايل اساٽيل دلين ڪٿي ته هڻي هنڌ ڪيو هوندو؟ شديد
خواهش جي نپوڙ جي انهن حويلي جي رازن جي ڪنهن کي خبر هوندي؟ ڪير پڪڙيو هوندو، ڪير
ڦٻي ويو هوندو؟ ڪنهن ته وٿين مان هڪ اک سان جهاتي وجهي پاڻي سان کيڏندڙ ڪنهن اڪيلي
من چلي جون حرڪتون ڏ ٺيون هونديون؟ حرم اندر ۰۸ تمام وڏا حمام، ۴۶ غسلخانه، ۽ چار سئو ڪمرا هئا. مون ترڪيءَ جي ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تي ڪافي
اهڙيون حرم جون خيالي پينٽگس paintings ڏٺيون، جن ۾ الف نانگيون عورتون حرم جي swimming pools اندر
۽ چوڌاري بيٺل نظر آيون. ان کان علاوه سيج پلنگن تي پڻ سونهن راڻيون ڪپڙن کان بي
نياز ستل نّظر آيون. مان سوچيام ٿو، ته سواءِ نڪاح جي نام نهاد رشتي ۾ قيد چند راڻين کان سواءِ باقي ناجائز ۽
زبردستي واڙيل ناريون به ڪنهن دور ۾ ڪنهن کان و ڇڙيون هونديون، سندن مداح ۽ پريمي
پتو پڇائيندا پڇائيندا تاپڪاپي جي ديو قامت ديوارن ٻاهران آيا هوندا ۽ دربانن هٿان
شديد تذليل بعد اڇلايا ويا هوندا. ڪي آسرو لاهي ويٺا هوندا ۽ ڪي يادن جي سهاري
هوندا، ته پوءِ ڇا تاپڪاپي ۾ باندي بڻيل عورت پٿر جي پوتر مورتي بڻجي وئي هوندي ۽
ڪنهن کي ڪجهه به ياد نه هوندو؟
مون انٽرنيٽ
تي گوگل بوڪ جي ويبسائيٽ تي حرم بابت هڪ ڪتاب پڙهيو هو، جنهن جو نالو Dance, sex and gender: (Signs of identity, dominance,
defiance and desire) هو، جيڪو لين
حنا Judith Lynne
Hanna جو لکيل هو. هي ڪتاب شڪاگو
يونيورسٽي پريس جو ڇپايل هو. هن ۾ ليکڪ ۵۹ صفحي تي حرم جي ڪارگذارين تي لکي ٿو :
At the
Topkapi Harem, concubines danced for the Sultan and for each other. Norman
Penzer (1952) suggests that many of the women may have been lovers. When the
dance was part of religious ceremony, women themselves barred men from seeing
it. In the Harem the dance became an art performed by women
largely for their own sex in seclusion, only this time the seclusion was
enforced by men. Female dancers from outside the Harem were brought into
entertain the men and Harem women, who learned some new dances or techniques
from these strangers.
مسٽر جي اي ڪڊن (J.A.Cuddon) پنهنجي ڪتاب ”استنبول“ ۾ حرم جي باري ۾ لکي ٿو ته؛
”حرم پنهنجي پيچيده رسمن، آدابن
سان گڏ و گڏ هڪ انتهائي منظم سلطنت آهي. خود سلطان کي به انهن رسمن ۽ آدابن جو
پابند رهڻو پوندو هو. حرم تي هر لحاظ کان سلطان جي ماءُ جي حڪمراني هوندي هئي. هتي
ڪنيزن جون مختلف درجاcategories هئا، انهن مان ڪجهه ته چونڊ ذريعي ”خاص“ ليکبيون
هيون، باقي ٻيون ”عام“. ڪي ڪي خاص ئي سلطان جي بستري جي زينت بڻبيون هيون.جيڪا
داشته پنهنجي حسن ۽ ادائن سان سلطان کي پنهنجو ڪندي هئي ان کي منظور نظر چيو ويندو
هو. ان کي خاص مراعتون، نوڪرياڻيون، رهڻ لاءِ ڪشادو سجايل ڪمرو ۽ ٻيون سهولتون
ملنديون هيون. جڏهن سلطان جو سڏ ٿيندو هو ته ان کي تياري جي هڪ ڊگهي ۽ ڏکيي مرحلي
مان گذرڻو پوندو هو. جڏهن اها سلطان وٽ رات رهي ايندي هئي، ته ان کي ”اقبال“
پڪاريو ويندو هو. شاهي خواب گاه ۾ ان جي آمد کي خفيه رکيو ويندو هو. شاهي عشرت گاه
۾ مختلف قسمن جا قوت بخشيندڙ مشروب، خشڪ ميوو، مڌم روشنيون ۽ هر اهو بندوبست ڪيو
ويندو هو جيڪو سلطان جي رات کي يادگار بڻائي.
جي، اي ڪڊن وڌيڪ لکي ٿو: ۱۵۹۹ع ۾
مراد جي حرم ۾ ٻارهن سئو عورتون موجود هونديون هيون.تاهم اها خبر نه پئجي سگهي ته
انهن منجهان ڪيتريون، ڪيترا دفعا ”اقبال“ هجڻ جو اعزاز ماڻي سگهيون. راڻيءَ ماءُ
جي ڪابينا ۾ ڪو حمامن جو نگران، ڪو لباسن جو ڪاريگر، ڪو ٽيبل تي کاڌا سجائڻ جو
ماهر ته ڪو قهوه ۽ چاءِ جو استاد، ڪو مولوي ته ڪو شين جي ترتيب جو ڊزائينر. حبشي
گارڊ يا خواجه سرا سلطان جي امڙ جو سڄو هٿ هوندو هو. ڪارن خواجا سرائن سان گڏوگڏ ڀورا خواجا سرا به
هوندا هئا. ڪارا خواجا سرا صرف حرمن تائين محدود هوندا هئا پر ڀورا ڪرتا ڌرتا
هوندا هئا. اهي سلطانن جا خاص چمچا ۽ محل جي اسڪول جا انچارج هوندا هئا. انهن وٽ
اهم عهدا هوندا هئا. رياست جي معاملن ۾ انهن جو عمل دخل هوندو هئو. اشتقاقي اعتبار
کان ”خواجا سرا“ جو مطلب آهي خواب گاه جو خادم. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته مرداني عضوي
جي محرومي جي شروعات مصر کان سزا طور ٿي هئي. باقي ماڻهن يوناني نامرد ماڻهن جو
سراغ لڳايو هو جن کي گهريلو ڪنوارين ڇوڪرين جي تحفظ لاءِ مقرر ڪيو ويندو هو. جي اي
ڪڊن لکي ٿو ته ڪجهه ته اهڙا به هوندا جيڪي پئدائشي کدڙا هوندا آهن، ڪن کي کدڙو ڪيو
ويندو آهي پر ڪجهه اهڙا به ملن ٿا جيڪي خداوند ڪريم جي خوشنودي لاءِ پاڻ کي کدڙو
ڪري ڇڏيندا آهن. مذهبي مفروضن جي اعتبار کان کدڙا فقير، ولي هوندا آهن ۽ سڌا جنت ۾
داخل ڪيا ويندا. ڪجهه مذهب ائين به چون ٿا ته ان وقت تائين ڪو پادري نه ٿو بڻجي
سگهي جيسيتائين اهو پاڻ کي خصي نه ٿو ڪري. لوسيان پنهنجي ڪتاب (Dialogue of Eunuchs) ۾ شام جي بادشاه جي درباري
نوجوان جو قصو بيان ڪري ٿو ته جنهن کي ملڪه عاليه سان هڪ ڊگهي سفر تي وڃڻ جو شرف
حاصل ٿيو. ظاهر آهي هڪ پوڙهو بادشاه جيڪو دوائن جي زور تي صحبت ڪري راڻي کي بيزار
ڪندو هوندو، جي جاءِ تي هڪ نوجوان همسفر، ويجهڙائي جا موقعا، ڏک سک جا احوال، گهمڻ
ڦرڻ، کائڻ پيئڻ، جاڳ ۽ ننڊ هڪ هنڌ، ڪجهه نه ڪجهه ته ٿيندو؟ جي ڪا غلطي ٿي ته انجام
اهڙو جو ڪو به غلام اهڙي غلطي جو تصور به نه ڪري سگهي. اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ
لاءِ ان نوجوان پنهنجي نفس کي ڪٽي هڪ پيٽي ۾ بند ڪري بادشاه آڏو پيش ڪيو. اخبارن ۾
اڄ به قصا عام جام آهن ته فلاڻي ڳو ٺ جي هڪ نوجوان پسند جي شادي نه ٿيڻ تي پاڻ کي
خصي ڪري ڇڏيو.
حرم جي زندگي
هلي هلي تمام بور ۽ بي رونق ٿيندي ويندي هئي.اتي نواڻ نالي ماتر هوندي هئي. شديد
بوريت ڪڏهن ڪڏهن وڏين غلطين کي جنم ڏيندي هئي. ان صورت ۾ ڪارو حبشي محافظ پڪڙجي
پوندڙ کي ماليءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو جيڪو انهن کي ٻورين ۾ پٿرن سان گڏ بند ڪري
سبي ڇڏيندو هو. ۽ پوءِ انهن ٻورين کي باسفورس ۾ ٻوڙيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته
سلطان جو به ساڳين ساڳين چهرن مان پيٽ ڀرجي ويندو هو. سترهين صدي ۾ سلطان ابراهيم
سموري حرم جي عورتن کي لوڙهائي ڇڏيو هو. هي تقريبًا هڪ هزار عورتن کي ٻوڙي مارڻ جو
سانحو هو. هڪ دفعي هڪ ٽوٻي باسفورس ۾ ٺيڪ ان جڳهه تي غوطو لڳايو ته هن تري ۾ ڇا
ڏٺو ته ڪافي ٻوريون اُڀيون بيٺل هيون ۽ سندن مٿيان حصا لڏي لمي رهيا هيا. مڇين جي
چڪن ۽ پٽڻ ڪري ڪجهه ٻوريون ڪن حصن تان ڪٽيل هيون ۽ عورتن جا سجيل چهرا چٽا نظر اڃي
رهيا هئا. ٽوٻي کي اهو خوفناڪ منظر ڏسي، شايد پوري زندگي ننڊ ۾ اهي جهومندڙ لاش ئي
لاش نظر آيا هوندا. ٻورين ۾ سبيل عورتن جي پيرن واري حصي کي پٿر ٻڌڻ ڪري يا ڪنهن
ٻئي سبب ڪري، اهي دل ڏاريندڙ منظر پيش ڪري رهيون هيون. سلطان ابراهيم بدڪاري جي
بلندين يا پستين تي پهچي چڪو هو. جڏهن هو جنسي ديوانگيءَ ڪري کوکلو ٿي ويو ته هن
ايتريون ته شهواني دوائون استعمال ڪيون جو هو ديوانگيءَ ۽ حوس جي آخري حدن کي ڇهڻ
لڳو هڪ دفعي هن هڪ حيرتناڪ عياشي جي حرڪت ڪئي، هن سمورين ٻانهين کي ننگو ڪري ويجهو
ويجهو بيهاري ڇڏيو ۽ انهن جي وچ ۾ گهڙي سوڙه ۾ ننگن جسمن جي گرمي جو سرور وٺندو
رهيو. جيئن ٻڪرين ۾ ڪو جهور پڪو ڪاهي پيو هجي پر سواءِ ٻڙڪڻ جي ڪو ٻوٽو نه ٻاري.
هتي هڪ انتظامي بلاڪAdministration
Block پڻ
آهي، جنهن جي باري ۾ جي اي ڪڊن پنهنجي ڪتاب ”استنبول“ ۾ وڌيڪ لکي ٿو:
”مودي خانو يا اسٽور جتي هاڻي حرم سرا جي ڊائريڪٽر جا دفتر آهن، هتي هر شيءِ ذخيرو
ٿيندي هئي، زهر کان وٺي آچار مربي تائين ۽ خاص ڪري جنسي سگهه وڌائڻ واريون دوائون.
اهو به ممڪن آهي ته دواخانو هن سان لڳو لڳ هجي.
سترهين صديءَ جي پهرين نصف حصي ۾
مائيڪل باويئر آف لينگڊاڪ ٻڌايو هو ته محل ۾ ارڙهن تيل ٺاهيندڙ هوندا هئا، جن جي
مدد ۾ ٽي سئو ڇوڪرا هر وقت حاضر هوندا هئا. انهن ۾ چار ماهر هوندا هئا، جن جو درجو
ٻين کان مٿي هوندو هو جن کي ”مقدم“ چوندا هئا. انهن جا ڪمرا ڪشادا هوندا هئا، جتي
جهجي مقدار ۾ تيل، شربت، ملم، عرق، جسم جي مخصوص حصن جا جلد اثر ڪندڙ تيل، موجود
هوندا هئا. هتي چار وڏا ڪمرا هوندا هئا جيڪي دوائن سان سٿيل هوندا هئا. ان جي
هيٺان باغ جي ڀر ۾ به ٻيا ڪمرا هوندا هئا جتي مختلف شين جو عرق ڪڍيو ويندو هو.
مائيڪل باويئر آف لينگڊاڪ وڌيڪ لکي ٿو:
مگر انهن سڀني ٿانون ۾ انهن معجونن
جي وچ ۾ اهڙي ڪابه دوا موجود نه هئي، جيڪا شهزادن لاءِ هجي هو هڪ عمده جملي ۾ سندن
جذبن جي دٻجڻ جو ذڪر ڪري ٿو: ”اهي سندن تفريح تي مسلط هئا، انهن جي شخصيت جي لاءِ
شايان شان سرگرمين ۾ خلل انداز هئا ۽ انهن کي اٻاڻڪو، اداس ۽ پريشان رکندا هئا،
جنهن جي ڪري اهي پنهنجي غلامن جا غلام بڻيل هئا. هو پنهنجو وجود وساري انهن ۾
سمائجي ويندا هئا.
جتي مقدم ۽
مالشي ۽ سندن غلام پنهنجي آقا کي شهوت جي تسڪين لاءِ دوائن جا انبار لڳائي ڇڏين ۽
پنهنجي مالڪ جي شباب ۽ جوانيءَ لاءِ کدڙن جي پاشاب تائين هر شئي مهيا ڪري ڏين، اتي
خادمن، خزانچين،اردلين، بورچين، ڌوٻين ۽ حجمن جي ته ڀيڻي ئي نه هوندي.
جيل ته جيل
هوندو آهي. پوءِ جنسي حوس مارڻ لاءِ سلطانن جو تعمير ڪرايل هي جنت نما جيل هجي يا
سنڌ جي ڪا حويلي، جتي مرشد مريداڻين جي عصمت لٽڻ لاءِ آتا هوندا آهن. حرم ۾ جتي
هزارن جي تعداد ۾ عورت ذات هوندي، سا به وڻ وڻ جي ڪاٺي، اتڙي نوڪ جهوڪ، چٽا ڀيٽي،
اختلافات، تکيون مٺيون ڳالهيون، جهيڙا جهٽا ۽ تڪرار ڪيترا نه تيز ۽ خّطرناڪ هوندا؟
ملڪي، غير ملڪي، شرعي، مذهبي ۽ نج انتظامي معاملن حل ڪرڻ جا ماهر، تلواربازي جا
جادوگراهي تيزترين سلطان، زبان دراز زالن جي ذهني دٻاءَ جو سبب بڻجندڙ مسئلن، طعنن
ترڪن، مهڻن ۽ الرن کان ڪيئن آجا هوندا؟ ڪنهن ڪنهن کي ورنائيندا هوندا ۽ ڪنهن کي چپ
ڪرائي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿيندا هوندا. ڪنهن سان اکيون ملائيندا هوندا ۽ ڪنهن کي اک
ڏيکاريندا هوندا. هن قسم جي شاهي محلن کان وٺي عربن جي عياشگاهن تائين، شهنشاه
ايران جي شاه خرچيءَ کان وٺي برونائيءَ جي سون ۾ طورجندڙ ملڪائن تائين مسلم ملڪن
اندر موجود اهي ما ڳ عام و خاص لاءِ کولي اسان کي سندن اخلاق جي اورانگهيل حدن ۽
ذهنيت بابت ته ٻڌايو وڃي ٿو پر هاڻوڪي وقت
جي اسرندڙ ۽ غريب ملڪن جي حڪمرانن ۽ صدور جا ايوان lavish رهڻي ڪهڻي ۽ extravagant عادتون،
مهانگيون سواريون، قيمتي لباس ۽ تم تراق به ته ڪڏهن ماضيءَ جو قصو بڻجي ويندا.
ڪجهه صدين بعد جڏهن اهي به عام و خاص لاءِ کوليا ويندا ته يقينن انهن کي گهمڻ بعد
اسان جو ايندڙ نسل عجب مان چوندو ته اسان جا اڳوڻا حاڪم ڪيڏا نه غير مهذب
هيا............
هونئن ته سموري تاپڪاپي جو چپو چپو
ڪيمرا جي اک سان قيد ڪرڻ تي دل چوندي، پرڦوٽو ڪڍرائڻ لاءِ موزون جڳهه افتار پويلين
آهي. هتڙي سلطان، رمَضان مهيني جي سرمئي
شامن ۾ افتاري ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سلطان خوشگوار موڊ ۾ هلڪيون فلڪيون تقريبون پڻ منعقد ڪرائيندا هئا،
جتي انعامن و اڪرامن جي محفلن منجهه سونن سڪن، هيرن لال جواهرن جا مينهن وسندا
هئا. هن جگهه تان محل جي چوڌاري هڪ وسيع و عريض سمنڊ نظر آيو ۽ جنهن جي ڪناري تي
آبادي پڻ ڪشش ڏ ياريندڙ هئي. پويلين جي وچ ۾ هڪ اوچو ڦوهارو آهي. جنهن مان نڪرندڙ
پاڻيءَ ڦڙا تيز هوا تي سياحن تي شاور ٿي وسن ٿا. تاپڪاپي اندر plantation ۽ بي مثال باغيچن ان جي سونهن کي نکاري ڇڏيو آهي. ان ۾ ڪوشڪ ناهي
ته تاپڪاپي فن تعميرات جو فن پارو يا Masterpiece آهي، جنهن جي
دروديوار تي عثمانيه سلطنت جا نقش چٽيل آهن.
مان هڪ
باغيچي ۾ رکيل بينچ تي ويهي ڪجهه دير لاءِ اکيون ٻوٽيان ٿو. اهو ڪهڙو ته زبردست
دور هوندو جڏهن بنو اُميه، عباسي ۽ فاطمي دورن کانپوءِ خلافت عثمانيه، مسلم اُمه
لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي اُڀري هوندي. عام انسانن کان عّظيم ترالله جي پيغمبر جي
رحلت، چئن يارن جي چوياريءَ بعد امير معاويه جي اولاد يزيد ڪربلا ۾ ڪيس ڪري اسلامي
دنيا جو نام نهاد اڳواڻ بڻيو هوندو ۽ ظلم،
تشدد ۽ اقرباپروريءَ جا اڻکٽ سلسلا شروع ٿيا هوندا، جيڪي مروان تي ختم ٿيا هوندا ۽
تنهن بعد پنجن صدين تائين عباسي بغداد ۾ عروج تي هوندا.
ترڪي جو ڪيس بلڪل مختلف آهي، ڇو ته
ترڪي ۾ عباسي دور ۾ ئي سلجوقي ترڪن پنهنجي الڳ رياست قائم ڪري ورتي هئي. انهن ئي
ڏينهن ۾ رومين، سلجوقي ترڪن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بهادر ترڪ کين سڀ ملهون
ماري سوڀارا ٿيا.وقت جي سلطان بعد ۾ سليمان خان کي ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو. سليمان
خان جي وفات بعد سندس پٽ ارتغرل خان (Artaghral Khan) سندس
جان نشين هيو، جنهن کي ان ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو. ارتغرل خان جي وفات بعد سندس پٽ
عثمان خان ۱۲۸۸ عيسوي ۾ تخت تي ويٺو.
اهڙيءَ طرح سلجوقي سلطانن جي حڪومت جو سلسلو هلندو رهيو.سلطان غياث الدين ڪيخسرو(Sultan Ghiasuddin Kaikhusro) ڪمانڊر ان چيف عثمان
خان جي شجائت، ذهانت ۽ بهادري کان تمام مرغوب هيو، ان ڪري هن پنهنجي ڌيءُ جو سڱ عثمان
خان کي ڏنو. سلطان غياث الدين ڪيخسرو ۱۲۹۹عيسوي ۾ گذاري ويو، کيس پٽ جو اولاد ڪون
هيو، ان ڪري سندس نياڻو عثمان خان تخت تي
ويٺو. سلطان عثمان خان پنهنجي ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ سان حڪومت ڪندو رهيو. هتان کان ئي
خلافت عثمانيه جي باضابطه شروعات ٿئي ٿي. سلطان عثمان خان ان وقت جي مسلم دشمن
قوتن جهڙوڪ رومين ۽ ٻين سان مهاڏو اٽڪايو. سلطان عثمان خان ۱۳۶۶ عيسوي ۾ وفات ڪئي.
۱۳۸۹ عيسوي ۾ سلطان بايزيد يلدرم جي سلطنت ۾ يورپ جا ڪيئي حصا جيئن يونان، آسٽريا
۽ هنگري قبضي ۾ هيٺ آيا.
تيمور لنگ
بدنامه زمانه، وحشي صفت فاتح تيمور
لنگ پڻ ترڪيءَ کي ٽانڊا ڏنا. رومين ڪنهن وقت تيمور لنگ کي سلطانن سان ويڙهائڻ جو
سوچيو، ڇوته هو پاڻ مقابلو ڪرڻ جو ست نٿي ساري سگهيا. انهن ڏينهن ۾ تيمور لنگ
دمشق، دهليءَ کانپوءِ يورپ جو ٻيڙو ٻوڙڻ لڳو هو. معمولي شڪل شبيهه وارو، هڪ ڄنگهه
کان منڊو، پهريائين ته پنهنجي قبيلي جو سردار ٿيو ۽ هڪ ويڙهاڪن جو لشڪر تيار
ڪيائين. بعد ۾ هو غليظ ذهنيت کڻي دنيا کي فتح ڪرڻ نڪتو. هن بلخ فتح ڪرڻ بعد ايران،
عراق مان ٿيندو، او ڀر ترڪيءَ تي ڪاهه ڪئي. هو ۱۳۹۸ع ۾ دهليءَ ۾ آيو. هن ثمرقند
کي پنهنجو هيڊڪواٽر بڻايو. ۱۴۰۱ عيسوي ۾
هن بغداد کي کنڊر بڻائيندي اسفحان ۽ افغانستان ۾ تباهي مچائي. هي غليظ ذهنيت وارو
معذور، تمام سفاڪ ۽ بي رحم هيو. ايسيتائين جو سندس آبائي ملڪ روس جي رڪارڊ ۾ هن جو
تذڪرو چڱن لفظن ۾ ڪون ڏنل آهي. هينئر ازبڪستان ۾ هن کي ڪجهه عزت جو مقام ڏياريو
ويو آهي.
امير تيمور لنگ تبريز رستي ترڪيءَ
۾ دا خل ٿيو هو. سلطان بايزيد يلدرام کي
جڏهن ان ڪاهه جي خبر پئي، ته ان وقت هو مشرقي يورپ جي محاذ تي مصروف هو. پر خطري
محسوس ڪندي هو برسا موٽي آيو ۽ ۱۴۰۲ع ۾ هن
فوجي طاقت سهيڙڻ شروع ڪئي، ته جيئن تيمور لنگ جو مقابلو ڪري سگهي. هن بهادر، ماهر
جنگجو بٽالين کي جنگ ۾ دفاع لاءِ چتاءَ ڏئي ڇڏيو. هن پاڙيسري ملڪن مان به عسڪري
مدد حاصل ڪئي هن سان ترڪن کان سواءِ، يورپي فتح ڪيل علائقن جا سپاهي به هر وقت ساڻ
رهڻ لڳا. سلطان فتح ڪرڻ جو عادي هو. کيس فوج تي مڪمل اعتماد هو. هو over confident ۽ انهن تي گهڻو ڀاڙيندڙ هو. غرور۽ تڪبر ڪري
هن جو مٿو گهڻو خراب هو، ان ڪري مستيءَ ۾ تيمورلنگ تي اک ڪانه ٿي ٻڏس. هو عيش و
عشرت محفلن سجائڻ ۾ محو هو. هي سڪون ۽ آرام جي اگهور ننڊ ۾ ستل هو ۽ ٻئي طرف تيمور
لنگ اڳتي وڌندو ٿي آيو. سلطان کي وڏي خوش فهمي هئي ته هن وٽ بري فوج جا اهڙا دستا
آهن جو هن بيوقوف منڊي جون وايون بتال ڪري ڇڏيندا. هن برسا ڇڏي انقره اڳيان درياهه
پار ڪري پنهنجي پيش قدمي روڪي ڇڏي. هن کي سٺ ميلن جيradius اندر تيمورلنگ جي
موجودگيءَ جو اطلاع ملي چڪو هو، ان کانسواءِ هن جاسوس پڻ پکيڙي ڇڏيا هئا. هاڻي هو
آخري معرڪي جو انتظار ڪرڻ لڳو. سلطان ابتي ڳڻپ ۾ مصروف هو. هوڏاهن تيمورلنگ ان
جاءِ تان هڪ جهلڪ ڏيکاري جو غائب ٿيو ته وري ظاهر نه ٿيو. هتي سلطان کي محسوس ٿيو
ته هن جو مقابلو ڪنهن سڌي سنئين بهادر نه، پر هڪ چالاڪ ۽ عيار قسم جي ماڻهو سان
آهي. هاڻي سلطان جي جنگي تجربي جي ابتڙ ڳالهيون نروار ٿيڻ لڳيون. سلطان پنهنجي هڪ
هوشيار پٽ سليمان کي هڪ دستي سميت ان علائقي ڏانهن اماڻيو ته ڏسي اچي ته تيمور لنگ
ڪاڏي غائب ٿي ويو آهي. شهزادي سليمان پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته تيمور لنگ چال کيڏندي،
هتان کسڪي ويو آهي ۽ هينئر سندس رخ انقره طرف آهي. جنگين جي پروٽوڪال کان قلابازي
کائيندي، تيمور لنگ محاذ مٽائي سلطان لاءِ نيون مشڪلاتون برپا ڪري رهيو هو.
تيمورلنگ اهو به سوچيو ته سڌي طرح ميداني جنگ ۾ کيس فتح ڪونه ملندي، ان ڪري هو
درياهي ڪپر وٺندو اڳتي وڌندو ٿي ويو. ٻئي طرف سلطان جو لشڪر هو، جيڪي ماحول کي
سمجهي نه پئي سگهيا. تيمور لنگ وري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ فوجن کي بيهڻ جو حڪم ڏنو. هتي
هن پنهنجي فوج سان مشاورت شروع ڪئي. هن ٻڌايو ته هاڻي هنن وٽ ٻه رستا آهن، هڪ ته
هتي پناهه و ٺي آرام ڪجي ۽ گهوڙن کي پاڻي ۽ داڻو کارائجي يا وري تباهيون برپا ڪندا
اڳتي وڌندا هلؤن ته جيئن ترڪ فوج اسان جو پيڇو ڪري. ترڪ صرف ميداني جنگين جا
ماهرآهن، گهڻو پنڌ ڪرائبن ته نيٺ ڪاٿي ٿڪبا. هتي تيمور لنگ اعلان ڪيو ته هو انقره
تي چڙهائي ڪندو، پر هن رستو ئي ٽيون ورتو. هن جي خوشي جي انتها نه رهي جڏهن هن کي
اهو ٻڌايو ويو ته انقره ئي هن وقت سلطانن جو سڀ ڪجهه آهي. هن پنهنجي لشڪر جي رفتار
تيز ڪري ڇڏي ۽ صرف ٽن ڏينهن ۾ سؤ ميلن جون مفاصلو طئي ڪري انقره پهچي ويو. هن شاطر
دماغ واري جنگجو ٺڳ انقره ويجهو پهچي سانت واري حالت اختيار ڪئي ۽ حملو ڪرڻ ٺيڪ ڪونه
سمجهيائين، بعد ۾ هن جي ذهن ۾ هڪ چال آئي ۽ قدم روڪي هڪ بهترين جڳهه جي چونڊ ڪندي،
ان جي چوطرف هڪ کاهي کوٽائڻ شروع ڪري ڇڏيائين. جنهن رستي کان سلطان جو لشڪر اچڻو
هو، ان طرف کان درياهه ۾ گند اڇلائي لٽيندو رهيو. جڏهن سلطان جو ٿڪل لشڪر جن کي
سموري رستي ۾ تباهي کان سواءِ ڪجهه به نه مليو هو سو پاڻي به بند ٿيندو ڏسي بلڪل
همٿ هاري ويٺو. جڏهن انقره ڏانهن ٿي ويا ته به پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ کين تاتارين کي
ڪراس ڪرڻو پيو پوي. ترڪن جي لشڪر ۾ هاڻي وڙهڻ جو ست نه رهيو هيو. هوڏاهن تيمورلنگ
جو لشڪر چاڪ چوبند هو. ظاهري طور تيمورلنگ پنهنجين چالبازين سان بغير تلوار هلائڻ
جي جنگ کٽي چڪو هو. ميدان ڇڏي ڀڄڻ سلطان جي غيرت ۽ شان جي خلاف هو. ترڪ سپاهي اُڃ ۽ بک کان بيحال هئا ۽ تيمور لنگ انهن کي پنهنجي مرضي جي ميدان ۾ بيهاري ڇڏيو
هو. عثمانيه لشڪر اڳتي وڌيو، تاتاري سندن وار لاءِ منتظر هئا.هي تاتارين جي کٽيل
جنگ هئي جنهن ۾ تيمور لنگ گهوڙي تي چڙهڻ به مناسب نه سمجهيو. هي هڪ قسم جي ڪربلا
واقعي جي نئين جهلڪ هئي، جنهن ۾ هڪ طرف اُڃيا ۽ بُکيا ترڪ هئا ۽ ٻي طرف هشاس بشاش
تاتاري. جنگ جو طبل وڳو، ڏسندي ئي ڏسندي فوجين جون منڍيون ائين زمين تي ڪرڻ لڳيون ڄڻ ڪنهن انساني منڍين جي وڻ کي
ڌوڻو ڏنو ويو هجي.ترڪي لشڪر جي حالت زار ڏسي تيموري لشڪر جا حوصلا اڃان به بلند ٿي
ويا. رت سان درياهه ريٽجي ويا، هر طرف نعرن، سسڪين ۽ ڪوڪن، الرن کان پوءِ گهري
سانت ٿي وئي. جنگ جو فيصلو ٿي چڪو هو. هاڻي سلطان به ڪک پن ٿيڻ لڳو، پر هڪ تيموريءَ
ان کي سڃاڻي ورتو ۽ هڪدم تلوار سان سندس گهوڙي جي هڪ ٽنگ ڪٽي ڇڏيائين. سلطان پڪڙجي
پيو. تاريخ گواه آهي ته جڏهن سلطان کي تيمور لنگ جي حضور ۾ پيش ڪيو ويو ته ان وقت
هو شطرنج کيڏي رهيو هو. جڏهن هن سلطان جو ٻڌو ته خيمي جي در تائين وڌي آيو ۽ ان جو
استقبال ڪيائين. بعد ۾ هن هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو ۽ فخر مان چيائين: ”خدا دنيا جي حڪومت
هن لنگڙي کي بخشي آهي“. تيمورلنگ سلطان کي هڪ پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. هن ظالم
فاتح، سلطان بايزيد يلدرام کي شڪست بعد کيس قيد جو عذاب ڏنو ۽ نفيس سلطان بايزيد
يلدرام اُتي ئي مري ويو.
منهنجو ذهن اهو سوچي تيمور لنگ کي
داد ڏيڻ ٿو چاهي، ته سرزمين ترڪي، جيڪا هتان جي مڃيل فوج جي Home
pitch هئي. هنن کي جابلو، سامونڊي، خشڪ، نروار يا ڳجها
رستا گهپ اونداهي ۾ به چٽا نظر ايندا هئا اهي ڪيئن ڀٽڪجي ويا؟ ڇو انهن جي مت مارجي
وئي؟ ٻئي طرف هڪ ٻاهريون لشڪر، جيڪو پوري طرح سان رستن مان سونهون به نه هو، نه ان
وقت ڪو جديد (G.I.S SYSTEM) مروج هو ۽ نه
ئي ڪو سيٽلائيٽ جي رهنمائي. پوءِ ڪيئن هنن ترڪن جو گهيروتنگ ڪري کين مات ڏني؟
واقعي جنگ هڪ آرٽ آهي. جيڪا وڙهي ته ميدان ۾ ٿي وڃي، پر ان جي رٿابندي ذهن ٿو ڪري
ذهن ئي جنگ کٽي ٿو.
۱۴۵۱ع ۾ جڏهن سلطان محمد ٻيو
اقتدار ۾ آيو ته ان لاءِ وڏي ۾ وڏو خطرو رومن شهنشاهيت ۽ سندن عيسائيت جو پرچار
هيو. سلطان محمد ٻئي جي اچڻ سان رومين جو هيانءُ ڇڄي پيو. هر دور ۾ سلطنت عثمانيه
رومين لاءِ اک ۾ ڪنڊو رهي هئي. هنن ڏکيي وقت کي منهن ڏيڻ لاءِ ثمر ڪٺو ڪرڻ شروع
ڪيو. ان لاءِ رومين پنهنجن ڀرپاسي جي عيسائي رياستن مان جنگي ٻيڙا ۽ ٻيو اسلح ميڙڻ
شروع ڪيو. آهستي آهستي هنن بندرگاهن کي مظبوط زنجير جو ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. سندن ناپاڪ
ارادن جي مسلمانن کي خبر پئجي وئي. رومين جي چالبازيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مظبوط
جوڙجڪ ڪرڻي هئي، ڇو ته جديد اوزارن سان ليس جنگي ٻيڙا ۽ چاڙهيل ڪڙي کي بي اثر
بڻائڻ لاءِ ڪو ٻيو رستو اختيار ڪرڻو هيو. ان لاءِ چئوطرف کان سروي ڪرائي وئي ۽
مشاورت ڪئي وئي. بندرگاهه پويان ڏهه ميل
جابلو قطار هئي. هي اڪيلو رستو هيو جنهن وسيلي ان آفت کي منهن ڏئي سگهجي پيو.
سامونڊي جنگين جي تاريخ ۾ڪٿي به اهڙو شاندار مثال نه ٿو ملي. مسلمانن انهن جبلن وچ
۾ وڏا وڏا تختا رکي، انهن کي تيل سان سلپري ڪري ڇڏيو. هاڻي ٻيڙن کي انهن تختن تان
ٽپائي، گولڊن هارن ۾ لاٿو ويو. رومي ان قسم جي رٿابنديءَ حملي جو سوچي به نه پئي سگهيا.
اهڙيءَ طرح زميني حملا به نهايت ڏاهپ سان ڪيا ويا ۽ قسطنطنيه قبضي ۾ اچي ويو.
تاريخ گواهه آهي ته فتح بعد دشمنن تي ڪا به سختي ڪونه ڪئي وئي ۽ تمام هلڪو هٿ رکيو
ويو. لارڊ بشپ جيڪو انهن ڏينهن ۾ عيسائين جو روحاني پيشوا هئو تنهن کي به کلي عام
اجازت ڏني وئي ته هو پنهنجي پرچار جاري رکي. اهو واضح فرق هيو تيمورلنگ ۽ سلطانن
۾. عيسائيت جو قبلو قسطنطنيه هاڻي هڪ مسلم وسندي بڻجي ويو هيو ۽ مدني سرڪار جي
پيشن گوئيءَ موجب سلطان کي جيئري جنت جي
بشارت ملي چڪي هئي.
خلافت عثمانيه جو زوال
عاليشان
تاپڪاپيءَ جا بنياد کوکلا ڪرڻ ۾ سلطانن جو وڏو عمل د خل آهي ڪوتاهي ۽ غفلت ايتري
جو عوام ستل سلطانن آڏو جائز گهرجن ۽ ناانصافين خلاف ٻاڪاري ٻاڪاري هپاڻجي هليو
وڃي، پر ورنائڻ وارو ڪو به ڪونه هجي. ۱۵۶۶ع ۾ سلطان سليمان جي مرڻ بعد، ڪنهن به
ٻوٽو ڪو نه ٻاريو. محلاتن جي عياشگاهن ۽ حمامن ۾ محبوبائن جي آغوش ۾ ستل حڪمرانن
کي ٻاهرين دنيا جي خبروٺڻ جي فرصت ئي ڪو نه هئي. سلطان سليمان جي مرڻ بعد ساڍا ٽي
صديون اهو بي هوده ۽ بڇڙو سلسلو قائم رهيو. هاڻي عوام جي صبر جو پيالو ٽمٽار ٿي
چڪو هئو. اندروني ۽ بيروني دٻاءُ ڪري حالتون بد کان بد تر ٿينديون پئي ويون ۽
توازن برقرار رکڻ ناممڪن نظر اچڻ لڳو.
اولهه جي طاقتن مسلمانن جي اهڙيءَ ڪمزوريءَ جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ سازشون سٽي
هنگري ۽ ٻين علائقن کي خلافت عثمانيه مان کسڪائڻ جا منصوبا شروع ڪري ڇڏيائون.
آهستي آهستي خلافت عثمانيه جي زوال جا آثار چٽا نظر اچڻ لڳا، پر حڪمران پوءِ به نه
جاڳيا. تاپڪاپي ستل رهيا ۽ ان جا باسي آرام ۾ رهيا. عوامي مسئلن کان وانجهيل وزير
مشير واهه واهه ڪري پنهنجي نوڪري پڪي ڪندا رهيا. عدم توجهه، لاعلمي، نظر اندازي،
هڏ حرامي، ڪاهلي ۽ نڪمائي تاپڪاپيءَ جو نصيب بڻجي وئي.اسلامي اصولن جي پاسدار هن
عظيم خلافت عثمانيه جا واڳ ڌڻي، جن جو قبلو صرف عورتون رهيو هيو، سي انسانيت جو
ليڪو ئي لتاڙي ويا. سندن ٽهل ٽڪور ۾ هزارين غلام ۽ ٻانهيون، شاهي حڪيم، بورچي مقرر
ٿيل هئا. سلطانن کان هاڻي ته ملڪ جون
گهٽيون ۽ محلا به وسري چڪا هئا. داد فرياد لاءِ ايندر سوالين جا نالا، ذات پات ۽
اتو پتو پڇي، سلطان گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويندا هئا، ڄڻ سندن ياداشت گم ٿي وئي هجي.
هت هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندو هلان
ته ۲۰۰۷ جي عام چونڊن وقت، مان مختيارڪار تنگواڻي هيس جيڪو ڪنڌڪوٽ تعلقي کي ٽوڙي
نئون تعلقو قائم ڪيو ويو هيو. پولنگ اسٽيشن جي مقرر ڪرڻ جي سلسلي ۾ مان، ايڊيشنل
سيشن جج جيڪب آباد (جيڪو رٽرننگ آفيسر به هو) ۽ پوليس هڪ ڏورانهين پولنگ اسٽيشن
ڏسڻ پئي وياسين، جنهن تي مخالف ڌر اعتراض واريو هيو. اسان سان ٻنهي اليڪشن وڙهندڙ
اميدوارن جا نمائندا به گڏ هئا، انهن مان هڪ اميدوار جو احمق پٽ ۽ ٻيو مقابلي ۾
لٿل آزاد اميدوار جو نمائندو، هڪ مڪار ماستر هيو. ماستر واري ڌر جو چوڻ هو ته جنهن
پولنگ اسٽيشن تي گذريل اليڪشن ٿي هئي اهو هنڌ ئي وڌيڪ موزون آهي، جنهن کي تبديل نه
ڪجي، جڏهن ته وڏيري جي پٽ جو خيال هو ته گذريل اليڪشن ۾ ان پولنگ تي ڌانڌلي ٿي
هئي، تنهن ڪري ان ئي تڪ جي هڪ ٻئي اسڪول ۾ پولنگ قائم ڪئي وڃي ته انصاف جي بهتري
ٿيندي. اسان جي سرڪاري گاڏين، پهريائين گذريل پولنگ اسٽيشن واري هنڌ ڏي هلڻ شروع
ڪيو. جيئن ته ڪچا رستا هئا ۽ مٽي تمام گهڻي ان ڪري مان پنهنجي جيپ ڇڏي ماستر واري
ڊبل ڪيبن گاڏيءَ ۾ ويهي رهيس، جيڪا ايئرڪنڊيشنڊ هئي ۽ ڪارا شيشا بند هيس. هتي
ماستر ٻروچڪيءَ ۾ موبائل تي سرگوشي ۾ ڪنهن کي هدايتون ڏنيون ته، اسان اچون ٿا،
توهان جج آڏو گوڙ ڪجو ته ساڳي پولنگ بحال رکجي ڇو ته تر ۾ ڪيترا ئي قبائلي تڪرار
هلن ٿا ۽ خونريزيءَ جو انديشو آهي. خير اسان ماستر جي من پسند پولنگ ڏسي، جٿو ڪري
بيٺلن جي ڳالهه، ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، وڏيري جي پٽ جي تجويز ڪيل جڳهه ڏانهن روانا ٿياسين.
هتي رستو بلڪل خراب هو. چڱو سفر ڪري اسان هڪ آبادي ٽپي، هڪ عمارت سامهون اچي
بيٺاسين. پر هي ڇا؟ عمارت کي نه در نه دريون، نه ڇت نه پاڻي. چوڌاري پلال پيو هو.
هيءَ ڪيئن پولنگ اسٽيشين بڻجي سگهندي. جج صاحب ڪاوڙ مان وڏيري جي پٽ ڏي منهن ڪري
گجيو. سائين ٻه چار سال اڳ ته عمارت جو افتتاح بابا جاني خود ڪيو هيو، پوءِ جي خبر
ناهي. وڏيري جي پٽ غلطي تسليم ڪندي، بي تڪو جواب ڏئي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. بابا
اليڪشن جي ڏينهن ۾ ظاهر ٿيندا آهيو، توهان کي ڪهڙي خبر ته ڪير جڙيو ڪير ڊهيو، ڪير
مئو ڪير بچيو. جج صاحب ڪاوڙ ضبظ ڪندي چيو. هتي ماستر به ڦڙڪي هنئين ته سائينءَ جن
بلڪل صحيح ٿا فرمائن. ان تي جج صاحب ماستر ڏي منهن ڪري چيو؛ سياستدان ته رهن يا نه
رهن، تون ته تعليم کاتي جو آهين. تو کي به ته خبر ڪو نه هئي ته ڪاٿي ڪاٿي تباهي
ڪيون ويٺا آهيو؟ هتي جج صاحب مون کي پنهنجي لينڊڪروزر گاڏيءَ ۾ ويهڻ لاءِ چيو.
رستي ۾ افسوس ڪندي چيائين، يار حشر ڏسو عوامي نمائندن جو، ڪا خبر ئي ڪونهين!
اليڪشن جي موسم ۾ ظاهر ٿا ٿين. ڇا وڏيري کي عوام سان کي پٺي ڏيڻ ۽ طوطا چشمي تي
نااهل ڪري سگهجي ٿو؟ مون سوال ڪيو. جج مصلحتًا چپ ٿي ويو. اليڪشن ۾ وڏيري کٽيو ۽
ماستر واريءَ ڌر هارايو.
ترڪيءَ جا سلطان به تنگواڻيءَ جي
سياستدانن جيان عوام جو اتو پتو وساري ويٺا هئا. ٻئي طرف يورپي طاقتن جو وڌندڙ
تناسب، فوجي ڦهلاءُ، واسطيداري، معاشي برتري، خوشحالي ۽ ٻڌي به خلافت عثمانيه جي
زوال جو سبب بڻي. اهڙي بگاڙ واريءَ حالت، سلسليوار تباهيءَ ۾ عوام نفسياتي طور
پريشان، ويڳاڻو ۽ مايوس ٿي ويو. وائڙو عوام جنهن جو قبلو اوچتو ڦري ويو هجي. هن
وقت حالتون سواليه نشان بڻجي ويون. اوجا ڳيل حڪمران کي ڏينهن جي روشني ۾ عوام جا
مسئلا ڌنڌلا ڌنڌلا نطر اچڻ لڳا، جوهو غرور ۽ تڪبر جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي، عوام
کان ڪٽجي تمام پري نڪري چڪا هئا. سندن درباري خوشامدڙيا کين حالتون ڏنڊي هيٺ
ٻڌائي، سندن تعريف ڪري خوش ڪندا رهيا. اهڙن خودثنا حاڪمن جي دربارن ۾ صرف واه واه
جو ورد ٿيڻ لڳو.. مصيبت اڪيلي ڪو نه ايندي آهي.
هوڏانهن ڪريملن جي لڙائي به شروع ٿي وئي. زير ڪنٽرول بچيل علائقا، هاڻي آزاديءَ جو
مطالبو ڪندا رهيا، ڇو ته اولهه جي عيسائي طاقتن سندن پٺي ٺپي هئي. هاڻي خلافت
عثمانيه لاءِ بي بنياد واويلا، بدنامي ۽ ڪوڙن جو ڦهلاءَ شروع ٿيو ۽ اولهه جي
عيسائي طاقتن ان کي ورجائي ورجائي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
Hundred
times, it becomes the truth Tell a lie
ڪوڙ ايترو ورجايو جو
سچ ٿي پوي.
اولهه جي
عيسائي طاقتن جي پروپئگنڊا ته اجهو ٿي اک ڇنڀ ۾ خلافت عثمانيه جي تباهي اچي. خلافت عثمانيه آخري پساهه پئي کڻي، اجهو
ٿو خلافت عثمانيه جو انت اچي. سسٽم جو
طبعي موت اچي چڪو آهي، اهي لڳاتار ڪوڙَ مٿان ڪوڙَ ٻڌي سچ جو گمان ٿيڻ لڳو. عوام ڄڻ
ته ڪا آخري خوشخبري ٻڌڻ لاءِ بيتاب ٿيندو ٿي ويو.
فوج ته اهڙن موقعن جي تلاش ۾ هوندي آهي. ترڪيءَ جي فوج اسلام دشمن قوتن سان
سر ۾ سر ملايو. فوجي حساس ادارن پڻ ملڪ ۾ خلافت عثمانيه جي زوال جون بي بنياد
واويلا ڪري باهه تي تيل وارو ڪم ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ترڪيءَ ۾ خلافت عثمانيه لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جهڙي صورتحال اچي وئي.عوام کي
روڊن تي نڪري اچڻ ۽ خلافت عثمانيه جي ناڪامي خلاف آواز بلند ڪرڻ لاءِ اڪسايو
ويو.اهڙي بغاوت ۽ هنگامي بازي ڏسي حڪمرانن جون وايون بتال ٿي ويون. فوجن ملي ڀڳت ۾
ڪامياب وئي. ۱۹۰۸ع ۾ سولونيڪا جي هڪ فوجي ڪمانڊر سلطان عبدالحميد جي سڌي سنئين مخالفت ڪئي. ٻين فوجين به هم آواز ٿي سندس قدم جي حمايت ڪئي ۽ عوام سان گڏ فوج به
روڊن تي احتجاج ڪندي پريڊ شروع ڪئي. هاڻي سلطان ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿيا. تاپڪاپيءَ
جا ڀاري برج لڏڻ لڳا. هاڻي سلطانن تي پارليامينٽ جوڙڻ ۽ چونڊون ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ
وڌندو ٿي ويو. سلطانن جا سڀ رستا روڪيا ويا. سازشي گروپن ۱۹۰۹ع ۾ سلطان جي هڪ
ڀاءُ، سلطان محمد خامس (Sultan
Muhammad Khamis) کي سلطان جي
منصب تي ويهاري ڇڏيو. هي سلطان باغي گروپن جو ايجنٽ هيو، ۽ انهن جي هٿن ۾ کيڏڻ
لڳو. هن کان پهريون خطرناڪ ڪم اهو ورتو ويو، جو ترڪي ٻولي جي جگهه تي عربي ٻوليءَ کي
قومي ٻوليءَ جو دجو ڏنو ويو، جيڪو عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ هيو. ۱۹۱۲ع ۾ ترڪن تي بلقان جنگ مڙهي وئي جنهن ۾ کين
لاتلافي نقصان پيو. ان دوران ترڪي فوجي چيف انور پاشاکي ملڪ جي از سر نو تعمير لاءِ
چيو ويو. انهن ڏينهن ۾مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ فرشتو بڻجي ملڪ کي تباهي کان بچائي
ورتو. اها هئي تاپڪاپي جي ڪهاڻي.
خلافت
تحريڪ
خلافت تحريڪ (۱۹۲۴-۱۹۱۹ع) مسلمانن جي هڪ سياسي جدوجهد جي
تحريڪ هئي. پنجين جولاءِ ۱۹۱۹ع ۾ خلافت جي مسئلي تي
عوامي کي منظم ڪرڻ ۽ لائحه عمل تيار ڪرڻ لاءِ ممبئي ۾ آل انڊيا خلافت ڪاميٽي قائم
ڪئي وئي. سندس آفيس لکنئو ۾ قائم ڪئي وئي. خلافت ڪاميٽيءَ جو صدر سيٺ ڇوٽاڻي ۽
سيڪريٽري حاجي صديق کتري چونڊيا ويا. خلافت تحريڪ جا وڏا مقصد هيٺيان هئا.
1.
ترڪيءَ جي
خلافت برقرار رکي وڃي
2.
مقامات
مقدصه ترڪيءَ جي تحويل ۾ رهن
3.
سلطنت
ترڪيءَ کي تقسيم نه ڪيو وڃي
خلافت ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس دهلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ اهو
فيصلو ڪيو ويو ته مسلمان انگريزن جي جشن فتح ۾ شريڪ نه ٿيندا. جيڪڏهن انهن جا
مطالبا نه مڃيا ويا ته اهي حڪومت سان سهڪار نه ڪندا. هن اجلاس ۾ هندن کي پڻ تعاون
جي اپيل ڪئي وئي. ڊسمبر ۱۹۱۹ع ۾ ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ خلافت ڪاميٽيءَ جي اجلاس
امرتسر ۾ ٿيو، جتي گانڌي هندو مسلم اتحاد تي زور ڏنو. مولانا محمد علي جوهر ۽ سندس
ڀاءُ مولانا شوڪت علي سان ٻيا مسلم ا ڳواڻ ۽ عالم جهڙوڪ، مولانا ابوالڪلام آزاد،
حسرت موهاني، شيخ شوڪت علي صديقي، ڊاڪٽر مختار احمد انصاري، ڊاڪٽر حڪيم اجمل خان ۽
رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو ٻانهن ٻيلي ٿيا. ۱۹۲۰ع ۾ مولانا محمد علي
جوهر جي قيادت ۾ هڪ وفد برطانيه، اٽلي ۽ فرانس جي دوري تي روانو ٿيو ته جيئن
برطانيه ۽ ان جي اتحادين کي سندن واعدا ياد ڏيارجن. برطانيه پهچي وزير اعظم ڊيوڊ
لائيڊ جارج David Lloyd George) ( سان مليا، ليڪن ان جي سکڻي جواب ته
”آسٽريليا ۽ جرمنيءَ سان خطرناڪ انصاف ٿي چڪو آهي ته پوءِ ترڪي ڪيئن بچي سگهندو؟“
ٻڌي سخت مايوس ٿيا ۽ ان بعد اٽلي ۽ فرانس
جي دوري تي نڪتا پر ڪٿي به کين دلداري نه ملي. هي وفد اڃا برطانيه ۾ هيو ته ترڪيءَ
تي سيوري جو معاهدو مسلط ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ترڪيءَ کان سمورا ٻاهريان قبضا
ڇڏرايا ويا.ترڪيءَ تي هوائي فوج رکڻ جي پابندي مڙهي وئي. وفد خلافت جي ناڪام
واپسيءَ ۽ سيوري جي معاهدي جي ذلت آميز شرطن جي خلاف، خلافت ڪاميٽي تحريڪ هلائڻ جو
فيصلو ڪيو ۽ گانڌيءَ کي پنهنجو رهنما مقرر ڪري ڇڏيو. اهم الٽيميٽم هي رکيا
ويا هيا.
1.
حڪومت جا
ڏنل خطاب واپس ڪيا وڃن
2.
ڪائونسلن
جي رڪنيت کان استعفي ڏني وڃي
3.
سرڪاري
نوڪرين کان علحدگي اختيار ڪئي وڃي
4.
تعليمي
ادارا سرڪاري امداد و ٺڻ بند ڪن
5.
مقدما
سرڪاري عدالتن بجاءِ ٻين عدالتن ۾ پيش ڪيا وڃن
6.
انگريزي
مال جو بائڪاٽ ڪيو وڃي
رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو
خلافت عثمانيه سان يڪطرفه عشق جو علمبردار بئريسٽر جان محمد
جوڻيجو، جنهن اهڙو سفر اختيار ڪيو، جنهن جي منزل نه ته اقتدار حاصل ڪرڻ هو ۽ نه ئي
ناماچاري جو شوق. پنهنجي ڌن ۾ مست هي مسافر هليو هو ڪنهن نظام کي بچائڻ. هجرت جي
فتويٰ جاري ٿي وئي، جنهن تي هزارين مسلمان ٻار ٻچا ڇڏي روان دوان هئا. هيءَ تحريڪ
افغانستان جي عدم تعاون ڪري ناڪام ٿي وئي. سنڌ مان خلافت عثمانيه جي بچائڻ لاءِ
بئريسٽر جان محمد جوڻيجو سر اڏيءَ تي کڻي نڪتو.
سسٽم يا نظام ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي. جيڪڏهن تاريخ ۾ ڪنهن
سسٽم لاءِ سچ جو آواز بلند ڪندي جان ڏني، ته اهو
بئريسٽر جان محمد جوڻيجو هو. خلافت عثمانيه سان مسلمانن جي عزت ۽ آبرو
پوروڇوٽ هئي. اهو سسٽم جنهن سان يورپ ۾ مسلمانن جي عزت ٿي سو، خوار ٿي رهيو هو.
اجمير جي خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار اندر دفن ٿيل لاڙڪاڻي جي ان بيباڪ
بئريسٽر جان محمد جوڻيجي سلطنت جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ لاٰءِ اوڻويهين جولاءِ ۱۹۲۰ع
۾ ست سؤ پنجاهه مهاجرن جو قافلو وٺي ڪابل لاءِ ريل ذريعي روانو ٿيو. ۱۸۸۶ع ۾
لاڙڪاڻي کان صرف ٻارهن ڪلوميٽر پري هڪ ننڍي ڳوٺ ڌامراهه ۾ جنم وٺندڙ هن نوجوان۱۹۲۱ع
۾ هندستان ۾ وفات ڪئي. هڪ عظيم مقَصد لاءِ مرندڙ
هن مجاهد کي هڪ نظام سان والهانه عقيدت هئي، اها نه ته ترڪن کي خبر آهي ۽
نه اجمير جي هوائن کي، جتي هو ابدي ننڊ ستل آهي ته سندن قافلو ڪيئن لٽيو ويو، ڪنهن
لٽيو ۽ هن جو هيانءُ ڪيئن ڦاٽو. لاڙڪاڻي جي ليجنڊ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي گهر
طرف ويندڙ گهٽيءَ کي رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو جي نالي سان منسوب
ڪيو ويو آهي. هيءَ گهٽي بئريسٽر جان محمد جوڻيجو جي جلال آباد واري بيگار ڪيمپ ۾
افغانين جي ڪيل زيادتين کان اڻ واقف آهي. جڏهن به سنڌيالاجي وڃو ته اتي آويزان
رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو جي تَصوير ڏسڻ نه وسارجو. شيخ اياز مطابق:
ڪڏهن اڦٽ مران ته پو ٻه چار لڙڪ هارجو
ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو ته ڪيرماڳ ۾ مئو
جڏهن به سانوڻيون اچن ڇمر الوٽ ٿي نچن
جڏهن به ڀٽ ڀٽ تي گهٽا گجي گجي وسي
جڏهن به مور ٽور ۾ ڏسو نه ڪنهن به هور ۾
جڏهن به روجهه ريجهه ۾ ڏسو اٻوجهه ريجهه ۾
تڏهن نه هيءٌ وسارجو ته ڪير سڃ ۾ ستو
تاريخ شاهد آهي
ته مسلمانن جي خلافت تحريڪ سياسي فائدي بجاءِ مذهبي جوش و خروش تي مبني هئي. جڏهن
ته هندو ان مان سياسي فائدا ڳولهي رهيا هيا، جيڪي خلافت تحريڪ مان ملڻ مشڪل هئا، تنهن ڪري جڏهن ڪنهن
موڙ تي خلافت تحريڪ ڪامياب ٿيڻ واري هئي ته گانڌي تحريڪ ختم ڪري مسلمانن کي صدمو
ڏنو. اها گانڌيءَ جي وڏي قلابازي هئي. هتي مولانا ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر مختيار
احمد انصاري، حڪيم اجمل خان مسلمانن بجاءِ گانڌي ۽ ڪانگريس جي حمايت ڪئي. ۽ اهڙيءَ
طرح ئي پاڪستان جو بنياد پيو هو. خلافت تحريڪ جهڙيءَ عوامي تحريڪ جو مثال برصغير
جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي تحريڪ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي پر
ان هندستان جي سياست ۽ مسلمانن جي سجا ڳي پئدا ڪئي. هن تحريڪ مسلمانن تي هيٺيان
گهرا نقش ڇڏيا.
1.
مسلمانن
جي مايوسي
2.
هندو مسلم
اتحاد جو خاتمو
3.
سياسي
شعور جي بيداري
4.
پرجوش
قيادت جو اُڀرڻ
5.
عالمن ۽
شاگردن جو سياست ۾ داخل ٿيڻ
6.
گانڌيءَ
جي قيادت
7.
داخلي
مسئلن طرف توجهه
No comments:
Post a Comment