Sunday, December 09, 2012

ٻن کنڊن واري شهر ۾ هڪ سنڌي - امتياز منگي


ٻن کنڊن واري شهر ۾ هڪ سنڌي
امتياز منگي

استنبول، جنهن لاءِ ِهڪ فرانسيسي مدبر ۽ شاعر الفونس ڊي لامرتن  Alphonse-De-Lamar tineبلڪل صحيح چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي دنيا تي فقط هڪ نظر ئي وجهڻي آهي سو صرف استنبول کي ئي ڏسي. 
If one had but a single glance to give the world, one should gaze on Istanbul.
اڳوڻو قسطنطنيه ۽ هاڻوڪو استنبول، ماضي جي بدترين جنگي محاذ سان گڏو گڏ، فن تعمير جي شاهڪار عمارتن ۽ روح پرور مسجدن جو شهر. مذهبي فتوحات وسيلي فتنا ڦهلائيندڙ قابض هن بدنصيب ماٿري کي پنهنجو نالو، نظام ۽ دين ڏئي هڪليندا رهيا. ڪڏهن هو رومين جي صليب تي لٽڪيل رهيو، ڪڏهن يزيد هٿان ٻي ڪربلا ٿيڻ کان بچي ويو، ڪڏهن تيمور لنگ جي منحوس منڊڪ جي ٽڪ ٽڪ تي هتان جي رعايا جو هيانءُ کاڄندو رهيو ته، ڪڏهن سلطان محمد فاتح جي تسبيح سان هن جا سور سنجرندا رهيا. هميشه کان حملن جو نشانو بڻجندڙ هي ساحلي شهر، اجڙندو ۽ وري وري جڙندو رهيو. چيٽ جي ميلي ۾(Airgun)  ايئرگن جي نشاني تي رکيل ٻن رنگين ڦوڪڻن جيان، ٻن کنڊن جي هنج ۾ ستل گول مٽول ۽ معصوم استنبول جنهن کي شوٽ ڪرڻ لاءِ تماشبينن جون لائينون لڳل رهيون، آخرڪار ڪمال اتا ترڪ جي طفيل شڪاري نشانن کان پاند بچائي نڪتو. اتاترڪ، استنبول جا صدين کان رت سان ريٽيل رستا، گلن سان سجائي ڇڏيا. اڄ جي استنبول انهن سمورن سورن کان بي نياز ٿي، هڪ دفعو ٻيهر سک جو ساه کنيو آهي. کيس ۲۰۱۰ جو يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر جو خطاب ملڻ کان پوءِ نيپولين بونا پارٽ جا هي لفظ ٺهڪي اچن ٿا ته، ”جيڪڏهن ڌرتي هڪ رياست هجي ها ته قسطنطنيه ئي هن جي گاديءَ جو هنڌ هجي ها.“


If the earth were a single State; Constantinople would be its Capital.
پوءِ اهڙي منفرد راڄڌانيءَ کي ڪير ڏسڻ نه چاهيندو. جتي مختلف دورن جي تاريخ، رنج و علم، احساس، ارمان، لڱ ڪانڊاريندڙ حادثن ۽ مسلم-رومي حڪمرانين جي سرشتن جا سڀ اهڃاڻ قيد هجن. جتي جديد يورپ جو عڪس به آهي، ته قديم سرگوشين جا اُهڃاڻ به آهن. ڪافي وقت کان اهڙي ئي پراسرار شهر ڏسڻ جي خواهش ته هئي، پر نيچ نوڪريءَ جون پابنديون، دنياداري، گهرو مسئلا، هم خيال دوستن جو گڏجڻ، فراغت ۽ موڪل جو ملڻ، ويزا لڳڻ ۽ پئسن خرچ ڪرڻ لاءِ دل ٻڌڻ، سو هڪ سسئي سوَ سور وارو معامرو هيو. اسلام آباد جي هڪ اين جي او، هيومن رسورس ڊيولپمينٽ نيٽورڪ (HRDN)، منهنجا سڀ ڪم سڻاوا ڪري ڇڏيا. ڇو ته سندن شيڊيول ۾ ارڙهين کان چوويهين اپريل ۲۰۰۹ ۾ استنبول جي ٽريننگ رکيل هئي. استنبول ڏسڻ لاءِ رجسٽريشن فارم، ويزا فارم، پاسپورٽ، بينڪ ڊرافٽ وغيره انهن جي حوالي ڪيم. ان ڏينهن منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي جڏهن سٽي مختيارڪار آفيس حيدرآباد ۾ صبح صبح جو ڪمپيوٽر ۾ نيٽ کولڻ سانconfirmation  ۽Travel Plan  جا اي ميل موصول ٿيا. جڏهن صفا پڪ ٿي ته سفر جون تياريون شروع ڪيم. مون کي ٿورن ڏينهن ۾ سموريون تياريون مڪمل ڪرڻيون هيون. اصل مسئلو ته ايڪس پاڪستان موڪل حاصل ڪرڻ هو. ان بعد هلڪي ڦلڪي شاپنگ به ڪئي. اسان جي اسلام آباد مان ارڙهين اپريل ۲۰۰۹ تي فلائيٽ هئي. بهرحال ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ وٺان ڪري اڀري سڀري تياري مڪمل ڪيم ته اپريل جو ڏهاڙو به اچي مٿان پيو. ڪراچي ايئرپورٽ تائين وسيم عباسي ۽ حسن زرداري ڊراپ ۽ الوداع ڪرڻ آيا. جناح ٽرمينل مان ٿيندو جهاز رستي اسلام آباد ايئرپورٽ پهچي (HRDN) سيڪريٽريٽ رپورٽ ڪيم. هتي ٽڪيٽ، پاسپورٽ ۽ ٻيو ضروري مواد ڏنو ويو. ٻڌايو ويو ته اسان کي رات جي آخري پهر ۾ نڪرڻو آهي. لاڙڪاڻي جي دوست الله رکيو سانگي کي فون ڪيم، جنهن اچي ريسٽ هائوس مان کڻي، اسلام آباد جو هڪ تفصيلي چڪر لڳرايو. موٽي اچي خبر پئي ته سواءِ اسلام آباد جي دوستن جي ٻيا ساٿي اچي چڪا هئا ۽ هيومن رسورس ڊيولپمينٽ نيٽورڪ جي ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هئا. مان به هڪ پلنگ پڪڙي آيل سنگت سان رسمن ملي، جلدي سمهڻ جي تياري شروع ڪئي، پر ڪمري ۾ ترسيل اڻ سڃاتل دوستن جي اچ وڃ، ۽ متل  ٻيگهي، وقفي وقفي سان درن جا چيڪٽ ۽ بوٽن جا کڙڪا، بلبن جو ٻرڻ اجهامڻ آرام ۾ رخنو ٿي وڌو. ٿوري ننڊ مس ٿي آئي ته ڪنهن نه ڪنهن جي موبائل جي رباب جي پشتوRing tones  تي سجاڳي پئي ٿي. زندگيءَ ۾ ايندڙ خاص موقعن بابت به عجيب و غريب خدشا، خوش فهميون، ڊپ ۽ اميدون هونديون آهن چاهي انسان زندگي جي ڪهڙي به حصي ۾ هجي. جيئن جيئن وقت ويجهو ٿيندو ويندو، تيئن تيئن اڻ تڻ ۽ بيقراري وڌندي ويندي، بلڪل ائين، جيئن ننڍپڻ ۾ عيد الاضحيٰ. اف! ڪيڏي نه ظالم رات هوندي هئي. نه تياريون کٽن نه ميهڙ جي ميندي سان لکيل ”عيد مبارڪ“ رنگ ڪڍي. سڄي رات مائٽن طرفان ملندڙ متوقع خرچي جوڙ ٿيندي، ڪنهن سان ڪنڊ پاسي ۾ ملڻ جون سوچون سمهڻ نه ڏينديون. سينيما ۾ ايڪشن فلم تي رش ته ضرور هوندي؟ ٽڪيٽ لاءَ جڳاڙ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن پنهنجي باٽا جي بوٽ، ڪپڙن جي سلائي، ڪاري عينڪ ۽ ڊسڪو واچ جهڙي ڊزائن ڪنهن ٻي وٽ به هوندي ته مزو ڪرڪرو ٿي ويندو؟ مسلسل پاسا ورائيندي ننڊ کي جاڳائيندو رهيم ۽ منتشر خيالن کي نيپوڙيندي نيپوڙيندي نيٺ اک مس لڳي ته اوچتو بلب ٻريا ۽ چوڪيدار هر ڪنهن جا پير لوڏيندي وين اچڻ جو اطلاع ڏنو ۽ چيائين ته اڌ ڪلاڪ ۾ تيار ٿي نڪرڻو آهي. برش ڪري، تيار ٿي سامان پيڪ ڪري وين ۾ لوڊ ڪري ايئرپورٽ لاءِ نڪتاسين. وين اسلام آباد جي ويران ۽ زرد لائيٽن وارن رستن تي زور زور سان ڊڪڻ لڳي.اسلام آباد مان هلندڙ ساٿين کي رستن تان  pickڪندا ايئرپورٽ پهتاسين. هتڙي باقي دوست اڳ ئي موجود هئا. پنهنجي شخصي ۽ سامان جي چڪاس بعد لائونج ۾ اچي ويٺاسين. ڪافي سڃاڻو دوست اچي مليا ۽ چاءِ پي گپ شپ پئي ڪئي سين ته جهاز  جو اعلان ٿيو. مون پينٽ جي کيسي مان گهروارن ۽ دوستن کان موڪلائڻ لاءِ موبائل ڪڍي.

دوري جو مقصد
اسان هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽورڪ (HRDN) جي معرفت يارهين سالياني سير (Annual Trainers’ Retreat) جي سلسلي ۾ استنبول وڃي رهيا هئاسين. جن جو مان ميمبر آهيان. هيءَ هڪ غير سرڪاري پاڪستاني بين الاقوامي تنظيم آهي، جنهن جو صدر دفتر اسلام آباد ۾ آهي. هنن جو مقصد فلاح ۽ بهبود، سرڪاري ۽ خانگي ملازمن توڙي سماجي ڪارڪنن کي واسطيدار ادارن ۾ ٽريننگ ذريعي فعال ۽ ڪار آمد بڻائڻ، رفريشر ڪورس، جديد ڪمپيوٽر سافٽويئرز انٽرنيٽ جو استعمال وغيره ۾ ڀڙ ڪرڻ آهي. ان سان گڏوگڏ آفت سٽيل علائقن ۾ امداد ۽  بحالي به سندن ترجيحات ۾ شامل آهي. هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽ-ورڪ هن کان اڳ ڏهه ساليانا سير منعقد ڪري چڪي آهي. جن ۾ مصر، دبئي، مليشيا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. سندن ويب سائيٽ www.hrdn.net آهي. اسان جي ٽيم ۾  ڪُل ۵۳ ڄڻا شامل هيا، جن مان ست عورتون پڻ هيون.اسان جوگروپ ليڊر رومي سعيد حيات آهي، جيڪو هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽورڪ جو سربراه پڻ آهي. هيومن ريسورس ڊپوليمنٽ نيٽورڪ (HRDN) سالم هڪ دفعو پنهنجن ميمبر لاء هن قسم جو پرڏيهي پروگرام رکندي آهي ان لاءِ ته جيئن سِڄو سال اندرون ملڪ نوڪريءَ جي گهما گهمي،  آفيسن جي يڪسانيت واري معمول ۽ بي آرامي واري شيڊيول کي وقتي طور ترڪ ڪري، ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي کليل ماحول ۾گڏجي. ٻين لفظن ۾ هيءَ ساليانو ويڪيشن يا موڪلون ملهائڻ جو هفتو هوندو آهي ته زندگيءَ ۾ تازگي جو جهونڪو به اهڙيءَ ڪيفيت هر ماڻهو خاص ڪري ملازم پنهنجي زندگيءَ ۾ اڪثر تڏهن محسوس ڪندو آهي جڏهن هو صبح جو تيار ٿي، دفتر وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري، ريزگي موڪل جي درخواست موڪلي يا ته موبائل بند ڪري ۽ فون جو رسيور لاهي سمهي رهندو آهي يا نڪري پوندو آهي شهر کان پري، عارضي ذهني ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ. ائڊورڊ ڊالبرگ Edward Dahlberg ان ڪيفيت جي ڇا ته ترجماني ڪئي آهي ته جڏهن ڪو محسوس ڪري ته سندس زندگي جو ڪو ملهه ۽ مقدار نه رهيو آهي ته هو يا ته خودڪشي ڪري يا سفر لاءِ نڪري پوي.
When one realizes that his life is worthless; he either commits suicide or travel. 
مون آخري دفعو موبائل تي پنهنجي شريڪِ حيات ، يارن لال ڏنو ۽ منظور سيال کي الوداع چئي، موبائل بند ڪري ڇڏيو. هينئر اسان جهاز ۾ ويهي چڪا آهيون. مون گلف ايئر جي جهاز جي دريءَ مان پنهنجي ڌرتيءَ تي آخري نگاهه وڌي. صبح جا آثار نموندار ٿيڻ شروع ٿيا هئا. منهن سجيل سج اکيون مهٽيندي اٿيو هيو. اڃان سندن لال هو. رن وي تي پيلي روشني وڌندي ٿي وئي جيڪا رات روڊن تي هئي. جهاز ۾ ايئر هوسٽس طرفان سفر جي دعا ۽ اشارن ئي اشارن ۾ ناگهاني حادثن جي روايتي هدايتن بعد جهاز جي اسپيڊ تيز ٿيندي وئي ۽ جهاز هوا ۾ اٿيو. راتوڪيءَ ويڌن ڪري اوجاڳيل اکيون زوري ٻوٽجڻ لڳيون، سو سيٽ سولي ڪري سمهي رهيم. لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن جي منجهيل مسافريءَ بعد نيٺ جهاز جهڙ جهاڳي مٿي چڙهيو. اعلان ٿيو ته اسان بحرين لهڻ وارا آهيون، سندرا ٻڌو. بحرين ۾ اسانجو هوٽل اول ۾، هڪ رات جو  stayهيو. رات گذاري صبح جو ڏهين بجي واپس استنبول لاءِ اڏام شروع ڪئي. چئن ڪلاڪن جي ڊگهي سفر بعد اسان استنبول مٿان اچي وياسين. جهاز جي عملي هوشيار ڪيو. مان استنبول جي اوچين عمارتن، ڪاٽيجز ۽ ولاز جي ڳاڙهين ڇتين، ڪشادين مسجدن جي اوچن مينارن ۽ قبن، سڌن رستن، سر سبز شاهرائن ۽ باغن جو بَغور جائزو وٺي رهيو هيس ته جهاز اڍنگي نموني سان هيٺ ٽٻي هنئي. ”شايد هتي برفباري گهڻي ٿيندي آهي!“ منهنجي اڳيان واري سيٽ تي ويٺل پٺاڻ دوست، جيڪو پڻ ڳاڙهين ڇتين کي چتائي ڏسي رهيو هيو، چپن ۾ ڀڻڪيو. هاڻي ته جيڪب آباد ۽ سبي ۾ به ڳاڙهين ڇتين جو رواج آهي. ”خان صاحب جتي ۵۲ ڊگري گرميءَ جو پد آهي ان مردود گرميءَ کان ته دوزخ جي باهه به پناه گهرندي!“ مون هڪدم ترديدي بيان جاري ڪندي چيو. ”هي ڪو برفاني شهر ٿو لڳي.“ اسان جي گروپ جي تمام پيرسن ميمبر به ڳالهايو. ”برفاني رڇ کي پنهنجا علائقا پري کان نظر ايندا آهن.“ منهنجي پاسي واري شرارتي دوست آهستي چيو ۽ مان هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو. جهاز لهڻ سان منهنجي ڪنن تي دٻاءُ وڌندو ٿي ويو. هڪ زوردار ڳيت ڏنم ته ڪجهه فرحت محسوس ٿي. جهاز جي Runway سان ٽڪرائڻ جو کڙڪو ٿيو. رفتار گهٽبي پئي وئي ۽ آخرڪار جهاز ڪول پير ٿيندي بلڪل بيهي رهيو. اسان دستي سامان لاهي جهاز مان لٿاسين. اسان آڏو بين الاقوامي اتاترڪ هوائي اڏو هيو. مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جو نالو منهنجي لاءِ ان ڪري به مانوس آهي جو منهنجي شهر لاڙڪاڻي ۾ موهن جي دڙي ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪمال اتاترڪ ميموريل ٽاورآهي جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ کڙو ڪيو ويو هيو. ٽرمينل تي پهچڻ ۽ اميگريشن جي رسمي رولڙي بعد، اسان لگيج کڻي ٻاهر نڪري آياسين. ايئرپورٽ جيان پارڪنگ تي پڻ يورپي سياحن جو انگ وڌيل هيو. هڪ مخصوص مستيءَ سان منڊلائيندڙ يورپي ڇوڪريون، سوئيٽر چيلهه سان چهٽيل، چشما وارن ۾ چنبڙيل، وات ۾ چيونگم، هٿن ۾ ڊجيٽل ڪئمرا يا موبائل، ڪلهي ۾ وڏا پرس۽ ڳؤرا بئگ گهلينديون نظر پئي آيون. اسان جي بس مان سموري اچ وڃ تي نظر هئي. اُن کان هر گستاخ نظر سندن اڀريل حصن جي حرڪت تي ٽڪ هڻي بيٺي هئي. اوچتو گائيڊ ۽ ائڊوانس پارٽي اسان جي وندر ۽ اهم سرگرمي ۾ هن رنگ ۾ ڀنگ ملائي ڇڏي. هنن ايندي ڀليڪار چيو. اسان به کين کلي کيڪاريو. انهن اسان جي قيام، طعام، شيڊيول ۾ شامل مکيه ماڳن، موسم جي بي اعتباريءَ، احتياط، رستن، ٻوليءَ، پبلڪ ٽرانسپورٽ، شاپنگ جي اصولن، ڪرنسي، بازاري وايومنڊل، بارگيننگ ۽ شهر متعلق هر ضروري آگاهي ڏني. هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽ-ورڪ پاران استنبول موڪليل ائڊوانس پارٽي اسان جي لاءِ سڀ بندوبست ڪري ڇڏيا هئا. هوٽلReservation ، ٽوئرسٽ بس ۽ گائيڊ، اسان جي اچڻ کان اڳ، engage ڪري ڇڏيا هئائون. مون به گائيڊ سان هيلو هاءِ ڪئي ۽ کانئس ڪافي معلومات ورتم.

ISTANBUL THROUGH MY EYES
استنبول جي باري ۾ منهنجي ابتدائي ناقص ڄاڻ موجب هي شهر باسفورس جي سوڙهي پاڻي جي لنگهه Straits ۽ قدرتي بندرگاه جنهن جو دلچسپ نالو سونو سڱ (Golden Horn) آهي، جي ڪپر تي آباد آهي. سندس پراڻو نالو قسطنطنيه (Constantinople) هو. ڪڏهن هن کي بائزينٽيم Byzantium پڻ پڪاريو ويو هئو. استنبول تاريخ عالم جو اهو واحد خطو، جيڪو ٻن کنڊن تي پکڙيل آهي، هي ٽن عظيم سلطنتن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. جنهن ۾ ۳۹۵-۳۳۰ هجري تائين رومي سلطنت جي گادي، ۳۹۵ کان ۱۴۵۳ تائين بازنطيني سلطنت جي گادي ۽ ۱۴۵۳ کان ۱۹۲۳ تائين سلطنت عثمانيه(Ottoman Empire)  جي گادي جو هنڌ رهيو. پر هاڻوڪو شهر نئين دور جي تقاضائن موجب تمامmodern  ٿي ويو آهي. پراڻن عمارتن سان لاڳيتيون فلڪ بوس پلازا اوهان کي هر دور جو هڳاءُ ڏياريندا. مون استنبول جي باري ۾هوٽل جي ڪمري ۾ رکيل هڪ پراڻي رسالي ۾ پڙهيو ته؛
Istanbul not only offers the opulent footprints of the Ottomans, but also the remains of the Byzantine and the Roman empires. Modern Istanbul is a mistress of reinvention, and new restaurants, shops, clubs and galleries open all the time”.
”استنبول مان نه صرف عثمانين جا آسائشي پيرا کڄن ٿا پران سان گڏو گڏ بائزنٽائن ۽ رومن  اهڃاڻ به موجود آهن. جديد استنبول نئين روپ ۽ رنگ ۾ ملبوس هڪ محبوبا  آهي جتي نت نوان ريستوران، دڪان، ڪلبون ۽ گئلريز هر وقت کليل رهن ٿا“. 
۱۹۲۳ع ۾ ترڪي جڏهن سمورا پراڻا لڳ لاڳاپا ۽ نظام ٽوڙي هڪ جمهوري رياست بڻيو ته استنبول جي جاءِ تي انقره کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. جڏهن ته خلافت عثمانيه تحت استنبول جي جاگرافيڪل بيهڪ سبب سعودي عرب به سندس سرپرستيءَ ۾ هوندو هئو. هتي ڏنل حقيقتون ظاهر ڪن ٿيون ته استنبول واقعي به هڪ شهر باڪمال  ۽ منفرد خطو رهيو آهي، جنهن جو نه صرف ترڪي جي سياسي، سماجي۽ تعليمي اوسر ۾ وڏو اهم ڪردار رهيو آهي، پرهو مذاهب عالم جو پڻ ڳڙه رهيو آهي. جهڙي نموني فيلڊ مارشل ايوب خان  ڪراچيءَ بدران اسلام آباد کي گادي جو هنڌ بڻائڻ سان ڪراچي جي قد ڪاٺ تي ڪو به فرق نه پيو اهڙيءَ طرح استنبول کي گادي واري درجي کان محروم ڪرڻ سان سندس قدرو قيمت تي ذري برابر فرق به نه پيو.
سلطنت عثمانيه  (Ottoman Empire)جي پهرين سلطان محمد فاتح سندس نالو قسطنطنيه مان مٽائي اسلامبول رکيو، جيڪو مختلف اچار ۽ شڪليون مٽائيندو استنبول بڻجي ويو. پيار مان کيس شهرن جي راڻي(Vasileousa Polis) ، باب مملڪت، پادرين جو شهر، شهر خلافت، چشم دنيا، تخت سلاطين   پڻ پڪاريو ويو. هن شهر جي اندر تهذيبن ۽ قومن جي قسمت جا فيصلا ٿيا، جن دنيا جي سياست جا رخ تبديل ڪري ڇڏيا. هڪ هزار سالن تائين رومن امپائر جو تخت رهيو، دنيا جو ڪو ٻيو شهر ايڏي مان مرتبي اهميت وارو نه رهيو هوندو.  هن کي خزانن جو شهر به ڪوٺيو ويو، ڇو ته آفريڪا، ايشيا ۽ سموري يورپ مان خزانا هن شهر ۾ آندا ويندا هئا. خبر ناهي ته سطح تي ڪهڙا خزانا لٽيا هوندا ۽ زمين اندر اڃا امانت ۾ ڇا ڇا دفن هوندو؟ هتي دنيا جا ناياب مجسما ۽ فن پارا جمع ڪيا ويندا هئا. شهر جي باشندن وٽ دولت جا اڻکٽ خزانا هوندا هيا.
استنبول صوبي جي حيثيت ۾ اوڻيتاليهن ضلعن تي مشتمل آهي، جنهن مان ستاويهه ته رڳو استنبول شهر جا آهن. رياست جو سربراه گورنر ۽ انتَظامي ڍانچي جو واڳون استنبول ميٽروپوليٽن ميونسپالٽي وٽ آهن جنهن کي ميئريا ناظم سنڀاليندو آهي. ڪل ايراضي ارڙهن سؤ ايڪٽيهه ڪلوميٽر ۽ ۷۰۶.۹ اسڪوائر ميل اٿس. يونيسڪو ۱۹۸۵ع ۾ استنبول شهر جا ڪجهه حصا عالمي ورثي واري لسٽ ۾ شامل ڪيا. لاکيڻي لطيف سر سارنگ ۾ استنبول جو ذڪر ڪيو ته، علامه اقبال پڻ بانگ درا ۾ کيس انمول بڻائي ڇڏيو. ترڪي جو سڪو ترڪش ليرا آهي ۽ پاڪستاني ۵۳ روپين جي برابر آهي. ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ انقرا آهي. سندس قومي جهنڊو ڳاڙهو آهي جنهن تي چنڊ ستارو آهي. استنبول شهر گرميءَ جي موسم  ۾ موافق ۽ سياري ۾ سَخت ٿڌو هجي ٿو ۽ ان سان گڏ برفباري پڻ ٿئي ٿي. سال جو گرم ترين مهينو جون ۽ ٿڌو جنوري جو آهي.

No comments:

Post a Comment