Sunday, December 09, 2012

روايتن جا امين، ترڪ - امتياز منگي


روايتن جا امين، ترڪ
امتياز منگي
ترڪ پنهنجي تهذيب تمدن ۽ روايتن سان تمام گهڻو پيار ڪن ٿا. استنبول ۾ تاريخي عمارتون ڊاهڻ سنگين ڏوهه آهي، ڀلي اهي آثار اسلام جا هجن يا ان کان به آڳاٽا. جڏهن سلطان محمد فاتح ثاني قسطنطنيه فتح ڪيو ته هڪ ڏينهن گهمندي ڏٺائين ته هڪ شخص صوفيه جي سامهون وارو چبوترو ڊاهي رهيو هيو ته پاڻ سخت تيش ۾ اچي ويو ۽ ڊاهيندڙ شخص کي سؤ سچو پتر هڻايائين. پوءِ اهو فرمان جاري ڪري ڇڏيائون ته هن مرڪزي ڪليسا کي مسجد ڪيو وڃي. سلطان محمد فاتح کي اهو به احساس هيو ته استنبول جو انتظام قائم رکڻ لاءِ يوناني آباديءَ جو تعاون حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هن هڪ راهب جارج سڪوليريس(George Scuolarius) کي يوناني آرٿوڊڪس ڪليسا جو سنڀاليندڙ مقرر ڪري ڇڏيو. هي نظام ملت جو آغاز هيو، حڪومت جي طور طريقن سان هن نظام کي يگانگيءَ جو درجو حاصل ٿيو.


اسان جي ذهن ۾ جڏهن ترڪ اچن ٿا ته اهوئي تصور اسان جي سامهون رهي ٿو، جيڪو اسان جي ذهن ۾ موجود آهي، يعني انهن جا حرم آهن، جن ۾ خوبصورت ڪنيزون رهن ٿيون. دسترخانن تي تمام شاندار۽ سوادي کاڌا رکيا وڃن ٿا. نوش ڪندڙ تمام نرم صوفن تي ٽيڪ ڏئي ويهن ٿا ۽ نقاب پوش رقاصائون نازڪ هٿن سان قهوو پيش ڪن ٿيون. رباب جون تارن کي ڇيڙي، طبلن جي تال تي محفل جهومي ٿي. پر وليم اسپينسر (William Spencer) ترڪيءَ تي پنهنجي لکيل ڪتاب ”ترڪي جي سرزمين ۽ رهواسي“The land and people of Turkey ۾ لکي ٿو ته اهي عياشيءَ جون بريون عادتون ترڪن ۾ نه هونديون هيون، پر انهن ۾ بازنطينين مان منتقل ٿيون. بازنطينين کي لاتعداد زالون هونديون هيون، تن مان هڪ پٽ راڻي ۽ باقي داشتائون ڪري رکندا هئا. هرڪنهن عورت لاءِ الڳ الڳ ڪمرا هوندا هئا. پنهنجي زبان ۾ اهي ان کي زنانگاھ (Gynacaeum) چوندا هئا. اهي نقاب ڪو نه لڳائينديون هيون، باقي غير مردن کان پردو ڪنديون هيون. اها سختي ان ڪري به ڪئي ويندي هئي ته جيئن اهي عورتون ڪنهن مرد سان جسماني رشتو نه جوڙين. يونانين جي آرٿوڊڪس عقيدي موجب شهنشاه زمين تي مسيح ۽ نائب آهن ۽ انهن جو ادب ۽ احترام ديوتا سمجهي ڪجي، اگر ڪوئي انهن جي حضور ۾ پيش ٿيندو هيو ته گوڏن ڀر گسڪي ايندو هيو، انهن جا پير چمندو هيو ۽ گيسي ڪندو واپس ٿيندو هيو. عثماني سلطانن ۾ پڻ اهي گندگيون منتقل ٿيون. ڌاري ثقافت، چٽخيدار کاڌا، لباس، آداب ۽ عادتون، زبان ۽ لهجا قومن ۾ جلدي منتقل ٿيندا آهن. خاص ڪري نئون نسل پنهنجن روايتن کان باغي ۽ ڌاريءَ ثقافت طرف هونئن به گهڻو مائل هوندو آهي.
عثماني نظم ۽ نسق جا ڪجهه اهڙا ادارا جوڙيا ويا هيا جيڪي قابل سلطانن جي سرڪردگيءَ ۾ تمام  سٺو ڪم سر انجام ڏيندا هئا. ان زماني ۾ غير ملڪين جي وڏي انگ جو نظم و ضبط ڪجهه ترڪن جي نگرانيءَ ۾ ٿيندو هيو. ائين سمجهو ته اهو ان وقت جو پروٽوڪول کاتو هيو، جيڪو پاڪستان وانگر روينيو وارا خوش اصلوبيءَ سان سر انجام ڏيندا هئا. قسطنطنيه جا حڪمران ٻين حڪومتن جيئن وينس ۽ جنيوا جي جمهوريتن جي تاجرن کي خاص حق ڏيندا هئا. شهر ۾ انهن جو هڪ خاص محلو هوندو هيو، جتي انهن جو جهنڊو ڦڙڪندو هيو. ۱۵۲۱ عيسوي ۾ عثمانين پڻ اهو طريقو شروع ڪري ڏنو ۽ وينس وارن کي جيڪي حق حاصل هوندا هئا، اهي هڪ خاص معاهدي تحت هئا. ان جون ٽيهه شقون هونديون هيون. سليمان عاليشان به اهڙو ئي معاهدو ۱۵۳۶ع ۾ فرانس سان ڪيو. انگلستان وارن کي ان ڳالهه تي مٺيان لڳي ته مسيحي قومون مسلمانن جي بغل ۾ ڪيئن لڪيون آهن؟ هي مراعتون ترڪن لاءِ خوشگوار ثابت ٿيون ڇو ته تجارت، وڻج واپار تمام وڌي ويو. ترڪن کي تجارت کان نفرت هئي. اهي ٻين کي اهو ڪم سونپي پاڻ کي اُتم ۽ تجارت کي نيچ سمجهڻ لڳا. رعايت جي هر معاهدي جا لفظ هي هوندا هئا: سلطان محمد فاتح ثاني پنهنجي فياضيءَ، وڏائيءَ ۽ مهرباني طور فلاڻي ڪافر بادشاه کي هيءَ رعايت بخشي ته جيئن اهي هميشه محڪوم رهن. جن شهرين کي رعايت جون سهولتون ملي وينديون هيون، اهي عثماني ڍل، ٽيڪس ۽ ٻيا لوازمات نه پياريندا هئا ۽ عثماني قانونن جا پابند به نه هئا. اهي پنهنجي ملڪ جي قانون تي هلندا هئا ۽ پنهنجي ئي ملڪ جا ٽيڪس ادا ڪندا هئا. کين صرف پنهنجي ملڪ جا سفير گرفتار ڪري سگهندا هئا. باقي عثماني پوليس انهن کي گهرائي به سگهندي هئي ۽ انهن کي سندن گهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ داخل ٿيڻ جو به حق حاصل هوندو هئو. جيسيتائين مسيحي قوتون ڪمزور هيون ۽ ترڪيءَ جي طاقت عروج تي هئي، ته هي نظام ڏاڍو عمدي نموني سان هلندو رهيو، مگر جڏهن حالتن رخ مٽايو ته اهو مصيبت جو باعث بڻيو. اڻويهين صديءَ استنبول ۾ فراڊي وڪيل، دغاباز ۽ مشڪوڪ ماڻهو، مجرم، ڀاڳيلا، ٺڳ ۽ فريبي ايترا هئا، جيترا ٻين شهرن ۾ نه هوندا، جيڪي ماڻهو پنهنجي ملڪن جا نامي گرامي ۽ چٽيل ڌوکيباز هئا، اهي قانون جي پڪڙ کان بچڻ لاءِ قسطنطنيه پهچي ويندا هئا ۽ اُتي کين پناه ملي ويندي هئي. سلطانن جا خزانا خالي ٿيڻ لڳا هئا ۽ اهي انهن بدنام زمانا ماڻهن کان وياج تي قرض و ٺڻ لاءِ مجبور هئا، جيڪي سندن جتيءَ برابر هوندا هئا. شرم جي ڳالهه اها به هئي ته انهن عيارن ۽ وياج خورن کي ڪو ئي ڪجهه چئي به نه سگهندو هو. روس سلطنت عثمانيه لاءِ ”يورپ جو مرضيل مرد“ جهڙا لفظ استعمال ڪيا. بلاشبه ڪجهه چڱن سلطانن، اصلاح پسند وزيرن حالتون سڌارڻ چاهيون، پر قدامت پسند عنصر حاوي ٿي ويا هئا. عام هاري طبقو حڪومتي حالتن کان ناواقف، پنهنجيءَ ۾ پورو ۽ الڳ ٿلڳ هيو، جن جي حالت اسلام جي اڳ واريءَ حالت کان به ابتر هئي. تيل ته ترن مان ئي نڪرندو آهي، ڍلن جو بار به انهن غريبن تي هيو. اها حالت ڏسي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ترڪن جهڙي حقيقت پسند، سٺي منتظم ۽ بهادر قوم ايترو ڪِري ڪيئن پئي؟ محمد فاتح، جناديوس کي انتظام هلائيندڙ ڪامورو مقرر ڪيو ته هو يوناني معاملن جي نگراني ڪري، پر ڪنهن حد ۾ رهندي. ٻين لفظن ۾ يونانين کي پنهنجا معاملا پاڻ حل ڪرڻ جي لاءِ خودمختيار بڻايو ويو. يهودي ۽ عيسائي اهل ڪتاب هئا ۽ اهي مختلف قومن جا هئا. جڏهن انهن ۾ ڪو به جهڳڙو ٿيندو هئو ته سندن ملت جو وڏو ماجسٽريٽ اهو فيصلو نبيريندو هو، توڙي جو غيرمسلم قومن کي ڪنهن نه ڪنهن فرقي سان سلهاڙيل هجڻ ڪري عام شهريءَ جي ڀيٽ ۾ برتري حاصل هوندي هئي، پر تنهن هوندي به انهن کي هٿيار کڻڻ ۽ عثماني فوجن ۾ ٽپڻ جي اجازت نه هئي پر پوءِ به شروع شروع ۾ کين ان نظام مان گهڻا فائدا هئا. جيئن ته سلطنت جي تجارتي ڪاروبار تي اهي حاوي هئا، ان ڪري مجبوراً به ترڪ ساڻن چڱو ورتاءُ رکندا هئا. اهڙا مثال به موجود آهن ته سلطان سلامت ڪنهن ڏوهاريءَ کي سندن ماجسٽريٽ جي سزا کان بچائڻ لاءِ سفارش ۽ مداخلت ڪئي هوندي.
ان جو مثال مان ائين به ڏئي سگهان ٿو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان و ٺي اسان جي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريءَ جا عهديدار ڪيئن نه سرڪار جي هر فيصلي ۾ حائل ٿيندا آهن. جڏهن پورچوگيز جهازران واسڪو ڊيگاما سامونڊي رستن جي کوجنا ۾ انڊيا جي بندرگاه تي پهتو هو، ته انهن جو وڏو مقصد واپار هيو. جڏهن انگلستان جي واپارين ملڪه ايلزبيٿ کان اجازت وٺي، پورب ملڪن جو ٻيڙو ٻوڙڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني قائم ڪئي ته مغلن کي سبز باغ ڏيکاري، پورچوگيزن جا تڏا پٽرايائون. جيڪڏهن اوهان کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي چالبازين کي ڏسڻو آهي ته عامر خان جي فلم ”منگل پانڊي“ ڏسو. 
اچون ٿا هاڻي چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريءَ جي اره زورائيءَ طرف ته جڏهن ضلعي سطح تي عام واهپي وارن شين جي اگهن جي گڏجاڻي هوندي ته اگهن وڌائڻ لاءِ سرڪار کي هڙتال جي ڌمڪي ڏيندا. مارڪيٽ ڪاميٽي جي انسپيڪٽرن کي سرڪاري ٽيڪس نه ڏيندا. نئين سبزي منڊي ۽ مارڪيٽ ڪاميٽيءَ ۾ پلاٽ ته الاٽ ڪرائيندا، پر انتظاميه پاران ڌنڌا ۽ دوڪان منتقل ڪرڻ جي زور تي هڪدم روڊن تي نڪري ايندا. ڌونهان-ڌار پريس ڪانفرنسون ٿينديون. بازار مان کنڊ، اٽو گم ڪري، من پسند ريٽن جي تقاضا ڪندا. کير جي وڪري لاءِ ڊيري ملڪ جي ڪارخانن سان  DEALڪندا. ڀاڻ جون ٽرڪون گدامن ۾ لهرائي دوڪانن کي ٻهاري ڏئي ڇڏيندا. فوڊ ڊپارٽمينٽ سان ملي بارداني جو بحران پئدا ڪندا. معمولي ڦڏي فساد ۽ معمولي چوريءَ چڪاريءَ جي صورت ۾ پوليس جي نااهلي، بد امنيءَ تي جلوس ڪڍي نعري بازي ڪندا ۽ سرڪاري ملازمن جي هٽائڻ ۽ سزا ڏيڻ جا مطالبا ڪندا. رمضان ۾ فروٽ اڻلڀ ٿي ويندو، کير ۽ پاڻي جي گهاٽائي هڪ ٿي ويندي ڇاپي جي نتيجي ۾ مٿائنس تذليل، ڪرپشن، چوريءَ، ڏاڍاين ۽ رشوت جا الزام هڻي، کيس معطل ڪرائي ڇڏيندا. گٽر بند ڪرائي ميونسپالٽيءَ تي ڇوهه ڇنڊيندا. ترڪيءَ ۾ به اهڙو ئي سماج دشمن واپاري طبقو اڀري آيو، جيڪي غير مسلم هئا. ڪنهن به ملڪ ۾ هميشه اقليت ۾ ٻڌي هوندي آهي. ترڪيءَ ۾ به اهڙيءَ ٻڌي ۽ ايڪي ڪري مفتوح قومن پاڻ کي متحد ڪيو ۽ جڏهن سلطنت عثمانيه ڪمزور ٿي ته انهن خلاف بغاوت ڪرڻ سولي رهي.

جيني سري ( JANISSARY) فوج
ترڪيءَ ۾ سلطان جي محافظن جو هڪ خاص فوجي جٿو هيو، جنهن ۾ يهودي هوندا هئا. هي اهي يهوي هئا، جيڪي جنگين ۾ گرفتار ٿيندا هئا ۽ اسلام قبول ڪري ڇڏيندا هئا. ان فوج کي جيني سري(Janissary) ڪوٺيندا هئا. روايت موجب سلطان کي مال غنيمت مان پنجون حصو ذاتي استعمال لاءِ ملندو هيو. انهن قيدين مان باڊي بلڊر ۽ مظبوظ قيدين کي سلطان جي فوج لاءِ رکيو ويندو هيو. جڏهن جنگي قيدين جو انگ گهٽجي ويو ته سلطنت عثمانيه انهن جان نثارن جي جبري ڀرتي شروع ڪئي، جيڪا تاريخ جي بد ترين جبري ڀرتي هئي. وليم اسپينسر (William Spencer) ترڪيءَ تي پنهنجي لکيل ڪتاب ”ترڪي جي سر زمين ۽ رهواسي“ ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”ڀرتي ڪرڻ وارن فوجي آفيسرن جا ٽولا ٻهراڙين ۾ ويندا هئا، اتان اٺ کان ٻارهن سالن جي ڇوڪرن مان چونڊ ڪري کين استنبول کڻي ايندا هئا، جتي هڪ خاص تقريب ۾ کين ڪلمو ڀرائي مسلمان ڪيو ويندو هيو. معصوم نينگرن کي خبر نه هوندي هئي ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ تنهن بعد اهي سلطنت جي ملڪيت بڻجي ويندا هئا. کين شاديءَ جي اجازت نه هوندي هئي. انهن کي سخت جفاڪشيءَ جي تربيت ڏني ويندي هئي ۽ اهي فوجي نظم و ضبط جا بي زبان بت بڻجي ويندا هئا. پنهنجي آفيسرن جي حڪمن جي بغير ڪنهن سوچ جي بجا آوري ڪندا هئا. انهن خدمتن جي صلي ۾ کين شاهي دربار ۾ يا فوج ۾ اوچي درجي تي پهچايو ويندو هيو. سلطاني تخت يا عثمانيه خاندان جي مخصوص عهدن کي ڇڏي، هر سٺي ۽ دٻدٻي واري عهدي تي سندن تقرري ٿيڻ لڳي هئي. اهي آهستي آهستي ترقيءَ ۾ پراڻن مسلمانن کي به پوئتي ڇڏي ويا. انهن فائدن جيني سري گروپ کي اهڙو ته مرتبي وارو درجو ڏنو، جو مسلمان به ان فورس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڪندا هئا. لڙائين ۾ به جيني سري دفاع جو آخري مورچو هوندو هئا. هتي هڪ فرانسيسي حملي جي روئداد ٻڌائڻ وڌيڪ مناسب ٿيندي:
فرانسيسين ترڪيءَ جي وڏي بٽالين تي حملو ڪري ڏنو. اهي ترڪ فوجن کي ماريندا ماريندا چئن دفاعي مورچن کان به اڳتي وڌي ويا. جڏهن اهي هڪ ننڍيءَ ٽڪريءَ تي پهتا ته انهن کي فتح جو احساس ٿيڻ لڳو پر ڇهه هزار جيني سري فوج جي چاڪو چوبند دستن کي ڏسي وايون بتال ٿي وين ۽ مٿن ايترو ته حراس ڇائمجي ويو جو اهي هٿيار فٽا ڪري ڀڄي ويا.
هڪ ٻيو واقعو ٻڌو:
هڪ دفعي جيني سري فوج ڪجهه قيدين کي هڪ شهر مان ٻي شهر و ٺي وڃي رهيا هئا. ٿورو اڳتي هلي انهن کي احساس ٿيو ته ڪجهه ضروري سامان ته اهي پوئتي وساري آيا آهن. انهن تلوار اڀي ڪئي ۽ قيدين کي خبرداي ڪيائون ته اسان ٿوري دير ۾ واپس اچون ٿا، ڪير به جيڪڏهن پنهنجي جگهه تان هٽيو ته ان کي افٽ ماري ڇڏينداسي. موٽڻ تي ڏ ٺائون ته صرف هڪ قيدي ڀڄي ويو هو، باقي سڀ جا سڀ پنهنجن جائن تي ويٺا رهيا.
انهن واقعن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيني سري فوج جو ڪيترو نالو ويٺل هيو. جيني سري فوج به طاقت جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي، پاڻ کي ضايع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، ايسيتائين جو اهي پنهنجي محسن سلطانن جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا. ۱۸۲۶ع ۾ انهن سلطانن خلاف ڪات ڪهاڙا اُڀا ڪيا، پر اهو انهن جو آخري مظاهرو ثابت ٿيو.نئون سلطان محمود ثاني انهن کي سبق سيکارڻ جي مڪمل تياري ڪري چڪو هو. هن هڪ خفيه فوج ٺاهي، جيڪا جيني سرين کان به ٻه وکون اڳتي هئي، يعني سير تي سوا سير. ان تربيت يافتي گروپ کين گوليءَ سان نه، پر باريڪن تي توبن سان حملو ڪري اڏائي ڇڏيو، اهڙيءَ طرح جيني سرين جو باب هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. اوڻٽيهين مئي ۱۹۵۳ع ۾ ترڪي ۾ هڪ تمام وڏو جشن ملهايو ويوجنهن مهل قسطنطنيه تي قبضي کي پنج سئو سال پورا ٿيا هئا. ان ڏينهن استنبول جي هر ماڻهوءَ سلطانن يا جيني سري جو لباس پهريو هئو. اهڙي نموني عظمت ۽ برتري جي دور جي ياد تازي ڪئي وئي.
اقتدار جي حوس انڌو ڪري ڇڏيندي آهي. اهو جملو ته عام رواجي آهي، جو ٻڌي ٻڌي اثر وڃائي ويٺو آهي. پر آهي سؤ سيڪڙو سچو. سون ان طرح ترڪيءَ ۾ سلطان جڏهن تخت تي ويهندا هئا ته پنهنجي ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيندا هئا ته جيئن تخت نشينيءَ جو حق خطرن کان محفوظ رهي. جڏهن انهن کي اهڙي پاڦوڙ پوندي هئي، ته سندن وراثت لوڏن ۾ آهي ته اهي ابن ڏاڏن جو طريقو اختيار ڪندي، کين قيد ڪري ڇڏيندا هئا. جڏهن ڪو سلطان مرڻ جي ويجهو هوندو يا مري چڪو هوندو ته سندن سمورن پٽن کي ڪنهن پري واري علائقي جي ڪنهن فارم هائوس جهڙي محل ۾ وٺي وڃبو هئو. هتي صرف ان پٽ کي ٻاهر ويهاري، جنهن کي تخت تي ويهارڻو هوندو هئو، باقي وارثن کي قيد ڪيو ويندو هئو، جتي انهن جي باقي زندگي گذرندي هئي. ها اتفاق سان سلطان کي ڪو وارث نه هجڻ جي صورت ۾، ڪنهن جي لاٽري کلي ته پوءِ کيس قيد مان ڪڍي سلطان بڻائي ڇڏيندا هئا. جيڪو ماڻهو مدتن تائين وما فيها کان بي خبر، هڪ بند محلات ۾ عورتن سان رهي رهي ناڪارا ٿي ويو هوندو، جنهن کي صرف پٽن پئدا ڪرڻ جي طريقن جي خبر هوندي، اهو جڏهن تخت سلطانيءَ تي براجمان ٿيندو هوندو ته اهو ڇا ڪري سگهندو هوندو؟ افسوس جو خلافت عثمانيه جي زوال کانپوءِ جڏهن اهي نظربند بادشاهي ٻار مستقل طور آزاد ٿيا هوندا ته اهڙيءَ آزاديءَ جو انهن کي ڪهڙو فائدو مليو هوندو؟
۱۹۰۶ع ۾ پيڙهيل ترڪش عوام جي لاءِ اميد جو ڏيئو روشن ٿيو، ڇو ته جڏهن وقت جي سلطان عبدالحميد ثانيءَ جو ۱۸۷۶ع ۾ حڪمراني جو آغاز ٿيو هيو ته ان واعدو ڪيو هيو ته ملڪ ۾ دستوري حڪومت قائم ڪندو. سلطان عبدالحميد ثاني کي روشن خياليءَ ۽ سادگيءَ ڪري ڏاڍي شهرت ملي هئي. جڏهن ان پير پختا ڪيا ته پنهنجي واعدي تان ڦري ويو. هن ڪيترن ئي وفادار مشيرن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ٽيهن سالن تائين ڏنڊي جي زور تي حڪمراني ڪئيائين. هن خبرگيري ڪرڻ لاءِ جاسوس مقرر ڪيا هيا ۽ انهن جاسوس جي نگرانيءَ لاءِ وري ٻيا ڳجها ادارا ٺاهيا هيائين. سلطان عبدالحميد ثاني ڏاڍو سودائي ۽ وهمي هوندو هئو. جڏهن هن جي سامهون کاڌو رکيو ويندو هيو ته اهو گهٽ ۾ گهٽ ٽن ماڻهن کي کارائي، تصديق ڪندو هئو ته ان ۾ زهر ته ناهي. هو پنهجي سياسي حريفن ۽ مخالف اڳواڻن کي ملاقات تي گهرائي پاڻ وٽ بند ڪرائي ڇڏيندو هيو. ۱۹۰۶ع ۾ اولهه پسند فوجي غدارن بغاوت ڪري، هن ملڪ ۾ دستوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو. بلاخر ۱۹۰۹ع ۾ هن جو تختو اونڌو ڪيو ويو.
هاڻ ترڪيءَ جي سلطانن جوگهڻو ذڪر ٿيو. مون سان گڏ اوهان به ٻڌي ٿڪا هوندؤ ته بس ۾ چڙهڻ سان اسان جي گروپ ليڊر سر رومي حيات اها آفر ڏني ته جيڪڏهن ڪو ميمبر گاڏيءَ جي لائوڊ اسپيڪر تي ڪا به پرفارمنس ڏيڻ چاهي ته ڀلي اچي. ان آفر سان ڪجهه شرارتي نوجوانن اندر جي اُڌمن کي گانن جو روپ ڏنو. ڪن دوستن انڊيا جا سدابهار گانا ڳائي زبردست داد وصول ڪيو خاص. ڪري مانسهره جو ”پاسبان“ جو دوست صاحبزاده جواد الفيضي، جنهن مناڊي جا ڳايل سدا بهار گانا ٻڌائي محفل جو موڊ ئي تبديل ڪري ڇڏيو.

منيا ترڪ باغ
تاڙين ۽ واه واه بعد هاڻي گروپ منيا ترڪ Minia Turk پارڪ پهتو. باغ ٻاهران استنبول ميٽروپوليٽن ميونسپالٽي جو بورڊ لڳل هو. ٽڪيٽ ڪائونٽر عاليشان قسم جو هيو. گائيڊ ٿورو پريشان پيو لڳي ته متان اسان کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ملي، الائي ڇو؟ بهرحال ڪجهه دير بعد مسئلو حل ٿي ويو ۽ اسان اندر اچي وياسين. هي باغ نه پر هڪ ننڍڙو ترڪي آهي جتي تاريخ جا مختلف دؤر ۽ ماڳ مڪان منجمند ٿيل آهن. ٽڪيٽ ۱۰ ليرا اٿس. باغ ۾ داخل ٿيڻ سان اوچين عمارتن جا پتڪڙا ماڊل ڏسي، ننڍن ٻارن جيان خوش ٿيندا رهياسين ۽ حيرت وچان هيٺ ويهي غور سان سندن جائزو وٺڻ شروع ڪيو.
زبردست! ڇا ته ماڊل بڻايا ويا آهن، محلاتون هجن يا مزار، مسجدن جا نمونا هجن يا مدرسن جا ماڊل، ڦوهارا هجن يا پلون، هي باغ بلڪل ائين پئي لڳو، جيئن مٿاهين کان جهاز مان هيٺ ترڪي ڏسي رهيا هجون. ماڊل عمارتن ۾ ننڍڙا ماڻهو، پلين هيٺيان شفاف پاڻي، بدڪون ۽ رستي جي ٻنهي پاسن کان عظيم الشان عمارتن جون قطارون، اسان پنهنجا قدم به ٻارن جيان آهستي آهستي کڻندي اڳتي وڌندا پئي وياسون. ڪمال آهي. فوٽو ڪڍو ته محسوس ئي نه ٿيندو ته ڪا واقعي اصلي جڳهه آهي يا ماڊل. ان ماڊلن جي دنيا ۾ ترڪيءَ جي ابي ڪمال اتاترڪ جي گهر جو ماڊل پڻ ڏٺوسون، جتي هو پيدا ٿيو. هي گهر ۱۸۷۰ع ۾ ٿيسا لونڪي (Thessaloniki) ۾ اڏيو ويو. هتي اسان کان گائيڊ وسري ويو، ڇو ته هر ماڊل اڳيان معلومات ڏيندڙ مشين لڳل هئي، جنهن سان ٽڪيٽ گسائڻ سان ان ماڊل جي مڪمل تاريخ، جاگرافي متعلقCommentary  پئي ٻڌي. انگريزيءَ ۾ ان معلومات ته مزو ئي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. هتي هڪ جگهه تي کليل فوٽو اسٽوڊيو هيو، جتي شاهي تخت رکيل هئو. هتي گهمڻ لاءِ آيل ڪٽنبن پنهنجا فوٽو شاهي لباس ۾ پئي ڪڍرايا ۽ اوڻٽيهين مئي ۱۹۵۳ع ۾ ترڪي ۾ ملهايل جشن جو ورجاءُ پئي ڪيو جنهن مهل قسطنطنيه تي قبضي کي پنج سؤ سال پورا ٿيڻ تي استنبول جي هر ماڻهوءَ سلطانن يا جيني سري جو لباس پهريو هئو. هتي ڪٽنب جي وڏي سلطان جو لباس، ماءُ راڻيءَ جو ۽ ٻارن شهزادن ۽ شهزادين جو روپ ڌاريو ۽ فوٽوءَ ۾ مختلف اندازن ۾ پاڻ کي تاپڪاپي ۾ پئي تصور ڪيو. ترڪيءَ جي ڳاڙهن ڳٽول ڳلن وارن ٻارن کي ان روپ ۾ ڏسي، مالڪن به ڪونه پئي سڃاتو ۽ باغ گهمڻ آيلن به ان گيٽ اپ مان مزو پئي ورتو. جس آهي ميونسپالٽيءَ کي جنهن Tourists کي پنڌ کان بچائي هڪ هنڌ تفريح ۽ معلومات جو ذخيرو لڳائي ڇڏيو، ٻين لفظن ۾ هي باغ ۽ اهو ٽڪرو آهي جتي سڄي ترڪي سمائي، تفريح جو هڪ نئون انداز متعارف ڪرايو ويو آهي. ساڳي وقت هتي هڪ دڪان پڻ آهي، جتي تاريخي عمارتن جا پلاسٽڪ ۽ لوهه جا ماڊل وڪري لاءِ موجود آهن هي پارڪ ۲۳ اپريل ۲۰۰۳ع تي عوام لاءِ کوليو ويو. هن پتڪڙيءَ ترڪيءَ ۾ ۱۰۵ عمارتي ماڊل هئا جن مان ۴۵ ته استنبول جا هئا، باقي ۴۵ استنبول کان علاوه ترڪيءَ جي ٻين حصن جا ۽ باقي ۱۵ پسگردائيءَ جي ملڪن جا باغ جي ايراضي ۵۶ هيڪٽر هئي. هتي هڪ ڪتاب پڻ مفت مليو جنهن جو نالو هو سڀ دور ۽ ماڳ هڪ ئي وقت هڪ هنڌ، جيڪو استنبول ميٽرو پوليٽن ميونسپالٽي طرفان ڇپايل هيو. ان ۾ استنبول جي ميئر قادر ٽوپبس جو پيَغام منياترڪ، ترڪيءَ جو شوڪيس هيو. هيءُ هڪ قسم جو تعليمي باغ هيو، جتان شاگرد راند روند ۾ عاليشان عمارتن بابت علم حاصل ڪري سگهن ٿا. مون باغ کي پيار مان الوداع ڪيو ڇو ته Cable Car تي چڙهي گهڻيءَ اوچائيءَ تان استنبول ڏسڻو آهي.

پائري لوٽي جي پر فضا ٽڪري
اسان جي ٽوئرسٽ بس هڪ ٽڪريءَ جي دامن ۾ پارڪ ٿي. گروپ جا سڀ ميمبر لهي چيئر لفٽ جي ڪائونٽر تان وڃڻ ۽  واپس اچڻ جا ٽوڪن وٺي، ان اسٽيشن تي پهتا، جتان چيئر لفٽ جو گذر هيو. هي چيئر نه پر بند لفٽ هئي، جيڪا پاڪستاني رڪشا جيتري هئي، جنهن کي ڪيبل ڪار پئي ڪوٺيائون. ڪيبل ڪار تي چڙهڻ ۽ لهڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، ڇو ته ڪيبل ڪار بيهندي ڪونه آهي، پر هڪ هلڪي جهٽڪي سان ان تي چڙهڻو ۽ لهڻو هوندو آهي. گروپ ۾ ڪجهه وڏي عمر وارا پڻ هيا، پر عجيب ڳالهه آهي ته نوجوانن کان اڳ ۾ اهي ڦڙتيءَ سان ڪيبل ڪار تي قبضو ڄمائي ويا. اسان ٽوٽل ڇهه ڄڻا هڪ لفٽ ۾ چڙهي پياسين. لفٽ جهٽڪن سان مٿي طرف ڇڪجڻ لڳي، جيئن ڪنهن کوهه مان پاڻي لاءِ وڌل بالٽيءَ کي مٿي ڇڪبو آهي.  مفاصلو ايترو گهڻو ڪونه هيو باقي هيٺ ڏسڻ سان قدرت جي حسين نظارن تي نظر پي پئي. مٿي پهچي ڪيبل ڪار مان لهي، هڪ گلن ڦلن سان سٿيل رستي تي هلڻ شروع ڪيوسين. هڪ مخصوص اوچائي تي دوربين لڳل آهي، هيءُ جڳهه ڪشادي ۽ خوبصورت ٺهيل آهي. چؤطرف شيشي جي ديوار اٿس. اسان هن جڳهه تي پهچي شهر جو ڀرپور ديدار ڪيو. سامهون هڪ وڏي ڍنڍ، سندس مٿان پل ۽ پسگردائيءَ ۾ آباديون ۽ باقي ساوڪ اهڙو حسين منظر ڏسي سچ پچ ته اکيون ٿڌيون ٿي ويون. ڪجهه وقت پنڌ بعد اسان جي سامهون هڪ Cafe آيو، بلڪل مختصر ۽ تمام ننڍو. باقي ڪرسيون ٻاهر لڳل هيون. هتي سيءُ شديد آهي، ظاهر آهي هڪ ٿڌو ملڪ ۽ ان جي جابلو پٽي.. ان هوٽل ۾ ملڪ جاويد سان گڏ داخل ٿيس. چانهه پچائڻ واري Antique قسم جي پتل جي چلهي کان گذرندو، مان هڪ ننڍي بند ڪمري ۾ آيس جتي چؤطرف Black and White تصويرن جا پراڻا فريم ڀتين تي ترتيب سان لٽڪيل هيا. اندر ٻه ٽي گورا انگريز ڪافي پي رهيا هيا ۽ ساڻن گڏ هڪ انتهائي خوبصورت گائيڊ هئي. مون ملڪ جاويد کي چيو: اسان واري چغتائي گائيڊ جي چونڊ تو ڪئي هئي؟ هن چيو ته جنهن به ڪئي، ڪمبخت بلڪل غلط ڪئي. ههڙيون خوبصورت گائيڊون ڇڏي کنيو سو به مرد. مان سندس جملي جي درستگي ڪندي چيو: گائيڊون ته سنڌ ۾ امتحاني مرڪزن ۾ استعمال ٿينديون آهن، جن کي چيري ڦاڙي، سوال حل ڪبا آهن، تنهنجي نظر شايد ساڳي چيرڦاڙ لاءِ ان معصوم گائيڊ تي پئي آهي. هن چيو نه يار ”بري نيت والي ڪا مون ڪالا“ ۽ مان هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو.

پاڪستاني فلم مس استنبول
 مون ۱۹۹۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي المنّظر سئنيما ۾ پاڪستاني فلم مس استنبول ڏٺي هئي، جنهن ۾ ريما ۽ بابر خان هيرو هيروئن هئا. هن فلم ۾ ريما استنبول جي هڪ گائيڊ آهي ۽ هن جو بابر خان سان پيار ٿي وڃي ٿو. روائتي اسٽوري جيئن ڪو سوچي سگهي ٿو، پوءِ انڊيا جي پراڻي فلم ”گائيڊ“ هجي يا پاڪستاني ”درشن“ يا ”چاهت“. راڳ پهاڙيءَ جا بانسريءَ ۾ آلاپ ٻڌي طبعيت ۾ تيزابيت وڌندي محسوس ٿيندي. گندين سينيمائن جي گهگهه انڌاري مان نڪرڻ کان وٺي سائيڪل مان زنجير ڪڍڻ تائين صرف شبنم جون صدائون، جن جي هر جملي ۾ صرف ”راجو“ هوندو يا جيڪڏهن نئين فلم هوندي ته وڃي ٿيا ست خير. نغماتي شاهڪار فلم ۾ بيڪار گانا، اڀ ڏاريندڙ ڊائلاگ، ٺمڪن جي فراواني، لڙائيءَ جا فضول سين، رڙيون، ڪوڪون. پاڪستاني فلم مس استنبول واقعي به فلم هئي. سندس هڪ گانو مقبول ٿيو هيو، ”يي جو، چار دنون ڪا ساٿ هي، اتفاق ڪي بات هي“. ته ترر ته ترر ته ترر (گاني جي خالي گيپ ڀرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ چڙ ڏياريندڙ ٻول). خواجه خورشيد انور، نثار بزمي، ماسٽر عنايت حسين، جهڙن نامور موسيقارن جي پروان چڙهايل پاڪستاني فلم انڊسٽري مجرن جي انڊسٽري بڻجي چڪي آهي. ان کانپوءِ تازو هڪ انڊين فلم ”مشن استنبول“ ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، جيڪا دهشتگرد ڪاروائين جي متعلق هئي. استنبول مانmonitor ڪندي منظم دهشتگرد ٽولي انڊيا ۾ پڻ نيٽ ورڪ ٺاهي، هڪ وڏي تخريبڪاريءَ جو پلان جوڙيو آهي. ايڪشن مووي هئي. بالي وڊ به انگريز ٿيڻ جي چڪر ۾ پنهنجي چال ڍال بدلائي چڪو آهي. سواءِ عامر خان جي چند ڪلاسيڪل فلمن؛ لگان، منگل پانڊي، ٿري ايڊيٽس جي باقي فلمن ۾ سنسني خيزي ۽ عرياني عروج تي آهي. 
فلمن جي حوالي سان هڪ اهم ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته ترڪيءَ جي هڪ خوبصورت اداڪاره نازان سانچي جي اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ڦٽي هئي، جو هن پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪيو. هن جون سموريون فلمون هٽ ويون هيون جن ۾ هلچل، زنجير، تلاش، هانگ ڪانگ ڪي شعلي ۽ طوفاني بجليان شامل آهن. ان دور ۾ نديم ئي اردو فلمن جو سپر اسٽار هوندو هو. مان سمجهان ٿو نديم تي ئي اهي فرسوده فلمون فلمايل هونديون.

آزياد- لوٽيءَ جو عشق 
اسان ڪافي پيتي ۽ ٻاهر ڪجهه ٻيا ماڳ Spots پئي گهمياسين. هتان شهر جو نظارو ڏاڍو دلڪش آهي. هڪ جڳهه تي دوربينون فٽ ٿيل آهن، جتان ڪنهن جڳهه کي فوڪس ڪري وڌيڪ چٽائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. مون ڪئمرا گائيڊ کي ڏني ته منهنجو فوٽو ڪڍ، ڇو ته مون فوٽو ڪڍيا گهڻا ۽ ڪڍرايا گهٽ آهن. ان تي مون کي گائيڊ هڪ خاص هنڌ وٽ ويهاري چيو: هتي هڪ اهڙو پوز هڻ، جيئن ڪو ناڪام عاشق يا اداس شاعر نظر اچين، ڇو ته هيءَ جڳهه هڪ عاشق جي نالي سان منسوب آهي، جنهن جو نالو Pierre Loti آهي. فوٽو ته جهڙو تهڙو ڪڍرايم پراسان جو موڊ يڪايڪ بدلجي ويو، سو کيس زور ڀريو ته پوري اسٽوري ۽ اصل حقيقت ٻڌاءِ.
ڪو ملڪ گهمڻ وقت جنگو جدل سان گڏ لازوال محبتن بابت ڄاڻ ضروري آهي. هن جي چهري تي هڪدم مايوسي اچي وئي. ڪجهه گهڙيون چپ رهڻ بعد هن ٻڌايو ته اهو شخص جنهن جي نالي سان هي ماڳ مشهور آهي، سو پائري لوٽي هو، جنهن جو اصل نالو جولين وياد Julien Viaud هيو، هو هڪ نيول آفيسر هيو. اصل فرانس جو هيو ۽ ناول نويس هيو ۽ پڙهڻ لکڻ جو خاصو ذوق رکندو هو. هن کي هڪ ترڪ ناريءَ سان پيار ٿي ويو هيو.  جيئن جيئن گائيڊ ڳالهه ڪندو ويو تيئن تيئن ان جي چهري ۾ عجيب ڪشش۽ اکين ۾ اٻاڻڪائپ واري ڪيفيت طاري ٿيندي وئي ۽ اسان جي ان واديءَ سان انسيت وڌندي پئي وئي ۽ جذباتي ٿيندا ٿي وياسين. پائري لوٽي ترڪيءَ کي پنهنجو ٻيو ملڪ چوندو هيو، پر ڪجهه ساڙيلا ماڻهو هن کي حقارت سان ياد ڪندا آهن ڇو ته انهن مطابق هن هڪ ترڪ ناريءَ آزياد (Aziyade) سان ڌوڪو ڪيو. ظاهري طور سڃاتل هي ڌوڪيباز عاشق ۱۸۷۶ع ۾ پهريون دفعو ترڪي گهمڻ آيو، جتي هن جو هڪ شادي شده عورت سان پيار ٿي ويو. هو پنهنجي ڊائري ۾ اعتراف ڪري ٿو ته:
He fell in love with the green eyes of a woman whose gaze followed him from behind the shutters of harem, where she lived as the main wife of a wealthy Turkish Business man.
”هن کي سائين اکين واري ان عورت سان پيار ٿي ويو آهي جنهن جون نگاهون حرم جي تاڪن مان هن کي تڪڻ جي تاڪ ۾ آهن هوءَ ڪنهن نهايت ئي امير ڪاروباري شخص جي زال آهي“.
آزياد سان لوٽيءَ جو ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو. هو لڪي ڇپي پاڻ ملڻ لڳا. هڪ ڏينهن هوءَ پوڙهي مڙس جي سخت پهرن مان جان ڇڏائي لوٽي سان ڀڄي نڪتي. تاپڪاپي جي عورتن لاءِ عقوبت خاني يا حرم مان ڪنهن جي ڀڄي نڪرڻ جو هي انوکو واقعو هو. هي پريمي جوڙو Eyup (ايوب) جي هڪ ٽڪريءَ تي ننڍي گهر ۾ رهڻ لڳو. وڏا واعدا ۽ وچن ٿيا. آزياد ڏاڍو خوش هئي ۽ لوٽي کي سندس بهادريءَ تي ناز هيو. لوٽي پنهنجي زندگيءَ جي تجربن تي هڪ ڊائري پڻ لکڻ شروع ڪئي، جيڪو اڳ تي هلي ناول جي روپ ۾ آيو ۽ ان جو نالو به ان پنهنجي دلير محبوبه آزياد سان منسوب ڪيو. ان وقت جي ريتن رسمن، ساڙيلي سماج، برادريءَ جي بي تڪن اصولن، هن عشق کي هڪ ڌارئي ماڻهوءَ جي بيشرميءَ ۽ حويليءَ مان ڀڄي نڪتل عورت جي بي حيائيءَ ۽ حقي مڙس سان بي وفائي قرار ڏنو. هونئن به معاشري ۾ پئسي واري ماڻهوءَ سان سڀني جون همدرديون ڪجهه سرس هونديون آهن ۽ کيس پهتل تڪليف عام ماڻهونءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ليکبي آهي. واپاري واڳون يا Tycoon پنهنجي هم پيشه؛ شادين جي شوقين دوست جي حمايت ۾، صنعت ۽ تجارت جا ايوان لوڏي ڇڏيا ۽ پائري لوٽي جهڙي صوفي صفت ۽ درويش شخص مٿان مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. هن جون واٽون بند ڪيون ويون. هڪ ڏينهن هو پنهنجي محبوب جو شهر ڇڏي هليو ويو ان لاءِ ته جيئن آزياد کي استنبول مان اغوا ڪري فرانس ۾ شاديءَ ڪري ڇڏ يان پر سفارتي اعتراضن ڪري ائين ڪري نه سگهيو. هن بار بار ڪوشش ڪئي، هن کي دير ٿي وئي هن کي واقعي به گهڻي دير ٿي وئي. سڄي شهر سان ٽڪر ۾ اچڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. واپسي هن لاءِ موت هئي، پر آزياد جي خيال هن کي نه ته پنهنجي ڌرتيءَ فرانس ۾ سڪون سان ويهڻ ڏنو ۽ نه ئي جهاز رانيءَ جي نوڪريءَ سمونڊ هن لاءِ سهارو بڻيا.
کامان پچان پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمونڊ منهن ڪيان، ته سرڪيائي نه ٿئي.
هڪ ڏينهن هو سر اڏيءَ تي رکي استنبول واپس اچي ويو. گائيڊ جي چهري تي خاموشي ڇانئجي وئي ۽ اسان جو تجسس وڌي ويو. اسان اهو ٻڌڻ لاءِ بيتاب هياسين ته ڪڏهن ٿو گائيڊ چوي ته لوٽي موٽي آيو. پيار جي فاتح جي روپ ۾ .هن جي سچائيءَ آڏو سڀ قانوني رڪاوٽون ڀور ڀور ٿي ويون ۽ آزياد کي اڪيلائيءَ جي عذاب مان ڪڍي پاڻ سان تمام پري و ٺي ويو. گائيڊ جي اکين ۾ پاڻي تري آيو هن وري ڳالهه شروع ڪئي.لوٽيءَ جي واپسي هُن کي راس نه آئي، ڇو ته هن جي وئي پڄاڻان هن جي محبوبه آزياد وڇوڙو برداشت نه ڪندي مري وئي هئي.
نفرتن جي نگر۾ لوٽي جي اوچتو کسڪي وڃڻ کان پوءِ کيس گهڻو خوار ۽ خراب ڪيو ويو. طعنا مهڻا ۽ تنقيد هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي جگجيت سنگهه جو غزل ”بات نڪلي تو پهر دور تلڪ جائي گي“ پورو ياد آهي ته اهو ئي آزياد جي ڪيفيتن جي ترجماني آهي .
۱۸۸۷ع ۾ جڏهن پائري لوٽي واپس وريو ته ٺيڪ ڏهن سالن بعد به هن کي ترڪش ماڻهن جي نظرن ۾ سا ڳي حقارت ۽ شديد نفرت نظر آئي. هن کي مجرم ۽ قاتل ڪوٺيو ويو. 
Very sad yar“ هڪ دوست ڀڻڪيو.آزياد جو مڙهه Topkapi محل ۾ دفنايو ويو. پائري لوٽي به پاڻ کي ان سانحي جو ذميوار سمجهڻ لڳو. سمنڊن تي حڪم هلائڻ وارو هي ارڏو شخص دل آڏو بلڪل همٿ هاري ويٺو. هن وٽ هاڻي ڪجهه به نه بچيو هيو. جيستائين لوٽي زندهه رهيو، هو شرم ۽ ندامت وچان آزياد جي قبر تي ايندو رهيو ۽ اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندو رهيو. ”هڪڙي پنهل ڪاڻ ٻانهي ڪل ٻروچ جي“ واري فلاسافي تحت هن کي پنهنجي دشمن ترڪن سان محبت ٿي وئي هئي.  
پائري لوٽي ترڪ لباس پائيندو رهيو، مٿي تي ترڪي ٽوپي Fes پائيندو هيو. (پاڪستان ۾ ڦندڻ واري ڳاڙهي ترڪي ٽوپي مرحوم نواب زاده نصرالله خان ئي پائيندو هو). لوٽي هڪو پيئندو هيو. هن پنهنجو هر انداز ترڪن جهڙو بڻائي ڇڏيو. هو اڪثر ويران هنڌن، برباد بيٺڪن، ۽ اجڙيل گذر گاهن ۾ وقت گذاريندو هيو، ڄڻ ته لِڪي ڪنهن کان معافي وٺندو هجي يا پنهنجوپاڻ کي ڪا سزا ڏيندو هجي. هوگهڻو ڪري سليم يا فاتح مسجد آڏو نظر ايندو هيو، پر هن جي پسنديده جڳهه ايوب Eyup هئي، جتي آزياد جون يادون هن سان گڏ هونديون هيون. لوٽي باوفا هيو يا بي وفا ان لاءِ اڄ به استنبول ۾ متضاد خيال موجود آهن.ڪجهه ماڻهن جواهو به خيال آهي ته آزياد کي ايمنونو ۾ دفن ڪيو ويو هيو. آزياد لوٽي استنبول جو هڪ رومانوي داستان آهي.عجيب اتفاق آهي، ۱۹۲۳ع ۾ جڏهن ڪمال اتاترڪ جمهوري رياست جو قيام عمل ۾ آندو ان سال پائري لوٽي وفات ڪئي. ڪنهن کي به خبر ناهي ته هن جڳهه جو بنياد ڪڏهن پيو پر اهو سڀڪو ڄاڻي ٿو ته هي هڪ عاشق جو پسنديده ڪافي هائوس هيو.

پائري لوٽي جي سوانح عمري
سمونڊن سان چاهه ۽ جهازراني سان محبت لوٽيءَ کي سترهن سالن جي ڄمار ۾ نيول ڪاليج آندو. ۱۹۰۶ع ۾ هو ترقي ڪندي ڪندي ڪپتان بڻيو. طبعيت جي لحاظ کان هو لڄارو، گهٽ ڳالهائيندڙ، گوڙ گهمسان کان ڪيٻائيندڙ ۽ هجومن کان حجاب ڪندڙ هيو. نيول ڪاليج جي دور ۾ ئي هن تي لوٽي نالو ان ڪري پيو، جو هو ڪنول گل جيان ڪومل ۽ نازڪ هيو، جنهن کي انگريزي ۾ Lotusچئبو آهي. لوٽس مان ڦري کيس لوٽي پڪارڻ لڳا. عام راءِ اها هئي ته هو پڙهائيءَ لکائيءَ ۾ گهٽ ۽ ڪتابن کان پري رهندو هيو. هو پاڻ کي اڪثر ڪم علم، ڪم عقل ۽ گهٽ ڄاڻ رکندڙ ظاهر ڪندو هيو ۽ ڪنهن به بحث مباحثي ۾ پنهنجي راءِ ظاهر ڪونه ڪندو هيو. ڪنهن معمولي ڳالهه تي گهٻرائجي چپ ٿي ويندو هيو، پر سندس ويجها دوست ڄاڻندا هئا ته گهر ۾ هن وٽ ڪتابن جو ذخيرو هوندو هيو ۽ پنهنجو باقي وقت صرف ڪتابن کي ڏيندو هيو. هن منجهه همعمر دوستن جيان چالاڪي، هوشياري ڪونه هئي.
سندس پهريون ڪتاب لوٽيءَ جي شادي جي نالي سان ۱۸۸۰ع ۾ منظر عام تي آيو، جيڪو هن جي مادري ٻولي فرانسيسيءَ ۾ هيو. هي هڪ ناول هيو، جيڪو سندس آپ بيتي هيو. هن ناول ۾ هن پنهنجا تجربا، واقعا، ادبي ڪمن جو جائزو ۽ ٻيون ذاتي ڳالهيون بيان ڪيون. ٻئي سال ۱۸۸۱ع ۾ سندس هڪ ٻيو ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ سينيگال(Senegal) جي هڪ سپاهيءَ جي پيڙائن ۽ اداسين جو تذڪرو ٿيل هيو. ان بعد پائري لوٽي (Flowers of Boredom)نالي هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو يادگيرين، سفرنامن ۽ ڪهاڻين تي مبني هيو. سندس شاهڪار ناول جيڪو تمام مشهور ٿيو اهو هيو منهنجو ڀاءُ وائس (My brother Yves) هي ناول ۾ هن جگري يار وائس جي دوستيءَ تي لکيل هيو. توڙي جو وائس هڪ معمولي خلاصي (Sailor) هيو، پر هم منصب دوستن کي ڇڏي ۽ پروٽوڪول ٽوڙي، هو غريب دوست سان ڪچهريون ڪندي نطر ايندو هيو. وائس ڪيترن ئي ڪٺن سامونڊي سفرن ۾ پائري لوٽيءَ جو ساٿي رهيو. وائس نه ته ايترو پڙهيل لکيل هيو ۽ نه ڪو ماهر زيردست، پر هو تمام سوبر، همدرد ۽ وفادار هيو. سندس قد ڊگهو، اکيون نيريون ۽ بت ڪثرتي هيو. هو گهڻي شراب واپرائڻ ڪري اڪثرنشي ۾ الوٽ رهندو هيو. وائس فارغ وقت ۾ پائري لوٽيءَ سان جوا کيڏندو هيو ۽ ٻيون شرارتون ۽ مزاقون ڪندو هيو. پائري لوٽيءَ جي  بالا آفيسرن کي اها ڳالهه بلڪل پسند نه هئي. هن سچي دوستيءَ کي هم جنس پرستيءَ جو الزام ڏئي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي هئي، پر ساڙيلا ماڻهو ان سازش ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا.    
اتر ويٽنام ۾ نيول آفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ دوران پائري لوٽي ٿوئان جي جنگ( Battle of Thuau An) جيڪا ويهين آگسٽ ارڙهن سؤ ٽياسي ۾ ويٽنامين ۽ فرانسيسين وچ ۾ لڳي، دوران اخبارن ۾ ليک ڏئي، هن سامونڊي جنگ جي اصل حقيقتن تان پردو کنيو. هن مضمون پائري لوٽيءَ کي مقبول ضرور ڪيو، پر سرڪاري آفيسر جي حيثيت ۾ هن جيڪو لکيو ان جو هن کي قانوني طور ڪو حق نه پيو پهچي. هي وڏي پئماني جي Misconduct هئي، جنهن ۾ سرڪاري راز فاش ڪيا ويا هئا. سچائي لکڻ تي پائري لوٽيءَ کي سخت محڪماتي ڪارروائي ۽ سزا لاءِ ذهني دٻاءَ هيٺ آندو ويو هيو. سبب  ڄاڻايو نوٽيس ۾ هن کي ڌمڪي ڏني وئي ته صرف حڪمن جي پوئواري ڪرڻي هئي، نه ڪي انهن تي تبصرو.  ننڍپڻ کان وٺي حساسيت ۽ درد دل رکندڙ هي سيلاني ناروا سلوڪن ۽ بيواجبين تي اکيون پوري ڇڏڻ وارن منجهان ڪونه هيو. هن سمنڊ جي تهن کان وٺي ڪنارن ۽ ارد گرد جيڪو ڏٺو ۽ پرکيو ان تي قلم کنيو. ۱۸۸۶ع ۾ هن هڪ ٻيو ناول برفاني مهاڻو(An Iceland Fisherman) لکيو، جنهن ۾ رومانوي داستانن ۽ بريٽنس (Bretons) ”هڪ فرانسيسي لساني ٽولي“ جي مجبورين، لاچارين، تڪليفن ۽ رحم جوڳيءَ زندگيءَ جو عڪس چٽيو. هن پنهنجي ناول ذريعي دنيا کي ٻڌايو ته برفباريءَ جي موسم ۾ جڏهن هر شئي تي برف جا تهه ڄمي وڃن ٿا، رستا بلاڪ ٿي وڃن ٿا، آمدورفت بند ٿي وڃي ٿي، عام زندگي مفلوج ٿي وڃي ٿي، انهن حالتن ۾ اتان جا غريب قبيلا ڪهڙيءَ ڪسمپرسيءَ جي حالت مان گذرن ٿا. هن پنهنجين لکڻين ذريعي سرڪاري بنگلن ۾ گرم ڪمبل ويڙهيل حڪمرانن کان انهن لاچار ۽ ڦاٿل روحن لاءِ سڪون جي سين هنئي.
ترڪيءَ جي جنگ آزاديءَ جي حمايت ڪرڻ تي حڪومتي ڪائونسل کيس تحسين ۽ شڪريي جا خط لکيا، پر ٻئي طرف عام ماڻهوءَ وانگر اديبن ۽ دانشورن کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، ڇو ته برصغير جي مسلمانن وانگر هن کي به خلافت عثمانيه سان همدردي هئي . ترڪيءَ جي مشهور انقلابي شاعر ناظم حڪمت پائري لوٽيءَ لاءِ هڪ هنڌ چيو ته، ڇالاءِ هو خلافت عثمانيه جي خاتمي تي اونڌي منجي ڪري ماتم ڪندو رهي ٿو. ۱۹۲۵ع ۾ پائري لوٽيءَ جي مخالفت ۾ لکيل سندس هڪ نظم هيٺ ڏجي ٿو.
۽ تون!
پائري لوٽي
توکان ته
اسان کي پنهنجي پيلي ماس مان
رت چيسيندڙ جونئان به
وڌيڪ عزيز آهن
اي فرانسيسي اهلڪار

ايمينونو
گائيڊ اوچتو اُٿيو ۽ چيائين ته هلو دير پئي ٿئي، اسان کي اڃان به گهڻو ڪجهه ڏسڻو آهي. هينئر اسان کي ايمينونو ۽ ايشين استنبول ڏسڻو آهي ۽ بعد ۾ سمنڊ ڪناري مڇيءَ مانيءَ سان مانجهاندو ڪرڻو آهي. جيئن ته ايمينونو ۽ ايشين استنبول مان اڳ ئي ڏسي چڪو هيس، ان ڪري ٻيهر ساڳو هنڌ ڏسڻ نه پئي چاهيم. مون وانگر ڪجهه ٻيا به ڪناري تي ئي ترسي پيا. انهن سان ملي اسان مَصالحه مارڪيٽ جو پروگرام ٺاهيو. اهو ٻڌائيندو هلان ته ايمينونو استنبول جو اڳوڻو ضلعو ۽ هاڻوڪو دنگئي علائقو آهي ۽ فتح ضلعي ۾ آهي. گولڊن هارن جي لنگهه ۾ جيڪو مرمره سمنڊ کانپوءِ هڪ وڏو هاربر آهي، هي مقام هميشھ اهميت جو حامل رهيو آهي. ڇالاءِ ته سياحن لاءِ هي ساحل من موهيندڙ رهيو آهي. هتي ريستوران ٻيڙين ۾ ئي هلن ٿا ۽ ان کانسواءِ چاءِ ڪافي لاءِPush-carts پڻ آهن. ايمينونو ٽرانسپورٽ جي سهولتن سان مالا مال آهي. هتان فيريز کانسواءِ ريل، ٽرام، ڪوچ هر وقت تيار ملنديون. ڏسڻ جهڙن ماڳن ۾ مصري مصالحه مارڪيٽ، نئين مسجد ييني ڪامي، سينٽرل پوسٽ آفيس ۽ رستم پاشا مسجد شامل آهن.
استنبول شهر ۾ ايتريون ته خونريزيون ۽ قتل عام ٿيا آهن، جو ان کي منتشر ۽ بي چين شهر چوڻ غلط نه ٿيندو. استنبول جو گهڻو حصو ماضيءَ متعلق آهي. جيڪڏهن ان ۾ مينار ۽ گنبذ نه هجن ته شهر ڪنهن ڪم جو نه لڳي. هتي سمنڊ ڪناري به عجيب ماحول آهي ۽ Sea Food کليل هوا ۾ کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي .   

اسپائيس بازار
هيءَ بازار ڍڪيل آهي، جيئن شڪارپور جي ڍڪ بازار. سندس ڇت گولائيءَ ۾ آهي، جنهن تي مختلف رنگن جا چٽ چٽيل آهن. هن خوبصورت بازار جي ڊزائين ڪوڪا قاسم آغا(Koca Kasim Agha) تشڪيل ڏني، جيڪو اصل ۾ البانيه جو رهواسي هيو. عثمانيه دور جون جيڪي به شاهڪار عمارتون آهن، انهن مان تقريباً هن ماهر آرڪيٽيڪٽ جون ٺهيل آهن. تاپڪاپي محل، جنهن جي ڊزائن کي عظيم فنپارو سمجهي ردوبدل جي گنجائش کي رد ڪيو ويو هيو. هن قلندر ڪاريگر ان منجهه به وڻندڙ تبديليون ۽ جدت آڻي حيران ڪري ڇڏيو. چيف ڪورٽ آرڪيٽيڪٽ حسن آغا جي وفات بعد ڪوڪا قاسم آغا کي چيف ڪورٽ آرڪيٽيڪٽ جي منصب تي ويهاريو ويو. هن دنيا جي روايت رهي آهي ته هو سواءِ ڏاهي جي، ٻئي هر ماڻهوءَ جو هر گناهه معاف ڪري ڇڏيندي آهي. ڪوڪا قاسم آغا سان به ساڳي روش رکي وئي. هن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڪورٽ ڪچهرين ۾ ايترو ڦاسايو ويو، جو هن جو تخليقي ڪم رڪجي ويو. عدالتن جي ڪندذهن قاضين سندن بدعنوان عملي جي حاضرين، هن کي خوار ۽ خراب ڪري ڇڏيو. ڪوڪا قاسم آغا ڊزائيننگ کانسواءِ سياسي طور بيدار هو ۽ تمام پيچيدهه سياسي مسئلن جو سادو حل ٻڌائيندو هيو، جو درباري خوشامدي ۽ خودثنا وزير۽ مشيردنگ رهجي ويندا هئا. آخرڪار ۱۶۴۴ع ۾ هن کي جلاوطنيءَ جي سزا ٻڌائي، غالي پولي (Gallipoli) موڪليو ويو. ڏاهيون ڏک ڏسن واري واٽ تي هلندي هلندي آ خرڪار هن جي ضرورت کي محسوس ڪندي، هن کي معافي ڏئي واپس محل ۾ رکيو ويو. گرانڊ بازار کانپوءِ هيءَ ٻيو نمبر ڍڪيل بازار آهي. هي انگريزي ايل جي شڪل ۾ آهي،  پر مان سمجهان ٿو شڪارپور جي بازارجي ڇت، جيڪا ڪاٺ جي ڊزائن سان ٺهيل آهي، سا دنيا جي ڍڪيل بازارن کان ممتاز آهي. هڪ ته اها هوادار آهي جنهن مان روشني جو گذر به ٿئي ٿو. ٻيو ڪاٺيءَ جي ڪاريگريءَ جو اعليٰ ڪم ان جي خصوصيت آهي. جيتوڻيڪ لکي در کان شروع ٿيندڙ ڍڪ بازار هن بازار جي ڀيٽ ۾ سوڙهي ۽ وروڪڙن ۾ آهي، پران ۾ ناگهاني آفتن Risk Management کي منهن ڏيڻ جو سرشتو ڪمال آهي.
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ اهو به چيو هو ته؛ اتفاقي باهه وسائڻ لاءِ پتل جا پائيپ بازار جي مکيه هنڌن تي لڳايا ويا آهن، جن کي ڪتب آڻبو هو . ڇاڪاڻ ته فائربرگيڊ جو ايتري سوڙهيءَ بازار ۾ اچڻ ناممڪن آهي ۽ نه ئي ڪو ايترو ڊگهو پائيپ يا نڙو ٿي سگهي ٿو جو ايترو پري گاڏي بيهاري جاءِ واردات تائين پهچائجي. ان لاءِ حادثن تي ترت ظابطو آڻڻ لاءِ ويجهي پائيپ جي ناب کولي پريشرواري پاڻيءَ سان باهه تي ڪنٽرول ڪري سگهبو هيو. هن وقت اهو نيٽورڪ ناڪارهه بڻجي چڪو آهي، پر هو اسان کي ياد ٿو ڏياري ته پراڻي وقت جا ادارا ڪيترو نه فعال ۽ ڪارائتا هئا.
مون ۱۹۰۵ع جو هڪڙو انگريز جو نڪتل فوٽو ڏٺو هيو، جنهن منجهه شڪارپور جي ڍڪ بازار تمام صاف سٿري ڏيکاريل هئي. چند ديوان دوڪاندار پنهنجي دڪانن جي دخل آڏو پرسڪون ويٺل ڏيکاريا ويا هيا. شڪارپور دنيا جي انهن شهرن منجهان هڪ آهي، جن جون عمارتون خطرناڪ حد تائين کاڄي ويون آهن. شڪارپور جي هڪ ڪلاسيڪل عاشق محمد ياسر جان بلوچ، مون کي هڪ سي ڊي ۽ معلوماتي بروشر ڏيکاريو هيو جنهن ۾ شڪارپور کي دنيا جي ۱۰۰ خطرناڪ شهرن ۾ شامل ڪيو ويو هئو ۽ جتان جو اثاثو ۽ ورثو مرڻ ڪنڌي تي آهي. اها يقينن خطرناڪ ۽ دردناڪ صورتحال۽ وقت جي ستم ظريفي چئبي جڏهن هڪ بين الاقوامي سطح جي باوقار شهر جي قومي ۽ لوڪل سطح تي ڪابه پر گهور نه ٿي وڃي. ٻئي طرف ڪاٺيءَ جا واپارين پاران جنهن تيزيءَ سان هن شهرجي ورثي جي ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ جاري آهي ان لاءِ قدم کڻي سروي ڪرائي ۽ شاهڪار عمارتن کي ڪلچرل هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي ڪوبه نقصان نه رسي. پراڻي شڪارپور جي ڍڪ بازار ته لاءِ اهو پڻ مشهور آهي، شڪارپور ۽ حيدرآباد جا تاجر پوريءَ دنيا ۾ ساک رکندڙ هئا، جنهن جي باري ۾ ڪلاڊي مارڪووٽس Claude Markovits جو جڳ مشهور انگريزي ڪتاب The Global world of Indian Merchants 1750-1947 Traders of Sind from Bukhara to Panama –. پڻ شاهد آهي، جنهن جا اردو ۽ سنڌي ترجما پڻ مارڪيٽ ۾ موجود آهن.
استنبول جي اسپائيس بازار لاءِ اهو به چيو وڃُي ٿو ته هن بازار کي اڳ ۾ مصري Egyptian بازار ڪري سڏيندا هيا، جتي مصالحن جو ڪاروبار ٿيندو هيو. ڪي وري ائين به ٻڌائن ٿا ته هي بازار New Mosque جي اڏات جي چندي لاءِ تعمير ڪرائي وئي، جيڪا ۱۶۶۰ع ۾ اڏي راس ٿي. هن بازار ۾ ۱۰۰ کان مٿي دڪان هئا ۽ مختلف پاسن کان ڇهه دروازا هيس. هيءَ بازار ڪشادي هئي ۽ دڪانن ٻاهران پڻ سامان سڙو نظر پئي آيو.

ڪامليڪا جي ٽڪري
هينئر اسان کي هڪ ٻيءَ خوبصورت ٽڪريءَ تي چڙهڻوآهي، جيڪا صحت افزا ماحول، باغن، روايتي ڪبابن ۽ ٿڌڙين هوائن لاءِ مشهور آهي. هن جو نالو ڪامليڪا ٽڪري Camilca Hill آهي. ڪامليڪا، استنبول جي ستن ٽڪرين منجهان سڀ کان اوچائي تي آهي. هن ٽڪريءَ کي ترڪي جي شاعرن گهڻو ساراهيو آهي. هيءَ ٽڪري استنبول ميونسپالٽي جي انتظامي دائري اختيار هيٺ آهي. هي ٽڪري گلن جي ٽوڪري آهي. هر طرف ساوڪ، انويڪريٽ سان اڏيل صاف سٿراسڌا رستا، ڊگها ۽ گهاٽا وڻ ۽ بهترين ريسٽورنٽ ڄڻ ته جنت جو جلوو . هتي پکي تمام گهڻا ۽ سندن مختلف ٻوليون پڻ ماحول کي مڌر بنائن ٿيون. انويڪريٽ  سان اڏيل رستا ۽ وک وک تي ڊسٽ بن ۽ ويهڻ لاءِ ڪاٺيءَ جا چبوترا، بئنچون ۽ وڻن چوڌاري گولائي ۾ ويهڻ جي سهولت. ناهموار حصن کي ڇٻر جي چادر ڍ ڪي سرسبز بڻايو ويو آهي.  هتي ٽاور تمام گهڻا هئا خبر ناهي بجلي جا هئا يا ڪنهن نيٽورڪ جا. واديءَ اندر گاڏيون يا سائيڪل وغيره آڻڻ تي پابندي هئي. هاڻي سج لهڻ وارو آهي، سج لهڻ سان ٿڌ ۾ به اضافو ٿيو، سج لهڻ جو منظر هونئن ته سٺو ئي هوندو آهي پرهتي آسمان تان لالاڻ نوجوان جوڙن جي مک تي لهي آئي هئي. سندن ڳاڙهن چپن، چمڻ ۽ چمڻ جو وقت اچي ويو هيو. ريسٽونٽ اندر ڪنڊائتي ٽيبلن جي گهرج وڌي وئي ته جيئن دل کولي ملي سگهجي. مان اڪيلو هڪ خالي ٽيبل تي چپ ڪري ويهي رهيم ۽ چئو طرف نظرون ڦيرائي نيٺ نمائي ڇڏ يم.
منهنجي خاموشيءَ مون کي ٻين تي،
ائين ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، جيئن،
قيد ٿيل خوشبو، شيشي جي بدن مان،
اوچتو آزاد ٿي وئي هجي، اکيون منهنجيون،
مصلحتن جي بار هيٺان جهڪيل رهن ٿيون،
پــوءِ بـه مــاڻهــو چـــون ٿــا اهـي ڳـالـهـائـن ٿـيـون.
(شبنم گل)
مان سبز چاءِ پي اٿيس ۽ بس ۾ ويهي رهيم، جنهن ۾ هيٽر هلايو ويو. سڀ ساٿي واپس اچي چڪا هئا. بس روڊ جي رڪاوٽ (Wheel stopper) ڪراس ڪري لاهيون لهڻ شروع ڪيون. اسان جون نظرون چؤطرف آخري نهار وجهي رهيون هيون ۽ هنن منظرن مان ڏٺي نٿي ڍاپيون.
هن دؤر ۾ جتي ماحولياتي گدلاڻ عروج تي آهي، ان وقت سرڪاري سطح تي ههڙن عاليشان ماڳن جي سونهن برقرار رکي، استنبول ميونسپالٽي وارن ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. مرمرهه Marmara ۽ باسپورس سمونڊن کان بي نياز ڪامليڪا هڪ صحتمند تفريح ۽ سير سپاٽي جو مقام آهي. هزارين سالن کان هن ٽڪريءَ جي جهولي فطرت ۽ نّظارن جي عاشقن لاءِ آسيس بڻيل آهي. سطح سمونڊ کان اوچائي تي ڦهليل هن هل(Hill) جا ٻه حّصه آهن، هڪ Buyuk Camilca ۽ ٻيو Kucuk Camilca. سڄيءَ دنيا  مان مسافر پکي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ ولرن جي صورت ۾ هتڙي گڏبا آهن. مان اهي وڏا ولر هتي ته نه ڏسي سگهيس، پر سرڪاري نوڪريءَ دوران قمبر تعلقي، هاڻوڪي ضلعي جي ڊرگهه ۽ لنگهه ڍ نڍن مٿان پکين جا ميڙ ضرور ڏ ٺا، جيڪي تاڙيءَ تي اڏري آسمان تي اوندهه ڪري ڇڏيندا هئا. پر هاڻ ائين ڪٿي، ڀوتارن جي ڀيل ۽ سندن ڪارون ڪمدار مسافر پکين جي ڪتل ڪورس ڪري ويچارا هي ماڳ ئي مٽي ويا. اڃان به جيڪي اچن ٿا تن سان ساڳي ويڌن جاري آهي، پر هت جي ماڻهن جو مسافر پکين سان پيار ڏسي ڪامليڪا ۾ ترڪيءَ جو روائتي snack گوزليم پڻ چٽپٽو آهي. هتي هزارين سال جهونا وڻ پڻ ڏيکاريا ويا.

تقسيم بازار
اڄ جيئن ته استنبول ۾ اسان جي آخري رات هئي، تنهن ڪري سڀني متفق راءِ سان ڪا بازار ڏسڻ لاءِ اسرار ڪيو، ووٽ وڌي ويا پر وقت گهٽ هيو. گائيڊ صلاح ڏني ته اسان کي تقسيم بازار ضرور ڏسڻ کپي، جيڪا هتان جي نمبر ون بازار آهي، کيس استقلال اوينيو به چوندا آهن، پر مهانگي ڏاڍي آهي. سڀني چيو آخري رات آهي، بچيل پئسا کپائي ٿا هلون. چڱي خاصي پنڌ بعد اسان هڪ مصروف چوڪ تي لٿاسين. هي تقسيم بازار آهي، هتي ئي لاڙڪاڻي جي پي آءِ اي جي نفيس دوست منظور شيخ اچي لڏو لاٿو هو. جيئن ته هيءَ بازار ٻن هنڌن کي جدا ڪري ٿي، ان ڪري سندس نالو تقسيم رکيو ويو آهي. بازار جي شروعات ۾ گلفروشن جا دوڪان آهن، جتان لنگهڻ سان خوشبوئن ۾ معطر ٿي نڪتاسين. هن بازار بابت هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيان ته هي ٽي ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جنهن ۾ بوتيڪ، بوڪ اسٽور، آرٽ گئلريز، ميوزڪ سينٽر، سينيما، ٿيٽر، نائيٽ ڪلبون ۽ ريسٽورينٽ آهن. هي بازار بيوگلو Beyoglu ضلعي ۾ آهي 
تقسيم بازار بلڪل طارق روڊ وانگر آهي. تمام ڪشادو روڊ جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڊگها پلازا، فليٽ ۽ هيٺ وڏا وڏا دوڪان. هتي جديد ۽ فيشن جي ڪپڙن کان وٺي ڪاسميٽڪس تائين، ليڌر جي جيڪيٽن ۽ پرسن کان وٺي چمڙيءَ جي Costly جوتن ۽ سئنڊلن کانسواءِ Artificial Jewelry، واچون غرض ته دنيا جهان جي هر اها شيءِ جيڪا ڪا عورت طلبي هتي مليو وڃي. گهڻن هنڌن تي واحد ڪلام جا اسٽيڪر لڳل هجن. هتي خريدار ڇوڪريون ۽ خاص ڪري سام Tourists اهڙي ته ادائن سان پئي گهميون ڄڻ ڪو  Catwalkفيشن شو هجي. هن وقت رات ٿي چڪي آهي، ڇوڪريون گلاسز مٿي تي سجائي ڇڏيا آهن ۽ ٿڌ ڪري جوڙن جي چنبڙي هلڻ جو تعداد به وڌندو ٿو وڃي. ڪن دڪانن تي ته سيل جا بورڊ لڳل آهن، باقي شين تي بارگيننگ پئي هلي. هتي ڪافي هنڌن تي ڇوڪريون ڄڻ ته ڪنهن جي اوسيئيڙي ۾ پريشان پئي لڳيون ۽ اُڻ تُڻ ۾ موبائيل تي پئي ڳالهايائون. مون کي هوٽل ائسپن اڳيان اهو دلال ياد اچي ويو، جيڪو مون کي رات جي ماني کائڻ بعد هوٽل جي ٻاهران مليو هيو ۽ ۵۰ يا ۶۰ ترڪش ليراعيوض دعوت گناه ڏيندي تقسيم بازار ڏانهن ڇوڪري پسند ڪرڻ لاءِ اسرار ڪري رهيو هيو.

نه وسرندڙ واقعو
مان اها اپسرا ڪڏهن ڪون وساري سگهندس، جيڪا مون کي هوٽل ائسپن واري روڊ تي رات جو ملي، جڏهن مان روڊ پار ڪرڻ لاءِ ٽه واٽي تي انتظار ۾ بيٺو هيس. شايد تمام تڪڙِي هئي.اسٽريٽ لائيٽ جي کنڀي جي روشنيءَ ۾ ڏٺم ته گول ۽ صاف چهرو، ڪلهن تي ڪريل گهاٽا ڪارا وار، قداور ۽ بت ۾ ڀريل، لهجي مان ڪا عرب شهزادي، عمر ۾ پڪي. منهن جي ويجهو اچي پڇيائين ته استنبول گهمڻ آيو آهين؟ مون چيو ها. پوءِ مرڪندي چيائين ڪنهن جي انتظار ۾ آهين؟ مون کلندي چيو روڊ خالي ٿيڻ جي. کلي چيائين اڪيلو ٿو لڳين؟ مون وراڻيو، ظاهر آهي. پوءِ هل؛ منهن جي گهر؟ رات جو دير تائين گهمنداسين، ڦرنداسين، کائينداسين، پيئنداسين ۽ پوءِ گهر هلي آرام ڪبو، پر هڙ ۾ پئسو پائي ته اٿئي نه؟ هن شرطيه انداز ۾چيو. ٻڌاءِ قبول آهي؟ صبح جو ۱۰۰ ڊالرز مونکي به ڏيڻا پوندئي؟ هن بَغير رک رکاءَ جي سڀ ڪجهه چئي ڏنو. ڇا فيصلو ڪيئي جلدي ٻڌاءِ. مون کي دير ٿي ٿئي. هن ساڄي هٿ سان وارن جي لڙڪيل چڳ کي ڪنن مٿان موڙيندي  مسڪرايو، ڄڻ ته اهي گهاٽا وار سندس اختياري جي علامت هجن. مان حواس وڃايل پرديسي، هڪو ٻڪو ٿي ويس. تون مونسان هلين ڇونه ٿو، ڊڄين ٿو؟ هن ورجايو. مان دراصل هوٽل ايسپن ۾ رهيل آهيان جتي مون سان وڏو قافلو ساڻ آهي. اهو سڀ ڪجهه ايترو ته جلدي ٿي ويو، جو مان ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيس. وقت جو سي ڊي پليئر فاسٽ فارورڊ تي اچي ويو. منهنجي ذهن جيان ٽريفڪ به جام ٿي وئي. جڏهن ڀرسان واجهايم ته هوءَ ٽريفڪ جام جو فائدو وٺندي ڪارين جي وٿين مان نڪري چڪي هئي. مان ڪنهن غير متوقع ڳالهه کان حيران پريشان ڄڻ ڪو بت بڻجي رهجي ويس. اهو به فيصلو نه ڪري سگهيس ته کيس رڙ ڪري روڪيان، تڪڙوتڪڙو سندس تعاقب ۾ لڳي پوان؛ اتي ئي هوندي؛ ايترو پري ته نه وئي هوندي، وقت ئي گهڻو گذريو آهي........
واپسيءَ تي مان رهي نه سگهيم ۽ دوستن سان ان وارتا جو حال اوريو. جنهن تان مون تي ڇتي تنقيد، ڦٽڪار ۽ ملامت جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. مان ته اچي اڙيس! ڳالهه ڪڍي. منهنجي ڪردار تي، ڪمزور، بيوقوف، نادان نامرد ۽ ڪنجوس هجڻ جاطعنا شروع ٿي ويا. هڪ گهڻ گهري دوست ڪلهي تي هٿ رکي دلداري ڏني ته دلشڪستو نه ٿي، اڃان ته هتي ئي آهيون، سڀاڻي نوان ڪپڙا پائي ساڳي وقت ۽ ساڳي جاءِ تي وري وڃي قسمت آزماءِ، متان ڦٻي وڃين؟ پاسي اوسي جي هوندي. وري زوردار ٽهڪن تي منهنجو رت ٽهڪڻ لڳو. ٻئي دوست پهرين جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو: امتياز سان گڏ مدد ۾ ڪو ٻيو به هلڻ کپي، جيڪو روڊ جي ٽريفڪ کي روان دوان رکي ته جيئن شڪار کي روڊ پار ڪرڻ جو حوصلو ئي نه ٿئي. ويندي ويندي هڪ رهيل دوست به وهائي ڪڍي. ٽهه ٽهه ٽهه....... وري ٽهڪن جا ٽاڪوڙا شروع ٿي ويا.
اسان ڪمري ۾ ڪافي (Coffee)گهرائي هئي. هڪ دوست کنڊ جو cube ڪوپ ۾ وجهندي چيو ”جيسيتائين منهنجو خيال آهي ته اها ڇوڪري ڪو ڀٽڪيل روح هوندي“. امتياز کي گهمائي ڦرائي لارا لپا ڏئي ڪنهن ويرانcastle  ۾ قيد ڪندي سندس رت چوسي پيالن ۾ وجهي ائين sipهڻندي جيئن اسان ڪافي ٿا پيون.اٿو خالي ڪيو ڪمرو مان وهاڻو الاريندي کين چيو. توهان سان ته ڪو دل جي ڳالهه ئي نه اوري.  
وري موٽون ٿا تقسيم بازار ڏانهن، ته تقسيم بازار اسان جهڙي ماڻهن جي خريداري کان چڙهيل هئي. حيدرآباد جي ريشم گليءَ جيان ايتري ته طويل، جتي اڳتي وڌڻ کان اڳ سوچڻو پوندو ته ساڳو پنڌ ڪري موٽڻو به آهي. هتي گهڻي قدر عورتن جا مهانگا ليڌر جا پرس، جيڪيٽون ۽ سئنڊلن جا عاليشان دڪان هيا. سندن قيمتون ايتريون ته ڳريون هيون، جو ڪنهن به چمڙي جي ڪا شيءِ خريد ڪرڻ جي جرئت نه ڪئي. جو موٽ ۾ کيس پنهنجي چمڙي لهندي محسوس پئي ٿي. مون چند اهي شيون جيڪي Range ۾ لڳيون، سي ورتيون ۽ گهرواريءَ لاءِ ليڌر جو پرس و ٺي موٽ ڪيم ۽ بس ۾ اچي ويهي رهيم. موسم جو رنگ ڏسي سڀني جي طبعيت ترتگ ۾ اچي وئي. سڀني دير ڪئي هئي ۽ بس ۾ صرف سر رومي حيات، سندس گهرواري ۽ ڇوڪريون ويٺيون هيون. ڪافي دير ٿي چڪي هئي. بس جي لائوڊ ۾ اعلان ڪيو ويو ته ويهه منٽن تائين جيڪڏهن رهيل دوست نه موٽيا، ته بس رواني ٿيندي. ڇو ته واپسيءَ جو ڏنل ٽائيم گذري چڪو آهي. جن وٽ دوستن جا موبائل نمبرآهن. اهي کين جلدي واپس اچڻ لاءِ اطلاع ڏين. ڊرائيور پرسڪون ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو رهيو. اسان جي ملڪ جي ڊرائيورن وانگر دير تي ڇتڪتيائي ۽ تبرو ڪونه ٿي ڪيائين. بس ۾ ويٺل دوستن گڏجي صلاح ڪئي ته هڪ ٻه دوست هتي ئي رڪجي وڃن، ته جيئن latecomers کي بس جي نڪري وڃڻ ۽ جلدي ٽيڪسي پڪڙي سڌو هوٽل پهچڻ جو اطلاع پڄائي سگهن. ان ٻڏتر ۾ هياسين ته دوستن آهستي آهستي پهچڻ شروع ڪيو.حيران ڪندڙ اها ڳالهه هئي ته سندن هٿ خالي هئا ۽ دير باوجود ڪا خريداري ڪون ڪئي هئائون. شاپنگ ڇڏي ڇاڻي بازي جي ڪڍ پوندا، ته نه وقت جو احساس رهندو ۽ نه ٻين جي تڪليف جو. هڪ بخيل پٺاڻ دوست جملو ڪسيو. انهن غافل عاشقن تي بس ۾ اَڳ کان موجود ويٺلن انهن جي چلولائي ۽ لاغرضيءَ تي زبردست هوڪرا ۽ ملامت ڪئي. هڪ سيسراٽ سان بس جو در بند ٿيو ۽ ڊرائيور بس پوئتي ڪئي. بس پوئتي ٿي هڪ لامارو ڏيندي هلڻ لڳي. مون بس ۾ سيٽ مٿان تاڪ تي رکيل ٿيلهيون سنڀالي هيٺ رکڻ شروع ڪيون ته لهڻ وقت وسري نه وڃن. ڇو ته اڳ به هڪ دفعو ڪتاب وسري ويا هئا. بک به ڏاڍي لڳي هئي ۽ السر جي تڪليف ڪري تيزابيت به وڌيل هئي. اوچتو هڪ کٽي اوڳرائيءَ نڙيءَ کي زهر آلود ڪري ڇڏيو.کيسي ۾Risek گوري جاچڻ جي ڪوشش ڪيم، پر اها به کڻڻ وسري وئي هئي. منجهند جو به مصالحي جي بازار اسپائيس بازار Spice Bazaar مان صرف شورمو وٺي کاڌو هيو ۽ مٺائيءَ جي دڪان تان، چکڻ لاءِ رکيل مٺائيءَ جا مفت ٽڪرا کاڌا هئا، پر اهي به هضم ٿي نه سگهيا. هاڻي ته ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ پيٽ ۾ اسپائيس بازار کلندي هجي ۽ مصالحا چمڙي ۾ چڀجڻ لڳا. شڪر آهي ايمينونو جيSea side  تي مڇي ڪون کاڌي هئي، نه ته اهي به ڪنڊا ڪڍڻا پون ها. منرل واٽر جي ننڍي بوتل چپن تي رکي ته پاڻي به گرم ٿي چڪو هو. سفر جو ٿڪ ته پنهنجي جڳهه تي پر گئس جو علاج گاڏيءَ ۾ ڪيئن ڪجي.
بس هوٽل Aspen جي گيٽ تي پهتي در تي رکيل ٻن پتل جي شينهن کان پاند بچائيندا خريد ٿيل سامان جون ٿيلهيون سنڀالي کنيوسي. رسيپشن تان چاٻي و ٺي ڪمري ۾ اچي ويم. فرج مانCoke جو ٽن ڪڍي هڪ ئي ساهي ۾ پي ويم تڪليف ۾ ڪجهه جهڪائي ٿي. وري فرج مان هڪ انب جو جوس ڪڍي ڍڪ ڀري، ڪمري جا ٻه چار چڪرڏنم. ڪرسيءَ تي ڪافي دير تائين ٽي وي ڏسندو رهيس. پوءِ ايترن ڏينهن ۾ ورتل سمورو سامان بيڊ تي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو، بئگ کي بلڪل خالي ڪري ۽ ننڍين ٿيلهين مان شيون ڪڍي، واپس بئگ ۾ ترتيب سان رکڻ شروع ڪيم ته جيئن وڌ کان وڌ سامان ماپائي سگهان، استعمال ٿيل ڪپڙا ۽ ورتل سامان الڳ الڳ ڪري رکيو. ڊريسنگ ٽيبل جا خانا کولي سڪا، سگريٽ، وزيٽنگ ڪارڊ، پين، بسڪيٽ، پراڻيون اخبارون ۽ رسالا ڪڍي، خانا صاف ڪيم. فرج مان دوائون، چاڪليٽ ۽ واش روم مان شيو جو سامان، پيسٽ برش ڪڍ ي بند ڪيم. صبح جو يارهين وڳي هوٽل ڇڏڻو هجي، پر لڱن ۾ ساهه ئي ڪونه بچيو جو وڌيڪ Packing ڪري سگهان. ڪپڙا مٽائي موبائل جو الارم سيٽ ڪري سمهي پوان ٿو.

No comments:

Post a Comment