Sunday, December 23, 2012

پئرس جي سرهي شام ۽ خوشگوار موسم - عبدالحي پليجو

پئرس جي سرهي شام ۽ خوشگوار موسم
عبدالحي پليجو
ڳالهه پئي ڪيم، پئرس ۾ ڊزني لينڊ گهمڻ جي، جتي گهمڻ کانپوءِ اسان واپس موٽياسين. جڏهن ٽيوب آيو ته خبر ڪانه پئي ته هيتري خَلق ڪيڏانهن وئي؟ اسين به انهيءَ رَش ۾ ٽيوب ۾ چڙهي، پئرس جي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي واري ٽيوب اسٽيشن، جيڪا اسان جي هوٽل کان ٿوري پنڌ تي هئي، اچي اتي لٿاسين. پئرس ۾ هن وقت روڊن ۽ رستن تي تمام گهٽ ٽرئفڪ هوندي آهي، هلندي هلندي اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين.. جنهن هوٽل ۾ اسين رهيا هئاسين، اها تمام وڏي هوٽل هئي، مَنجهس ڪئين فلور ۽ گهڻي تعداد ۾ ڪمرا هئا، هوٽل جي لفٽ تمام وڏي هئي، جنهن ۾ هڪ وقت ۾ پنجويههَ کان ٽيههَ ماڻهو بيهڻ جي گُنجائش هئي پر ان هوندي به رَش لڳي پئي هئي، پئرس ۽ فرانس ۾ سياحن جي سيزن ۾ سڄي ملڪ ۾ بي انتها رش هوندي آهي، جنهن ۾ خاص ڪري هوٽلون، ڪلب، ريسٽورنٽ، ٽرينون، بندر بازارون ۽ سپر مارڪيٽون ته سياحن مان ڀريون پيون هونديون آهن، پئرس، نيس، ڪئينس ۽ مونٽي ڪارلو جي خوبصورت راتين جي ڪري سڄي دنيا مان سياح ڪَهي، انهن ملڪن ۾ اچن ٿا، جنهن جي ڪري صرف سياحن جي آمدنيءَ مان ۽ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن جي فين مان ئي، هي ملڪ دنيا جا امير ترين ملڪ ٿي ويا آهن. دنيا ۾ گهڻي مان گهڻا سياح، يعني اٺ ڪروڙ سياح فقط هڪ سال اندر فرانس ۾ اچن ٿا،  عرب ۽ ايراني گهڻو ڪري فرانس ۾ سياحت لاءِ ايندا آهن. ٻيو ته خود فرانس جا ماڻهو به موڪلن ۾ فرانس ۾ ئي موڪلون ملهائيندا آهن، ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ سياحت لاءِ تمام گهٽ ويندا آهن، فرانس ۾ موڪلن جي شروعات آگسٽ ۾ ٿيندي آهي، تنهنڪري آگسٽ جي مهيني ۾فرانس ۾ بي انتها رَش هوندي آهي ۽ اسان جو به سڄو فرانس وارو ٽوئر آگسٽ ۾ ئي ٿيو.


دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻا سياحت لاءِ ماڻهو فرانس ۾ اچن ٿا پر سڄيءَ دنيا ۾ سياحت وري گهڻي مان گهڻي آمريڪي ماڻهو ڪن ٿا ۽ سياحت مان گهڻي ڪمائي به آمريڪا کي ٿئي ٿي. ڪنهن وقت ۾ مسلمان ملڪن ۾ تمام گهڻي سياحت ٿيندي هئي، جنهن ۾ سعودي عرب، ايران، عراق، تُرڪي، پاڪستان، افغانستان، مراڪش، انڊونيشيا، ملائيشيا، مصر ۽ لبنان شامل هئا. جن ۾ ايران، عراق، سعودي، شام ۽ عربستان زيارتن جي ڪري، مصر احرامن ۽ نيل درياءَ جي ڪري، باقي مراڪش، پاڪستان، تُرڪي، لبنان، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا مختلف آثار قديمه، پُرڪشش نظارن ۽ سونهن سوڀيا جي ڪري، سڄيءَ دنيا جي سياحن جي توجهه جو مرڪز هئا. ڪراچيءَ جو شهر ۱۹۴۰ع ۾ سڄي ايشيا جي شهرن ۾ وڌ کان وڌ صاف سُٿرو شهر ڊڪليئر ٿيل هو ۽ لبنان جي گاديءَ جو شهر بيروت ته سڄيءَ دنيا جي پهرئين نمبر شهرن جي لسٽ ۾ شامل هو پر مغربي دنيا، انهن مان چند ملڪن کانسواءِ باقي ملڪن کي کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ عراق، لبنان ۽ افغانستان خاص قابل ذڪر آهن.
اسان پنهنجي ڪمرن ۾ پهچي چانهه پي، ٿوري دير آرام ڪري، رات جي ماني کائڻ ۽ ٿوري دير وڙڪڻ لاءِ وري ٻاهر نڪري پياسين، يورپين جڏهن يورپ ڇڏي ٻاهر ٿو نڪري، تڏهن سڀ اخلاقي قدر اُتي ڇڏيو اچي. يورپ، آمريڪا ۽ جپان ۾ هندوستاني ۽ پاڪستاني هوٽلن جو کاڌو ته تمام لذيذ هوندو آهي پر انهن ۾ گهڻو ڪري سُوپ ڪونه هوندو آهي. مونکي رات جي مانيءَ ۾ سوپ پيئڻ جي ننڍي هوندي کان عادت آهي، خاص ڪري گهمڻ ڦرڻ ۾ ته اهو شوق اڃا به وڌي ويندو آهي، ڇو ته گهر ۾ ڊاڪٽري اصولن مطابق ماني ملي ۽ سَڻڀ ۾ استعمال ٿئي ڪنولا آئل ۽ لوڻ بلڪل بند. ان جي ابتڙ هوٽلن جا کاڌا سَڻڀا ۽ مصالحن جي ڪري چَٽ پٽا، کائڻ ۾ مزيدار ۽ سوادي ٿين ٿا، جو پيٽ ئي نه ڀرجي، دل پئي چئي ته ويٺو کائجي ۽ هوٽلن وارا هوٽلون کوليو ويٺا ئي انهيءَ لاءِ آهن، ته اسان وٽ وري وري ماڻهو اچن، سو اهي کاڌا به اهڙا لذيذ تيار ڪن ٿا، جو ماڻهو اُهي کائڻ لاءِ ڪٿان کان ڪٿان ڪَهي اچن ٿا. اسان به فيصلو ڪيو ته ٻه راتيون اڳ جنهن هندستاني هوٽل تي ماني کاڌي هئيسين، اڄ به انهيءَ کي موقعو ڏيون. سو هُن سُرهي شام جي خوشگوار موسم ۾ هلندي هلندي خبر ئي ڪانه پئي ۽ قدم خود بخود اچي هوٽل جي دروازي تي روڪيا ۽ اسان دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ته اتي هلڪي آواز ۾ سُريلا ڪلام هلي رهيا هئا. انهن خيالن ۾ ٽيبل تي مينو پيل ۽ ڀر ۾ ويٽر بيٺل ڏٺم، ته ذهن تان گاني جي ڳالهه لهي وئي ۽ کاڌي جي ياد اچي وئي، شايد سڀني پنهنجو آرڊر ڏيئي ڇڏيو هو ۽ منهنجي آرڊر جي انتظار ۾ ويٽر بيٺو هو، سو سڀني ۾ ڏسي مُشڪي ۽ جلدي ڪريلا ۽ قيمي جو آرڊر ڏئي چُپ ٿي ويهي رهيس، مِنا آهستي  چيو ته، مينو ۾ سوپ به آهي، توهان چيس ڪونه. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته هاڻ ڇا چوانس، ڌَڪ گُسي ويو ۽ مِنا کي چيم، سُوپ سڀاڻي لنڊن هلندي شپ ۾ پيئنداسين.
محبوب پنهنجي ڌُن ۾ مگن هو، اسان ڏانهن ڌيان شايد نه هئس، ويٽر، ڏهن منٽن ۾ ٽي گرما گرم ويجيٽيبل سوپ اچي اڳيان رکيا، مِنا مُشڪي چيو ته، مون تنهنجي سُوپ جو آرڊر به ڏئي ڇڏيو هو. مون پُڇيس ته پوءِ تو مونکان پڇيو ته، توهان سوپ ڇو نه گهرايو، پاڻ چيائين، ته توهان ڪافي دير کان وٺي چُپ ويٺا هئا، دل ئي دل ۾ الائي ڇا سوچي رهيا هئا. واقعي پئرس جو شهر، انسان کي سڄي زندگيءَ جي خوشين جون گهڙيون ياد ڏياريو ڇڏي ۽ انهن مٺڙين يادن کي ياد ڪندي ماڻهو سوچي ٿو ته منهنجي زندگي بي معنيٰ ڪانه گذري آهي. اسان بل ڏيئي هوٽل مان نڪري پئرس جي جڳمڳ روشنين مان هلندي اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين.مِنا محبوب کي ٻڌايو ته، سڀاڻي پئرس ڇڏي لنڊن هلبو، تنهنڪري توهان پنهنجو سامان هينئر ئي پيڪ ڪري ڇڏجو، جيئن توهان کي صُبح جو سوير ڪا دِقت پيش نه اچي ۽ هن کي ائين تاڪيد ڪرڻ کانپوءِ، پاڻ به سڀ سامان پيڪ ڪري ڇڏيائين. هڪ رات جي پڄاڻي، ٻئي ڏينهن جي شروعات به، ڄڻ هڪ جنم جي شروعات آهي، سج، چنڊ، تارا، پکي، پکڻ، جيت، جانورن سان گڏ وڻ ٽڻ ۽ ڌرتيءَ تي به انهيءَ جو اثر ٿيندو آهي ۽ سج هر روز نئون جنم وٺي ڌرتيءَ تي پنهنجا ڪرڻا پکيڙي ٿو، صُبح ٽاڻي بلڪل سانت ۽ سڪون هوندو آهي پر پري جو آواز بلڪل صاف سُٿرو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ۽ آهستي ماڻهن ۽ ٽرئفڪ جي چُرپر کانپوءِ اها ڌرتي جي سُڳنڌ ۽ سونهن قائم نه رهندي آهي، انهيءَ سانت جي جڳهه تي گوڙ ۽ دونهون اچي جاءِ والاريندو آهي. اڄ اسان مختصر واڪ ڪيو ۽ پئرس جي رستن، چوراهن، فوٽپاٿن ۽ گهٽين کي آخري سلام ڪندي اچي هوٽل تي پهتاسين.


No comments:

Post a Comment