اُڏيري لال تان واپسيءَ تي...
لياقت علي ٿهيم
”اچو صاحب اچو، اندر اچو“، ۲۳_۲۲ سالن
جو همراھ، منهن تي هلڪي ڏاڙهي، مٿي تي گول ڪاري ٽوپي اهڙي جيڪا شهري بريٽ پائيندا آهن
۽ پيرن ۾ ڊگھي ٻوٿ واري بوٽ پاتل شخص اسانکي در اندران ئي بيٺي کيڪاريو. مان در جي
چانئٺ تي اچي بيهي رهيس ۽ هيٺ جهڪي بوٽ لاهڻ لڳس تـ همراھ چيو، ـ ”نه صاحب نه، بوٽ
نه لاهيو، اندر هليا اچو“ ۽ مان بي ادب بي نصيب انهي بدبخت ساعت تي چانئٺ اڪري، ڪنهن
ڄٽ وانگر جوتن سميت در ٽپي اندر داخل ٿي ويس.، ڪٿي؟ سائين اُڏيري لعل جي مندر ۾. (پنهنجي
انهي جهالت تي ڏاڍو نادم آهيان). اندر اچي، بيهي جڏهن هم چورس ۾ ٺهيل ڪامپليڪس، بلند
و بالا ديوارن ۽ عمارتن جي وچ ۾ ٺهيل موڪري فرش کي ڏٺم تڏهن پنهنجي نظاماڻي سنگتي کي
چيم تـ يار هي تـ ننڍڙي ڪريملن ٿي لڳي.منهنجو هي دوست ڇاڪاڻ ته حر فقير آهي تنهن ڪري
انهي سياسي استعاري جي معنيٰ کي مڪمل طور سمجھي نه سگھيو.
ٿورو اڳتي آياسين تـ هڪ ٻيو همراھ جيڪو ڪجھ وڌيڪ هوشيار
ٿي لڳو، وڌي آيو ۽ چوڻ لڳو، ”سائين هتي ڀلي توهان پنهنجا جوتا لاهيو ڇاڪاڻ تـ اڳتي
شيخ سائين جي مزار جو احاطو آهي“. انهي بعد هڪڙي قبر، ٻي قبر، فقير سائين جا جوتا،
فقير سائين جا تڪيا، ”سائين هتي دعا گھرو ۽ پئسا رکو، سائين هتي پئسا رکو“. فقيرن ڦُري
ناس ڪري ڇڏيو. پئسا ڏئي جڏهن ڏٺائون تـ همراھ جو ٻٽون خالي ٿي ويو آهي، پوءِ هڪ هڪ
ٿي اڏيري لال جي مندر مان، جنهن جي سنگمرمر ٿيل گلڪاري واري فرش تي همراھ بوٽن سميت
پئي ڦِريا، پئسا کڻندا کسڪندا ويا. ٿورو ساھ
پٽي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم ۽ مندر جي سوڀيا ڏسي ڏڪي ويس. اعتبار ڪريو ته مون پنهنجي حياتي
۾ اهڙي وجيھ عمارت ناهي ڏٺي.
اُڏيري لعل جي مندر جي طرزِ تعمير، سماڌي جو شان، فرش ۽ ديوارن تي لکيل
آڳاٽي وقت ۾ (شايد) سنسڪرت جي جملن ۽ ٻين اڻ ڳڻين نشانين مان، ڪٿي بـ ائين ڪونه ٿي
نظر آيو تـ هي ڪنهن مسلمان عامل جي مزار رهي هوندي؛ هي عمارت هر حساب سان هندو طرز
تعمير جو شاهڪار آهي جنهن تي بشني قسم جا ماڻهو فقير بڻجي قبضو ڪيو ويٺا آهن.
اُڏيري لعل جي ليجنڊ جيڪر توهان پڙهندئو تـ سنڌ ۾ ارتقا
جي سائيڪل جي پوئتي ڦرندڙ ڦيٿي تي سوچي شايد توهان بـ ائين ئي وائڙا ٿو ويندئو جيئن
مان ٿي ويو هوس. روايتن موجب يا سڌو سنئون کڻي چوان تـ وڪي پيڊيا مطابق، ڪو سيد بادشاھ
هو جنهن تنهن وقت (ڪي پنج صديون اڳ) اسان جي هندو ڀائرن، ڀينرن ۽ امڙين کي ائين ئي
اُچائي کنيو هو جيئن اڄ ڪلھ اتر سنڌ جا بد ڪردار جاگيردار هندن لاءِ زمين ٽامو ڪيو
ويٺا آهن ۽ انهي وقت بـ هندن ائين ئي ڌڻي در ٻاڏايو هو جيئن رنڪل ڪماري ٻاڏائيندي رهي.
اهڙي ڳنڀير سمي ۽ بيگاھ وقت ۾ جهولي لال، امر لال، اڏيري لال جو ذڪر ملي ٿو جنهن جاگيردارن
جي داداگيري کي اچي روڪيو.
پر اڏيري لعل جي هڪ ٻي شناخت بـ آهي جيڪا شايد وڌيڪ
طاقتور تمثيل، وڌيڪ ڳوڙهي معنويت رکي ٿي. سا هي تـ جهولي لال سنڌو دريا جو ديوتا آهي،
جنهن کي ورڻ ديوتا يا دريا شاھ بـ چون ٿا. هو هن ڌرتي تي ان اپائيندڙ، زرخيزي آڻي سيراب
ڪندڙ، ڪڻي مان ڪيچ ڪندڙ، پلي تي سواري ڪندڙ اڇي ڏاڙهي وارو اهو سنت آهي جيڪو توهان
کي سنڌ جي هر هاري ۾ نظر ايندو، جيڪو هندو وڻجاري ۽ مسلمان هاري جي وچ ۾ مذهبي ريڪنسيلئيشن
آهي، جيڪو صوفي آهي، جيڪو ويدانت ۾ يقين رکي ٿو ۽ مذهبن جي بالادستي کي تسليم نٿو ڪري،
جيڪو عام سنڌي آهي، جيڪو هيڻن جو الاھ آهي جيڪو تنگ نظر مولوين ۽ جاگيردارن جي سمجھ
کان مٿي آهي.
جنهن پهرئين هندو سان مان جوهي ۾ مليس، سو پٽ هو لال
نالي اسانجي هڪ پاڙيسري جو. لعل جواني ۾ ئي گذاري ويو هو ۽ پوءِ سندس ماءَ ۽ گھرواري
سن لڏي ويا جتان پوءِ هو انڊيا هليا ويا. پر انڊيا وڃڻ کان اڳ هو جوهي آيا، پنهنجي
پراڻي پاڙيسرڻ يعني منهنجي امڙ کان موڪلائڻ لاءِ. مونکي ياد آهي تـ هوءَ گريس فل هندو
مائي ڪافي دير تائين منهنجي امڙ سان ڳالهائيندي رهي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل اسانکي بـ ائين
ڏسندي رهي ڄڻ اسان ۾ پنهنجي سرڳواسي پٽ جي پرڇائي ڳوليندي هجي. جڏهن هو روانا ٿيا تڏهن
اسانجي گھر جون مايون کين در تائين ڇڏڻ آيون (مڙسالا سڀ دڪانن تي هئا). سنڌ جو اڳوڻو
اهو شان عجب هو، جنهن ۾ عورت جي تڪريم ڪردار جي سڃاڻپ، مذهبي رواداري عام انساني سڀاو
۽ وطن جي پورهيتن سان لڳاو وطن دوستن جي اصل شناخت سمجھيا ويندا هئا.
انهي بعد وري ”۸
گھوڙا ۲۴ ٽنگون“ وارو دور عرف ڪاڻيَ
جي ڪمداري يعني ضيا جي صاحبي جو تاريڪ وقت سنڌ ڪاٽيو. ۸
گھوڙا ۽ ۲۴ ٽنگون پي ٽي وي جي انهن ڊرامن
کي اسان چئون ٿا جنهن ۾ ڪنهن هٿ ٺوڪئي ۽ لٽيري قسم جي مسلمان غازي جو لشڪر سر عام غير
مسلمان کي ماريندي ڏيکاريو ويندو هو. ائين اسانجي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي اڪثريت نسيم
حجازي جا ڊراما ڏسي ڏسي، اهڙي تاريڪي ۾ گھلبي وئي جتي هاڻ جدت ۽ روشني کين ڇتو ڪري
وجھي ٿي.
پر انهي ڪاڻي جي ڪمدار جي ڪاھ آڏو فولادي ديوار بڻجي بيٺي اسانجي ڪميونسٽ تربيت.
جوهي، باغي ارواحن جو آستانو رهي آهي (مون
سنڌ ۾ ڪجھ اهڙا شهر ڏٺا آهن جتي جا ماڻهو فطري طور انقلابي آهن. انهي تعليم ۽ تربيت
جي سورج جون شاخون پري پري تائين ويون، جوهي کان گھڻو ٻاهر بـ جوهي جا هارڊ ڪور سياسي
ماڻهو رسيا ۽ ترقي پسند فڪر جي ترويج ڪيائون).
انهي رات، اڏيري لال وٽان موٽڻ بعد مان ڪافي دير ننڊ
۾ ڪنجھندو رهيس ۽ پوءِ دانهن ڪري اٿي ويهي رهيس. پوءِ مون انهي خواب کي ياد ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي جيڪو مون ننڊ ڪندي ڏٺو هو. مون ڏٺو هو هڪ سفيد ريش بزرگ جنهن جو چهرو جيتوڻيڪ
منهنجي ڪنهن وڏي سان نٿي مليو پر سندس آواز منهنجي مرحوم بابا جھڙو هو.
No comments:
Post a Comment