Sunday, December 09, 2012

هيءَ ريڊيو استنبول جي سروس آهي - امتياز منگي

هيءَ ريڊيو استنبول جي سروس آهي
امتياز منگي
تاپڪاپيءَ اندر هڪ ريسٽورينٽ پڻ آهي، جنهن جا کاڌا ڏاڍا لذيذ آهن. هتي مان ساهي پٽڻ لاءِ ٿوري دير بينچ تي ويهي رهيم. هتي هڪ پوڙهو مسخروJoker هر ايندڙ ويندڙ سان مذاق پيو ڪري، سندس هٿ ۾ ريديو جي ايريل هئي ۽ هر مزاحيه گفتگو ڪنهن بريڪنگ نيوز وانگر پئي آلاپيائين ۽ پاڻ کي استنبول ريڊيو پئي چيائين. ان وقت منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن هن هڪ نهايت ئي بزرگ جوڙي کي ڏسي انگريزيءَ ۾ چيو، هينئر هڪ نئون شادي شده جوڙو هني مون لاءِ تاپڪاپيءَ جي دوري تي آيل آهي مان سندن آجيان ڪيان ٿو. سڀ هڪدم ان ضعيف جوڙي ڏانهن متوجه ٿيا. پوڙهي ڪنوار ته شرم وچان مڙس جي سيني ۾ ڪنڌ لڪايو ۽ پوڙهي مڙس خوش ٿي کيس خرچي ڏني. مون به  هن هردلعزيز شخص ٿي ٻه ليرا خرچي ڏني. ملان نصرالدين ترڪيءَ جو قومي مسخرو آهي، جنهن جا ٽوٽڪا ڏيهان ڏيهه مشهور آهن. هن مسخري جي حرڪتن کي ڏسي محسوس ٿيو ته مزاح ترڪيءَ مان اڃان ويو ناهي. 


ڇو نه بادشاهه مان اوهان کي ملان نصير جو هڪ ٽوٽڪو به ٻڌائيندو هلان:
هينئر تمام گهڻي بک لڳي هئي، ڇو ته صبح ناشتي واري روئداد ته ٻڌائي چڪو آهيان. ٻيا دوست پڻ چهرن مان بکيا لڳي رهيا هئا. گائيڊ اوڪتائي چيو: جڏهن ڪوبه ٻاهران آيل وزيٽر hungry هوندو آهي ته اهو بکايل هوندو آهي ۽ اهو اجايا ۽ بي تڪا سوال ڪري بيزار ڪندو آهي، ان ڪري مانجهاندو ڪيو ته توهان جي فضول سوالن کان بچي سگهجي. سڀني جا قدم مانيءَ جو ٻڌي رڪجي ويا، ڇو ته گهمي گهمي بک به لڳي هئي ۽ ڪٿي ويهڻ جو موڊ به هيو. تاپڪاپي جي ريسٽورنٽ ۾ ڪابه ٽيبل خالي ڪونه هئي. مان جيسيتائين واش روم مان ٿي آيس، تيسيتائين دوست هڪ ٽيبل تي ويهي چڪا هئا. هتي مون چانور ۽ دال ورتا ۽ هڪ پاڻيءَ جي ننڍيNestle جي بوتل، بل ۱۳ ليرا آيو. ماني کائڻ بعد فريش ٿي وياسين. تاپڪاپي کان ٻاهر نڪري هڪ اهم شاهراهه وٺي، ائسپن هوٽل جو رخ ڪيوسين. رفتار سڀني جي سست هئي، ڇو ته سڀني گهڻي ماني کاڌي هئي. اسان رستي تي دڪانن جو جائزو وٺندا پئي وياسين، مختلف شين جي قيمت به پئي چڪائي ۽ پنهنجي ملڪ جي شين سان ڀيٽ پئي ڪري ۽ ڪٿي ڪٿي خريداري به پئي ڪئي سين. اسان جو گروپ ٽولن ٽولن ۾ ورهائجي ويو پر رستو ته سڌو هو. هڪ ٻي کي تاڙ ۾ رکندا، هوٽل پهتاسين. مون رستي ۾ ڪتابن جي ڪيبن تان ڪجهه ڪتاب، فيشن مئگزين ۽ هڪ انگريزي اخبار ورتي. آواره گهمڻ جو به هڪ پنهنجو لطف آهي. مون هڪ سنهيءَ گهٽيءَ واريءَ بازار مان موبائل جو ڪارڊ، ٻارن لاءِ رانديڪا ورتا جن ۾ اسپائيڊرمين، دجال جي اک ۽ انساني ڍانچي جا چاٻين جا ڇلا ڏاڍا مزيدار هئا. هوٽل ۾ ڪافي دير آرام ڪيم. شام جو ڪمري ۾ ڪافي پيئڻ بعد ٽي وي آن ڪيم. چينل گهڻي قدر ترڪي ۾ هئا. رموٽ ڪنٽرول سان ٻه سو چينل ڦيرائيندو ويم. موسيقي جي پروگرامن جا چينل زبردست آهن. اسٽيج تي براء راست پروگرامن جي گانن جون ڌنيونُ ۽ رڌم ٻڌڻ شرط جهومڻ تي دل پئي چئي. ٽي وي جون اينڪرس ۽ اداڪارائون انتهائي حسين هيون. هتڙي گلوڪاره سائبل ڪن تمام گهڻي مقبول آهي بلا جي حسين ۽ بهترين رقاصه. پئرس هلٽن جون بيلي ڊانسو ن بلي بلي ۽ عربي ڌنون تمام Melodious آهن. جيڪي وقفي وقفي سان نشر پئي ٿيون. باقي انڊيا واري چينل اسٽار پلس اسٽائيل گهريلو ڊراما سيريل ۽ مزاحيه شو ترڪي زبان ۾ هجڻ ڪري سمجهه ۾ ڪونه پئي آيا.حالات حاضره جا پروگرام نالي ماتر ڏسڻ ۾ آيا، يا ڪيبل تي سيٽ ٿيل ڪونه هيا.
رات جي ماني کائڻ لاءِ نڪتاسين، اسان جي هوٽل ڀرسان هڪ مشهور ريسٽورينٽ آهي، جتي ترڪيءَ جا روايتي ۽ ثقافتي کاڌا جيئن گرم گرم ڪباب، شامي، شورمو، چڪن ٻوٽي ۽ نان ملندا آهن. هر آئٽم آرڊر تي تيار ڪري ۲۰ منٽن ۾ اچيو وڃي. هي هڪ ننڍو ريسٽورينٽ آهي ۽ رش تمام گهڻي اٿس. هتي پهچي مون Menu گهرايو ۽ چڪن ٻوٽي، ڪباب ۽ نان جو آرڊر ڏنو. نهايت ذائقيدار tasty ماني هئي. مان شايد گهڻي کائي ويو هيس. بعد ۾ هڪ سپر مارڪيٽ تان بسڪيٽ، سگريٽ، ٽافيون، چاڪليٽ ۽ خشڪ ميوي جا پاڪيٽ ورتاسين. هتي بيئر وغيره تمام معياري پيو ملي. پوليس موبائلون چوڪن تي بيٺل ۽ پوليس رستن تي گشت ڪندي نَظر آئي. امن امان جي صورتحال بهتر پئي نّظر آئي. رات جو نائين بجي کان پوءِ اوهان کي چوڪن ۽ مکيه رستن تي اهڙا ماڻهو ضرور ملندا جيڪي Can I help you? (ڇا مان توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو؟) چئي پنجاهه کان سٺ ليرا عيوض هر ملڪ جي ڇوڪرين جي آڇ ڪندا ۽ عام چونڊ لاءِ ڀر پاسي جي ڪنهن نائيٽ ڪلب ۽ خاص ورائٽيءَ لاءِ خصوصاً تقسيم بازار ۾ وٺي وڃن ٿا. پربظاهر هوٽلن ۾ اهڙي ڪابه گندگي نظر ڪونه آئي يا ٿي سگهي ٿو ته اهو قانون صرف ننڍن هوٽلن لاءِ هجي. جيئن بحرين جي هوٽل اول ۾، پاڪستان کان ايندي اسان کي ۲۴ ڪلاڪن جو اسٽي ڪرايو ويو ۽ بحرين ۾ ته اهو ڪم هوٽلن ۾ آساني سان پئي ٿيو. لفٽ ۾، ڪائونٽر تي يا گيٽ ڀرسان ڇوڪريءَ سرگوشين ۾ پنهنجي قيمت، وقت ۽ خصوصيتون پئي ٻڌايون. بحرين جي ڊسڪو بار ۾ عربن کانپوءِ انڊين ڪلاڪار به ڪافي مليو وڃن. حيدرآباد جي هڪ دوست اعجاز اسان کي هڪ ڀارتي بار ۾ ميوزڪ جو هڪ لائيو پروگرام پڻ ڏيکاريو هيو جيڪو آشا ڀونسلي جي نالي سان منصوب هيو جنهن ۾ نوجوان گلوڪارن مهارت ۽ سريلي آواز ۾ ڪشور ڪمار، محمد رفيع جا سدابهار گانا پئي ڳايا ۽ ساڻن گڏ خوبصورت رقاصائن ڌنن تي ڊانس پئي ڪئي. سازندا ايتررا ته ماهر هئا جو هر گيت جي آخر ۾ جڏهن ڊرم جي cymbal  يا ٿالهي تي اسٽڪ سان هٽ پيا ڪن ته موجود آڊينس اٿي بيهي تاڙيون ٿي وڄايون. انهن کي هر گيت جون ڌنيون چپٽين تي ياد هيون ۽ جهر مر لائيٽن واري ڊانسنگ فلور تي رقاصه ڇوڪريون، جن جي جسم جو ٿڙڪڻ ۽ اڀار ڄڻ ته اسان جي وحشي روحن کي آٿت ڏيندا هجن. منهنجون آڱريون ٽيبل تي چرڻ لڳيون. ظالم بلومنگ آرڪيسٽرا ڌارئي ملڪ ۾ به چين وڃائي ڇڏيو. ويهه سال اڳ پيٽ خاطر پيانو تان کنيل آڱريون اڄ به بيچين آهن. الياس سانگيءَ جو وڄايل ڊرم اڄ به منهنجي دل ۾ڌڙڪي ٿو. رياض سومرو جو ڪشش ٽي وي تي آواز ٻڌي اکيون آليون ٿيو وڃن. شاهد سومرو جون نسواني حرڪتون ۽ وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ، محبوب لاشاري جي مووي رڪارڊنگ ۽ ايوب گاد جي ماهرانه صلاحون ڪٿي وسرنديون. اهي شامون به عجيب هيون جڏهن مامو اعجاز ڀٽي اڪبر سومرو کي بيجو باورا جا گانا ٻڌائڻ لاءِ اسرار ڪندوهيو ۽ فتح عباس بدويءَ سارنگا تيري ياد مين ڳائي محفل جو موڊ بدلائي ڇڏيندو هيو. الطاف ڀٽيءَ سان رسڻ پرچڻ ۽ نيٺ ڪاڪي ملان جي شولن تي جنگبندي.

ترڪ موسيقي
ترڪي موسيقي جون پاڙون سلجوقين کان عثمانيه حرم تائين ڦهليل آهن. ساڳي وقت جيني سري بينڊ  دنيا جي قديم فوجي بينڊ جي درجي تي رهي، جنهن جو تفصيلي ذڪر اڳتي ڪندم. حرم ۾ موسيقار ۽ رقاصائون سازن سميت هر وقت موجود رهندا هئا. اڪثر محفلن ۾ بيلي ڊانس ٿيندي هئي. مڌ جي مستيءَ ۾ نقابن ۽ حجابن ۾ شرميليون نچڻيون آرس ڀڃي جڏهن سلطانن جا خالي پئمانا ڀرينديون هيون ان وقت موسيقي جو آواز لهرون پئدا ڪندو هو ۽ بي خوديءَ ۾ سلطان جهومڻ لڳندا هئا. انهن محبوبڙين کان علاوه دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مشهور رقاصائون پڻ حرم ۾ فن جو مظاهرو ڪنديون هيون. ان وقت حرم جي ڪمرن مان انتظار ۾ ويٺل سندن زالن جي اندر ۾ ڪهڙي آنڌ مانڌ متل هوندي، سا ڳالهه سڀڪو پاڻ سمجهي. ”رقص ۾ هي سارا جهان، ڌوم هي يي آج ڪهان، آئيگا وه شهخوبا“ڇا گذرندي هوندي انهن تڙپندڙ دلين تي؛ جڏهن پوڙها سلطان هنن جي آغوش ۾ ڪرندا هوندا.
ترڪي جون مشهور ڳائڻيون حرم کان سواءِ شهر جي شادين مرادين، شاهي تقريبن ۽ موقعن تي رقص جون محفلون مچائينديون هيون.ان کان سوا ءِ روما(Roma) ترڪي جو هڪ موسيقار نسل هوندو هو. هيءَ رومن ماڻهن جي هڪ ذات هئي، جيڪي خانه بدوش ٽائيپ هوندا هئا. سندن انداز مان مليل جليل خوشبو ايندي هئي. هي عوامي رقص جا وڏا ماهر هوندا هئا. جتي وڃي رهندا هيا اتي ميلا لڳائي ڇڏيندا هيا. باقي جينيسري بينڊ دنيا جي قديم فوجي بينڊ ليکبي آهي. سندن عسڪري موسيقيءَ جا آلاپ، هم آوازي، مرداڻا جذباتي قسم جا ڪورس، ٽرمپيٽ ۽ ڊرمس جو آواز عجيب جوش ۽ احترام پئدا ڪندا هيا. دنيا جي وڏي موسيقار موزارٽ(Wolfgang Amadeus Mozart) جڏهن ((Sonata in A Major لکيوته ان ۾ترڪش مارچ جو انگ ڏيندي، ان منجهه جينيسري فوج جو ڪورس (گهڻن آوازن جو آلاپ) ڏنو. اڄ  به اوهان کي جيڪڏهن فوجن جو پير ۾ پير ڏئي مارچ ڪرڻ ٻڌڻو آهي ته موزارٽ جون ترڪش مارچ ٻڌو.  پيانو تي وجد جي انداز ۾ وڄايل اها ڌن اوهان جي طبعيت ۾ جوش ڏياري ڇڏيندي. جهڙي نموني سان اسان جي لوڪ فنڪار جي ڌمال ڳائڻ وقت مٿس وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي، اهڙيءَ طرح موزارٽ جي طلسماتي آڱرين ۾ ترڪش مارچ و ڄائڻ وقت مستيءَ واري ڪيفيت سمايل هوندي آهي. پوري يورپ ۾ ترڪي بينڊ جو ڌاڪو ڄميل هوندو هيو. سندن مارچ يا پريڊ ۾ بوٽن جي رڌم ۽ ڳورا آواز هڪ قسم جي فوجي بالادستيءَ ڏهڪاءُ پيش ڪندا هيا. 
ترڪيءَ ۾ موسيقي جي تعليم نصاب ۾ شامل آهي. پرائمريءَ ۾ اسيمبلي ۽ بيتن جي صورت ۾ ۽ هاءِ اسڪولن ۾ ڳائڻ وڄائڻ جا ڪلاس ورتا وڃن ٿا. هر اسڪول جي پنهنجي اسڪول بينڊ هوندي آهي. اسڪول جي ڊرامن ۽ تقريبن ۾ پڻ اها بينڊ اهم ليکبي آهي. پريڊ ۾ پڻ سا ڳي بينڊ قومي ترانا وڄائيندي آهي. ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ ته (Musicology) شعبا آهن، جتي موسيقي جي مختلف شعبن تي تحقيق ٿيندي آهي. عام موڪلن جي ڏينهن ۾ مزو لڳو پيو هوندو آهي. روڊن رستن تي رونق ۽ چهل پهل هوندي آهي. قومي ڏينهن تي قومي گيت ڳائي ڌرتيءَ کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي. تاهم ويسٽرن ميوزڪ گهڻي عام آهي.   
  
هينڊ ڊلڪيلڪ (HANDE DALKILIC)
جڏهن اوهان ترڪيءَ جي جديد موسيقي جي باري ۾ سوچيو ٿا، ته ان وقت اوهان جي ذهن ۾ هڪدم سان عدنان سميع جي رنگ ۾ پيانو جي سرن سان کيڏندڙ باڪمال ۽ خوبصورت ڇوڪري هينڊ ڊلڪيلڪ اچي ٿي. هي پيانسٽ ڇوڪري صوفي خيالن جي پيروڪار آهي ۽ سندس سنهڙين آڱرين ۽ ماٺيڻي طبعيت ۾ جادو آهي. استنبول ۽ انقره جي رنگين ماحول ۾ مختلف پروگرامن (Recital)۾ هينڊ ڊلڪيلڪ جون وڄايل ڌنيون ٻڌي، ڀر ۾ ويٺل محبوبا جي ڪلهي تي رکيل هٿ جي آڱرين ۾ جنبش اچي وڃي ٿي. هينڊ ڊلڪيلڪ، ياسمين ڊلڪيلڪ جي وڏي ڀيڻ آهي، جيڪا عورتن جي تيراڪيءَ جي عالمي چيمپيئن آهي. جيڪڏهن غور سان ٻڌندؤ ته اوهان کي هن ڇٽيهه ساله هينڊ ڊلڪيلڪ جي ادائگيءَ مان ماضيءَ جي ڌن (Come September) جي خوشبو ايندي هن جا ڪنسرٽ ٽي وي تي اچن ٿا. مان رات جو ڪمري جا بلب وسائي، درين تان پردا هٽائي، ٽي وي تي ميوزڪ چينل لڳائي، هينڊ ڊلڪيلڪ جو پيانو ٻڌندو آهيان ڪمال جو پيانو وڄائيندي آهي. نئين ٽهيءَ ۾ هوءَ واحد پليئر آهي، جيڪا قديم ساز پيانو سان ساٿ نڀائيندي ٿي اچي. ترڪي جتي نئون نسل يورپ جي گٽارن جي  Distortion۾ گم آهي، ۾ اتي پاپ موسيقي بدران ڪلاسيڪل راڳداريءَ طرف مائل هيءَ حسين فنڪاره ترڪي جي قديم ڪلاسيڪل انگ کي زنده رکيو پئي اچي. پوريءَ دنيا ۾ هن Soloist پرفارمنس ۾ ايتري ته مقبوليت ماڻي آهي جو ا ڄڪلهه هر هنڌ ترڪي ڌنين جي گونج آهي. هوءَ فبروري ۲۰۰۹ ع ۾ پاڪستان به آئي هئي ۽ لاهور، ڪراچيءَ ۾ مختلف هنڌن تي پرفارم ڪيائين.
هوءَ انقرا ۾ ۱۹۷۴ع ۾ پئدا ٿي، جتي هن ابتدائي موسيقيءَ جي تعليم، پروفيسر گهردل ڪرامنوگلو (Prof. Guherdal Karamanoglu Cakırsoy) کان حاصل ڪئي. بعد ۾ هوءَ بلڪنت يونيورسٽي جي موسيقي جي فيڪلٽي Bilkent University Faculty of Music and Performing Arts ۾ آئي. هتي هن پروفيسر ايرسن اوني Prof. Ersin Onay کان ڊاڪٽريٽ تائين تعليم ورتي، جيئن ته ا ڳ ۾ ئي ذهين هئي، ان ڪري با ضابطه تعليم هن جي موسيقي جي حسن کي نکاري ڇڏيو. هن پروفيشنل ڪيريئر جي شروعات ۲۰۰۰ع ۾ هڪ البم سان ڪئي. هن سي ڊيءَ ۾ هن جون شاهڪار ڌنون هيون. ترڪيءَ جي عظيم موسيقار سيمل ريسٽ ري Cemal Resit Rey's جي سئو ساله جشن centennial جي تقريب واري موقعي تي هن عقيدت وچان پيانو تي هڪ ڌن "Variations on an Istanbul Song" برسا اسٽيٽ سمفني آرڪيسٽرا جي ساٿ سان رڪارڊ ڪرائي، جيڪا سينٽرل بئنڪ آف ترڪي آڪٽوبر ۲۰۰۴ع ۾ رليز ڪئي. هينڊ ڊلڪيلڪ موسيقي جي تمام اهم ميڙن ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي، جن ۾ هيٺيان سرفهرست آهن.
1)      The 34th International Sofia Music Festival
2)      International Cartage Festival in Tunisia 2002
3)      The 18th and 22nd  International Ankara Music Festival
4)      The 5th Antalya Piano Festival
5)      9th International Bellapais Festival in North Cyprus and D-Marin Turgut Reis 
6)      5th International Music Festival
پنهنجي ملڪ کانسواءِ هينڊ ڊلڪيلڪ بلغاريه، مصر، برطانيه، اٿوپيا، فرانس، جرمنيءَ، اسرائيل، اٽلي، ڪينيا، پولينڊ، رومانيه، سائوٿ آفريڪا، سوٽزرلينڊ، قبرص، يوڪرين ۽ پاڪستان ۾ پرفارم ڪري چڪي آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي تان پڻ سندس شو نشر ٿين ٿا. هن وقت هوءَ بلڪنت يونيورسٽي جي موسيقي جي فيڪلٽيءَ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي. پيانو ڪنسرٽ ۾ هينڊ دلڪ بلڪ جڏهن پنهنجا هٿ سرن تي ڦيرائي ٿي ته ٻڌندڙ جون سيسراٽيون نڪري وڃن ٿيون. سر ۽ لئي جي هيءَ ملڪه جڏهن پيانو جي اڇن ڪارن سرن تي ڌن جو آ خري CHORD هڻي داد و ٺڻ لاءِ نازڪ ٻانهون مٿي کڻي ٿي، ته جڳن کان ساڳيون طرزون ۽ ڌنيون دهرائڻ وارن دقيانوسي استاد ن جا اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون ٿا. جيئن سلطان، حسين عورتن کي تاپڪاپي ۾ قيد ڪندا هئا، ايئن ئي موسيقيءَ حسينا کي چند استاد گهراڻن يرغمال ڪري ڇڏي هيئي، پر نئين پيڙهيءَ جي باصلاحيت نوجوانن انهن fossil بڻيل موسيقيءَ جي ٺيڪيدارن کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو آهي.
جديد موسيقي ۾ مونکي جيڪا وڌ کان وڌ پاپ سنگر وڻي اها سراپ سيپاز (Serap Sapaz) هئي. ڳائڻ سان گڏ رقص خاص ڪري پبلڪ کي جهومائڻ ۾ سندس جواب ناهي. ترڪش چينل تي  سندس هڪ ترڪ گانو جنهن جا لفظ ته سمجهي ڪون ٿي سگهيم پر ان جي ڌن ايتري ته پياري هئي جو اوهان جون آڱريون پاڻ ئي حرڪت ۾ اچي وينديون.  
ساز کي جيڪو سڃاڻيندو اهوئي وڄائيندو. بينجو کي بلاول بيلجيم سڃاڻيندو. شهنائيءَ جي درد جي خبر استاد بسم الله خان کي ئي هوندي، طبلي جي ماترن ۽ تالن جو توازن ذاڪر حسين کان وڌ ڪير ڄاڻندو، ستار جي مستي روي شنڪر جي دل جي ڌڙڪن ڌڙڪندي هوندي ۽ سپرانو سيڪسافون ڪيني جي (Kenny G)جي ڦوڪ جو محتاج هوندو. هينڊ ڊلڪيلڪ خشڪ ۽ ٺوس ساز پيانو مان پيار جا ٻول ٻُرائي، ترڪيءَ جي روايتي سازن ۽ ميلوڊيز کي پوئتي ڌڪي ڇڏيوآهي. تارن وارن سازن مان بينجو منهنجو پسنديده ساز آهي ڇو ته منهنجو والد صاحب بينجو و ڄائيندو هيو. ننڍپڻ ۾ ڪچي اڱڻ تي بينجي جي تارن جي Striking تمام پسند هوندي هئي. مان ماما اعجاز احمد ڀٽيءَ کان گهڻو متاثر هيم جيڪو پڙهيل ڪڙهيل ۽ ٻيلي کاتي ۾ ڊي ايف او هوندو هو. هو هر فن مولا هوندو هو بيڊمنٽن جو زبردست رانديگر، انگريزي دان ۽ ڪيترا ئي ساز وڄائي ڄاڻيندو هيو. اڪثر محفل ۾ ڪوهياري،(Come September) جو ٽائيٽل سانگ ۽ انڊين فلمن جون سدابهار ڌنون ڏاڍيءَ مهارت سان و ڄائيندو هيو، سندس آڱريون بينجي تي بجليءَ جي لهه جيان تڙپنديون هيون. شايد سازن و ڄائڻ ۾ مهارت ۽ رواني هر ڪنهن جي نصيب ۾ نه ايندي آهي. هربينجو وڄائيندڙ بلاول بيلجيم ناهي ٿيندو.       
ڳالهيون کلندي ماڻهوءَ جو من الاءِ جي ڪٿان کان ڪٿي ٿو پهچي. خيال اڏند کٽولي تي کڻي ماضي جي دنيا ۾ وڃي ٿا پهچائين. سو هاڻ پاڻ وري موٽ ٿا کائون ترڪي طرف ته اسان رات جي مانيءَ بعد واپس هوٽل پهتاسين ۽ پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ پهچي، پنهنجن پيارن سان ڳوٺ ڳالهائي، کين سڄي ڏينهن جي مصروفيتن کان آگاهه ڪيوسين ۽ کانئن ڳوٺ جو حال احوال ورتوسي. ترڪيءَ جي نمبر جي موبائل Sim به مون جيان ڪافي دوستن ورتي هئي، جيڪا ۲۵ ليرا ۾ ملي هئي. ترڪيءَ مان پاڪستان موبائل  تي ڳالهائڻ جو خرچ تمام گهڻو پيئي آيو، بهتر اهو سمجهيوسين ته گهر وارن ۽ دوست يارن کي گذارش ڪجي ته شام جي وقت اسان کان پاڻ ئي ڪال ڪري حال احوال وٺن. اسان جي آڇ بري طرح ناڪام ويئي ۽ ٻي ڏينهن جڏهن سمورا دوست گڏياسين ته سڀني جي گڏيل شڪايت اها هئي ته ڪوئي به ڪنجوس ترڪيءَ جي نمبر تي ڪونه ٿو ڳالهائي. هتي ان کان علاوه ٽيليفون بوٿن تي ڳالهائڻ جي سهولت پڻ موجود آهي ۽ ان منجهه استعمال ٿيندڙ ڪارڊ جي قيمت جو ڪاٿو لڳايوسين ته موبائل کان ڪافي سستو پئي لڳو، تنهن بعد اهو فيصلو ڪيوسين ته پاڪستان جي وقت موجب ڪو ٽائم سيٽ ڪري، بوٿ ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪجي. هتي استنبول يونيورسٽيءَ ٻاهران ڪافي بوٿ آهن، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڪال ڪندا هياسين. استنبول يونيورسٽي جو هيءُ ڪيمپس ۱۴۵۳ ۾ وجود ۾ آيو. سندن مقصد آهي ملڪ لاءِ اعليٰ تعليم يافته دماغ/فرد تيار رڪڻ. استنبول يونيورسٽي جي عملي جو انگ ڇهه هزار آهي. انڊر گريجوئيٽ سٺ هزار انڊر پوسٽ گريجوئيٽ اٺ هزار آهن. هونئن ته فيڪلٽيز ۱۷ ۽ ڪيمپس پنج آهن، پر مکيه ڪيمپس هيءَ ئي آهي.
استنبول يونيورسٽي ۾ رومن ۽ بائزنٽائن دور جا آثار پڻ موجود آهن. مين گيٽ نهايت اوچائي تي آهي، ان جو ڦوٽو ۵۰۰ ليرا جي نوٽ تي پڻ ڇاپيو ويو هو. يونيورسٽيءَ سان گڏ ڪپڙن جي هڪ تمام پراڻي بازار آهي. پڙهڻ لکڻ واريءَ ڳالهه هلندي. ياد پيو ته استنبول جي هڪ ناولسٽ اورحان پامڪ جنهن کي نوبل پرائيز ملي چڪو آهي. ان جا ٻه ناول هڪ ”ڪارو ڪتاب“ ۽ ٻيو ”برف“ ورتا اٿم. ڪتابن جي باري ۾ ٻڌائڻ کان اڳ ليکڪ جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ڇو ته هو تمام تڪراري قسم جو ليکڪ رهيو آهي.

اورحان پامڪ
اورحان پامڪ استنبول ۾ جون ۱۹۵۲ع ۾ ڄائو. هي بنيادي طور هڪ افسانه نگار آهي. ترڪيءَ جو هي پهريون خوش نصيب آهي، جنهن کي ۲۰۰۶ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو. هن پهرين مارچ ۱۹۸۲ع تي هڪ تاريخدان ڇوڪريءَ ايلن (Alyin Turegun) سان شادي ڪئي جنهن مان ۱۹۹۱ع ۾ هن کي هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو رويا Ruya رکيو ويو، ترڪيءَ ۾ جنهن جي معنيٰ آهي ”سپنو“، پر هي شادي گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ ۲۰۰۱ع ۾ سندن وچ ۾ طلاق ٿي وئي. ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۰۶ع تي سويڊش اڪيڊميءَ هن لاءِ نوبل پرائز جو اعلان ڪيو. ستين ڊسمبر ۲۰۰۶ع تي هن سويڊش اڪيڊميءَ اسٽاڪ هوم ۾ نوبل ليڪچر ڏنو، جيڪو هن جي مادري ٻولي ترڪي ۾ هيو، جنهن جو عنوان هو ”بابا جي بئگ“ My Fathers Suitcase، ان ۾ هن اولهه ۽ اوڀر جي تهذيبن جي ڀيٽ/اُپٽار ڪئي. پامڪ پنهنجن افسانن۽ ناولن ۾ او ڀر جي لازوال صوفيانه روايتن جي اُپٽار ڪئي آهي. اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ پل اڏڻ جي ڪوشش ڪندڙ هن تڪراري ناولسٽ جي ڪتابن جو پنجٽيهه زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن جي ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1.      يادون هڪ شهر استنبول جون  ( Istanbul, memories of a city)
2.      ڪارو ڪتاب (The black book)
3.      سفيد محل (The white castle)
4.      منهنجو نالو ڳاڙهو آهي (My name is red)   
5.      نئين زندگي (The new life)
6.      برف  (Snow)
پامڪ اسلامي دنيا جو اهو پهريون اديب آهي، جنهن ايران پاران گستاخ رسول سلمان رشدي کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ جي مذمت ڪئي هئي ترڪن جو خيال آهي ته هي ايوارڊ هڪ سياسي رشوت هيو. اورحان پامڪ کي پنهنجي ملڪ خلاف ڳالهائڻ ڪري، جون ۲۰۰۵ع ۾، ترڪيءَ جي آئين جي آرٽيڪل ۳۰۱ تحت سزا ٻڌائي وئي، جنهن موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو ترڪ هوندي به چٽيءَ ريت ترڪيءَ ۽ ان جي اسيمبليءَ جي توهين ڪندو، سو سزا لائق هوندو، جيڪا ڇهن مهينن کان ٽن سالن تائين ٿي سگهي ٿي.
A Person who being a Turk explicitly insults the Republic of Turkish. Grand National Assembly shall be punished by imprisonment of between six months to 3 years.
 پامڪ مٿان چار مهينا پهريان هڪ انٽرويو ڏيڻ جي نتيجي ۾ مٿين قانون جي ڀڃڪڙيءَ جو الزام مڙهيو ويو ۽ کيس ڏوهه جو ڏوهي ڄاڻندي سزا ڏني وئي. ڪيس ته هليو ۽ هلندو رهيو، پر پوءِ به هن جرمنيءَ ۾ تقرير دوران ساڳيا لفظ دهرايا ته ”مان وڏي واڪ چوان ٿو ته پهرين جنگ عظيم دوران  ڏهه لک آرمينائي ۽ ٽيهه هزار ڪرد ترڪيءَ ۾ ماريا ويا آهن“. ۲۹ ڊسمبر ۲۰۰۵ع تي ترڪيءَ جي سرڪاري وڪيلن پامڪ خلاف لڳايل الزام واپس وٺي ڇڏيا. هن قسم جي چوپچا بعد ترڪيءَ جي يورپي يونين ۾ ميمبري پڻ متاثر ٿي. ساڳي وقت ايمنسٽي انٽرنيشنل هڪ بيان جاري ڪيو ته آرٽيڪل ۳۰۱ ختم ڪري پامڪ سميت ڇهن ٻين کي بري ڪيو وڃي. اپريل ۲۰۰۶ع ۾ بي بي سيءَ جي Hard talk پروگرام ۾ پامڪ ڪجهه ٻي ڳالهه ڪري ورتي، ته هن جي قتل عام بابت راءِ ترڪيءَ ۾ اظهار جي آزاديءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هئي، نه ڪي خود قتل عام لاءِ. بهرحال ترڪن جي راءِ موجب َ هي دانشور سنجيده ۽ مخلص ڪو نه آهي. اورحان پامڪ جو ڪتاب ”برف“ هن پنهنجي نياڻي رويا کي ارپيو آهي. هن جو انگريزي ترجمو مارن فريلي (Maureen Freely) ڪيو آهي، جيڪو نيويارڪ مان ڇپيل آهي. سندس ٻيو ڪتاب ”ڪارو ڪتاب“جو انگريزي ترجمو به مارن فريلي ڪيو آهي، جيڪو ترڪيءَ مان ڇپيل آهي. هي ڪتاب هن پنهنجي طلاق ڏنل زال ايلن (Alyin Turegun) کي ارپيو آهي.

اورحان ويلي ڪانڪ  ORHAN VELI KANIK
استنبول اهڙي ئي نالي سان مشابهت رکندڙ هڪ ٻئي اورحان کي به جنم ڏنوآهي، جيڪوهڪ منفرد شاعر هو. سندس پورو نالو اورحان ويلي ڪانڪ(13 April 191414 November 1950)  هو. سندس پيءُ تمام وڏو موسيقار ۽ صدارتي بينڊ (The Presidential Symphony Orchestra) جو ميوزڪ ڪنڊڪٽر هو. ويلي ڪانڪ جي رڳ رڳ ۾ سر۽ لئي سمايل هئي. هي استنبول يونيورسٽي مان فلسفي جي تعليم اڌ ۾ ڇڏي، سرڪاري نوڪري ۾ دا خل ٿيو. هن شروعات ۾ پوسٽل کاتي ۽ پوءِ تعليم کاتي ۾ مترجم طور نوڪري ڪئي. سرڪاري نوڪري هن جي مزاج مطابق ڪون هئي تنهن ڪري هن استعفا ڏئي ڇڏي ۽ بعد ۾ هو freelance مترجم ۽ صحافي ٿيو. اڪثر شراب ۾ ڌت رهندو هو ۽ ڏاڍو مزيدار قسم جو ماڻهو هو. ڪڏهن ڪڏهن طنزومزاح جي پردي ۾ زبردست شاعري ڪري و ٺندو هو. سندس موت ڦوه جواني ۾ ڇٽيهه سالن جي عمر ۾ برين هيمرج ڪري ٿيو هو، پر ان کان اڳ ۾ هو نشي جي حالت ۾ هڪ گٽر ۾ ڪري پيو هو ۽ بستري داخل هو. سندس شاعري بندشن کان آزاد ۽ لفظ لفظ کتل هوندو هو. هن جو آواز، انداز، ترنم ۽ تلفظ تمام بهترين هوندو هو. لفظن جي گهرائي ۽ پرجوش ادائگي ڪو هن کان سکي. هن جديد شاعري جي قدرن ۽ معيارن کي پراثر ڀائيندي آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي. هن جي شاعري سڀني حلقن ۾ يڪسان مقبول آهي. هتي استنبول تي لکيل سندس هڪ شعر ڏيان ٿو جنهن جو عنوان آهي”مان استنبول کي ٻڌي رهيو آهيان“.
I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed:
At first there is a gentle breeze
And the leaves on the trees
Softly sway;
Out there, far away,
The bells of the water-carriers, unceasingly ring;
I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed.
I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed;
Then suddenly birds fly,
Flocks of birds, high up, with a hue and cry,
While the nets are drawn in the fishing grounds
And a woman's feet begin to dabble in the water.
I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed.
I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed:
Still giddy from the revelries of the past,
A seaside mansion with dingy boathouses is fast sleep.
Amid the din and drone of southern winds, reposed,
I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed.
I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed:
A pretty girl walks by on the pavement;
Four-letter words, whistles and songs, rude remarks;
Something falls out of her hands
It is a rose, I think.
I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed.
I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed:
A bird flutters around your skirt;
On your brow, is there sweat? Or not? I know.
Are your lips wet? Or not? I know.
A silver moon rises beyond the pine trees;
I can sense it all in your heart's throbbing.
I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed.
مان اکيون ٻوٽي
استنبول کي ٻڌي رهيو آهيان
پهريان ته نرم و نازڪ هير گهلي ٿي
وڻ جا پن پري ٿي وڃن ٿا      
ڏور گهڻو ڏور
مسلسل گهنڊڻيون و ڄن ٿيون
مان اکيون ٻوٽي
استنبول کي ٻڌي رهيو آهيان 
اوچتو پکي ڦڙڪو ڏين ٿا      
ولرهل مچائي اوچائي تي اڏري هليا وڃن ٿا


ناظم حڪمت
ترڪيءَ جي سارن شاعرن مان جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو ترڪيءَ جي سڃاڻپ بڻيو ته اُهو ناظم حڪمت آهي. جيئري ته هن جي شهريت ختم ڪري کيس جلاوطن ڪيو ويو. شيخ اياز، فيض احمد فيض ۽ پئبلو نرودا جهڙي هن باغي شاعر کي مرڻ بعد ترڪيءَ شهريت واپس ڪئي وئي. ڇا جلاوطنيءَ جي زندگي ۾ اڪيلائيءَ ۾ جهري مرندڙ ملڪي شهريت قبول ڪري سگهي ٿو. سا ڳالهه ترڪيءَ جي حڪمرانن کان ڪير پڇي. ڀلا ماسڪو مان موت جي سرٽيفڪيٽ ملڻ بعد، ترڪيءَ مان سندس لاش کي مستقل شهريت جو ڊوميسائيل بحال ڪرڻ سان ڪو سندس روح راحت محسوس ڪئي هوندي. اهو سڀ ڪجهه هڪ عظيم شاعر جي روح سان مذاق ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ناظم حڪمت جي وارثن ۽ انساني حقن جي تنظيمن اهو اعزاز مدي خارج سمجهي واپس حڪومت جي منهن ۾ ڇو نه هنيو؟ اهو اعزاز ته ميدان حشر جي زينت ٿي سگهي ٿو، جتي نيڪ اعمالن جي ڪتاب ۾ آبرو جي بحاليءَ جي ترميم لاءِ رٿ ذريعي پيش ڪجي ها. ناظم حڪمت ته پنهنجي هيٺين نظم جيان آزاد ٿي چڪو هو.
توهان پنهنجي اکين جوڌيان
۽ پنهنجي هٿن جو چمڪندڙ پورهيو،
ضايع ڪري رهيا آهيو-
۽ ماني ڳڀي لاءِ  پئسن کي مروڙي رهيا آهيو،
جن مان اوهان کي ڪو خاص ذائقو نه ملندو.
اوهان ٻين لاءِ غلام بڻائڻ جي لاءِ آزاد آهيو-
اوهان اميرن کي وڌيڪ امير بڻائڻ جي لاءِ آزاد آهيو-
جنهن گهڙي اوهان ڄاوا هئا،
انهن اوهان جي چوڌاري ملون لڳايون هيون-
جيڪي ڪوڙ گهڙينديون هيون-
اهڙا ڪوڙ جيڪي اوهان کي ساري عمر ياد رهندا-
توهان پنهنجي زندگي جي آزاد لمحن ۾ سوچيندا رهندا
اوهان پنهنجي عبادت خاني ڏانهن آ ڱر کنئي
آزاديءَ سان، آزاد ضمير سان
توهان پنهنجي وطن سان پيار ٿا ڪريو
جيڪو توهان جي دل جي ويجهو آهي
جيڪو اوهان جي لاءِ ڏاڍو قيمتي آهي
اهي ان کي آمريڪا کان به بهتر سمجهي سگهن ٿا
۽ توهان پڻِ-
اوهان پنهنجي عظيم آزاديءَ سان
اوهان کي اها پڻ آزادي آهي ته
اوهان ڪنهن ٻئي جي لاءِ هوائي اڏو بڻجو
اوهان اها دعوي ڪري سگهو ٿا ته
هر ڪنهن کي جيئڻ جو حق آهي
نه ڪنهن اوزار وانگر نه ڪنهن عدد وانگر
يا ڪنهن ڳنڍيندڙ شيءِ وانگر
پر هڪ انسان وانگر
تنهن ڪري اهي ڪنهن موڙ تي
اوهان کي هٿ ڪڙيون پارائن ٿا
اوهان گرفتار ٿيڻ جي لاءِ آزاد آهيو
اوهان جيل وڃڻ  لاءِ آزاد آهيو
۽ ايستائين جو اوهان
ڦاهيءَ چڙهڻ لاءِ به آزاد آهيو.
You waste the attention of your eyes,
the glittering labour of your hands,
and knead the dough enough for dozens of loaves
of which you’ll taste not a morsel;
you are free to slave for others–
you are free to make the rich richer.
The moment you’re born
they plant around you
mills that grind lies
lies to last you a lifetime.
You keep thinking in your great freedom
a finger on your temple
free to have a free conscience.
Your head bent as if half-cut from the nape,
your arms long, hanging,
your saunter about in your great freedom:
you’re free
with the freedom of being unemployed.
You love your country
as the nearest, most precious thing to you.
But one day, for example,
they may endorse it over to America,
and you, too, with your great freedom–
you have the freedom to become an air-base.
You may proclaim that one must live
not as a tool, a number or a link
but as a human being–
then at once they handcuff your wrists.
You are free to be arrested, imprisoned
and even hanged.
There’s neither an iron, wooden
nor a tulle curtain
in your life;
there’s no need to choose freedom:
you are free.
But this kind of freedom
is a sad affair under the stars.
ترڪيءَ ناظم حڪمت (۱۹۶۳-۱۹۰۲ع) کي مارڪسي نظريي جو پوئلڳ هجڻ جي سزا ڏني. هي واحد شاعر هيو، جنهن کليل لفظن ۾ آمريڪا جي داداگيرين کي ننديو. هي سترهن سال جيلن ۾ رهيو. سندس پي خارجه کاتي ۾ ملازم هيو، جنهن ٻڏل پراجيڪٽن ۾ پئسا لڳائي پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو. جڏهن هن استنبول ۾ ڌنڌو شروع ڪيو ته سندس ڏيوالو نڪري ويو. هو ۱۹۰۹ع ۾ خارجه کاتي ۾ ترجمان مقرر ٿيو. آخر ۾ هو سينما جو مئنيجر ٿيو ۽ ۱۹۳۲ ۾ گذاري ويو. ناظم حڪمت استنبول ۾ پڙهيو ۽ بعد ۾ بحري جنگ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان خراب صحت ڪري ڪڍيو ويو. هن ماسڪو يونيوريٽي ۾ سوشيالاجي ۽ اقتصاديات پڙهيو ۽ ۱۹۲۰ع ۾ ترڪش ڪميونسٽ پارٽي جوائن ڪئي.۱۹۲۸ع ۾ هي ترڪيءَ موٽيو ۽ اخبارن، رسالن۾ لکڻ شروع ڪيائين. ان سان گڏ فلم اسڪرپٽ ۽ ڊراما پڻ لکيائين. کيس جيل موڪليو ويو پر ۱۹۳۵ع ۾ کيس معافي ڏني وئي. ۱۹۳۸ع ۾ وري کيس اٺاويهه سال چار مهينن لاءِ جيل موڪليو ويو ۽ هي مختلف جيلن۾ رهيو.هتي هن ٻي شادي ڪئي. ۱۹۵۰ع ۾ بين الاقوامي دٻاءَ، احتجاجن تحت هن کي آزاد ڪيو ويو ۽ هي ٻيڙيءَ رستي ملڪ مان ڀڄي جان بچائي ويو. هن جي شهريت رد ڪئي وئي ۽ هن سوويت يونين ۾ پناه ورتي. هتي هن جي ملاقات امن جي نوبل پرائز يافته شاعر پئبولو نرودا سان ٿي. بعد ۾ هي صوفيه،  وارسا ويو پر پوءِ هن ماسڪو ۾ مستقل رهائش ا ختيار ڪئي. دل جي عارضي ۽ ڊاڪٽرن جي منع باوجود هن آفريڪا، چين ۽ ڪيوبا جو سفر ڪيو ۽ ڪافي عرصو پئرس، روم ۽ پراگ ۾ گذاريو. هن ماسڪو ۾ ٽين شادي ڪئي، جتي ۳ جون ۱۹۶۳ع هن وفات ڪئي. کيس هتي ئي دفنايو ويو.
ڊراما نويس جي حيثيت ۾ هن ٿيٽر جي دنيا ۾ کلبلي مچائي ڇڏي.مارڪس نظريي مان متاثر ڊرامن هن کي سوويت يونين ۽ ٻين ڪميونسٽ ۽ سوشلٽ ملڪن ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو. ۱۹۳۲ع ۾ مڊل ڪلاس فيملي جي منافقت ۽ لالچ تي لکيل سندس هڪ ڊرامي فوتيءَ جو گهرThe House of the Deceased تمام گهڻي شهرت ماڻي.
سندس هي شعر پنهنجي نوعيت جو ڪيڏو نه بهترين شعر آهي:
اي منهنجا معالج
تون ڇاٿو سمجهين
منهنجي بيماري جو سبب
سگريٽ نوشي ۽ اوجاڳا آهن
ته،
نا انصافي جي پيرن سان
چٿجندڙ دنيا جي درد
مونکي عليل ڪري ڇڏيو آهي


No comments:

Post a Comment