Sunday, December 02, 2012

شال سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن - عبدالمجيد مغيري


شال سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن....
عبدالمجيد مغيري
هاري نانءُ آهي ان عظيم هستي جو جيڪو صدين کان بکن ڏکن ۽ سورن ۾ زندگي جا ڏينهڙا گهاري، پنهنجو رت ست سڪائي پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي جياپي سک ۽ آرام لاءِ ڏينهن رات جيءَ سان جاکوڙ ڪري رهيو آهي. صدين کان سندس اها جاکوڙ جاري ساري آهي. سنڌ جي اهڙن محنت ڪندڙ محنتي مثالي هارين آبادگارن سان ڪجهه گهڙيون گڏ ويهي هڪ محبت واريون ڳالهيون ۽ پوکن جي پچار ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن پهرين مان حيدرآباد کان ضلع شهيد بينظير آباد جي مرڪزي مک شهر نوابشاهه ڏانهن روانو ٿيس.


ويگن جيئن ئي شهر جي دونهاٽيل گدلاڻ ڀريل ماحول کان نڪري حيدرآباد جي باءِ پاس کان اڳتي وڌي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي مان بند شيشن کان کيتن ڏانهن نهاريندو رهيس. ساوڪ ئي ساوڪ هئي، سرهاڻ ئي سرهاڻ هئي، هر پاسي کان سونهن جو سنسار هو. هاري ۽ آبادگار محنت ۾ مصروف هئا. ڪٿي تازي پوکيل ڪڻڪ جا ننڍڙا ڪچڙا سلا پنهجي ڌرتي ماءُ  جي هنج ۾ ننڍڙي پتڪڙي ٻار جيان مٺي مرڪ مرڪي کلي رهيا هئا ڪٿي ڪڻڪ پوکڻ لاءِ اڃان زمين کي مانجهي مڙس مٿير هر هلائي زمين جي تياري ۾ مصروف هئا.ڪٿي انبن جا باغ، ڪٿي ڪيلن جون قطارون هيون. ڪٿي ڪمند جو فصل پنهنجي ڦوهه جواني کي پهچي کليل سهڻي ڌرتي جي سلامتي ڪري رهيو هو، وونئڻن جا ساوا ساوا وڏا وڏا ٻوٽا ٽڙندڙ ڦٽيون پري پري تائين اڇاڻ ئي ڇاڻ هئي. دل ئي دل ۾ کيتن جون خبرون ڳوٺاڻن جون ڳالهيون دل جي خانن ۾ سانڍيندو وڃي نواب شاهه پهتس. جتي پريتم آباد جو آبادگار ۽ استاد فقير منظور مري منهنجو انتظار ڪري ڪري رهيو هو. ڪئين سال پهرين مون نواب شاهه شهر کي ڏٺو هو. اڄ نواب شاهه شهر گهڻو تبديل ٿي چڪو آهي. بس هڪ عاليشان رنگن روشنين جو شهر بڻجي ويو، ڪشاده روڊ رستا، زندگي جاڳ ڀاڳ سان روان دوان ۽ هر پاسي کان رونق ئي رونق هئي. منهنجي دوست فقير منظور مري شهر جي رونقن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هي سڀ ڪجهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي موجوده جمهوري حڪومت جون مهربانيون آهن. نوابشاهه شهر جون خوبصورتيون ڪجهه گهڙيون پسڻ کانپوءِ اسان ٻئي دوست بس ۾ ويهي ڄام صاحب ڏانهن روانا ٿياسين.جتي شهيد سيد اصغر علي شاهه المعروف سخي ڄام ڏاتارجي عرس مبارڪ جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون شروع هيون. اسان جڏهن دعا گهرڻ لاءِ درگاهه تي پهتاسين. شهيد سيد اصغر علي شاهه المعروف سخي ڄام ڏاتار جي درگاهه کي خوبصورت بڻايو ويو آهي. فقير منظور مري ٻڌايو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ايم اين اي ادي فريال ٽالپر هي سڄو ڪم ڪرايو آهي. درگاهه جي حاضري ڀري اسان زرعي نمائش جي اسٽال تي پهچي ڪڻڪ ۽ ٻين جنسن جون نيون رکيل جنسون ۽ ٻوٽا ڏسي رهيا هئاسين ته ان وقت ڊپٽي ڪمشنر رشيد احمد زرداري ضلع شهيد بينظير آباد بنا ڪنهن پروٽوڪول جي چند آفيس جي ماڻهن سان گڏ زرعي نمائش جو معائنو ڪرڻ پهتو.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر رشيد احمد زرداري سنڌ جي آباگارن کي پيغام ڏيندي چيو ته سهڻي لطيف سرڪار رح سچل سائين، قلندر ڪبريا، سخي ڄام ڏاتار ٻين لکين الله وارن اوليائن بزرگن ۽ درويشن جي دعائن سان سنڌ سونهاري جي سرزمين صدين کان سرسبز شاداب ۽ آباد رهندي اچي ٿي. شال هميشه سونهن ساوڪ ۽ سرهاڻ سان سينگاريل سنواريل رهي. اسان ٻئي دوست اسڪوٽر تي سوار ٿي ڄام صاحب کان قديمي ڳوٺ پريتم آباد ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪيو جيڪو ضلعي سانگهڙ جي حدن ۾ آهي. فقير صاحب  ٻڌايو ته ورهاڱي کان پهرين اسان جي ڳوٺ پريتم آباد جو نالو پرتم داس هيو. ان زماني ۾ هن سنڌ شگر مل مهتا نگر جي نالي سان ڪمند پيڙهڻ جي مل هئي. جيڪا ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي شگر مل هئي.
ميرپورخاص کان شگر مل تائين ريلي جي پٽڙي ٺهيل هئي. ريل رستي ڪمند مل تائين پهچائي يوندي هئي. کنڊ به ريل رستي ميرپورخاص تائين پهچائي ويندي هئي. اڄ به پريتم آباد ۾ ان تاريخي شگر مل جا آثار ٺل گيٽ ۽ کنڊ سانڍي رکڻ وارن گودامن جا چٽا نشان موجود آهن. مل جو مالڪ سيٺ پريتم داس هو. جنهن جي نالي سان هي ڳوٺ آباد هو. جڏهن ورهاڱو ٿيو ته سيٺ پريتم داس لڏي هندستان هليو ويو. پويان ايشيا کنڊ جي وڏي سنڌ شگر ملڪ مهتا نگر جو زوال ٿيو. بعد ۾ هي قديمي ڳوٺ پريتم داس بدران پريتم آباد جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
اسان جوئر جي ماني سان مکڻ ۽ لسي پاڻي پي ان ئي علائقي ۾ محنتي ۽ مثالي آبادگار جي حوالي سان وڏي مشهوري ماڻيندڙ آبادگار رئيس علي اڪبر شر جي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين. جتي زرعي ڪچهري ڪرڻ جو پروگرام رکيل هو. ڪجهه سفر ڪرن کانپوءِ اتي پهتاسين ته اوطاق ۾ آبادگارن ۽ هاري ڀائرن ۾ ڄڻ ڪي ميلو متل هو. ڳوٺ فقير جي کوهي کان تعليمي ماهر قلمڪار غلام نبي چانيهون، سانگهڙ جو ناليوارو برک آبادگار منصور نظاماڻي جنهن لاءِ مشهور آهي ته منصور جي اندر ۾ هڪ زرعي يونيورسٽي سمايل آهي. زرعي تجربا ڪري پنهنجي فصلن مان رڪارڊ پيداوار کڻي رهيو آهي. علائقي جو زرعي ماهر خادم حسين مري ۽ ٻيا ڪيترائي هاري آبادگار زرعي ڪچهري ۾ اچي گڏ ٿيا.
زراعت جون ڳالهيون محنت ڪرڻ جون ڳالهيون. چوپايو مال جي ڀلن نسلن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. زرعي مسئلن جو به ذڪر فڪر ٿيو.
استاد ۽ سگهڙ فقير منظور مري پنهنجي نرالي انداز سان شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جا بيت پڙهي ڪچهري جي سونهن کي سوايو ڪندو رهيو. ڪچهري دوران مون رئيس علي اڪبر شر ۽ منصور نظاماڻي کان سوال ڪيو ته اوهان لاءِ مشهور آهي ته اوهان پنهنجن فصلن مان وڌ کان وڌ في ايڪڙ پيداوار کڻندا آهيو. آخر اوهان وٽ اها ڪهڙي ٽيڪنالاجي آهي جو هن علائقي جي ٻين آبادگارن کان ٻيڻ تي وڌيڪ پيداوار کڻي سوڀارا ٿيندا آهيو؟
رئيس علي اڪبر شر منهنجي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته سائين چوڻي آهي تهل کيتي، سر سيتي. جيستائين ٻنهي ٻاري سان پنهنجو نينهن ۽ ڏينهن رات جو لاڳاپو هر ويل جو اونو نه رهندو تيستائين گهڻي پيداوار حاصل ڪرڻ ڏباڍو ڏکيو آهي. مان فقط پنجاهه ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍو آبادگار آهيان. تنهن هوندي به دعويٰ سان چوان ٿو ته سوين ايڪڙ رکندڙ آبادگارن کان وڌيڪ خوش زندگي گذاريان ٿو. ڇو ته مان پنهنجي ٻني سان پنهنجن فصلن سان پنهنجي مال سان پيار ڪندو آهيان. پاڻ پنهنجي سر هاري بڻجي محنت ڪندو آهيان. رئيس علي اڪبر شر ٻڌايو ته مان هر ٻئي ٽئين سال پنهنجي زمين جي مٽي ليبارٽرين ۾ چيڪ ڪرائيندو آهيان. جيڪا رپورٽ ملندي آهي پوءِ ان رپورٽ تحت پنهنجي زمين ۾ وجهندو آهيان. زمين جي تياري دوران اونها ۽ گهاٽا هر ڏيڻ ۽ زمين جي سنوت ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي. زمين جي تياري لاءِ پنهنجو ٽريڪٽر آهي. زمين کي کيڙي ڪرڻ لاءِ سڀني هر موجود آهن. زمين جي سنوت لاءِ به مشين آهي. پوکي سفارش ڪيل وقت تي ڪرڻ سفارش ڪيل وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ جنسون پوکڻ هن چيو ته مان ڪڻڪ توڙي وونئڻن جون هڪ کان وڌيڪ جنسون پوکي تجربو ڪري ڏسندو آهيان. جيڪا جنس وڌيڪ پيداوار ڏيندي آهي پوءِ آئندا پوکي لاءِ پنهنجي ئي پوکيل وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ جنس جو نج ٻج سانڍي رکندو آهيان. ڪيميائي ڀاڻ ۷ پاڻي سفارشون ڪيل ٽائيم تي ۽ ضرورت مطابق ڏيڻ فصل جي جيتن ۽ بيمارين تي نظر رکڻ رئيس علي اڪبر ٻڌايو ته مان پنهنجي زرعي ڄاڻ ۾ اضافو ڪرن لاءِ زرعي ماهرن کي به پنهنجو دوست بڻائي انهن سان ميل ملاقاتون ڪري زرعي ڄان وٺندو آهيان. هن وقت ڪجهه اخبارون به زراعت بابت زرعي صفحا ڪڍي رهيون آهن. خاص ڪري روزاني عبرت اخبار جي زرعي صفحي کيتي سر سيتي ۾ زراعت بابت اهي زرعي معلومات پڙهڻ لاءِ آبادگارن کي گهر ويٺي ملي رهي آهي. ان کان علاوه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ زرعي پروگرام ڪافي سالن کان تقريبن روزانو ٻڌندو آهيان. هن وقت ۳۰ ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکي ڇڏيم. جنهن کي هڪ هفتو ٿيو آهي ۽ باقي ۲۰ ايڪڙ پاڇاٽي پوکي آهي. جنهن لاءِ به زمين جي تياري وارو ڪم تقريبن مڪمل ڪري ڇڏيم. ريج کانپوءِ جيئن ئي زمين صحيح وٽ ۾ ايندي ته هر ۽ سانهر ڏيئي ڪڻڪ جي ناڙي ڪندس.  آڳاٽي پوکي ۾ ڪڻڪ جون ٽي جنسون ٽي ڊي ۱، سڪرنڊ ۱، سرسبز ۽ ٿورو نيان وارن جي تيار ڪيل جنسن نيا سنهري به پوکيم ۽ پاڇاٽي پوکي لاءِ به جنسون پوکيندس هڪ ڪرن ۽ ٻي جنس آهي ٽي جي ۸۳، ڪچهري ۾ سانگهڙ ضلعي مثالي آبادگار جي نالي سان مشهور اعليٰ تعليم يافته نوجوان آبادگار منصور نظاماڻي ٻڌايو ته في ايڪڙ تي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي زمين تي مختلف فصلن جي  جنسن جي پيداوار واري سگهه جي خبر پوي ٿي. منصور ٻڌايو ته مان سنڌ جي زرعي تحقيقاتي ادارن مان تيار ٿيل زرعي جنسون پوکڻ سان گڏوگڏ ٻاهران ايندڙ جنسون به تجربو ڪندو آهيان. جيئن ئي ڪچهري جي پڄاڻي ٿي ته رئيس علي اڪبر شر ۽ منصور نظاماڻي ڪار ۾ ۽ اسان ٻئي دوست اسڪوٽر تي سوار ٿي منڍ جمڙائو رستي اڇڙي ٿر جو سير ڪرن لاءِ روانا ٿياسين. رئيس علي اڪبر شر جي ڳوٺ کان منڍ جمڙائو تقريبن چاليهه ڪلوميٽر جو پنڌ هو. جڏهن اڇڙي ٿر جي ڀٽن کي ويجها ٿياسين ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڀٽن جي ڀر ۾ ٻٽن تي ڳاڙها ٽوهه ڍير پيا هئا. هر پاسي کان نيڻ نهار تائين ڳاڙهن ٽوهن سان ڍڪيل ڌرتي لالاڻ جو ڏيک ڏيئي رهي هئي. اڇڙي ٿر جي ڀٽن ۾ داخل  ٿيندي ئي لاهين چاڙهين تان چڙهندي لهندي اڳتي وڌندا وياسين. گس گهمدا آبادگار اوطاق تي پهتاسين. رئيس علي اڪبر شر ۽ منصور نظاماڻي اسان کان پهرين پهچي چڪا هئا. ناري جي تاز مڇي ماني کائي اسان ٻنهي دوستن رئيس علي اڪبر ۽ منصور کان موڪلاڻي ڪئي.
اسان جڏهن واپس اچي رهيا هئاسين ته شام ٿي چڪي هئي. سج کي ويجهو کان پسڻ لاءِ مون پنهنجي دوست فقير منظور مري کي اسڪوٽر تيز هلائڻ لاءِ چيو. اسان اوڀر کان اولهه طرف تيز رفتار سان سج ڏانهن اسڪوٽر کي ڊوڙائيندا آياسين. رات جو دير سان قديمي ڳوٺ پريتم آباد پهتاسين. صبح ٿيو ته کڏڙو، کڏڙي کان سانگهڙ ۽ سانگهڙ کان جهول رستي سان حيدرآباد پهتس.

No comments:

Post a Comment