ايئرڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟
الطاف شيخ
انسان کڻي
ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي پر هو پنهنجي پيءُ جي اڳيان هميشه ٻار رهي ٿو. ماڻهوکڻي سٺ سالن
جو ٿي وڃي پر سندس ماءُ ۽ پيءُ هن کي نصيحتون ڪندا رهندا، گرمي ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ چوندا
وتندا. خيال سان گاڏي هلائڻ ۽ وقت تي ماني کائڻ لاءِ چوندا رهندا. مون ۽ منهنجي ڀاءُ
انجنيئرنگ پڙهي پر اسان جي والد صاحب منهنجي ڀاءُ کي پنهنجي اباڻي ڌنڌي، ٻني ٻاري سان
لڳايو ۽ هو وقت سان گڏ ان ڪم ۾ ماهر ٿي ويو پر آخر تائين بابو هن کي سمجھائيندو آيو
ته فصل ۾ گاهه نه ٿيڻ کپي، ٻج ۽ ڀاڻ صحيح پيو وٺين يا نه ۽ ڪيترا دفعا ته پاڻ اچي پنهنجي
اڳيان انبن جي چڪين جي گرافٽنگ ڪرائيندو هو، اهو سوچي ته سندس پٽ ٻار آهي، خبر ناهي
سمجھه ۾ اچيس يا نه. جيتوڻيڪ تڏهن به ۽ اڄ جي دور ۾به ٻار وڏن کان گهڻو هوشيار آهن.
ڪمپيوٽر ۾ اسان ايترا ماهر نه آهيون، جيترا اسان جا پوٽا ڏوهٽا.
بهرحال آئون تڏهن جي ڳالهه ٿو ڪريان، جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ هئنڊ پمپن جي
جاءِ تي اليڪٽرڪ جا پمپ لڳي رهيا هئا، جن ذريعي زمين مان پاڻي ڇڪي مٿي ٽانڪيءَ کي ڀريو
ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ آئون لنڊن ۾ پنهنجي جهازسازي (مئرين انجنيئرنگ) جي سبجيڪٽ جو
آخري امتحان ڏئي جهازَ جو چيف انجنيئر ٿيو هوس ۽ ڇهه مهينا کن نارٿ سي ۽ هندي وڏي سمنڊ
جي ڏهاڪو کن بندرگاهن جي مسافري (voyage) مڪمل ڪري ڪراچيءَ پهتو هوس. ملڪ کان ٽي سال
کن يڪو ٻاهر رهيو هوس، سو هاڻ مهيني جي موڪل تي ڳوٺ آيو هوس.
پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي هڪ ڳالهه لکندو هلان ته مئرين انجنيئر يعني
پاڻيءَ جي جهازن وارو انجنيئر هڪ مڪينيڪل، اليڪٽريڪل ۽ ريفريجريشن انجنيئر جو مڪسچر
ٿئي ٿو، فرق فقط اهو آهي ته مٿين انجنيئرن جو فقط لکت پڙهت يعني ٿيوري تي زور رهي ٿو
پر مئرين انجنيئر پريڪٽيڪل ڪم کان جان بچائي نٿو سگهي، جو سمنڊ تي جهاز خراب ٿيڻ جي
صورت ۾مئرين انجينئر کي، بنا ڪنهن ورڪشاپ جي مدد جي، پاڻ ئي صحيح ڪرڻو پوي ٿو. هن کي
ڏينهن رات لڳاتار ڪم ڪري اهو نقص دور ڪرڻو پوي ٿو، ٻي صورت ۾ انجڻ جي بند ٿيڻ تي جهاز
سامونڊي لهرن ۽ هوائن جي رحم و ڪرم تي رهي ٿو ۽ تباهه ٿي سگهي ٿو. وڏي حادثي جي صورت
۾ به جهاز کي هلڻ جوڳو ڪري گهٽ ۾ گهٽ ڀر واري بندرگاهه تائين پهچائڻو پوي ٿو. اهوئي
سبب آهي جو اسان (مئرين انجنيئرن) کي ويلڊنگ ۽ ليٿ مشين جو ڪم به سکڻو پوي ٿو، جيئن
ڀڳل پرزي کي، عارضي طور تي ٺيڪ ڪري سگهون.
تعليمي اداري مان ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ ورڪشاپ مان ٻه سال کن apprenticeship مڪمل ڪرڻ بعد مئرين انجنيئر هڪ جونيئر انجنيئر جي
حيثيت سان جهاز تي چڙهي ٿو. هر جهاز تي سندس
سائيز مطابق جونيئر انجنيئر کان چيف انجنيئر تائين اٺ ڏهه کن مئرين انجنيئر ٿين ٿا.
هڪ جونيئر انجنيئر لڳاتار نوڪري ڪندو رهي ۽ وقت تي امتحان پاس ڪندو رهي ته ڇهن ستن
سالن ۾ چيف انجنيئر ٿيو وڃي. هر امتحان کان اڳ هن کي ۲۱
مهينا جهاز هلائڻو پوي ٿو.
چيف انجنيئر جو ته ڪو به سليبس مقرر ناهي. هن کي هر قسم جي انجڻ، مشين، پمپ، بئالر
جي چڱي طرح ڄاڻ هجڻ کپي، جو هر جهاز تي مختلف قسم جي مشينري ٿئي ٿي، جنهن کي هلائڻ
۽ صحيح رکڻ جي جوابداري چيف انجنيئر جي آهي.
بهرحال آئون چيف انجنيئر ٿيس ۽ ان بعد ڇهن مهينن کن جو ڊگهو سامونڊي سفر
خير خوبيءَ سان ڪري گهر پهتس. جهاز کڻي نئون هجي يا پراڻو، سندس انجڻيون ڏينهن رات
هلن ٿيون، جن ۾ ٽيهارو کن مختلف پمپ، ٽي يا چار وڏا جنريٽر، بئالر، ايوپريٽر، پيوريفائر،
ريفريجريشن پلانٽ وغيره ۽ انيڪ مشينون اچي وڃن ٿيون ۽ سمنڊ تي اهو ڏينهن خالي نٿو رهي،
جنهن ۾ ڪو maintenance جو يا ڀڃ ڊاهه کي صحيح ڪرڻ
جو ڪم نه هلندو هجي. جهاز جا سمورا انجنيئر چيف انجنيئر سميت، ڏينهن رات ڪم ۾ مشغول
رهن ٿا.
توهان سمجھي ويا هوندا ته مئرين انجنيئر، خاص ڪري جهاز جي چيف انجنيئر
کي مشين جي ڪيڏي ڄاڻ ٿئي ٿي ۽ هو انهن کي ٺيڪ ڪري هلڻ جوڳو بنائڻ لاءِ ڪيڏو ڪم ڪن ٿا.
آئون جڏهن پهريون دفعو چيف انجنيئر جي عهدي دوران جهاز تي sail ڪري ڳوٺ
پهتس ته تقريباً سڄي پاڙي مان هئنڊ پمپ غائب ٿي ويا هئا. انهن جي جاءِ تي اليڪٽرڪ پمپ
هئا. اسان جي گهر ۾ به پمپ لڳل هو، جيڪو ٻئي ڏينهن پاڻي ختم ٿيڻ تي منهنجي پيءُ آن
ڪيو. پمپ پاڻي نه ڇڪيو ته بابا پريشان ٿي ويو. آئون اٿيس ته بابا مونکي جھليو ته،
”مستريءَ چيو آهي ته پاڻي نه ڇڪڻ جي صورت ۾ ان ۾ پاڻي وجھجو.“ ۽ پاڻ ٻه ٽي ڪَريون پاڻيءَ
جون ڀري ان ۾ وڌيون پر پمپ ڪم نه ڪيو. آئون سمجھي ويس ته پمپ صحيح طرح Prime نه پيو ٿئي، ٿي سگهي ٿو Gland packing کي ٽائيٽ
ڪرڻ جي ضرورت هجي. بهرحال اها ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي پر بابا مونکي هٿ لائڻ نٿي ڏنو.
هن جو اعتماد ڳوٺ جي مستري عبداللطيف انصاريءَ ۾ هو، جنهن هي پمپ فٽ ڪيو هو. مونکي ان جي دڪان تي بازار
موڪليائون، مونکي کل به اچي رهي هئي ته گذريل ڇهه ست سال سمنڊ تي اهي ئي ڪم ڪندو رهيو
آهيان پر منهنجي پيءُ کي ڪهڙي خبر؟ هو ته مونکي اڃان به ٻار ٿو سمجھي. بهرحال مستري
عبداللطيف جي دڪان تي ويس پر هو نماز تي ويل هو،گهر آيس ته بابو به مسجد ۾ هو. پاني
سان پمپ جي Gland پئڪنگ ٽائيٽ ڪري پاڻي مٿي چاڙهيم.
پاڙي ۾ رهندڙ مون کان ٽي سال کن ننڍي ڪزن ڪئپٽن رشيد ابڙو کي کلندي چيم ته بابا کي
جي بحري جهاز ۾ سفر ڪرڻو پوي ۽ ان جو ڪئپٽن تون ۽ چيف انجنيئر آئون هجان ته هو پڪ اهو
چئي ان جهاز ۾ هلڻ کان انڪار ڪندو ته هي ڪالهوڪا ٻارَ سمنڊ تي هيڏو وڏو جهاز هلائي
به سگهندا يا نه.
جهاز جي انجنيئر (مئرين انجنيئر) جو اهو به ڪم آهي ته جهاز جو ايئرڪنڊيشن
سسٽم ۽ ڪولڊ اسٽوريج صحيح رکي. جهاز تي گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن جو راشن رکڻو پوي ٿو. ذبح
ٿيل سوين ڪڪڙين کان علاوه پنجاهه کن ٻڪريون، رڍون ۽ ڪجهه ڍڳيون به کنيون وڃن ٿيون،
سي به ذبح ٿيل ۽ کل لٿل. ان کان علاوه ڪافي مقدار ۾ مڇي ۽ ميوو پڻ رکڻو پوي ٿو. مئرين
انجنيئرنگ جي شاگرد کي ايئرڪنڊيشن ۽ ريفريجريشن بابت تفصيلي تعليم ڏني وڃي ٿي، ته جيئن اسان ان سامان کي اهڙي حالت ۾ رکون جو خراب
نه ٿئي. اهي ڪمرا جن ۾ فروٽ ۽ ڀاڄيون رکيون وڃن ٿيون، انهن جي ٿڌاڻ اهائي رکندا آهيون،
جيڪا گهرو ريفريجريٽر ۾ ڀاڄين جي خاني ۾ هوندي آهي، يعني واڌو ۵ ڊگريون. ان کان علاوه اهڙي
ڪمري ۾ Exhaust پنکي جو هلڻ ضروري آهي جو ڀاڄيون
۽ ميوا ڪاربن گئس خارج ڪن ٿا. مڇيءَ کي صحيح رکڻ لاءِ لڳاتار ڪاٽو ويهه ڊگريون ۽ گوشت
لاءِ ڪاٽو ڏهه ڊگريون ٿڌاڻ قائم رکي وڃي ٿي ۽ اها رڪارڊ خاطر هر چئن ڪلاڪن بعد نوٽ
ڪئي وڃي ٿي. ان معاملي ۾ هڪ ڳالهه جيڪا اهم آهي ۽ گهر جي ڀاتين کي ڄاڻ هئڻ کپي، اها
هيءَ ته فريزر مان اوترو گوشت ڪڍجي، جيترو ان ڏينهن رڌڻو هجي. ان ڪري حساب مطابق ٿيلهيون
ٺاهي رکجن. هڪ دفعو فروزن گوشت کي ٻاهر ڪڍي نارمل ٽيمپريچر تي آڻڻ بعد ان کي وري ٻيو
دفعو فريز نه ڪجي. ڇو جو ٻئي دفعي فريز ڪرڻ سان ان مان وٽامن ۽ پروٽين ختم ٿيو وڃن.
پر اسان وٽ اڪثر اها پرئڪٽس رهي ٿي ته هر دفعي گوشت يا قيمي جي پيالي کي روم ٽيمپريچر
تي آڻي، ضرورت جيترو گوشت ڪڍي، باقي کي وري فريز ٿيڻ لاءِ رکيو وڃي ٿو. ٻيو ته ٺهيو
منهنجي زال جيڪا شاديءَ بعد ۸ سال کن مون سان گڏ جهاز تي رهي ۽ ڏسندي رهندي هئي ته
ان معاملي ۾ اسين ڪيڏو خبرداريءَ کان ڪم وٺندا هئاسين، اها به گهر ۾ ساڳي غلطي ڪندي
رهي ٿي. منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي چوندو آهي ته ”هٰذا قومً جاهلون
“يعني منهنجي زال جا هي ڪم ڏسي نه پر اسانجي ملڪ جي ٽي وي تي ڪنهن ڪمپني جي ايئرڪنڊيشنر
جو اشتهار ڏسي، جنهن ۾ اشتهار ۾ ڏيکاريو ويندو آهي ته اهو ايئرڪنڊيشنر ڪمري کي اهڙو
ته ٿڌو يخ بنائي ٿو جو ان جو سئچ آن ڪرڻ کان اڳ هڪ ڇوڪرو ڪوٽ سئيٽر پائي، مٿي تي گرم
ٽوپي ۽ ڳچيءَ کي مفلر سان ڍڪي ٿو ۽ پوءِ ايئر ڪنڊيشنر جو سئچ آن ڪري ٿو، جيئن ئي ايئرڪنڊيشنر
هلي ٿو ته هو ڏڪندي وات مان ’سي سي‘ جا آواز ڪڍي ٿو، ڄڻ برف باري ٿي رهي هجي! اسان
وٽ اها سوچ آهي ته ايئرڪنڊيشنر اهڙو ٿڌو هجي، جهڙو سخت سيارو. اونهاري ۾ ڪوٽ سئيٽر
پائي ايئر ڪنڊيشنر هلائڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ڪيترا ماڻهو ۹
يا ۱۰
تي ٿرمو اسٽئٽ رکي پوءِ سوڙون
پائي ٿا سمهن! انگريز به اسانجا اهي ڪم ڏسي منهن مٿو پٽيندا هوندا!
ايئرڪنڊيشنر جو ڪم سيارو آڻڻ ناهي. بس ٿوري گهڻي ٿڌڪار ضرور ڪري، جيڪا
۲۶ ڊگرين
تائين محدود رکي وڃي ٿي. ڇو جو سنڌ جي اونهاري واري گرميءَ ۾ ڪمري کي گهڻو ٿڌو ڪري
پوءِ ٻاهر نٽهڻ اس ۾ نڪرڻ سان ماڻهو بيمار ئي ٿئي ٿو. آمريڪا جي رياست ٽيڪساز جي موسم
به سنڌ ۽ ملتان جهڙي آهي پر آئون آمريڪا جي انهن رياستن ۾ ڏسندو آهيان ته آفيس توڙي
گهرن ۾ ۲۵ يا
۲۶ ڊگرين
تي ٿرمو اسٽئٽ set ڪيو وڃي ٿو. ايئرڪنڊيشن جو مطلب اهو ناهي ته ڪو ڪمري
کي ڪولڊ اسٽوريج ٺاهجي، جنهن ۾ دفن ڪرڻ کان اڳ مردا رکيا وڃن، پر ايئرڪنڊيشنر جو ڪم
آهي ڪمري جو ٽيمپريچر سيبائجندڙ بنائڻ، يعني ۲۵
يا ۲۶
ڊگريون ڪافي آهي. دراصل ايئرڪنڊيشنر
جا اهم ڪم آهن:
۱. هوا کي فلٽر ڪرڻ، ڌوڙ، دونهين ۽ جراثيم کان پاڪ ڪرڻ،
۲. هوا مان نمي يعني پاڻي ٻاهر ڪڍڻ. ڇو جو Humidity نهايت خراب
شيءِ ٿئي ٿي. انسان کي گرمي ايڏي تڪليف نٿي پهچائي، جيڏي گهمَ! پر اسان وٽ انهن ڳالهين
جو احساس ناهي، رڳو ٿڌڪار پيدا ڪرڻ تي زور آهي. سياري ۾ ۵ ڊگريون ٿڌ ٿي ويندي ته به
نه جوراب پائبا ۽ نه سئيٽر، ڀلي نمونيا ٿي
پوي، باقي اونهاري ۾ AC جي پيدا ڪيل ۲۰ ڊگريون ٿڌڪار تي ڪوٽ ۽ مفلر
ويڙهي ويهڻ کي ماڻهو وڏ ماڻهپائي سمجھندا.
ڀائي توهان کي اهڙو سيءُ ٿو لڳي ته کڻي ٿڌڪار گهٽ ڪريو. ملڪ سڄي ۾ بجليءَ جو بحران
لڳو پيو آهي، ڪيترا ته فقط پنکو (fan) هلائڻ
لاءِ پريشان آهن.
سٺو مضمون آهي
ReplyDelete