Sunday, December 02, 2012

سنڌ جي ۽ ملائيشيا جي وڏيري ۾ فرق - الطاف شيخ

سنڌ جي ۽ ملائيشيا جي وڏيري ۾ فرق
الطاف شيخ
ٽن ڏينهن جي سيمينار لاءِ ڪئالالمپور ۾ آيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر ملائيشيا جي ترقي ڏسي چيو: ”اسانجي سنڌ ۾ ترقي ان ڪري نٿي ٿئي، جو سنڌ ۾ وڏيرزم  (Feudalism) آهي“
”توهان جو ڇا خيال  آهي ته وڏيرا شاهي ملائيشيا ۾ نه آهي؟“ مون کانئس پڇيو.
”شايد نه آهي.“ هن جواب ڏنو.
”سڀ کان گهڻي آهي،“ مون کيس حقيقت کان آگاهه ڪندي ٻڌايو، ”ملائيشيا جي وڏيري جو ڪير مقابلو ڪري! ڳوٺ ڳوٺ ۾، شهر شهر ۾ وڏيري جو راڄ آهي، جيڪو پاڻ کي اُتم ۽ اُتاهون مڃرائڻ چاهي ٿو. ويندي هي سلطان جيڪي واري واري سان پنجن سالن لاءِ ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا، اهي ڇا آهن؟ هر هڪ پنهنجي رياست جو وڏيرو ته  آهي.“
”پوءِ ڀلا ملائيشيا به ترقي ڪري  پيو، ۽ اسان وٽ تباهي ڇو آهي؟ هتي جي ۽ اسان جي وڏيري ۾ فرق آهي ڇا؟“


جي ها! مون کي به ائين لڳي ٿو. گذريل ٽيهن چاليهن سالن کان منهنجو به هن ملڪ ۾ رهڻ ۽ اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو. آئون به اهو ئي محسوس ڪريان ٿو ته هتي جي وڏيري ۽ اسان جي وڏيري جي سوچ ۾ وڏو فرق آهي. جيتوڻيڪ هتي جو وڏيرو به چاهي ٿو ته هو عام ماڻهن کان وڌيڪ طاقت ۽ شان جو مالڪ هجي،  پر هو ڌاڙا ۽ اغوا ڪرائي ٻين تي رعب نٿو رکي. هو ٻين  جي عزتن تي هٿ نٿو کڻي، هو پنهنجن ٻارن کي ڪاپي ڪرائي امتحان پاس نٿو ڪرائي.... هو تَر جي ماڻهن تي اثر وجهڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ سٺي کان سٺو اسڪول قائم رکي ٿو، جنهن ۾ ڳوٺ جو هڪ هڪ ٻار پڙهي ۽ سندس ٻار ته اڃا به وڌيڪ پڙهن ۽ ڪلاس ۾ پوزيشن کڻن. هو چاهي ٿو ته سندس ڳوٺ ۾ نه رڳو اسپتال هجي پر ان ۾ بهتر کان بهتر ڊاڪٽر ۽ علاج جو بندوبست هجي. جتي نه فقط سندس ڳوٺ جا ماڻهو علاج جون سهولتون حاصل ڪن پر سندس ڪٽنب جا ڀاتي به علاج لاءِ اتي وڃن. هو چاهي ٿو ته سندس ڳوٺ ۾ ڪو ڪارخانو يا فئڪٽري ضرور هجي، جتي ڳوٺ جا ماڻهو روزگار ڪمائي خوشحال زندگي گذاري سگهن. اهوئي سبب آهي جو ملائيشيا جو ڳوٺ ڳوٺ سکيو ستابو آهي. هينئر نه، پر گذريل سئو سالن جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته ملائيشيا ۾ هر وڏيري، سردار يا سلطان جا ٻارَ کريل يا لوفر هجڻ بدران سڀ کان گهڻو پڙهيل ڳڙهيل  نظر ايندا. هو ڊاڪٽر انجنيئر ٿي پنهنجي ڳوٺ ۾ اسپتالون ۽ ڪارخانا کولين ٿا. اسانجي سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته فئڪٽريون ۽ ڪارخانا آهن ئي ڪونه. وڏيرا، سياستدان ۽ وزير حڪومت کان ڪارخانن جو پرمٽون حاصل ڪري، فئڪٽريون لڳرائڻ بدران اهي پرمٽون  وڪڻيو ڇڏين. ملاڪا رياست  جي جنهن ڏورانهين ۽ ٻيٽ نما ڳوٺ ۾ اسانجي نيول اڪيڊمي آهي، ان ڳوٺ جي وڏيري جڏهن ڳوٺ ۾ ۱۹۸۲ع ۾ بوٽن ۽ ميوي جي پئڪنگ جي فئڪٽري لڳائي ته اسان ڌارين ملڪن جا نوڪري ڪندڙ کِلي رهيا هئاسين ته ڳوٺ جي آدمشماري ئي ڇا آهي، جنهن لاءِ فئڪٽريون  کوليون ويون آهن. فئڪٽرين جي وڏيري مالڪ کِلي چيو هو ته، ”مڙيئي خير آهي. سمجهو ته تجربو حاصل ڪرڻ آهي. گهڻي ڪمائي کڻي نه ٿئي ته به ڳوٺ جي بيروزگار ماڻهن کي ته چار پئسا ملي ويندا.“
گذريل سال ملائيشيا جي ان  ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيو. ڏسان ته انهن فئڪٽرين جي بدران اليڪٽرانڪ ڪارخانا هئا، جن ۾ مختلف اليڪٽرانڪ شين جو اسيمبلي ورڪ هلي رهيو هو. منهنجي ڏينهن ۾ مون وٽ ڪم ڪندڙ مالهي ۽ ٽيليفون آپريٽر به رٽائرمينٽ بعد ان ۾ ڪم ڪري رهيا هئا ۽ پينشن کان علاوه هر مهيني ٽيهه چاليهه هزار هن فئڪٽري مان به ڪمايو ويٺا هئا. تعليم ضروري ۽ صحيح هجڻ ڪري هنن جا ٻارَ پنهنجي ڳوٺ مان ۽ ڀر واري شهر مان پڙهي ڊاڪٽر، وڪيل ۽ انجنيئر ٿي ويا هئا. مطلب ته ٻار به خوش ته پاڻ پوڙها به خوش. فئڪٽري ۾ چار پنج ڪلاڪ وڃي پئسو هڪ طرف ته وندر ۽ ڪچهري ٻئي طرف ۽ پيريءَ ۾ به هو اولاد مٿان بار ٿيڻ بدران وتن هنن جي ٻارن (پوٽن ڏوهٽن) کي خرچيون ڏيندا. اسان وٽ ڳوٺن ۾ والدين دوا درمل لاءِ به پريشان آهن. اولاد به ڇا ڪري، ڊگريون  حاصل ڪريو ويٺا آهن پر روزگار ناهي. فئڪٽريون ڪارخانا سڀ وڏن شهرن ۾ ۽ جي ڪو پورهئي مزدوريءَ لاءِ وڏي شهر ۾ ٿو وڃي ته هن جو اڌ کان وڌيڪ پگهار ته ڀاڙن ڀُتن ۽ جاءِ جي مسواڙ تي ئي هليو وڃي ٿو، باقيءَ مان هو ڇا کائيندو، ڇا ٻچن ٻارن يا والدين لاءِ بچائيندو!
هڪ ٻي ڳالهه:  اسان  جي وڏيري جي ذهنيت اها آهي ته پوليس سندس کيسي ۾ هجي. هو ڪهڙو به ڏوهه ڪري، قانون هن جو نالو نه وٺي، پر هتي ملائيشيا جو وڏيرو ۽ ڀوتار قانون  جي عزت  ڪري ٿو. هڪ لوڪڙ جهڙي ڇوڪر سپاهيءَ جو به هر هڪ کي خوف ٿو رهي، جو ڏوهه ڪندڙ کي پڪڙڻ تي ان سپاهيءَ پويان ملڪ  جو سڄو پوليس کاتو آهي ۽ اهو تيسين خاموش نٿو رهي، جيسين ڏوهاريءَ کي جھلي کيس سزا ڏياري وڃي.اسان جهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ جي ماحول تي هريل هئاسين، ملائيشيا پهچي پاڻ کي الائي ڇا سمجھي رهيا هئاسين. پر پوءِ يڪدم اندازو ٿي ويو ته هتي قانون جي حڪمراني آهي. ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ وياسين ته اسان کي جهاز راني جا ماهر ۽ مهمان سمجھي پوليس آفيس ۾ موجود ايس پي صاحب در تي اچي آجيان ڪئي ۽ چانهه بسڪٽ کارائي پوءِ پنهنجي پوليس انسپيڪٽر  کي سڏائي ٻڌايو ته هي صاحب هتي جي نئين کليل نيول اڪيدمي ۾ پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن ۽ اڄ اسان وٽ  ڊرائيونگ لائسنس  لاءِ آيا آهن.
هو اسان کي ٻاهر وٺي آيو. اسان سمجھيو ته بس اجھو ٿو لائسنس ٺاهي اسان حوالي ڪري. پر اهو ٻڌي دنگ رهجي وياسين، جڏهن هن چيو ته هو هر هڪ جي ٽيسٽ وٺندو. ان تي شايد انڊيا جي هڪ ڪئپٽن يا شايد برطانيا جي انگريز ڪئپٽن کيس چيو ته، اسان ڪي ٻار ته نه  آهيون. ۽ هن کي وڌيڪ مرعوب ڪرڻ لاءِ ڪئپٽن چيو ته، اسان مان هر هڪ ويهه ويهه سال دنيا جي خطرناڪ سمنڊن تي جهاز هلايا آهن.
ملائيشيا  پوليس جي انسپيڪٽر ڪنڌ هيٺ ڪري چيو: ”سر، توهان ڀلي کڻي چاليهه سالَ جهاز هلايا هجن پر ملاڪا شهر جي روڊن تي توهانکي ڪار  هلائڻ تڏهن ڏيندس، جڏهن توهان ملڪ جي مڪاني مقرر ڪيل ٽيسٽ پاس ڪندا.“ ..... ۽ پوءِ واقعي ايئن ئي ٿيو. فيل ٿيڻ وارن کي ڊرائيونگ اسڪول ۾ داخلا وٺڻي  پئي ۽ رستي تي لڳل ملئي زبان جي نشانين سمجھڻ کان وٺي  Parallel پارڪنگ ۾ ڀڙ ٿيڻو پيو.
اڃان ڊرائيونگ لائسنس ۾ ئي مشغول هئاسين ته اخبار ۾ هڪ خبر پڙهي سين. ڀر واري رياست جي سلطان جي پٽ ڪا گاڏي تيز هلائي يا شايد ڪنهن سگنل جي ڀڃڪڙي ڪئي، پوليس هن کي چالان ڪيو. ٻئي ڏينهن سندس پيءُ سلطان کي خبر پئي ته هن پنهنجي پوليس واري ۽ ان جي اعليٰ عملدار کي پاڻ وٽ گهرايو، انهن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي پـٽ کي دڙڪا ڏنا..... شايد ٿَڦَ به هنئي، ته دماغ مان اهو اٺ ڪڍي ڇڏ ته تون رياست جي سلطان جو پٽ آهين ته تولاءِ قانون ناهي. بهرحال ٻئي ڏينهن اها خبر اخبار جي پهرئين صفحي تي شايع ٿي. اها خبر اسان جهڙن لاءِ چتاءُ ثابت ٿي ته هن ملڪ ۾ رهڻو آهي  ته فضيلت سان رهڻو آهي. هتي قانون جي بالادستي آهي. هڪ عام پوليس  وارو به وڏي طاقت رکي ٿو. جيتوڻيڪ هونءَ رستي هلندي  هڪ S.P رئنڪ جو پوليس آفيسر به توهان کي SIR چئي مخاطب ٿيندو، جو هو پاڻ کي عوام جو نوڪر سمجھي ٿو، ڇو جو اتي جي سرڪاري ڪامورن کي اهو احساس آهي ته هنن کي عوام جي ٽئڪسن مان پگهار ملي ٿو ۽ هن جو ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. اسان وٽ نه فقط وڏيرو پر سرڪاري ڪامورو توڙي سياستدان (جيڪو اسانجي ئي ووٽن تي اسيمبليءَ ۾ پهچي ٿو) به پاڻ کي وڏيرو سمجھي ٿو، ڇو ته اسان وٽ اها هڪ منفي سوچَ آهي، جيڪا  اهو ماڻهو به رکي ٿو، جنهن کي ڀلي ٻه ايڪڙ زمين به نه هجي، مٿي ڦريل ڪلارڪ به رکي ٿو، جيڪو پوءِ ان سوچ مطابق رڳو پنهنجي وجود کي اعليٰ ۽ اتم سمجھي ٿو.

No comments:

Post a Comment