Monday, September 28, 2015

سياستدانن جا چرچائي بيانَ - الطاف شيخ

سياستدانن جا چرچائي بيانَ
الطاف شيخ

ڌارئين زبان سکڻ تمام سٺي ڳالهه آهي. اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو اسانکي ٽي زبانون ته اچن ئي اچن ٿيون. پنهنجي مادري زبان (سنڌيءَ) کان علاوه اڙدو ۽ انگريزي پڻ. ڪيترن کي ته پنجابي به اچي ٿي. اسان جي صدر آصف زرداريءَ کي ننڍي هوندي ته پنجابي ڪانه ايندي هئي شايد جيل ۾ سکي ويو جنهن مان کيس اهو فائدو ٿئي ٿو ته پنجاب ۾ هو جڏهن هنن جي زبان ۾ تقرير ڪري ٿو ته ماڻهو خوش ٿين ٿا. منهنجو والد (مرحوم گل محمد شيخ) هميشه مونکي ڌارئين زبان سکڻ لاءِ چوندو هو ته ”هر زبان ته نه، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ملڪ جنهن ۾ ٻن سالن کان مٿي رهڻ جو پروگرام رٿين، ان جي زبان ضرور سک“

ٽوئرزم مان ملڪ امير ٿي ويا - الطاف شيخ

ٽوئرزم مان ملڪ امير ٿي ويا
الطاف شيخ

ٽوئرزم به هڪ وڏي انڊسٽري چئي سگهجي ٿي، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ٿائلنڊ، برمودا، بهاما جهڙا ٻيٽ ۽ ملڪ به ٽوئرزم ڪري امير ٿي ويا. ملائيشيا جهڙو ملڪ جنهن وٽ قدرتي دولت ڇا گهٽ آهي؟ سال ۾ ٻه دفعا فصل ڏيڻ واريون ٻنيون، مفت جو پاڻي..... ٻارهوئي پيو مينهن وسي، پيٽرول ۽ گئس، پام آئل، بي انتها ناريل جنهن مان کوپري جي تيل کان وٺي مرسيڊيز ڪارن جون سيٽون ٺهن ٿيون، فروٽ ايترو جو ايڪسپورٽ ڪندا وتن، ان کان علاوه سون ۽ قلعي (tin) ايتري جو ختم ئي نٿي ٿئي، پر ان هوندي به هنن کي اها اڻ تڻ لڳي رهي ٿي ته اسانجي ملڪ ۾ ٽوئرسٽ اچن....... گهمڻ لاءِ ماڻهو اچن ته ڪمائي  ٿئي. ڪمائي ان ڪري ٿئي ٿي جو گهمڻ لاءِ جيڪو اچي ٿو اهو وڏي دل ڪري خرچ ڪري ٿو، هوٽلن ۾ رهي ٿو، کاڌي پيتي ۽ بسين، ٽئڪسن ۽ ريلن ۾ چڙهي ٿو. مزور ڪُوليءَ کان وٺي هوٽل جو مالڪ ڪمائي ٿو. ان جو احوال توهان انهن وڏيرن پيرن کان پڇي سگهو ٿا ته هو پنهنجي ڳوٺ ۾ سال ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن ميلو هڻائڻ سان ڪيڏو ڪمائي وٺن ٿا! ۽ سوچيو جن ملڪن ۾ ٻارهوئي ميلو متل رهي ٿو اهي ڪيڏو ڪمائيندا هوندا.

اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون ....؟ الطاف شيخ

اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون ....؟
الطاف شيخ

1980ع ڌاري مُني بيگم نالي بنگالي ڳائڻي اسان وٽ ٽاپ تي هئي. ويتر اسان جي هڪ پيٽارين ساٿيءَ ساڻس شادي ڪئي سو اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جي اولڊ بئائز ائسوسيئيشن (Petarian) جي هر فنڪشن ۾ هنجو هجڻ لازمي ٿي پيو. سندس گهڻا تڻا غزل مئه، مئخاني ۽ ساقيءَ مطابق هئا. ملائيشيا وڃي رهيس ته اتي به پاڻ سان مُني بيگم جا ڪئسٽ کڻي ويو هوس جيڪي ڊرائيونگ ڪرڻ وقت ٻڌندو رهيس ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آفيس جا ڪم ڪندڙ ملئي مرد يا ڇوڪريون گڏ هونديون هيون ته انهن کي به انهن غزلن جو ترجمو ڪري پيو ٻڌائيندو هوس. انهن مان هڪ غزل چٽي طرح ياد اٿم ته ان ۾ شاعر مئه (شراب) لاءِ پنهنجي چاهت جو اظهار هن ريت ڪري ٿو ته ”پيئندي پيئندي جي مري وڃان ته به ائين نه سمجھجو ته منهنجي خواهش پوري ٿي.“ هو تاڪيد  ٿو ڪري ته ”مرڻ بعد منهنجي جسم کي شراب سان غسل ڏياري پوءِ مونکي دفن ڪجو.“

لنڊا بازارن ۾ خريدارن جي پيهه پيهان- الطاف شيخ

لنڊا بازارن ۾ خريدارن جي پيهه پيهان.....
الطاف شيخ

اسان جو ڊرائيور مون کان اڌ ڏينهن جي موڪل وٺي پنهنجي ڇهن سالن جي پٽ لاءِ صدر مان اسڪول بئگ وٺڻ لاءِ ٿي نڪتو ته  مون چيو مانس ”آچر بازار مان ڇو نٿو وٺين جتان توکي سستي به ملي ويندي ته مضبوط به.“
”نه سائين آئون لنڊا جي شيءِ نٿو وٺڻ چاهيان.“ هن وراڻيو.
”پر اڄڪلهه ته وڏا وڏا ماڻهو ۽ فارينر لنڊا جون شيون خريد ڪندي نظر اچن ٿا.“ مون کيس چيو پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو.

اسان جو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري...! الطاف شيخ

اسان جو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري...!
الطاف شيخ

مون وٽ اي ميل ذريعي ڪيترائي خط اچن ٿا جن ۾ اسان جا نوجوان بيروزگاري بابت پنهنجي ڏُکَ  جو اظهار ڪن ٿا ۽ اها حقيقت به آهي  ته اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي آهي، خاص ڪري سرڪاري کاتن ۾ ايتريون نوڪريون نه آهن. سياستدان ۽ وزير پوري ڪوشش ۾ رهن ٿا ته ڪٿي ڪي خالي جايون نڪرن ته پنهنجن ورڪرن کي ڏئي منهن سرخرو ڪجي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجو نوجوان رڳو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو خواهشمند نظر اچي ٿو ۽ اسان وٽ ڪيترا کاتا PIA کان سنڌي ادبي بورڊ تائين ماڻهن سان Surplus ٿيا پيا آهن. ان هوندي به اسان جا وزير ۽ سياستدان کوٽي کوٽي ڪجهه نوڪريون ڪڍن ٿا، جن لاءِ  عام شڪايت اها آهي ته اهي ميرٽ تي ڏيڻ بدران پنهنجن مائٽن ۽ من پسند ماڻهن کي ڏنيون  وڃن ٿيون ۽ مٿن اها  به الزام تراشي آهي ته هو اهي نوڪريون پئسن تي وڪڻن ٿا.

پرديسَ ۾ پنهنجن سان ويجهڙائي. - الطاف شيخ

پرديسَ ۾ پنهنجن سان ويجهڙائي....
الطاف شيخ

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄام شورو جا ٽي سنڌي ڊاڪٽر مون وٽ آيا. هنن کي برونائي ۾ نوڪري ملي هئي جنهن سلسلي ۾ هنن ڪجهه ڳالهيون پڇڻ ۽ منهنجي صلاح وٺڻ چاهي ٿي. اٿڻ مهل پڇڻ لڳا: ”سائين اتي رهندڙ پاڪستانين مان ڪي توهانجا سڃاڻو آهن؟

پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسون..- الطاف شيخ

پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسون.....
الطاف شيخ

ملائيشيا جي اڌ کن آدمشماري مڪاني ملئي ماڻهن جي آهي ۽ اڌ کن چينين جي آهي جيڪي سؤ سال کن اڳ چين جي ڏاکڻي صوبي مان روزگار خاطر هن ملڪ ۾ آيا جيڪو ان وقت ”ملايا“ جي نالي سان سڏبو هو.

ماستري ڪو سولو ڪم ناهي.- الطاف شيخ

ماستري ڪو سولو ڪم ناهي......
الطاف شيخ
ملائيشيا کي خودمختياري يا کڻي چئجي ته انگريز راڄ کان آزادي، پاڪستان کان گهڻو پوءِ 1957ع ۾ ملي پر ان وقت به ملائيشيا ۾ ايترا تعليمي ادارا يعني اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون نه هيون جيتريون پاڪستان ۾ ڏهه سال اڳ 1947ع ۾ هيون. منهنجي ڳالهه  جو مطلب اهو آهي ته هي جيڪي اڄ جا نوجوان ملائيشيا جي تعليمي نطام مان متاثر آهن (۽ واقعي ٿيڻ به کپي جو بدقسمتي سان اسان وٽ تعليمي نظام صحيح رفتار سان اڳتي وڌڻ بدران پٺتي ٿي ويو آهي) انهن کي ڄاڻ هجڻ کپي ته تعليمي ادارن ۾ اسانجو ملڪ گهڻو گهڻو اڳتي ۽ ترقي يافته هو.

ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟ - الطاف شيخ

ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟
الطاف شيخ
انسان کڻي ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي پر هو پنهنجي پيءُ جي اڳيان هميشه ٻار رهي ٿو. هو کڻي سٺ سالن جو ٿي وڃي پر سندس ماءُ پيءُ هن کي نصيحتون ڪندو رهندو، گرمي ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ چوندو وتندو ..... خيال سان گاڏي هلائڻ ۽ وقت تي ماني کائڻ لاءِ چوندو رهندو. مون ۽ منهنجي ڀاءُ انجنيئرنگ پڙهي پر اسان جي والد صاحب منهنجي ڀاءُ کي پنهنجي اباڻي ڌنڌي، ٻني ٻاري سان لڳايو ۽ هو وقت سان گڏ ان ڪم ۾ ماهر ٿي ويو پر آخر تائين بابو هن کي سمجھائيندو آيو ته فصل ۾ گاهه نه ٿيڻ کپي، ٻج ۽ ڀاڻ صحيح پيو وٺين يا نه ۽ ڪيترا دفعا ته پاڻ اچي پنهنجي اڳيان انبن جي چڪين جي گرافٽنگ ڪرائيندو هو، اهو سوچي ته سندس پٽ ٻار آهي خبر ناهي سمجھه ۾ اچيس يا نه ..... جيتوڻيڪ تڏهن به ۽ اڄ جي د﷦ور ۾ ٻار وڏن کان گهڻو هوشيار آهن. ڪمپيوٽر ۾ اسان ايترا ماهر نه آهيون جيترا اسان جا پوٽا ڏوهٽا.

شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل - الطاف شيخ

شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل
الطاف شيخ
پٺتي ٿو نظر وجھان ته مونکي هر تعليمي اداري ۾ تمام سٺا ٽيچر مليا. ايماندار، محنتي، پنهنجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ رکڻ وارا ۽ هنن لاءِ خوشي جي فقط اها ڳالهه هوندي هئي ته سندن شاگرد سٺين مارڪن سان پاس ٿين. سندن پڙهائڻ، سمجھائڻ ۽ ٽيسٽ وٺڻ جي طريقن مان آئون ڏاڍو متاثر رهيس ٿي. شايد اهو سبب هجي جو مون به ماستر ٿي انهن استادن جي نقش قدم تي هلڻ چاهيو ٿي. عادت موجب ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ جي چڪر ۾ پڙهندو مئرين انجنيئرنگ (جهاز ٺاهڻ، هلائڻ ۽ خرابيون دور ڪرڻ جي انجنيئري) رهيس پر ذهن تي هر وقت ماستر ٿيڻ جو ڀوت سوار رهيو ٿي. موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو هئس ته اتي جي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هوس. ستر وارري ڏهي ۾ سگا جي سهڪار سان NJV اسڪول ڪراچي ۾، شام جو سول سروس (CSP) جي امتحانن لاءِ شاگردن کي مفت پـڙهائڻ شروع ڪيو ويو ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون به رضاڪاراڻا طور پڙهائڻ قبول ڪيو. صبح جو جهاز تي ڊيوٽي ڪري شام جو شاگردن کي سائنس پڙهائيندو هوس. شاگرد يا سگار وارا چوندا هئا توهان کي شاباس هجي پر مونکان وڌيڪ شاباس جا مستحق سائين سراج ميمڻ ۽ مظهر صديقي (اڳوڻو V.C)هئا، جن مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. مونکي حيرت ٿيندي هئي ته هو صاحب وڏا آفيسر هجڻ جي باوجود شاگردن سان بيحد شفقت سان پيش ايندا هئا. ادا مظهر انهن ڏينهن ۾ سنڌ گورنمينٽ ۾ سيڪريٽري هو. وقت تي آفيس ويندو هو جتان چئين بجي NJV اسڪول پهچي ويندو هو.

Thursday, September 24, 2015

هڪ ايجاد جي ڪُهائي (Miscarriage) - الطاف شيخ

هڪ ايجاد جي ڪُهائي (Miscarriage)
الطاف شيخ
جن ڏينهن ۾ آئون سئيڊن جي شهر مالمو ۾ اُتي جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي سان ٻن سالن لاءِ وابسته هوس، تن ڏينهن ۾ سامونڊي پٽيءَ جي ٻي پاسي ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ اسانجو دوست، سنڌ جي دلير ۽ جھوني ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو وڏو فرزند محمد علي ميمڻ ٽريڊ ڪمشنر هو. ڪڏهن هو مون وٽ منهنجي شهر مالمو ۾ هلي ايندو هو ته ڪڏهن آئون هن وٽ ڪوپن هيگن پهچي ويندو هوس. يورپ جا اهي ٻئي شهر ائين آهن جيئن اسانجو دادو مورو يا سکر روهڙي! ڪتابن پڙهڻ جو هو به شوقين هو، سو اسان جو ادبي دنيا جي ماڻهن بابت گهڻو بحث هلندو هو. محمد علي هر ڳالهه بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ڪرڻ جو عادي آهي. ڪو رسي ته رسي وڃي هو ڳالهه اها ڪندو جيڪا صحيح سمجھندو.

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ - الطاف شيخ

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ
الطاف شيخ
منهنجا ڪالم پڙهندڙ هڪ پروفيسر صاحب جو ڪالهه لطيف آباد کان فون آيو ته سوچيم ته هن کي منهنجو فون نمبر ڪٿان  هٿ آيو آهي ۽ هو  مون کان هڪ مشورو يا کڻي چئجي ته صلاح وٺڻ ٿو چاهي.
”ضرور! ضرور!“ مون وراڻيومانس.  پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته ان قسم جا فون ايندا رهندا آهن جيڪي اڪثر ٻاهر وڃڻ يا نوڪري بابت هوندا آهن. آهي ته سڄي دنيا ۾، پر اسانجي ملڪ ۾ هيڪاندي بيروزگاري وڌي وئي آهي. ماڻهو مجبور ٿي ويا آهن ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ بدران ڪيترا پنهنجا پروا اهڙا ظالم آهن جو انهن کي نوڪرين جا ڏٽا ڏيئي بيوقوف بنائين ٿا ۽ کين اجھو ۽ لٽو به وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. هن پروفيسر صاحب  جو به ڪجهه ان قسم جو مسئلو هو.

پهرين تون صوف کاءُ..... الطاف شيخ

پهرين تون صوف کاءُ.....
الطاف شيخ

وڏو عرصو ٻاهر رهي پنهنجي وطن ايندڙ ماڻهوءَ کي پنهنجي شهر يا پنهنجي ملڪ ۾ آيل جن خامين  خرابين جو يڪدم احساس ٿئي ٿو، انهن  مان هڪ موبائيل فون پڻ آهي، جنهن اسان جي ماڻهن لاءِ وڏومٿي جو سور پيدا ڪيو آهي.
ٻاهرين ملڪن ۾ موبائيل فون هڪ سهوليت ۽ ذاتي ملڪيت آهي، جنهن ۾ ٻئي ڪنهن جو آسانيءَ سان access نٿو ٿئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انڊيا ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ به موبائيل فون جي سِم حاصل ڪرڻ لاءِ خريدار کي پنهنجي  تفصيلي شناخت ڏيڻي پوي ٿي. يعني پوليس کاتو هر نمبر جي مالڪ جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي، گهر جي ائڊريس ۽ تصوير حاصل ڪري ٿو ۽ پڪ ڪرڻ خاطر اها  Sim مالڪ جي گهر رجسٽرڊ پوسٽ ذريعي موڪلي وڃي ٿي جيئن وٺ پڪڙ جي حالت ۾ ان جي گهر ڀاتين کي پڻ جوابدار ٺهرايو وڃي. توهان وٽ آيل گار گند جو نياپو (SMS) يا دڙڪي دامان (Threat) جي فون جي يڪدم خبر پئجي سگهي ٿي ۽ شڪايت تي  پوليس کي ان همراهه کي سوگھو ڪرڻ ۾ دير ئي نٿي لڳي.

اسان جو ۽ ملائيشيا جو وڏيرو - الطاف شيخ

اسان جو ۽ ملائيشيا جو وڏيرو
الطاف شيخ
ٽن ڏينهن جي سيمينار لاءِ ڪئالالمپور ۾ آيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر ملائيشيا جي ترقي ڏسي چيو ”اسانجي سنڌ ۾ ترقي ان ڪري نٿي ٿئي جو سنڌ ۾ وڏيراشاهي  (Feudalism)آهي“
”وڏيرا شاهي! توهان جو ڇا خيال  آهي ته ملائيشيا ۾ نه آهي؟“ مون کانئس پڇيو.
”شايد نه آهي.“ هن جواب ڏنو.

اندرُ ساڙڻ جهڙيون ڳالهيون - الطاف شيخ

اندرُ ساڙڻ جهڙيون ڳالهيون
الطاف شيخ
اسان جي ملڪ جي ٽي وي چئنلن تان ڪي عجيب قسم جا ٽرڙا، شرمناڪ ۽ چڙ ڏيارڻ وارا اشتهار ڏنا وڃن ٿا. مزي جي ڳالهه اها ته اسان جا اٻوجھه سنڌي هر ڳالهه تي خوش ٿي تاڙيون وڄائيندا وتن. جيئن اڳ ۾ هڪ ڪالم ۾ هڪ سنڌي فنڪشن بابت لکيو هوم ته راڳي اسٽيج تي بيهي ڳائي رهيو هو:
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا.........

ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ جون ڳالهيون.... الطاف شيخ


ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ جون ڳالهيون....
الطاف شيخ
هي ڳالهيون پڪ توهان سان به ٿينديون هونديون ۽ توهان به مون وانگر سفر ڪندا هوندئو يعني انگريزيءَ وارو Suffer.
اڪثر منجھند مهل جڏهن دل ٿوري دير سمهڻ لاءِ چوندي آهي ته فون جي گهنٽيءَ تي ننڊ رفو چڪر ٿي ويندي آهي.
”آپ الطاف شيخ هين؟“ ٻئي طرف کان هميشه ڪنهن ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ جو آواز ايندو آهي.

هاءِ جواني، ٿو ساري تو کي هرڪو- الطاف شيخ

هاءِ جواني، ٿو ساري تو کي هرڪو
الطاف شيخ
اسانجي ڪاليجي ڏينهن ۾، يعني هيءَ 1960ع ڌاري جي ڳالهه آهي، صبح جو پي ٽي (ورزش) لاءِ پوري ڇهين وڳي سيٽي وڄندي هئي ۽ اسان سڀ شاگرد سُفيد نِڪر (چڍيءَ) ۾ هاسٽل جي ميدان تي اچي حاضر ٿيندا هُئاسين. اسان جي ڏينهن ۾ نه فقط پي ٽي ۽ رانديون پر ڪلاس ۾ بِه نڪر ۾ وڃبو هو.
ڪمرو ڇڏي ميدان ۾ اچي بيهڻ لاءِ وڄندڙ سيٽيءَ کان 15 منٽ اڳ بيوگل (گهگهو) وڄندو هو جيڪو ننڊ مان اٿڻ جو اطلاع هوندو هو. جيئن پندرنهن منٽن ۾ اسان هٿ منهن ڌوئي، سليپنگ سوٽ لاهي چڍي، گنجي، جوراب ۽ رٻڙ جو بوٽ پائي سگهون.

حجامن سان واسطو - الطاف شيخ

حجامن سان واسطو
الطاف شيخ
وار ڪترائڻ مهل ڪيترا ماڻهو چاهيندا آهن ته حجام هنن سان خبرون چارون ڪندو رهي. آئون اهوئي چاهيندو آهيان ته هو مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏئي ۽ بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي جلدي هيئر ڪٽ مڪمل ڪري مونکي آزاد ڪري.
”مشين سان وار ننڍا ڪريان يا ڪئنچيءَ سان؟“ هر نئون حجام  ان قسم جو سوال ضرور ڪندو آهي.

ڇا ڪبوتر توهانجو به پير ۽ مرشد آهي؟ - الطاف شيخ

ڇا ڪبوتر توهانجو به پير ۽ مرشد آهي؟
الطاف شيخ

نواب شاهه جو عزيز لاکو ڪراچي ۾ ان علائقي ۾ رهي ٿو جنهن ۾ آئون رهان ٿو. منهنجي ساڻس ڪئنٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن واري عمارت ۾ سکر جي انجنيئر عابد شاهه جي آفيس ۾ اوچتو ملاقات ٿي. هو منهنجي لکڻين مان بيحد متاثر ٿي لڳو ۽ مون سان ملڻ لاءِ بيتاب هو. ان ئي ڏينهن هو مونکي گهر اچي ڪجهه ڪتاب ۽ ڪيڪ به ڏئي ويو.
هينئر مونکي عزيز لاکو ياد اچي ويو. مون کيس ٽيليفون ڪيو. خير عافيت معلوم ڪرڻ بعد مون يڪدم پڇيو ”عزيز! ايئر گن اٿئي؟“

ڪير ٿو چوي ته انب ميون جو بادشاهه آهي؟ الطاف شيخ

ڪير ٿو چوي ته انب ميون جو بادشاهه آهي؟
الطاف شيخ
اسان جي ملڪ جا ماڻهو انبن جي موسم جو آڌر ڀاءُ وڏي گرمجوشي سان ڪن ٿا ۽ رمضان جي ڀلاري مهيني وانگر هو هن موسم جو انتظآر ڪن ٿا. اسان وٽ انب غريب توڙي امير جو دلپسند ميوو آهي. هي نه فقط ميوو آهي پر هن کي ڀاڄي طور پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪيترا ماڻهو انبن جي موسم ۾ ٻوڙ يا ڀاڄي رڌڻ بدران انب سان ڀت يا ماني کائين. انب ذائقي ۽ خوشبوءِ وارو آهي. انب اسان جي ماڻهن لاءِ بهترين ميوو آهي. انبن جي موسم ۾ گدرا، ڇانهيون، سردا، چڪون، بادام ۽ زردالو يتيم ٻارن وانگر بنا ڪنهن خريدار جي ڌيان ڇڪائڻ جي، دڪانن تي پيا هوندا آهن. هن موسم ۾ ڪو مٺائيءَ کي به نٿو پڇي. بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي ماڻهن لاءِ انب ميون جو بادشاهه آهي. منهنجي راءِ به انب لاءِ ساڳي ئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن لاءِ سنڌڙي انب (Madras Alphonso) ميون جو بادشاهه آهي ته ڪن لاءِ چؤسو، لنگڙو، دسهڙي يا سرولي انب بادشاهه آهي. جي مون کان پڇڻ چاهيندائو ته آئون بينگن ڦلي يا سوارن ريکا انبن جو نالو کڻندس. انب لاءِ سڀني کي پيار ۽ ان کي انبن جو بادشاهه سڏڻ جو اسان ننڍي هوندي کان ٻڌندا پيا اچون.

Tuesday, September 22, 2015

ڪجهه ننگر پارڪر جي ڪولهين بابت الطاف شيخ

ڪجهه ننگر پارڪر جي ڪولهين بابت
الطاف شيخ
گذريل مهيني آئون ڪجهه باگڙي، ڀيل، مينگھواڙ، ڪولهي ۽ اوڏ فئملين سان ملڻ لاءِ انهن جي جھوپڙن ۾ ويس. ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرائڻ واري ڳالهه منهنجي فوٽوگرافر کي نه پئي وڻي ته آئون انهن جي وچ ۾ بيهي يا انهن سان گڏ کٽ تي ويهي فوٽو ڪڍرائي رهيو آهيان. هڪ ڳوٺ جي وڏيري ته اهي فوٽو ڏسي مونکان حيرت مان پڇيو: ”سائين! هنن جي ويجھو وهڻ سان توهان کي گِهن..... يعني دل ڪچي نه ٿي؟“

يُو ايس ڪيپيٽول هِل ۽ يُونين اسٽيشن - ياسر قاضي

يُو ايس ڪيپيٽول هِل ۽ يُونين اسٽيشن
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 33
ياسر قاضي
امريڪا جو سفر ڪندي اسين امريڪي راڄڌانيءَ واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ آهيُون ۽ گذريل ٻن هفتن کان اسين وائيٽ هائُوس ۽ ان جي آسپاس وارا ماڳ، عمارتُون ۽ باغ گھمي رهيا هُئاسِي ۽ گذريل قسط جي پڇاڙيءَ تائين اسان ڇنڇر 5 اپريل 2014ع تي، وائيٽ هائُوس جي پاڙي ۾ امريڪي خزاني واري کاتي جي هيڊڪوارٽر جي عمارت آڏو ڪوسٽر ۾ ويهي، ”يُو ايس ڪيپيٽول هِل“ جي اهم ۽ تاريخي عمارت گھمڻ لاءِ روانا ٿي چُڪا هُئاسِين. اسان جو ٽُوئر گائيڊ ”ايليڪسي سوچينڪو“ بس ٿوري دير وڌيڪ اسان سان گڏ هو. اسين ڪوسٽر تي شام جو ساڍي چئين لڳي ڌاري، يُو ايس ڪيپيٽول هِل جي عمارت آڏو پهتاسِين. جنهن جي سامهُون واري اولاهين حصّي جي داخلي دروازي وٽ ڪوسٽر تان لهي، اسان هن عمارت جي سامهُون واريءَ وسيع ڇٻر ۾ پير پاتو ۽ اسان جو ڀاڙَي ڪيل گائيڊ پنهنجو وقت پُورو ٿي وڃڻ ڪري اسان کي ان ڇٻر تي بيهي ئي هن عمارت جي حوالي سان جلدي جلدي ڪجهه ٻڌائڻ لڳو، ته جيئن هُو جلدي اسان کان موڪلائي وڃي سگھي ۽ وڃي زندگيءَ جا ٻيا ڪم ڪار ڪري سگھي، ڇاڪاڻ ته ترقي يافته دنيا جا ماڻهُو پنهنجي ڏينهن جي پَل پَل جي منصُوبه بندي ڪندا آهن ۽ هڪ ساعت به وڃائڻ ناهن چاهيندا. اسان داخلي دروازي کان مسَ داخل ٿي، ڪيپيٽول هل جي آڏو وڏيءَ ايراضيءَ تي ڦهليل پارڪ ۾ بيهي اهي تفصيل ٻُڌڻ لڳاسِين. ساڍن 16 ايڪڙن يعني 6.7 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي مُشتمل امريڪي ڪيپيٽول هِل جي عمارت 5 منزلن (فلورس) تي مُشتمل آهي، جيڪا امريڪي وفاقي سرڪار جي قانون ساز برانچ ۽ امريڪي ڪانگريس جي خاص جاءِ، ڪانگريس جي پارليماني هال (جتي ڪانگريس جا اجلاس ٿيندا آهن) ۽ ڪانگريس مين (ڪانگريس جي ميمبرن) جي چيمبرس تي مُشتمل عمارت آهي، جيڪا پنهنجي شاهي رعب، دٻدٻي ۽ شڪوهه سان امريڪي راڄڌانيءَ، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ اهڙيءَ ريت ڳاٽ اُوچو ڪيون بيٺي آهي، جو واشنگٽن جي گھڻن تڻن روڊن تان گذرندي هن سهڻيءَ عمارت جو درشن پيو ٿيندو آهي. اوهان به اڪثر فوٽن، فلمن ۽ ٽيليويزن خبرنامن ۾ امريڪا جو ذڪر ٻڌندي، هن عمارت کي ضروُر ڏٺو هُوندو، ڇاڪاڻ ته هيءَ عمارت امريڪا جي سڃاڻپ بڻيل عمارتن منجھان هڪ آهي. ايئن سمجھو ته هي امريڪا جو ”پارليامينٽ هائُوس“ آهي. بالي وُڊ جِي مشهُور فلم ”ماءِ نيم از خان“ جو آخري منظر، جنهن ۾ شاهه رُخ خان ۽ ڪاجول، صدر اوباما سان ملندي ڏيکاريا وڃن ٿا، پڻ هن ئي عمارت آڏو فلمايو ويو آهي. واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي نيشنل مال جي انتهائي اوڀارِين ڇيڙي تي واقع ڪيپيٽول هِل جي هيءَ عمارت، ”امريڪي نِيئو ڪلاسِيزم“ جي اڏاوتي انداز ۾ تعمير ٿيل آهي، جنهن جو ابتدائي نقشو، برطانوي ـ امريڪي آرڪيٽيڪٽ، ”ڊاڪٽر وليم ٿارنٽن“ (ڄم: 20 مارچ 1759ع ـ لاڏاڻو: 28 مارچ 1828ع) ٺاهيو، جيڪو آرڪيٽيڪٽ هئڻ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر (طبيب)، مُوجد ۽ مصوّر پڻ هو. ٿارنٽن نه فقط هن عمارت جو نقشو تخليق ڪيو، بلڪه هن جي اڏاوت کان پوءِ کيس، ”آرڪيٽيڪٽ آف دي ڪيپيٽول“ جي عهدي تي به فائز ڪيو ويو. هن عهدي تي فائز رهندڙ عملدار تي هن عمارت جي مرمت، آپريشنز، واڌاري ۽ بچاءَ جُون اهم ذميواريُون هُونديُون آهن ۽ ”آرڪيٽيڪٽ آف دي ڪيپيٽول“، امريڪي وفاقي سرڪار جو ملازم هُوندو آهي. ياد رهي ته ”وليم ٿارنٽن“ کي امريڪا جي پهرين ”آرڪيٽيڪٽ آف دي ڪيپيٽول“ بڻجڻ جو اعزاز حاصل آهي. اهو به ٻڌندا هلو ته ”ڊاڪٽر وليم ٿارنٽن“ جو ڪيپيٽول هِل جو ٺاهيل نقشو هڪ مقابلي ۾ فائنل ڪيو ويو هو. اهو مقابلو تڏهوڪي امريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ”ٿامس جيفرسن“ (جيڪو بعد ۾ امريڪا جو صدر پڻ بڻيو) تجويز ڪيو هو، جنهن تحت امريڪا ۽ ٻين مُلڪن جي 10 باصلاحيت آرڪيٽيڪٽن پنهنجيُون ڊزائنز جمع ڪرايُون هيُون، جن مان ٿارنٽن جي ڊزائن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. هن مقابلي جي فاتح آرڪيٽيڪٽ لاءِ ان دؤر ۾ 500 امريڪي ڊالرن جو انعام ۽ ”آرڪيٽيڪٽ آف دي ڪيپيٽول“ جهڙي شانائتي عهدي جو اعلان ڪيو ويو هو، جيڪي ٻئي ٿارنٽن کي مليا.
”ڪيپيٽول هِل“ Capitol Hill USA جي عمارت جي اڏاوت، 18 سيپٽمبر 1793ع تي شروُع ٿي ۽ 7 سال مُسلسل جاري رهي 1800ع ۾ مڪمّل ٿي، يعني 19هين صديءَ جي شرُوعات هن اهم امريڪي سرڪاري عمارت جي اڏاوت جي پُوري ٿيڻ جي خوُشخبري ساڻ کنيُون آئي. هن عمارت جي بنيادي اڏاوت کان پوءِ ان اڏاوت ۾ سُڌارا ۽ واڌارا ٿيندا رهيا ۽ ان جي موجُوده خاص سُڃاڻپ بڻيل ان جو سهڻو گُبنذ پڻ بعد ۾ ان ۾ شامل ڪيو ويو. هن عمارت جو اوڀر مُنهن ۽ اولهه مُنهن ٻئي ان انداز ۾ ٺهيل آهن، جو هيءَ عمارت ٻنهي پاسن کان سُبتي ٿي لڳي ۽ ڪٿان به اُبتي نه ٿي لڳي، ڇاڪاڻ ته هن جو گُبنذ اڳيان توڙي پُٺيان هڪجهڙو ئي ڊزائن ٿيل آهي. اسين هينئر ان جي اولاهين پاسي (ويسٽ فرنٽ) کان بيٺل آهيُون، جيڪو عوام لاءِ کليل آهي، جنهن ڪري هن پاسي کان هر وقت عام ماڻهن جي رش رهي ٿي. عوام لاءِ کليل هن پاسي کان پري پري تائين مُختلف لان ٺهيل آهن ۽ هنن  ويڪرن ۽ ڦهليل لانس ۾ ڪنهن به ڪُنڊ کان بيهي هن عمارت سان فوٽو ڪڍرائبو ته هيءَ ديو هيڪل عمارت سڄي جو سڄي تصوِير ۾ ايندي. هن ئي اولاهين پاسي کان سامهُون ”جارج واشنگٽن ميموريل“ پڻ واضح طور تي ڏسي سگھجي ٿو. ڪيپيٽول هِل جي هن اولاهين پاسي کي ”ويسٽرن فرنٽ“ چئجي ٿو، جڏهن ته هن جو پريون پاسو (جتي اسان ٿوريءَ دير ۾ وڃڻ وارا آهيُون) کي ”اِيسٽرن فرنٽ“ چيو وڃي ٿو. اهو پاسو رڳو خاص شخصيتن (Dignitaries) جي اچ وڃ لاءِ مخصُوص آهي.
اسان کي ڪيپيٽول هِل بابت بنيادي ڄاڻ فراهم ڪري اسان جو گائيڊ اسان کان موڪلائي هليو ويو. اسين ڪيپيٽول هِل جي سامهُون وارا ڪئين باغ اُڪري هن عظيم الشان عمارت جي بلڪل سامهُون واري پڪي روڊ ۽ هن بلڊنگ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٺهيل ڏاڪن واريءَ جاءِ تي پهتاسِين ۽ هن پُرشڪوهه عمارت سان پنهنجيُون يادگار تصويرُون ڪڍرائڻ لڳاسِين. هر ڪنهن ڌار ڌار توڙي گرُوپ جي صُورت ۾، ڏاڪڻين تي ويهي، توڙي بيهي ڪئين تصوِيرون ڪڍرايُون. ڪيپيٽول هِل جي عمارت کي پُٺي ڏئي، جڏهن ان جي ڏاڪڻين تي بيهي تصويرون ٿي ڪڍرايُوسين ته ساڍن ٽنپهرن سجّ اسان جي سامهُون هو ۽ سجّ جي پيش منظر ۾ ”جارج واشنگٽن ميموريل“ جو سهڻو قدآور ٽاور بي حد خوبصُورت منظر پيش ڪري رهيو هو. اسان ڳچ وقت ڪيپيٽول هِل جي آڏو گذاريوسي. منهنجي ته هن سهڻيءَ عمارت جي تعميرات جي سُونهن مان اک ئي نه ٿي ڍاپي ۽ مان مُسلسل پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي هن جي خد وخال کي چتائي پئي ڏسندو رهيم، ويتر اهو احساس به دل ۾ پئي ٿيو ته ڇا هيءَ واقعي اها عمارت آهي؟ جنهن جُون تصويرُون ۽ فٽيجز آءٌ ننڍپڻ کان ڏسندو رهيو آهيان؟ اسان کي هن عمارت جي اندر به وي آءِ پي ٽُوئر ڪرڻو آهي، پر ان لاءِ هن عمارت جي پرئين پاسي (يعني اِيسٽ فرنٽ) کان هن جي اندر داخل ٿيڻو آهي، پر ان ٽُوئر جي ميزباني جنهن سينيئر اسٽيٽس مين، ”جم مُوڊيءَ“ کي ڪرڻي آهي، ان سان طئي ٿيل وقت ۾ اڃا اڌ مُنو ڪلاڪ هو، تنهن ڪري اسان جي سُونهيءَ مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اهو فيصلو ڪيو ته اسين تيسين يُونين ريلوي اسٽيشن (جيڪا اتان ڀرسان ئي هئي) هلي ڪافي پي وٺُون ۽ ڪجهه صبح کان جاري هَل هَلان جو ٿڪ لاهيُون. اسان کي وري واپس ڪيپيٽول هِل جي مُک دروازي تائين پهچڻ ۾ ڳچ وقت لڳي ويو، جنهن جي ڀرسان اسان جي ڪوسٽر بيٺل هُئي. ان وچ ۾ نڪرندي نڪرندي به گرُوپ جي صُورت ۾ توڙي انفرادي طور تي اسان ڪئين تصوِيرون ڪڍرايُون. ڪوسٽر ۾ ويهڻ سان ئي پنهنجو پاڻ موسيقيءَ جو دؤر شرُوع ٿي ويو. ڪوسٽر ۾ هڪ ننڍو سائُونڊ سسٽم ۽ مائيڪ لڳل هئي، جنهن جي مدد سان ڪجهه دير اڳ تائين اسان جي گائيڊ سوچينڪو اسان جي رهنمائيءَ لاءِ ڳالهايو پئي. هاڻي جيئن ته سوچينڪو وڃي چڪو هو ته اها مائيڪ اسان جي لاهور واري ساٿيءَ ضياء پهرين ذوالفقار مهتُوءَ کي پڪڙائي، جنهن پنهنجي نهايت سُريلي انداز ۾ مهدي حسن جي هڪ غزل جو هڪ مکڙو ۽ هڪ انترو جھُونگاريو. جنهن بعد غزاله فصيح رڙ ڪري چيو ته: ”ياسر به سٺو ڳائيندو آهي!“ ته سمُورن دوستن مُون کي ڳائڻ لاءِ زور ڀريو. اسان جي ڪوسٽر ڪيپيٽول هِل کان يُونين ريلوي اسٽيشن طرف مختصر سفر طئي ڪرڻ ۾ مصروف هئي ۽ مُون موقعي جي مناسبت سان مائيڪ ۾ ڪشور جو گيت ”يه دوستي هم نهين ڇوڙين گي... توڙين گي دم اگر، تيرا ساٿ نه ڇوڙين گي...“ جا ٻه ٻول جھُونگاريا. مُون اهي ٻه ٻول گنگنائي بس ئي مَس ڪيا ته پويان ڪنهن رڙ ڪري چيو ته ”هاڻي ذوالفقار ۽ ياسر گڏ ڳائين!“ اهو آئڊيا ته الائي ڪنهن جو هو، پر ان آئڊيا پيش ڪرڻ واري کان پوءِ سمُورن رڙيُون ڪري ذري گھٽ نعرا هڻي ان فرمائش کي زور ۽ شور سان اُچاريو ۽ پوءِ مهتُو صاحب ۽ مُون غلام عبّاس جو مشهُورِ زمانه گيت ”ايسي وه شرمائي، جيسي ميگھا ڇائي...“ ڳائڻ شرُوع ڪيو، جنهن کي سڀني دوستن ڏاڍو پسند ڪيو. اسان اڃا ان گيت جي استائي ۽ هڪ انترو مَس جُهونگاريو هو ته ايتري ۾ اسين يُونين اسٽيشن پهچي وياسِين ۽ آءٌ ۽ مهتُو اهو گيت ڳائيندي ئي ڪوسٽر تان لٿاسِين. ڪوسٽر مان لهڻ سان مائي اينان ڪوسٽر واري مان هٿ ڪڍيا، ڇاڪاڻ ته اها هڪ مخصُوص وقت تائين ڀاڙي ٿيل هئي، جيڪو وقت هتي پهچڻ شرط پُورو ٿي چُڪو هو. ڪوسٽر مان لهڻ سان اسان جا سڀئي ساٿي ته ڪڻو ڪڻو ٿي ويا، پر آءٌ ۽ مهتُو جنهن ردم ۾ اچي ويا هُئاسُون، اهو ڪوسٽر مان لهڻ کان پوءِ به جاري رهيو ۽ اسان ٽنپهرن واريءَ ٿڌڙيءَ اُس ۾ به ”ايسي وه شرمائي“ جو ٻيو انترو ڳائيندي يُونين اسٽيشن جي عمارت اندر داخل ٿياسين. ”سُندر نينان ڪالي ڪالي... ان ۾ انڌيري... ان ۾ اُجالي... من ڪا چين چُراني والي... آنک جو ان سي ملائي... وه شاعر بن جائي.. گيت لکي اور گائي...“ ڏاڍو مزو آيو. اهي لمحا مُنهنجي لاءِ ئي نه پر ذوالفقار مهتُوءَ لاءِ به ڏاڍا يادگار هئا، ڇاڪاڻ ته هي ڳائڻ جي لحاظ کان انتهائي ڏکيو گيت آهي ۽ اسان جڏهن ان کي گڏ پئي ڳايوسي ته اسان ٻنهي جي هم آهنگيءَ ان جو لطف پئي وڌايو. اسان ان سهڻي گيت جِي جھُونگار سان يُونين اسٽيشن جي مُک عمارت اندر داخل ٿياسِين. يُونين اسٽيشن واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي مُک ريلوي اسٽيشن آهي، جيڪا واشنگٽن جِي لوڪل ميٽرو ريلوي سسٽم (جيڪو زيرِ زمين هلندو آهي) ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ کي مُلڪ جي ٻين حصّن سان ملائيندڙ ريلوي نظام، ”ايمٽريڪ“ جي جُنڪشن اسٽيشن آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسين جڏهن نيُويارڪ وينداسِين ته ايمٽريڪ جي ذريعي سفر ڪرڻ لاءِ هن ئي اسٽيشن تان ريل ۾ سوار ٿينداسِين.
يُونين اسٽيشن 1908ع ۾ ٺهي ۽ ان ئي سال استعمال ٿيڻ شرُوع ٿي، جڏهن ته 1981ع کان 1989 جي دؤران هن جي ٻيهر مرمت جو ڪم ٿيو، جنهن ۾ هيءَ جهڙوڪر نئين سئين ٿي وئي. يُونين اسٽيشن تان هر سال 50 لک 28 هزارن کان وڌيڪ مسافر ”ايمٽريڪ“ رستي سفر ڪن ٿا، جڏهن ته ”ميٽرو ريل“ رستي سفر ڪندڙ مُسافرن جو روزانو تعداد 32 هزار 456 آهي. هن اسٽيشن جو ٻئي مهاڀاري ويڙهه دؤران تمام وڏو استعمال رهيو، جڏهن هتان روزانو 2 لک مسافرن تائين به سفر ڪندڙن جو انگ رهيو. اهي ڏينهن يُونين اسٽيشن وٽان سفر ڪرڻ جا مصروُف ترين ڏينهن هئا. ”ڊينيئل هُڊسن برنهام“ (ڄم: 4 سيپٽمبر 1840ع ـ لاڏاڻو: پهرين جُون 1912ع) نالي امريڪي آرڪيٽيڪٽ، شڪاگو جي مشهُور آرڪيٽيڪچرل فرم، ”گراهام، اينڊرسن، پروبسٽ اينڊ وائيٽ“ جي مدد سان يُونين اسٽيشن جو نقشو ٺاهيو، جنهن ۾ ڪلاسيڪي آرڪيٽيڪچر جي رنگ کي لازمي طور تي شامل رکيو ويو. هن اسٽيشن جي اندرين سمُورن ٽرمينلس جا هال اڌ گول واريءَ ڇت (آرچ) جي انداز ۾ ٺهيل آهن. جيڪي هن اسٽيشن جي سُونهن ۾ واڌارو ڪن ٿا. اسين هن اسٽيشن جي اُترئين داخلي دروازي کان اندر گھڙياسِين ۽ داخل ٿيڻ سان ئي کٻي هٿ طرف وڌڻ لڳاسِين، جنهن پاسي ”اسٽار بڪس“ ڪافي شاپ هو. اسان مان هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي پسند جي ڪافي اسٽاربڪس تان آرڊر ڪئي ۽ سامهُون لڳل انتظار وارين سِيٽن تي ويهي ڪافيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳاسِين. صبح کان اسان جي جيڪا مُسلسل هلچل جارِي هئي، ان هن وقت تائين ڏاڍو ٿڪائي وڌو هو. ان انتظار واريءَ جاءِ جي بلڪل سامهُون هڪ سووينيئر شاپ هو، جنهن تي آءٌ، اشفاق آذر ۽ ذوالفقار مهتُو وڃي سووينيئرن ۽ گفٽن جو جائزو وٺڻ لڳاسِين. هتي، جنهن شهر ۾ وياسِين ٿي، ان شهر جي مناسبت سان ئي گفٽس ۽ سووينيئر دستياب ڏٺاسِين. واشنگٽن ۾ به هر شرٽ، مگ ۽ ٻين گفٽس تي ”واشنگٽن“ جو نالو ۽ عمارتُون يا نشانيُون واضح طور تي نظر ٿي آيون، اهڙيُون شرٽُون، مگ ۽ ٻيا تحفا وري نيُويارڪ ۾ ڪونه ٿي مليا. نيويارڪ وارن تحفن تي وري نيُويارڪ جو نالو درج هو يا عمارتُون ڇپيل هيُون. ماڊلس، پيپر ويٽ توڙي شوپِيسز ۾ واشنگٽن ۾ ملندڙ تحفن ۾ ڪيپيٽول هِل، وائيٽ هائُوس، پينٽاگان ۽ واشنگٽن جي ٻين مشهُور ماڳن جا ماڊل عام جام دستياب هئا. اسان کي مائي اينان هن سفر دؤران گھڻين ئي ڳالهين جي حوالي سان ڏاڍو سٺو گائيڊ ڪيو. اها هن سفر ۾ چوندي رهي ته هِتان هُتان شاپنگ ڪري پيسا نه وڃائجو! ڇو ته هن سفر ۾ ڪولمبيا (مِزُوري) اهڙو ماڳ آهي، جيڪو هنن سمُورن شهرن کان سستو آهي، سو گھروارن ۽ دوستن لاءِ سُوکڙيُون وٺڻ لاءِ ”ڪولمبيا“ لاءِ پئسا بچائجو، باقي هر شهر جي ڪانه ڪا سُوکڙي ڀلي نشانيءَ طور هيڪڙ ٻيڪڙ وٺجو! سو اسان به سندس ان صلاح تي سربستو عمل ڪيو ۽ سندس اها صلاح چڱي ڀانئي سين. مُون ۽ مهتُوءَ ان سووينيئر شاپ تان رڳو اهو بيج ورتو، جنهن ۾ پاڪستاني ۽ امريڪي جھنڊو هڪ ٻئي سان ڪراس ٿيل آهي، ته جيئن باقي امريڪي سفر دؤران ان کي پنهنجي ڪوٽ تي سجائي سگھُون ۽ خيرسگاليءَ جو خاموش پيغام ڦهلائي سگھُون. آءٌ ۽ اشفاق اسٽيشن جو پسار ڪرڻ لاءِ ان ٽرمينل ۾ گھڻو اڳيان هليا وياسِين ۽ اسٽيشن جي گهماگهميءَ جو حَظُ وٺڻ لڳاسِين. اهي شيڊيُول بورڊ، جن تي اچڻ توڙي وڃڻ وارين ٽرينن جو شيڊيُول ڊجيٽل انداز ۾ لکيو ٿي نظر آيو، انهن بورڊن کي به اهو ڄاڻڻ لاءِ پئي پڙهيوسِين ته هن وقت ڪٿان ڪٿان کان ٽرينُون آيُون آهن ۽ ڪيڏانهن ڪيڏانهن ٽرينُون وڃڻيُون آهن. موٽي آياسِين ته اسان جي ڪافي اچي چُڪي هئي. مُون حسبِ عادت ۽ حسبِ معمُول ”ڪيپيچينو“ ئي آرڊر ڪئي هئي. ”ڪيپيچينو“ هُجي ۽ اها به ”اسٽاربڪس“ جي ٻيو ڇا گھرجي!! ڪافي پي ڪجهه ٿڪ جي گھٽتائيءَ جو احساس ٿيو.

يُونين اسٽيشن کان ٻاهر نڪري اسان کي ڪيپيٽول هِل جي اوڀارين داخلي دروازي (اِيسٽ فرنٽ) تائين پنڌ اچڻو هو، ڇاڪاڻ ته ڪوسٽر وڃي چُڪي هئي. اسين يُونين اسٽيشن جي سامهُون وارو لان اُڪري رهيا هُئاسين ته گوريُن حسينائن جو هڪ جٿو اسان کي ڪراس ڪندي گذريو. منهنجي پويان ٿوري مفاصلي تي ايندڙ، ضياء رڙ ڪري چيو: ”او! خير هو جائي!“ جنهن تي مُون ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو ۽ مُون کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويو. اسان هلندا رهياسِين. سامهُون ڪيپيٽول هل جي عمارت ويجھي ئي نظر پئي آئي. عمارت قدآور هئڻ سبب ايئن پئي لڳو ته ويجھي آهي، پر جيئن اسين ان طرف وڌندا پئي وياسِين ته اها اسان کان هورڙيان هورڙيان پري پئي ٿيندي وئي. ايئن اوهان سان به ٿيندو هُوندو ته ڪا اوچي عمارت يا ڪو جبل وغيره اوهان کي بظاهر ويجھو نظر ايندو هُوندو، پر اوهان جڏهن ان طرف سفر ڪندا هُوندا ته اهو اوهان کي پاڻ کان پري ٿيندو محسُوس ٿيندو هُوندو. اهو دراصل نظر جو دوکو هُوندو آهي، جيڪو اڳ ۾ اوهان کي ان ماڳ جي ويجھي هجڻ جو احساس ڏياريندو آهي. اسان جا سڀ ساٿي هڪ هڪ، ٻه ٻه، ٽي ٽي ٿي پاڻ ۾ ڳالهائيندا پئي آيا. سڀ کان اڳ اڳ ۾ آءٌ ۽ مائي اينان هُئاسِين. مُون کيس پنهنجي مستعديءَ ۽ ٿڪل نه هجڻ جو احساس ڏياريندي سندس قدم سان قدم پئي ملايو. اها ڪيپيٽول هِل جي عمارت، جيڪا يُونين اسٽيشن مان نڪرڻ مهل بلڪل سامهُون پئي نظر آئي، اها يُونين اسٽيشن جي داخلي دروازي کان گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ کان 2 ڪلوميٽر پري هئي. پُوري ڏينهن جا ٿڪل اسين، ڪيپيٽول هِل جي اِيسٽ فرنٽ تائين پهچندي پهچندي بي حال ٿي پياسين. ”ڪيپيٽول هِل“ جو هي پاسو گھڻيءَ رش کان بلڪل وانجھو ۽ خلاصو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي عام ماڻهن جي اچ وڃ ممنُوع آهي. اسان عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ عمارت جي هن پاسي کان به فوٽو ڪڍرايا. هاڻي اسان کي ڪيپيٽول هِل جي اندر داخل ٿي (جيڪو کوڙ سارين امريڪين جو به خواب هُوندو!) وِي آءِ پي ٽُوئر ڪرڻو آهي، جيڪو سينيئر اسٽيٽس مين جِم مُوڊِي اسان کي ڪرائڻ وارو آهي. ان کان اڳ جو اسين مُوڊِيءَ سان ملُون، مان اوهان کان موڪلايان. ڪيپيٽول هِل جي اندر جو احوال اوهان کي ايندڙ هفتي ڏبو، ڇاڪاڻ ته هن عمارت جي اندر به هڪ وڏو جهان آهي.

Sunday, September 13, 2015

وائيٽ هائُوس جي آسپاس ڪجهه اهم يادگار ۽ عمارتُون - ياسر قاضي

وائيٽ هائُوس جي آسپاس ڪجهه اهم يادگار ۽ عمارتُون
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - قسط 33
ياسر قاضي
هن ”سفر ـ سار“ جي پوئين ڀاڱي ۾ اسان امريڪي صدارتي محل (وائيٽ هائُوس) ۽ ان جي سامهُون واقع ”پريزيڊنٽس پارڪ“ (صدارتي باغ) جو سير ڪيوسي ۽ ان جي باري ۾ خاصي ڄاڻ به ونڊيسين. ان کان اڳ جو اسين واشنگٽن ڊِي سِيءَ جا ٻيا ماڳ ڏسون ۽ گھمون، اچو ته وائيٽ هائُوس جي پاڙي ۾ واقع ڪجهه ٻين يادگارن (مُجسمّن) ۽ عمارتن کي به ڏسندا ۽ انهن جي باري ۾ ٿوري ٿوري ڄاڻ حاصل ڪندا هلُون، ڇو ته منهنجو هن سفر جي سار اوهان سان سَلڻ جو مقصد صرف پنهنجو رازنامچو ٻڌائڻ ناهي، پر هن تحريري سلسلي جو اصل مقصد انهن وَٿن جي باري ۾ اوهان تائين بنيادي ڄاڻ پهچائڻ پڻ آهي، جيڪي اسين ڏسُون يا گھمُون پيا، ڇاڪاڻ ته انهن جاين جي باري ۾ ڪتابي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سرزمين تي وڃي معروضي (زميني) حقيقتن سان انهن کي ڀيٽن کان پوءِ واري صُورتحال کي سَلڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.

Wednesday, September 09, 2015

وائيٽ هائُوس ۽ پريزيڊنٽس پارڪ - ياسر قاضي

وائيٽ هائُوس ۽ پريزيڊنٽس پارڪ
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 32
ياسر قاضي
هن سفرنامي جي پوئين ڀاڱي ۾ اسان ويتنام جنگ ۾ مارجي ويل ۽ گم ٿي ويل فوجين جي ياد ۾ ٺهيل ”ويتنام ويٽرنس ميموريل“ تفصيل سان گھميو. هي يادگار گھمڻ کان پوءِ اسان هڪ ڊگھي راهداريءَ سان هلندا، پنهنجي ڪوسٽر جي پارڪنگ واريءَ جاءِ تائين پهتاسين، هن راهداريءَ جي ٻنهي پاسن کان پنن کان وانجھيل وڻ بيٺل هئا، جن تي ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ پن لڳڻ وارا هئا ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ ”چيري بلاسم“ جي حسين رت جي شروعات ٿيڻ واري هئي. ان راهداريءَ تان گذرندي اسان جي گائيڊ ”ايليڪسي سوچينڪو“ اسان کي ويتنام جنگ جي هن يادگار بابت وڌيڪ تفصيلن کان آگاهه ڪيو، جنهن پڄاڻان اسين سڀ ڪوسٽر ۾ سوار ٿي امريڪي صدر جي سرڪاري گھر، ”وائيٽ هائُوس“ ڏانهن روانا ٿياسين. امريڪا ۾ جڳهن جا نالا به ڏاڍا منفرد آهن. بظاهر عام فهم ۽ هر ڪنهن کي سؤلڙائيءَ سان سمجھه ۾ ايندڙ، پر دراصل انهن ۾ وڏي حڪمت ۽ دانائيءَ سان ”ڪا اُونهي ڳالهه اسرار جي“ چيل! امريڪي صدر جي رهائش واري جاءِ کي ”دِي وائيٽ هائُوس“ چون. امريڪي دفاع واري وزارت (امريڪي جِي ايڇ ڪيُو) کي ”پينٽاگون“ چون (”پينٽاگون جو مطلب به ”پنج ڪُنڊو“ آهي ۽ پينٽاگون جي عمارت جو نقشو به پنج ڪُنڊو آهي) ته امريڪي صدر جي سرڪاري آفيس واري ڪمري کي ”اوول آفيس“ چون. ”اوول“ جي معنى به ”بيضوي“ آهي ۽ هن دفتر جو نقشو به بيضوي (آني واري) شڪل جو ٺهيل آهي. امريڪا ۽ يورپ ۾ اهڙا ڪئين مثال آهن ته جڳهن، روڊن، رستن، چؤڪن، چؤبانن ۽ ان جهڙن ٻين يادگارن جا نالا يا ته انهن جي شڪلين تي رکيل آهن، يا وري انهن جي رنگن تي! ان کان اڳ جو اسان جي ڪوسٽر واشنگٽن جي روڊن تي تيزيءَ سان ڊوڙندي ”وائيٽ هائُوس“ پهچي، تيسين اوهان کي ”وائيٽ هائُوس“ تي اهو نالو پوڻ جو سبب ۽ تاريخي پسمنظر ٻُڌايان. اصل ۾ امريڪا جي صدر لاءِ جوڙايل هي گھر (صدارتي محل) نهايت پراڻو آهي، جنهن کي برطانوين پاران 1812ع ۾ شروع ٿيل جنگ ۾ 1814ع ۾ باهه ڏئي ساڙيو ويو هو. جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ جڏهن هن عمارت جي مرمّت ۽ اصلوڪيءَ حالت ۾ بحاليءَ وارو اڏاوتي ڪم ٿيو ته باهه جي دُونهي ۾ دُونهاٽيل ۽ داڳيل، هن صدارتي محل جي پٿر جي ڀتين کي اڇو رنگ ڏنو ويو، پر ان مرمت کان پوءِ به وڏي عرصي تائين هن محل کي ”وائيٽ هائُوس“ ڪونه سڏيو ويو. هن کي ان نالي سان تڏهن سڏيو وڃڻ لڳو، جڏهن 1901ع ۾ تڏهوڪي امريڪي صدر ”ٿيوڊور روزيويلٽ“ پنهنجي صدارتي محل جي اسٽيشنريءَ جي سامان تي پهريون ڀيرو لفظ ”وائيٽ هائُوس“ ڇپرائي هن محل تي اهو نالو پڪو ڪيو، جنهن کان پوءِ هي گھر ”وائيٽ هائُوس“ جي نالي سان ئي سڏجڻ ۽ سُڃاڻجڻ لڳو.

Sunday, September 06, 2015

اسانجا ذهين شاگرد - الطاف شيخ

اسانجا ذهين شاگرد
الطاف شيخ
سنڌ يونيورسٽي ۾ منهنجي ليڪچر بعد جن شاگردن مونکان سوال پڇيا، مونکي حيرت ٿي ته انهن ۾ ڪيترا ڀيل ۽ مينگھواڙ ذاتين جا به هئا .... هو بيحد سٺي انگريزي ۾ وڏي اعتماد سان ڳالهائي رهيا هئا.
ليڪچر بعد سنڌ يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ لنچ دوران منهنجي ڀرسان ويٺل هڪ شاگرد نمائندي ۽ مشهور اديب شاعر عباس ڪوريجو کي چيم ته توهان وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شيڊول ڪاسٽ جا به شاگرد آهن. مون اهو چوڻ وقت شايد حيرت جو به اظهار ڪيو.