فلمن ۾ ريل گاڏين جو ڪمال
الطاف شيخ
ٽرينن
بابت لکندي اها ڳالهه ڌيان ۾ آئي آهي ته اسان جي ننڍي کنڊ جي فلمن ۾... چاهي اهي
پاڪستان جون هجن يا انڊيا ۽ بنگلاديش جون، انهن ۾ گهڻو ڪري ريل گاڏي ۽ اسٽيشن جي
سين ضرور ٿاڦي وڃي ٿي ڇو جو اسان جي فلمن ۾ ڊانس ۽ گانا ڏيڻ ضروري آهن. ان ڪم لاءِ
ريل گاڏي ۽ ريلوي اسٽيشن وڏي مدد گار ثابت ٿئي ٿي جِتي هيرو ۽ هيروئن جي اوچتو
ملاقات ٿئي ٿي يا ته ماڻهن جي رش ۾ گمشدگي يا وڇوڙو ٿئي ٿو يا وري هڪ ٻئي کي ڇيڙ ڇاڙ لاءِ هيرو ۽/يا
هيروئن گانو ڳائڻ ضروري ٿيو پوي... اها سهوليت يا Situation هوائي جهاز يا پاڻي واري جهاز ۾ ايترو آسان ناهي.