Sunday, February 06, 2011

وڌندڙ آدمشماريءَ ماريو آهي.....

وڌندڙ آدمشماريءَ ماريو آهي.....

پاڻ يورپ جي اتراهن ملڪن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪي دنيا جي گولي جي مٿين نقطي اتر قطب جي بلڪل ويجهو آهن، جن ۾ رهندڙ ماڻهو موسم ۽ حالتون ويندي يورپ جي ڏاکڻن ملڪن کان به نراليون آهن. اهي ملڪ اتراهان ملڪ يعني Nordic Countries سڏيا وڃن ٿا، جن ۾ فنلئنڊ، آئس لئنڊ، گرين لئنڊ، فارو ٻيٽ (Faroe Islands)، ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ اچي وڃن ٿا. انهن ملڪن ۾ ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ اهم ملڪ سمجهيا وڃن ٿا جو انهن جون پنهنجون بادشاهتون هلنديون اچن ۽ فارو ٻيٽ، آئس لئنڊ وغيره انهن جي ئي قبضي ۾ رهيا آهن. فنلئنڊ ملڪ جيتوڻيڪ ڊئنمارڪ کان به وڌيڪ اتر ۾ آهي، پر جيئن هن کان اڳ وارن مضمونن ۾ لکي آيو آهيان ته هي ملڪ هميشه موچڙن هيٺ رهيو آهي. فنلئنڊ جي ڪجهه جاگرافيائي پوزيشن ئي اهڙي آهي جو سندس هڪ پاسي کان اتر کان ڏکڻ تائين روس چهٽيو پيو آهي ته ٻئي پاسي سئيڊن آهي. ماضيءَ ۾ سالن جا سال فنلئنڊ کي ڪڏهن سئيڊن جي سلطنت پنهنجي ڪنٽرول ۾ ٿي رکيو ته ڪڏهن روس. فنلئنڊ جي اسڪولن ۾ ڪڏهن سئيڊش زبان پڙهائي ٿي وئي ته ڪڏهن روسي. ائين جيئن ننڍي کنڊ ۾ ڌارين حاڪمن جي زبان ايراني ٿي هلي ته بعد ۾ انگريزن جي راڄ ٿيڻ تي انگريزي. ڪو زمانو هو اسان جي ننڍي کنڊ ۾ فارسي ڳالهائڻ وارو وڏي ڳالهه سمجهيو ٿي ويو جو اها بابر کان نادر شاهه ۽ تيمور لنگ کان محمود غزنوي جهڙن حاڪمن جي زبان هئي ۽ ان بعد انگريزي ڳالهائڻ وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي. اڄ به اسان چوندا رهون ٿا ته قومي زبان اڙدو، هندي، بنگالي ۽ سنهالي کي پاڪستان، هندستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ اعليٰ درجو ڏنو وڃي پر اسان کي خبر آهي ته ايئر هوسٽس يا ڪلارڪ جي چونڊ لاءِ به انگريزي ۾ انٽرويو ڪيو وڃي ٿو، ڀلي کڻي ان ايئر هوسٽس کي لاهور ملتان يا ڪراچي سکر روٽ تي مسافرن جي خدمت چاڪري ڪرڻي پوي. اهڙي طرح فنلئنڊ ۾ اڄ به جڏهن ته هو مڪمل طور آزاد ٿي چڪو آهي، سئيڊش زبان ڳالهائڻ وارن جو مٿاهون مان سمجهيو وڃي ٿو. فنلئنڊ جا وڏيرا ۽ ڀوتار جن جي سياست ۽ ملڪ جي ٻين مسئلن تي هلي ٿي، اها Minority آهي، جيڪي سئيڊش يا رُسڪي (روسي) اوريجن جا سڏائين ٿا. جيئن اسان وٽ سيد، پير، وڏيرو ۽ جاگيردار پاڻ کي سنڌي اوريجن جو سڏائڻ بدران ايران، سعودي عرب يا ڪابل قنڌهار جو سڏرائيندو. لي ڪئان يو جيستائين سنگاپور کي مٿاهين ليول تي نه وٺي آيو، تيستائين سنگاپور ۾ رهندڙ ملئي، چيني، تامل، انڊين پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي بي عزتي محسوس ڪندا هئا ۽ اهو حال اسان به ستر واري ڏهي تائين ڏٺو ۽ پوءِ ته سائين جيئن ئي سنگاپور يورپ ٿيندو ويو ته هرهڪ پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي فخر محسوس ڪرڻ لڳو. هرڪو اهو ڏيک ڏيڻ لڳو ته هنن جي وڏن جو سنڌ، پنجاب، تامل ناڊو، ڪيرالا ۽ چين جي غريب ڳوٺن سان ڪو تعلق ته نه هو پر انهن کي اها به خبر ناهي ته انهن علائقن ۾ ڪهڙي زبان ڳالهائيندڙ ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا. هو هاڻ خواب ۾ به انگريزي ڳالهائين ٿا، جيتوڻيڪ سنگاپور جي ڪيترن کان آئون به واقف آهيان ته هو ۽ هنن جا وڏا پنجابي، تامل، مليالم جهڙيون زبانون ڳالهائيندا هئا. اهو ئي حال ملائيشيا ۾ آهي.

بهرحال فنلئنڊ ۾ 1830 ۾ فينومن قومي تحريڪ پنهنجي ملڪ جي ٻولي فنس (Finnish) لاءِ ملڪ ۾ هلندڙ ڌارئين زبان سئيڊش برابر حق گهرڻ شروع ڪيا. هن تحريڪ جي دلچسپ Motto هو:

Swedes we are not,

Russians we will never become

So let us be Finns.

(سئيڊ اسان نه آهيو، روسي اسان ٿي نه سگهنداسين، ان ڪري بهتر آهي اسان فِن ئي رهون.)

هن تحريڪ ذريعي فنلئنڊ جي عوام پنهنجي ٻوليءَ لاءِ انهن قانوني حقن جي گهر شروع ڪئي، جيڪي فنلئنڊ جي سرڪاري زبانن سئيڊش ۽ روسيءَ لا هئا ۽ پوءِ 1902ع ڌاري فنلئنڊ جي پنهنجي زبان کي پنهنجي ملڪ ۾ سئيڊش ۽ روسي زبانن جيترا حق مليا. بهرحال هاڻ فنلئنڊ جي سرڪاري زبان مڪمل طرح فنش آهي پر ان هوندي به ملڪ جي اِليٽ (سرڪاري ڪامورا، امير واپاري، سياستدان) پنهنجن ٻارن کي سئيڊش زبان پڙهائڻ ۾ بهتري سمجهن ٿا، جيئن اسان وٽ ميهڙ ۽ ٽنڊي قيصر جهڙن ڳوٺن ۾ به انگريزي تعليم حاصل ڪندڙ ٻار مٿانهين مرتبي جا سمجهيا وڃن ٿا. کين ڪچي عمر ۾ ڀلي انگريزيءَ جو لفظ به سمجهه ۾ نه اچي پر سندن مائٽ کين نوڙين جهڙيون ٽايون پائي انگريزي اسڪولن ڏي ويندو ڏسي گد گد ٿين ٿا.

هينئر ويجهڙائيءَ ۾ منهنجو هيلسنڪي (فنلئنڊ جي گاديءَ جي شهر) ۾ وڃڻ ٿيو ته اڃان تائين روڊن رستن جا نالا سئيڊش زبان ۾ لکيل نظر آيا پوءِ ڀلي کڻي اهي عوام چڱي طرح نه سمجهي سگهي ۽ غلط اچاريندي وتي جيئن اسان وٽ اڙدو ۾ لکيل ڻهڻهه کي ٽهه ٽهه پڙهيو وڃي ٿو ۽ شڪارپور ۾ هاٿي گيٽ کي هاٿي گيڻ پڙهيو وڃي ٿو.

هونءَ فنلئنڊ کي هڪ عجيب (unique) ملڪ سمجهيو وڃي ٿو. اها ڳالهه هڪ ڌاريون ماڻهو به هفتي اندر محسوس ڪري ٿو. هڪ خيال کان فنلئنڊ کي ڀروارن ملڪن وانگر پنهنجي تشخيص Identity ناهي. هن ملڪ ۾ رهڻ دوران، ويس وڳي، کاڌي پيتي ۽ تهذيب تمدن ۾ توهان کي سئيڊن جي به جهلڪ نظر ايندي ته روس جي به. پولنڊ ۽ جرمني جي به ته بالٽڪ ملڪن لئٽيويا، لٿيانيا ۽ ايسٽونيا جي به! هي بالٽڪ قومون به صدين تائين دٻيل ئي رهيون جو هنن تي هر وقت ڌارين ملڪن جو اثر ۽ حڪومت رهي. پهرين جنگ عظيم (1920-1918) بعد وڃي هنن کي خودمختياري ملي. ايسٽونيا ته فنلئنڊ سان ائين ڳنڍيو پيو آهي، جيئن لاهور امرتسر يا دادو مورو. فنلئنڊ جي بندرگاهه هيلسنڪي ۽ ايسٽونيا جو بندرگاهه ٽالن ائين آهن جيئن درياهه جي هڪ پاسي ڄامشورو ۽ ٻئي پاسي هالا پراڻا. ٻنهي بندرگاهن جي وچ ۾ هر اڌ ڪلاڪ بعد فيري هلي ٿي. اڄ ڪلهه فنلئنڊ ايسٽونيا کان ڪافي امير ملڪ آهي. روزانو صبح جو هزارين پورهيت ۽ مزور فيرين ذريعي فنلئنڊ ۾ روزگار ڪمائڻ لاءِ اچن ٿا۽ شام جو پنهنجي ملڪ موٽيو وڃن ۽ رات جو ايسٽونيا جون رنڊيون، کنڊيون، ڳائڻيون، ناچڻيون هيلسنڪي جي هوٽلن، شراب خانن، مساج پارلرن ۽ ناچ گهرن ۾ اچيو نڪرن.

فنلئنڊ جي زبان جيتوڻيڪ ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارن ملڪن روس ۽ سئيڊن جي زبانن سان ته نٿي ملي پر درياهه (بالٽڪ سمنڊ) جي ٻي پار واري ملڪ ايسٽونيا جي زبان سان ضرور ملي ٿي. ايسٽونيا پکيڙ ۾ ڪو گهڻو وڏو ملڪ ناهي. سندس پکيڙ 45 هزار چورس ڪلو ميٽر آهي، يعني سنڌ جي ٽئين حصي جيڏو آهي. هن پاسي جي ٿڌن ملڪن وانگر ايسٽونيا جي به آدمشماري گهڻي ناهي. ٻه سال کن اڳ 1340،000 هئي، اڄ 1376،000 آهي، يعني ٻن سالن ۾ فقط 36 هزار وڌي آهي. اسان جي ملڪ ۾ هر سال آدمشماري 40 لک کن وڌي ٿي. يعني ايتري جيتري سڄي اردن ملڪ جي آهي. گذريل سال ڪجهه گهٽ وڌي. يعني 2007ع ۾ پاڪستان جي آدمشماري 17 ڪروڙ هئي ۽ 2008ع ۾ 17 ڪروڙ ٽيهه لک ٿي هئي، يعني فقط 30 لک وڌي. عمان جي 28 لک آدمشماري آهي. ڪويت جي ٽيهه لک آهي. معنيٰ آدمشماري جي لحاظ کان گذريل سال به ڄڻ ته ڪويت يا عمان جيڏي ملڪ جو اسان جي ملڪ ۾ واڌارو ٿي ويو پر ڪويت ۽ عمان کي ته فقط تيل ۽ هيرن (Pearls) مان ايڏي آمدني ٿي ٿئي جيڏي اسان وٽ سڀني شين مان به نٿي ٿئي، پر ڪي ملڪ ته انهن کان به خوش نصيب آهن، جيئن ته برونائي جنهن جي ڪمائي ڪويت جيتري آهي پر آدم شماري 4 لک. يعني برونائي جهڙا ست ملڪ گنڍجن ته پوءِ ڪويت جيتري آدمشماري ٿئي ۽ ڪويت جهڙن سٺ ملڪن جي آدمشماري پاڪستان برابر آهي! تڏهن ته اسان وٽ ڪيترا سياڻا ۽ دانشور اها شڪايت ٿا ڪن ته اسان کي وڌندڙ آدمشاريءَ ماريو آهي.

No comments:

Post a Comment