Thursday, February 03, 2011

بندر روڊ، گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوتو ويو ٿي - الطاف شيخ

بندر روڊ، گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوتو ويو ٿي
الطاف شيخ
ايران جي سٺين ڳالهين مان هڪ سٺي ڳالهه اها به آهي ته هتي يورپ وانگر دڪان صبح جو سوير ئي کليو وڃن! نه رڳو کير ڊبل روٽي وارن جا پر هر شيءُ جا. ويندي ڪپڙن، ٿانون، اليڪٽرڪ جي سامان جا، فوٽو گرافرن، واڍن، درزين جا. اسان وٽ يارهين ٻارهين بجي دڪان کلن، معني ڪا شيءَ وٺڻ لاءِ آفيس يا فيڪٽري ڇڏي اچجي، ان وقت ٽرئفڪ به جئم رهي ٿي پنجن منٽن جو فاصلو اڌ ڪلاڪ ۾ پورو ٿئي ٿو ۽ گاڏي پارڪ ڪرڻ جو مسئلو الڳ. هتي ايران ۾ ڪنهن آفيس واري کي پنهنجي لاءِ يا گهر ٻآرن لاءِ ڪجهه وٺڻو آهي ته صبح جو ستين بجي ئي خريد ڪري پوءِ اٺين بجي آفيس وڃي. مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ ته مڪي، مديني، هردوار، بنارس، پينانگ ۽ هانگ ڪانگ وانگر خبر ناهي ڪيڏي مهل دڪان کلن ٿا ۽ ڪيڏي مهل بند ٿين ٿا. يا شايد بند ئي نٿا ٿين. جنهن وقت هوٽل کان ٻاهر نڪر ته دڪان کليا پيا آهن، ماڻهن جي چهل پهل ۽ گهوريئڙن جي هوڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. قم جي بازار قم، بازار سجل يا مشهد جي بازار امام رضا نه ڏس يا ننڍين سوڙهين گهٽين واريون بازارون نه ڏس. هر وقت مردن کان وڌيڪ عورتون نظر اينديون. ان جي معني ته امن امان جي حالت تمام سٺي آهي جو سڄي رات ماڻهو امام علي رضا جي روضي ۽ مسجد گوهر شاد ۾ پيا وڃن ۽ واپسي تي بازارين مان خريداري پيا ڪن.
 
مونکي صبح جي وقت پنهنجي اسٽائيل جي چانهه جي سخت ٻاڙ لڳندي هئي پر اهي مزا پنهنجي ملڪ ۾ آهن يا وري هندستان ۾. اسان وٽ توڙي انڊيا جي ڳوٺ ڳوٺ جي هر هوٽل ۾ چانهه لاءِ کير جو هنڊو چڙهيو پيو هوندو ۽ آيو ويو ڌوڌپتي جو ڪوپ يا گلاس پي پوءِ آفيس يا مارڪيٽ پيو ويندو، پيٽ ۾ ڀلي کڻي ان جا ٻه گرانهه به نه هجنس. اهو به چڱو جو ايران جي هوٽلن ۾ هر فلور تي هڪ ننڍڙو ڪچن آهي ۽ ڪيترين هوٽلن جي ڪمرن ۾ به هڪ ننڍڙو چلهو ڏنل آهي جنهن تي هرڪو چانهن ٺاهڻ کان علاوه هلڪو ڦلڪو رڌ پچاءُ به ڪري سگهي ٿو. اڄ ڪلهه ڌوڌ پتي چانهه ٺاهڻ لاءِ فريش کير وٺي اچڻ جي به ضرورت ناهي. ڪيترن ئي قسمن جا پائوڊر کير ۽ ڪافي ميٽ نڪري پيا آهن جن سان ڌوڌ پتي نموني جي چانهه ٺاهي سگهجي ٿي. مون به پاڻ سان لپٽن چانهه جون ٿيلهيون ۽ نيسلي جو ۴۰۰ گرامن جو ”ايوري ڊي“ کير جو پائوڊر ۽ هڪ Evaporated کير جو دٻو وٺي رکيو. جنهن نموني جي چانهه تي دل چيو ٿي ٺاهي پيتم ٿي. ملائيشيا ۾ چانهه بدران ڪافي عام آهي ۽ جتي جتي چانهه ملي ٿي اها Condensed مٺي کير مان هڪ چاش جهڙي مٺي چانهه ٺاهي وڃي ٿي.
ايران ۾ جتي ڪٿي سليماني چانهه، يعني ڪاري چانهه هلي ٿي. هي ان ۾ کنڊ ملائي پيئڻ بدران کنڊ جو ڪيوب جنهن کي فارسي ۾ قند سڏين وات ۾ جهلي چانهه جو ڍڪ ڍڪ ڀرين. کنڊ جي ڪيوب کي وات ۾ اهڙي طرح سان پاسي کان رکن جيئن ان مان ضرورت مطابق چانهه جي ڍڪ سان مٺاڻ ڳري. يورپ ۾ مونسان گڏ جيڪي ايراني رهندا هئا اهي يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾، توڙي سندن ٻار گهرن ۾ اهڙي طرح چانهه پيئندا هئا. ڪيترا ايراني جن سان منهنجو ٻه سال سئيڊن ۾ واسطو رهيو رات جي ماني گجراتين (انڊيا جي صوبي گجرات جي ماڻهن ) وانگر مٺي (Sweet Dish) سان شروع ڪن.
ايران ۾ صبح ساڻ مردن ۽ عورتن جي وڏي رش ماني (نان) خريد ڪرڻ ۾ نظر ايندي. ايران ۾ اٽو حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهي. هر شهر جي گهٽي گهٽي ۾ سرڪاري بيڪريون آهن جن تي مختلف قسمن جا سنها، ٿلها، ڊگها، گول، سادا، ترن وارا نان ٺهن ٿا جيڪي هر ڪو قطار ۾ بيهي خريد ڪري ٿو. ان ڳالهه کي مغرب جي پريس تنقيد هيٺ آڻي ٿي پر اسان جي ملڪن وانگر ايران ۾ اٽي جي کوٽ يا ان جو اگهه غريب جي پهچ کان ٻاهر ته نٿو نڪري. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جيڪو ائگريڪلچرل ملڪ آهي جتي اناج جي پوک ۾ ڪڻڪ آساني ۽ گهڻائي ۾ پوکي وڃي ٿي اتي ڇلر جهڙو نان به چار رپيا ٿي ويو آهي ۽ هتي ايران ۾ اسان واري سادي نان کان ڊيگهه ۾ ٽيڻو نان پاڪستاني ٻن رپين ۾ آهي. ان بعد ٻيا ترن۽ گيهه ۾ پچايل ٿلها نان آهن جن جي قيمت ڪجهه وڌيڪ آهي. سو هڪ غريب کي پنج منٽ کن قطار ۾ بيهڻو پوي ٿو پر هن جو ٿورن پئسن ۾ روزانو پيٽ ته ڀرجي وڃي ٿو. ڪيترا ماڻهو سوير ئي قطار ۾ بيهي ٽيهه چاليهه نان خريد ڪري انهن بيڪرين اڳيان روڊ تي ويهي ڪجهه وڌيڪ پئسن ۾ وڪڻن ٿا. حڪومت ان ڳالهه کي پسند نٿي ڪري ۽ رکي رکي ڇاپا به لڳندا رهن ٿا پران مان اهو فائدو ضرور آهي ته اهي ماڻهو جيڪي امير آهن ۽ اهي جيڪي وقت جو بچاءُ چاهين ٿا اهي اتان فٽ پاٿ تان وٺيو وڃن، جنهن سان غريب وڪڻندڙن جو روزگار پڻ ٿيو وڃي ۽ خريدار کي ٻن رپين بدران ٽن رپين ۾ به سستو پوي ٿو. ٻي ڳالهه ته مختلف گهٽين جي بيڪرين ۾ مختلف قسم جا نان ٺهن ٿا. سو ڪنهن کي جي ٻن يا ٽن قسمن جا نان وٺڻا آهن ته هو هڪ بيڪري اڳيان قطار ۾ بيهي پوءِ ٻئي قسم جي نان لاءِ ٻي گهٽي جي بيڪري اڳيان قطار ۾ وڃي بيهي، ان کان بهتر آهي ته فٽ پاٿ تان ئي خريد ڪري جن وٽ هر قسم جا نان ٿين ٿا. هو مختلف گهٽين جي بيڪرين مان مختلف قسمن جا نان خريد ڪري هڪ هنڌ اچيو وهن جتان واٽهڙو توڙي گاڏين وارا لنگهندي خريد ڪري سگهن ٿا.
نان دراصل فارسي لفظ آهي جيڪو اسان جي ننڍي کنڊ جي ڪيترين ئي زبانن ۾ جذب ٿي ويو آهي. نان معني ماني جنهن مان ٻيا فارسي جا لفظ جيڪي گهٽ ۾ گهٽ سنڌي، اڙدو، پنجابي ۽ ملئي زبانن ۾ ڪتب اچن ٿا هن ريت آهن ؛ ناندان يعني نان ۽ کاڌي رکڻ جو ڄاري وارو ڪٻٽ، نان ختائي – مٺو بسڪيٽ، نانوائي معني نان ٺاهڻ وارو (بورچي)، نان فروش معني نان وڪڻڻ وارو وغيره پر مشهد ۾ مڪاني ماڻهو نان کي نون سڏين ٿا.
اڄ ڪلهه ايران جون مارڪيٽون به چيني شين سان ڀريون پيون آهن جن جي خريداري ايران جي ڳوٺن کان آيل زائرين ڪن ٿا يا اوسي پاسي جي ملڪن افغانستان، آذربائيجان، ازبڪستان، آرمينستان ۽ ترڪمنستان جهڙن ملڪن کان آيل زوار ڪن ٿا. اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ اسانجا پاڪستاني ان قسم جا ٽيپ رڪارڊر، ڪئلڪيوليٽر، واچون، گڏيون ۽ ٻيا رانديڪا ، پينون ۽ ٻيو فئنسي اسٽيشنري جو سامان، ايمرجنسي ٽارچون ۽ ٽيليفون پيس، مڪي، مديني، هانگ ڪانگ، دبئي ۽ سنگاپور جي بازارين مان وٺي ايندا هئا پر هاڻ اهي شيون سستي اگهه تي ڪراچي جي جمعي ۽ آچر بازارين ۾ ۽ اڃان به سستيون کوڙي گارڊن، بولٽن مارڪيٽ ۽ موتن داس مارڪيٽ ۾ ملن ٿيون. ان ڪري پاڪستانين جي هتان ايران مان هڪ محدو د قسم جي خريداري نظر اچي ٿي. مرد ته ڪجهه به نٿا ڪن باقي عورتون برقعي بدران اوڍڻ جون چادرون ۽ مٿي ڍڪڻ لاءِ حجاب جنهن کي هتي روسري سڏين ، خريد ڪن ٿيون. سٺي چادر گهڻو ڪري ڪارن يا ناسي گلن واري يا هڪ ئي ڪاري رنگ جي چئن کان نوان هزار تومان ۾ ملي ٿي يعني ٽن کان ڇهن سئو رپين ۾.
پاڪستان جو هڪ رپيو ايران جي ۱۵ تومان يا ۱۵۰ ريالن برابر آهي. ايران جي نوٽن تي تومانن بدران ريال لکيل آهن يعني نو هزار تومان واري چادر وٺڻ لاءِ توهان کي نوي هزار ريال ڏيڻا پوندا. يعني هڪ لک ريالن جو نوٽ ڏيندائو ته دڪاندار چادر سان گڏ ڏهه هزار ريالن جو نوٽ توهان کي واپس ڪندو. مٿي کي ڪور ڪرڻ لاءِ ايراني نموني جا حجاب ڏيڍ هزار کان ٽن هزار تومانن (يعني هڪ سئو کان ٻه سئو رپين) ۾ تمام سٺا ملن ٿا.
چادرن ۽ حجابن کان علاوه ٻي خاص شيءِ جيڪا پاڪستاني خريد ڪن ٿا اها زعفران آهي. ائين ته ايران جو ڊراءِ فروٽ- خاص ڪري پستا تمام مشهور آهن جيڪو عرب ۽ افريڪا جي ملڪن جي ماڻهن خوب خريد ڪيو ٿي، پر اسان جي ماڻهن ان ڪري نه جو اهي شيون؛ پستا، بادام، اخروٽ ويندي ڪشمش ۽ ڀڳڙا اسان وٽ به تقريبا ان اگهه تي ملن ٿا. هتي ٻه اکر زعفران جنهن کي انگريزي ۾ Saffron ۽ ننڍي کنڊ ۾ قيصر به سڏين ٿا لکڻ بي محل نه ٿيندو.هن جو مان ۽ بلند درجو ايامن کان نه فقط اسان جي ننڍي کنڊ ۾ آهي پر جپان، چين، ڪوريا ۽ ملائيشيا کان مصر ۽ موراڪو تائين آهي ۽ هاڻ ته ڪجهه صدين کان يورپ ۽ ويندي آمريڪا تائين، زعفران جي ناموس آهي. ايتريقدر جو زعفران انڊيا، ايران ۽ موراڪو کان وڌيڪ يونان، اٽلي ۽ اسپين ۾ پوکي وڃي ٿي. زعفران کي دنيا ۾ The Golden Spice سڏجي ٿو. زعفران سڀ کان گهڻو خوشبوءَ لاءِ کاڌن ۾ ۽ ٻئي نمبر تي دوائن ۾ ڪم اچي ٿي. چين، جپان، انڊيا جي ڪيترين قومن ۾ اهو وهم ويٺل آهي ته جيڪا ڳورهاڙي عورت (Expectant Mother) کير ۾ زعفران ملائي پيئي ٿي ان جي ٻار جي چهري جي سونهن سوڀيا بهتر ٿيو پوي.
زعفران سنهڙن ڪکن بلڪه ڌاڳن جهڙي گيڙو رنگ جي ٿئي ٿي جيڪا گلن جي مٿان وچ ۾ ٿئي ٿي. اهو گل سئفران ڪروڪس سڏجي ٿو جنهن جو سائنسي نالو Crocus Sativa آهي. ننڍي کنڊ ۾ اهو جمون ۽ ڪشمير ۾ ٿئي ٿو. هر گل مان زعفران جا ٽي چار انچ ڏيڍ جا ڌاڳا نڪرن ٿا جيڪي سڪاياوڃن ٿا. بارسلونا (اسپيس) جي دڪان تان آئون دوستن لاءِ زعفران خريد ڪندو هوس ان جي مالڪ هڪ دفعو اسانجي جهاز جي سڄي عملي کي پنهنجي سئفران ڪروڪس گلن جي پوک به ڏيکاري. هن ٻڌايو ته هڪ سئو گرام (يعني هڪ ڪلو گرام تور جو ڏهون حصو) زعفران حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه هزارن کان ست هزار گل ٿا کپن !ان ڪري زعفران دنيا جو مهانگي ۾ مهانگو مصالحو (Spice) سڏيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو هو ته زعفران جي اصل ڌرتي ايران وارو خراسان صوبو آهي. جنهن ۾ هي شهر مشهد به اچي وڃي ٿو. هڪ ڏينهن مشهد کان ٽئڪسي ذريعي نيشاپور وڃي رهيو هوس (جتي عمرخيام ۽ فريدالدين عطار جهڙن جا به مقبرا آهن.) ته رستي تي قدمگاهه کان اڳ ملڪ آباد نالي هڪ ڳوٺ آيو جتان منهنجي ٽئڪسي ڊرائيور گاڏي بيهاري سائلنسر جو پائيپ ويلڊ ڪرايو. هي ٻهراڙي وارو علائقو هو جتي جي ريسٽورنٽ ۾ ويٺل ڳوٺ جي هارين ٻڌايو ته هنن جو سفر گذر زعفران تي آهي. ”هاڻوڪي صدر محمود احمد نزاد کان اڳ کين سندن فصل جا تمام ٿورا پئسا ٿي مليا. وڏو فائدو وچ وارا دلال کائي ويندا هئا پر هاڻ حڪومت اسان کان سنئون سڌو زعفران خريد ڪري ٿي ۽ اسان کي ان جو وڏو اگهه مليو وڃي ۽ هاڻ اسان تمام گهڻو خوش آهيون.“
مون واري ڊرائيور جنهن ترجمي جو به ڪم ڪيو ٿي تنهن هنن هارين جي ڳالهه جو ترجمو ڪندي ٻڌايو ته زعفران جي پوک تي وڏي محنت ٿي گهرجي. ” هن صوبي خراسان کان علاوه ڪرمان ۾ به ڇهه هزار کن هيڪٽرن تي زعفران جو فصل ٿئي ٿو. زعفران سخت قسم جي موسم ۾ سٺو ٿئي ٿو يعني اونهاري ۾ گرم ۽ خشڪ ته سياري ۾ ٿڌ واري موسم زعفران جي پوک لاءِ بهتر آهي.“ زعفران جي پوک لاءِ ڌرتي جو سڌو ۽ بنا وڻن جي هجڻ ضروري چيو وڃي ٿو جيئن سج جا ڪرڻا سڌا پون. هن ٻڌايو ته ايران جا هاري زعفران جي پوک ۾ ڪوبه ولائتي ڀاڻ (Fertilizer) استعمال نٿا ڪن. يعني هنن جي پوک سئو سيڪڙو Organic آهي.
”زعفران جي پوک ۽ لڻائي تمام گهڻي محنت طلب ۽ ڏکي ٿئي ٿي جنهن لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي ضرورت آهي،“ هن ٻڌايو، ”لڻائي وقت هڪ هڪ گل ڪري پٽجي ٿو ۽ ان مان هي خوشبوءَ وارا زعفران جا ڌاڳا (Stigmas) ڪڍجن ٿا. هي ڪم صبح جو سوير سج اڀرڻ کان اڳ ڪيو وڃي ٿو ۽ گلن جو صحيح طرح کڙڻ جو مدو فقط ۱۵ کان ۲۰ ڏينهن تائين رهي ٿو.“
گلن مان زعفران جا هي ڌاڳا (Stigmas) ڪڍڻ بعد انهن کي ڇانوري ۾ اهڙي هنڌ سڪايو وڃي ٿو جتي ڪجهه تپش ۽ خشڪ هوا هجي. اهي پنجن کان ستن ڏينهن تائين سڪايا وڃن ٿا، ان بعد انهن کي پئڪ ڪيو وڃي ٿو.
ايران ۾ هڪ ڳالهه سٺي آهي ته هتي جي ٻهراڙين ۾ ملائشيا ۽ پنجاب وانگر (جتي جي ڳوٺاڻي آدم شماري پڻ سئو سيڪڙو مسلمانن جي آهي) مرد هارين سان گڏ سندن زالون ۽ ڌيئرون به ڪم ڪن ٿيون. اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪو ڦٽين جو چونڊو وغيره هارين جو زالون ڪنديون هيون اهو به هاڻ پئسا ڏيئي ڏهاڙي جي باگڙي مزورن ۽ انهن جي زالن کان ڪرائين ٿا ان کان علاوه اڄ ڪلهه جي ٽي وي چئنلن ۽ ڪئبلن ڪري اسانجي سنڌ جي هاريءَ کان پره ڦٽيءَ کان اڳ اٿيو نٿو ٿئي. رات جو دير تائين ٽي وي ڏسي سمهڻ ڪري هن جي جڏهن صبح جو اک کلي ٿي ته پاڇا مٿي چڙهي چڪا هوندا آهن. ان گهٽ Input (محنت) ڪري فصل جي Output ۽ ڪمائي ۾ ڪافي کوٽ اچي ٿي. T.V وغيره جيتوڻيڪ هتي ايران، ۽ هوڏانهن ملائشيا ۾ پڻ آهي، پر اتي جو هاري ۽ ڳوٺاڻو اڄ به سوير سمهي ٿو سوير اٿي ٿو.
بارسلونا (اسپين) جي مٿئين دڪاندار ۽ زعفران جي پوک جي ان زميندار ٻڌايو ته زعفران جي پوک سندن ملڪ اسپين ۾ عرب مسلمانن سن ۹۶۱ع ڌاري شروع ڪئي.
اهڙي طرح دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ زعفران جي پوک عام ٿي. اڄڪلهه آمريڪا ۾ رهندڙ ايراني ڪئليفورنيا رياست ۾ زعفران پوکڻ جو تجربو ڪري رهيا آهن. بهرحال هر ملڪ ۾ اتي جي ڌرتي (Soil) ۽ موسم بابت ڪجهه مختلف رنگ ۽ خوشبوءَ سان زعفران ٿئي ٿي پر بنيادي طرح معيار طور هر ملڪ جي زعفران کي خراسان (ايران) جي زعفران سان ئي ڀيٽو وڃي ٿو.
انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ زعفران ڪپڙا رڱڻ جي به ڪم اچي ٿي جو هن ۾ Crocin نالي ڪيميڪل آهي جيڪو رنگ جي ڪم ٿو اچي. پراڻي زماني ۾ انڊيا ۾، خاص ڪپڙا زعفران سان رڱيا ويندا هئا. گوتم ٻڌ جي مرڻ کان پوءِ هن جي ٻاون پنهنجن ڪپڙن جو زعفراني (گيڙو) رنگ مقرر ڪيو.
زعفران مصالي توڙي رنگ ۽ خوشبوءَ طور قديم زماني کان هلندي اچي. ڪلوپيٽرا جي ڪهاڻي پڙهڻ وارن کي خبر هوندي ته هوءَ زعفران مليل پاڻي جي ٽب ۾ وهجندي هئي. مصر جا حڪيم بادي، قبضي ۽ دستن جهڙين بيمارين جو علاج زعفران سان ڪندا هئا. يونان جا شهنشاهي محل ؛ ڪورٽون، ٿيٽر ۽ ناچ جا ڪمرا زعفران سان معطر ڪيا ويندا هئا. اهي ڪهڙا ته سکر ۽ سهڻا ڏينهن هئا جڏهن نيرو اٽلي جي شهر روم ۾ داخل ٿيو هو ته روم جي گهٽين کي زعفران سان ڌوتو ويو هو. اسان لاءِ ته ڪراچي جا اهي ڏينهن به سهڻا ۽ سڪون وارا هئا جڏهن ڪراچي جو ميئر جمشيد نسرونجي هو ۽ روزانو بندر روڊ (سعيد منزل کان ٽاور تائين) وارو رستو گلاب جي پاڻيءَ سان ڇڻڪار ٿيندو هو!

No comments:

Post a Comment