Sunday, February 06, 2011

پوني وارو آغا خان محل - الطاف شيخ

پوني وارو آغا خان محل
الطاف شيخ

ممبئيءَ بعد مهاراشترا صوبي جي هن ٻئي نمبر وڏي شهر پوني ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جايون ۽ جُهونا مندر، باغيچا، ڪاليج ۽ عمارتون آهن جن کي ڏسڻ لاءِ انڊيا جا شهري ۽ ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ اچن ٿا، پاڪستان کان ايندڙ گهمڻ جي شوقينن کي، خاص ڪري آغا خانين (اسماعيلين) کي پوني ۾ ”آغا خان پئلس“ ضرور ڏسڻ کپي، جنهن جي تاريخ ۽ عمارت سازيءَ جي حوالي کان تمام وڏي حيثيت آهي.


پوني جي پروادا علائقي ۾ فٽز گرالڊ پُل جي اڳيان، هتي جي اهم رستي ”پوني نگر روڊ“ تي هي تاريخي محل، آغا خانين (اسماعيلين) جي حاضر امام (يعني ۴۹هين امام) شهزادي ڪريم الحسيني آغا خان چهارم (يعني چوٿين) جي ڏاڏي امام سلطان محمد شاهه، آغا خان سوم (يعني ٽئين)، ۱۸۹۲ع ۾ ٺهرايو.
آغا خان سوم (امام سلطان محمد شاهه) اسماعيلين جو ۴۸هون امام ۱۸۷۷ع ۾ ڪراچيءَ ۾ آغا خان دوم جي گهر ۾، سندس ٽين زال نواب عاليه شمس الملڪ کي ڄائو، جيڪا ايران جي قاچار خاندان جي شهنشاهه فتح علي شاهه جي پوٽي هئي. آغا خان سوم جو پاڪستان ٺهڻ ۾ وڏو حصو آهي، پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي بنياد رکڻ وارن مان هڪ هو ۽ ان جو پهريون صدر ٿي رهيو، ان کان علاوه ليگ آف نئشنز جو ۱۹۳۷ع ۽ ۱۹۳۸ع ۾ صدر ٿي رهيو، کيس اسماعيلين جي مذهبي رهنما جي حيثيت سان سندس والده نه فقط ديني ۽ مشرقي تعليم ۾ ڀڙ ڪيو، پر يورپي تربيت پڻ ڏني، هُو Eton ۽ ڪئمبرج جو شاگرد به ٿي رهيو.
۱۸۸۵ع ۾ جڏهن سلطان محمد شاهه ستن سالن جو هو ته سندس والد آغا خان دوم (ٻيو) گذاري ويو ۽ کيس اسماعيلين جو امام مقرر ڪيو ويو. پوني وارو هي محل هن پنڌرهن سالن جي ڄمار ۾ ٺهرايو. ۱۹۴۲ع ۾ جڏهن انگريزن خلاف هندستان جي ماڻهنQuit India (انڊيا مان وڃو) تحريڪ هلائي هئي، ته انگريز سرڪار، مهاتما گانڌي، سندس زال ڪستور ٻائي ۽ سندس سيڪريٽري مهاديو ڀائي ديسائيءَ کي هن محل ۾ ۹ آگسٽ ۱۹۴۲ع کان ۶ مئي ۱۹۴۴ع تائين نظربند رکيو هو. مهاديو ڀائي ۽ گانڌيءَ جي زال ڪستور ٻائي انهن نظربنديءَ وارن ڏينهن ۾ محل ۾ ئي مري ويا، جن جي سماڌي (راک) هن محل ۾ ئي رکيل آهي. ماڻهو عقيدت جو نذرانو پيش ڪرڻ لاءِ ۽ گانڌي جي رهائش جو يادگار ڏسڻ لاءِ هتي اچن ٿا. هن محل ۾ فوٽن جي گئلري ۽ ميوزيم به آهي، جنهن ۾ هتي رهڻ دوران گانڌيءَ جون استعمال ڪيل شيون رکيل آهن، جن ۾ ٿانوَ، ڪپڙا، پنا، پينسلون، ويندي ٽوال، مالها ۽ چمپل پڻ. اهو ڪمرو جنهن ۾ ڪستور ٻائي زندگيءَ جا آخري پساهه کنيا، اها ٽيبل جنهن تي گانڌي ماني کائيندو هو ۽ اهو ڪمرو جنهن ۾ گانڌي پنهنجي پوٽيءَ کي سائنس جا سبق پڙهائيندو هو ۽ اهو خط جيڪو گانڌيءَ پنهنجي سيڪريٽريءَ جي مرڻ تي لکيو هو... وغيره، اهي شيون ماڻهو ڏسڻ لاءِ هتي اچن ٿا. ڪستور ٻائي جي راک ۽ ان اڳيان رکيل ڪتبي واري ڪمري جي ڀرسان هڪ دڪان به آهي، جتي هٿ جو اُڻيل کدڙ جو ڪپڙو پڻ وڪامي ٿو. ياد رهي ته انگريزن جي ڪارخانن کي نقصان رسائڻ لاءِ گانڌيءَ هندستان ۾ اها تحريڪ پڻ هلائي ته ولايتي ڪپڙو پائڻ بدران چرخي تي پاڻ ڪَتي ڪپڙو ٺاهيو، ان سان انگلينڊ جي ايڪاناميءَ کي وڏو ڇيهو رسيو هو.
پوني مان وهندڙ مُولا (Mula) نديءَ جي ڀرسان هي هڪ سؤ سال پراڻو محل، مهاتما گانڌي ۽ ان جي زندگيءَ جو يادگار هجڻ کان سواءِ عمارت سازيءَ جو پڻ نادر نمونو آهي ۽ سندس فوٽو ڪڍڻ بنا رهي نٿو سگهجي. سلطان محمد شاهه ۽ آغا خان سوم هي محل اوسي پاسي جي علائقن جي مزورن کي روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ ٺهرايو هو، جن جي حالت ڏڪار جي ڪري رحم جوڳي ٿي وئي هئي، موجوده آغا خان چوٿين (شهزادي ڪريم الحسيني) ۱۹۶۹ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جي مان ۾ ۽ سندس فلسفي جي شان ۾ هي محل هندستان جي حڪومت کي Donate ڪري ڇڏيو.
هي شهر پوني، اسماعيلي شيعا مسلمانن لاءِ، نه فقط هن محل ڪري اهميت رکي ٿو، پر هي اهو شهر آهي جتي سلطان محمد شاهه (آغا خان سوم) جي پهرين شادي ۲ نومبر ۱۸۹۶ع تي پنهنجي سوٽ (آغا خان اول جي پوٽي) شهزادي بيگم سان ٿي هئي.
سندس ٻي شادي ۱۹۰۸ع ۾ مونٽي ڪارلو جي بيلي ڊانسر ڪليوپ ٽيريسا (۱۹۲۶ع- ۱۸۸۸ع) سان ٿي جنهن مان کيس ٻه پٽ مهدي خان (وفات ۱۹۱۱ع) ۽ علي سولو من (۱۹۶۰ع- ۱۹۱۱ع) ٿيا. ٽيريسا لاءِ چون ٿا ته شاديءَ کان اڳ مسلمان ٿي هئي ۽ ”شهزادي آغا خان“ سڏبي هئي.
ٽيريسا جي وفات بعد آغا خان ٽئين ۱۹۲۹ع ۾ هڪ فرينچ عورت ائنڊري جوزفين (۱۹۷۶ع- ۱۸۹۸ع) سان شادي ڪئي، جيڪا شهزادي ائنڊري آغا خان سڏبي هئي، هن مان کيس هڪ پٽ شهزادو صدرالدين آغا خان ڄائو، ۱۹۴۳ع ۾ ائنڊري جي طلاق ٿي وئي، ان بعد ۱۹۴۴ع ۾ آغا خان سوم پنهنجي سيڪريٽري يوووني بلانچي سان جنيوا سئٽزرلئنڊ ۾ شادي ڪئي، پاڻ ”Miss lyon 1929“ ۽ ”مس فرانس ۱۹۳۰ع“ به رهي چڪي هئي، مسلمان ٿيڻ وقت سندس نالو اُمِ حبيبا رکيو ويو، ۱۹۵۴ع ۾ سندس مڙس هن کي ”ماتا سلامت“ جو لقب عطا ڪيو.
جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته آغا خان سوم (سلطان محمد شاهه) هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هو، هن جا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن. ان وقت جي مسلمان پيرن، شاهن، وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن کي ڏسبو ته هُو فارسيءَ جا ڄاڻو مس هوندا هئا، پر آغا خان سوم مشرقي توڙي مغربي تعليم جو ڄاڻو هو. سندس ٻه ڪتاب مارڪيٽ ۾ عام ملن ٿا، جيڪي پڙهندڙن کي Recommend ڪندس:
هڪ ”India in Transition“ جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ انڊيا جي سياست جو احوال آهي.
ٻيو The Memoris of Aga Khan اها آغا خان سوم جي آتم ڪٿا آهي.
آغا خان سوم جي ۱۹۵۷ع ۾ وفات بعد امامت جي ذميواري، هن جي پٽ بدران پوٽي ڪريم آغا خان کي سونپي وئي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين اسماعيلين جو حاضر امام آهي ۽ آغا خان چهارم (يعني چوٿون) سڏجي ٿو، آغا خان سوم جي وفات وقت شهزادي ڪريم جي عمر ۲۰ سال هئي، ڏاڏي جي وصيت موجب سندس پيءُ پرنس علي خان يا چاچي پرنس صدر الدين آغا خان بدران کيس ۴۹هون امام بنايو ويو، ان بابت آغا خان سوم پنهنجي وصيت نامي ۾ سبب ڄاڻايو آهي ته...
”...دنيا جي تيزيءَ سان بدلجندڙ حالتن ڪري، خاص ڪري جيڪي ڪجهه ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن ۾ اٽامڪ سائنس جون ايجادون به ٿيون آهن، آءٌ ان فيصلي تي مطمئن آهيان ته شيعا مسلم اسماعيلي ڪميونٽيءَ جي بهتريءَ لاءِ اهو ضروري آهي ته منهنجي مرڻ بعد ڪو اهڙو نوجوان امام ٿئي، جيڪو هن نئين دور جي پيدائش هجي ۽ امامت جي ذميواريءَ کي بهتر نموني سان نباهي سگهي...“
آغا خان سوم جي انهن ويچارن ڪري پرنس ڪريم (آغا خان چوٿون) ”اٽامڪ ايج جو امام“ پڻ سڏيو وڃي ٿو، پرنس ڪريم پاڪستان جي آزاديءَ جي اهم ليڊر پرنس علي خان ۽ سندس پهرين زال، فرانس ۾ جنم وٺندڙ شهزادي تاج الدوله (اصل نالو جون باربرا ۱۹۹۷ع-۱۹۰۸ع) جي گهر، جنيوا (سئٽزرلئنڊ) ۾ ۱۳ ڊسمبر ۱۹۳۶ع تي جنم ورتو، کيس شهزادو امين نالي هڪ ڀاءُ به ٿيو.
۱۹۴۹ع ۾ سندس والدين جي طلاق ٿي ۽ پرنس علي خان هڪ آمريڪن فلم ائڪٽريس ريٽا هيورٿ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ شهزادي ياسمين آغا ٿي، جيڪا پرنس ڪريم جي پيئيتي ڀيڻ ٿي.
پرنس ڪريم آغا خان جو ننڍپڻ ڪينيا جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ ۾ گذريو، شروعاتي تعليم هن گهر ۾ ٽيچر ذريعي حاصل ڪئي. هن جي ڏاڏي آغا خان سوم عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جو هڪ اسڪالر مصطفيٰ ڪمال ٻنهي ڀائرن: پرنس ڪريم ۽ پرنس امين کي رکي ڏنو. ڪريم آغا خان بعد ۾ سئٽزرلئنڊ مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ۱۹۵۹ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان اسلامي تاريخ ۾ BA آنرس ڪئي. ۲۰۰۵ع ۾ کيس ”آمريڪن يونيورسٽي بيروت“ طرفان اعزازي طور ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني وئي، ڪيترن کي شايد اها خبر نه هجي ته ۱۹۶۰ع ۾ ترڪي ۾ ۽ ۱۹۶۴ع ۾ ايران ۾ جيڪي اولمپڪس رانديون ٿيون هيون، ان ۾ پرنس ڪريم آغا خان Skiing ۾ حصو ورتو هو.
پرنس ڪريم آغا خان ۱۹۶۹ع ۾ هڪ انگلش فيشن ماڊل ساراح (Sally) ڪروڪر پول سان پئرس ۾ شادي ڪئي، جيڪا بيگم سلمه آغا سڏي وئي ٿي، هيءَ شاديءَ ۲۵ سالن تائين هلي ۽ کين ٽي ٻار ٿيا: شهزادي زهرا آغا (ڄم جو سال ۱۹۷۰ع)، شهزادو رحيم آغا خان (ڄم جو سال ۱۹۷۱ع) ۾ شهزادو حسين آغا خان (ڄم جو سال ۱۹۷۴ع)، سندن طلاق ۱۹۹۵ع ۾ ٿي، جنهن بعد ڪريم آغا خان ڊاڪٽر گئبريل، ليننجن جي شهزادي سان ۱۹۹۸ع ۾ شادي ڪئي، شاديءَ کان اڳ هُوءَ مسلمان ٿي ۽ اسلامي نالو انارا رکيو، جيڪو عربي لفظ نور (روشني) مان نڪتل آهي، هُوءَ هاڻ بيگم آغا خان به سڏجي ٿي، هن مان آغا خان کي هڪ پٽ پرنس علي محمد آغا خان (ڄم جو سال ۲۰۰۰) آهي، پرنس ڪريم آغا خان دنيا جي امير ترين ماڻهن مان آهي، هن جو ساليانو انڪم ۳۰۰ ملين ڊالر چيو وڃي ٿو، هن کي ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ هوائي جهازن جون ڪمپنيون آهن، هن جي ذاتي ملڪيت انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ کان به گهڻي آهي.

No comments:

Post a Comment