وڃان آءٌ اُڏري، اڪيلي اڪيلي
الطاف شيخ
ان ڏينهن پوني ۾ ريٽا شهاڻيءَ جي گهر رٿيل ميٽنگ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته سنڌ کان جيڪو به اديب يا شاعر اچي ويو ته سيمينار جي صدارت ان کان ڪرائبي پر افسوس جو آخري وقت تائين ڪو به اچي نه سگهيو ۽ نيٺ ان محفل جي صدارت جي پڳ منهنجي مٿي تي رکي وئي. ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، پروفيسر لڇمڻ خوبچنداڻي، گوورڌن گهائل کان علاوه ممبئيءَ کان آيل، ممبئي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ صوفيزم تي پيپر پڙهيا. ٽيڪچند مست ۽ ريٽا شهاڻيءَ سنڌ کان پوسٽ ذريعي مليل امر جليل، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ موهن مدهوش جا پيپر پڙهيا. مون کي پنهنجو پيپر (جنهن جو عنوان هو: ”صوفيزم- جيئن مون سمجهي آهي“) پڙهڻو پيو، ان بعد هڪ دفعو وري، آخر ۾ صدارتي تقرير ڪرڻي پيئي، بهرحال ريٽا شهاڻيءَ جي طرفان بندوبست ڪيل هي فنڪشن خيرخوبيءَ سان ٿي گذريو.
هن سيمينار ۽ پوني اچڻ جي ڳالهه، شروع ٿيڻ کان اڳ، مون ريٽا شهاڻيءَ جي ڪا ڪهاڻي پڙهي هئي ۽ نه شعر... نه وري ڪو سندس نالو ٻڌو هو، جو ملڪ کان ٻاهر رهڻ ۽ گهڻو وقت سمنڊ تي رهڻ ڪري، انڊيا جي فقط چند سنڌي اديبن جا ڪي ڪتابَ پڙهي سگهيو هئس، ايتري قدر جو ريٽا شهاڻيءَ جو جڏهن پوني اچڻ جي دعوت جو Email مليو ته موهن مدهوش کي حيدرآباد فون ڪري پڇيم ته ريٽا شهاڻي مرد آهي يا عورت؟
”سائين ڪمال ٿا ڪريو“ موهن کلندي وراڻيو، ”ريٽا شهاڻي ته نالي مان ئي ليکڪا لڳي ٿي.“
”ها... پر نالي مان ته نسيم کرل، ڪيرت ٻاٻاڻي، تاج صحرائي ۽ آسي زميني به ليکڪائون لڳن ٿيون، پر هُو سڀ ليکڪ آهن.“
بهرحال پُوني پهچي ريٽا شهاڻيءَ سان ملاقات ٿي ته معلوم ٿيو ته هُوءَ وڏي همت واري عورت آهي ۽ اڄ جي دور ۾ هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا ۽ شاعره آهي، جنهن جا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون اسان وٽ ۽ انڊيا ۾ ڇپجندا رهن ٿا. انڊيا اچڻ کان اڳ هڪ جهوني اديب، ريٽا شهاڻيءَ لاءِ مون کي چيو ته هُوءَ پنهنجي زماني جي خوبصورت عورت ٿي گذري آهي، پر آءٌ ته اهو چوندس ته هوءَ اڄ به سمارٽ ۽ سهڻي آهي. جهڙي شڪل شبيهه ۾... تهڙي ئي اخلاق ۽ behavior ۾. ڀيڻ ماهتاب محبوب وانگر هُوءَ بيحد قربائتي، مهمان نواز ۽ هر هڪ جي عزت ڪرڻ واري عورت آهي. انڊيا ۽ ٻين ملڪن کان آيل اديبن کي هر وقت پنهنجي گهر، پوني ڪلب ۽ بوٽ ڪلب ۾ مانيءَ جي دعوت ڏيندي رهي ٿي، آءٌ سوير سمهڻ جو عادي، سڄو ڏينهن ڪانفرنس ۽ فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ بعد، جڏهن ڪيڏانهن گهمڻ لاءِ نڪرڻ بدران سوير ئي اچي ڪمري ۾ سمهي رهندو هئس ته ريٽا هميشه تعجب کائيندي هئي ته آءٌ هن سان گڏ ڪيڏانهن گهمڻ يا ڊنر تي ڇو نٿو هلان؟
”بي فڪر ٿي، آءٌ توکي اهڙن هنڌن تي وٺي هلان ٿي جتي مسلمان بورچي آهن ۽ حلال کاڌو ٿو ملي.“ هن منهنجي نه هلڻ جو اهو سبب سمجهي مون کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي.
”نه اها ڳالهه ناهي، دراصل آءٌ پنهنجو پاڻ کي پوڙهو سمجهان ٿو ۽ ايترو گهمڻ جي همت نٿو ساريان.“ مون کيس چيو.
”ڪمال آهي! آءٌ توکان وڏي ٿي ڪري به ڪيترو هلان ٿي، گهر کي منهن ڏيان ٿي، ماڻهن سان ملان جُلان ٿي، سيمينار جي ڪمن جو بندوبست ڪريان ٿي...“
واقعي! ان ڳالهه ۾ ريٽا صحيح هئي، هفتو کن لڳاتار سندس مشغول روٽين ڏسي مون کي حيرت ٿي ته هُوءَ لکڻ لاءِ ڪيئن ٿي وقت ڪڍي! اسين جي لکون ٿا ته ان جي بدلي نه ماڻهن سان ملون ٿا، نه ڪنهن جي مرڻي پرڻي تي پهچون ٿا ۽ نه وري ڪو گهر جو ڪم ڪار ڪريون ٿا. سندس تازا ڇپيل ٽي ڪتاب، جيڪي هن مون کي پوني ۾ ڏنا، اهي ممبئيءَ اچي پڙهيم: ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ ريٽا جي آتم ڪهاڻي آهي، ’رشتن جو رقص‘ ڪهاڻين جو مجموعو آهي ۽ ٽيون ’سڄاڻ جون سمرتيون‘ يادگيرين تي مشتمل ڪتاب آهي.
آخري ڏينهن تي ريٽا سان پوني ڪلب ۾ ملاقات ٿي ته هن مون کي رجنيش آشرمOsho International Meditation Resort”“ ڏيکارڻ لاءِ زور ڀريو، اتفاق سان ان ڏينهن صبح جو آءٌ رڪشا ۾ چڙهي اهي ڏسي آيو هئس.
”آءٌ هن آشرم جي ميمبر آهيان“ ريٽا شهاڻيءَ ٻڌايو، ”ڳاڙهو چوغو پائي هلنديس ته اندر اچڻ کان نه روڪيندا ۽ توکي اهو چڱيءَ طرح گهمائي سگهنديس.“
”اهو صحيح آهي“ مون ريٽا کي ٻڌايو، ”پر هڪ ته آءٌ جرنلسٽ ۽ ليکڪ جي حيثيت سان اندر وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هئس ۽ ٻي ڳالهه ته اهو ايڏو وڏو آهي، جو اتي ٽي چار ڪلاڪ وڃائڻ بدران، پُوني جا جهونا علائقا ڏسڻ کي ترجيح ڏيندس.“
منهنجي ان خواهش مطابق ريٽا مون کي پوني جو جهونو شهر گهمايو، جيڪو ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ ۽ بوهري بازار جهڙو ڏيک ڏئي ٿو. اتي مون کي ڪيترائي فوٽو ڪڍڻ جو موقعو مليو. شهر جي هن علائقي مان گهمندي مون کي پنهنجو والد صاحب ڏاڍو ياد آيو جيڪو اڄ کان ستر سال کن اڳ هن شهر جي ائگريڪلچر ڪاليج ۾ جڏهن B.Sc ڪندو هوندو ته ضرور هنن گهٽين مان لنگهندو هوندو، جو ان وقت پوني جو هي ئي علائقو سڄو شهر سڏبو هو.
ريٽا شهاڻيءَ جا ٽيهارو کن هند سنڌ ۾ ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ”کٿوريءَ جي کاڻ“، ”جتي منهنجا اوٺيئڙا“ ۽ ”سفر در سفر“ سفرناما آهن، سندس ڪجهه شاعريءَ جا به ڪتاب آهن، جهڙوڪ:
· پنک وڄائن شنک
· منهنجي حد آڪاش
· سوريه ياترا
· ارٽ جو آواز
پاڻ ناولَ پڻ لکيا اٿس، جيڪي مون وٽ موجود آهن، انهن جا نالا آهن:
· ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ
· چنڊ کان سج تائين
· ڀره جا پياڪ
· رنگريز وا رنگ دي
· گونگي گگن سان گفتگو
بقول تاج جويي جي ريٽا شهڻي، پڪي عمر ۾، ڪيترن ليکڪن کان پوءِ ادب جي ميدان ۾ آئي ۽ ڪيترن کان اڳتي نڪري، پنهنجو ادبي مقام حاصل ڪري چڪي آهي. ريٽا، شاعري، ڪهاڻي، ناول، سفرنامي، آتم ڪٿا، تنقيد نگاري ۽ مضمون نگاريءَ کان علاوه نرت ڪلا (ناچ) ۽ موسيقيءَ جي به وڏي ڄاڻ رکي ٿي. ريٽا جون ڪيتريون ئي تخليقون ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿي چڪيون آهن، سندس هڪ خوبصورت ڪويتا هن وقت ياد اچي رهي آهي:
پکي ٿي مان هيڪر،
اڏامان مان جيڪر،
وڃان آءٌ اڏري، اڪيلي اڪيلي!
چُلان مان ته جل ٿل،
هلان مان ته پل پل،
سُوتنتر رهان مان: اڪيلي اڪيلي.
No comments:
Post a Comment