مٺن سُرن وارا نالا ۽ ذاتيون
الطاف شيخ
پوني ۾ هفتو کن رهائش دوران ڪيترن ئي سنڌي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن سان ملاقات ٿي، جيڪي نه فقط انڊيا جي مختلف شهرن مان آيا هئا پر لنڊن، مئڊرڊ، فرانس، دبئي، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ آمريڪا جهڙي ڏورانهين ملڪ جي شهرن کان پڻ اچي پوني ۾ گڏ ٿيا هئا. سنڌ، بلڪ سڄي پاڪستان مان آءٌ اڪيلو ئي آيل هئس، سو هند جي اديبن لاءِ آءٌ فقط هڪڙو ڌاريون هئس، جنهن کي هُو يڪدم سُڃاڻڻ لڳا، پر منهنجي لاءِ هڪ هڪ کي سُڃاڻڻ وڏو مسئلو ٿي پيو. هر ڪنهن ملڻ وقت جيتوڻيڪ پنهنجو نالو ٻڌايو ٿي، ڪيترن ته ڪارڊ به ڏنا، پر سوين ماڻهن مان ڪنهن جا نالا ياد رکجن، ڪنهن جا چهرا ياد رکجن! هر وقت اهو سوچيندو رهيس ٿي ته ههڙن موقعن تي تاج جويي جهڙو ماڻهو گڏ هجڻ کپي، جنهن جو مطالعو توڙي سڃاڻپ تمام وسيع آهي. هن ويندي انڊين سنڌي اديبن ۽ انهن جي ادبي خدمتن تي ”سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ“ جهڙو ڪتاب به لکيو آهي. هُو اڄڪلهه هڪ دفعو وري سنڌي لئنگوئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري آهي. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس. انڊيا مان موٽڻ بعد تاج سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ملاقات ٿي، ته مون کيس چيو ته ”توهان جي انڊيا ۾ مون سان گڏ هجو ها ته آءٌ اڃا به وڌيڪ اديبن بابت لکي سگهان ها ۽ هڪ ٻيو اسحاق سميجو جهڙو نوجوان به هجي ها ته فوٽن ڪڍڻ جو ڪم هُو سنڀالي ها. هُو فوٽا ڪڍندو وڃي ها ۽ آءٌ آيل مهمانن کان انهن جا نالا پڇي نوٽبڪ تي لکندو وڃان ها، ته ڪاري پتلون وارو گوبند خوشحالاڻي آهي، ڳاڙهي شرٽ وارو گوورڌن ڀارتي آهي، سٿڻ قميص وارو ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي آهي... ۽ پوءِ انهن جا فوٽو پهرين ڏينهن پرنٽ ڪرائي انهن تي نالا لکي ڪمري جي ڀت تي هڻي ڇڏيان ها ۽ انهن مان اهم اديبن ۽ شاعرن کان انٽرويو به وٺندو رهان ها.“
تاج جويي چيو ته، ”اسحاق سميجو نه ته ڀلا رکيل مورائي ئي هجي ها.“
بهرحال افسوس جي اها ڳالهه ته مون سان گڏ هن سفر ۾ هلڻ لاءِ ڪيترائي ساٿي هئا، پر آخري وقت ۾ آءٌ اڪيلو ئي هتي پهتس. شايد ٻين جو داڻو پاڻي پوني يا ممبئيءَ ۾ لکيل نه هو. هڪ ٻي ڳالهه ته هن کان اڳ منهنجو گهڻن سنڌي اديبن سان واسطو نه رهيو هو. پاڪستاني سنڌي اديبن جا رسالا ۽ ڪتاب ئي پڙهندو رهيس ٿي. ان ڪري مون لاءِ انڊين اديبن جا نالا به اوپرا هئا. اها ڳالهه ناهي ته ڪو منهنجو انڊين سان واسطو نه رهيو آهي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جتي ڏهه سال کن رهيس اوڙي پاڙي ۾ جيڪي رهيا ٿي سي انڊين ئي هئا. ويندي منهنجا ڪيترائي شاگرد به انڊين هئا، جن جا هندو نالا ٻڌڻ ۽ ياد رکڻ مون لاءِ آسان ڪم هو. مٿين ملڪن ۾ جن هندن سان منهنجو واسطو رهيو انهن ۾ ۹۵ سيڪڙو سائوٿ انڊين يعني تامل هئا، جن جا نالا: سيمي ويلو، چيلا پلائي، گنگائي مائن ٿان، جي يا پرييان، ڪيرون پان، راجا ماران، ٿونڊامان، ويدو ٿلائي ۽ ٻيا ان قسم جا نالا جيڪي سنڌ، پنجاب ۽ اتر انڊيا جي ماڻهن لاءِ اُچارڻ ته ضرور ڏکيا ٿيندا پر ٻڌي ٻڌي اسان لاءِ سولا ٿي پيا آهن. ڪيترن جا نالا ته لنگم هوندا هئا يا ان جا قِسم جا هئا. جيئن سمجهو کڻي ته اسان وٽ لفظ بهار آهي، جنهن جي نالي سان اسان جي فلمي انڊسٽري جي جهوني اداڪاره بهار بيگم آهي جيڪا شايد اڃا به جيئري هجي، جو اسان جون هيروئنون (توڙي) هيرو فلمي دنيا جي جيئري جان نه ڇڏيندا.آهن. اسان جون هيروئنون ڏسڻ وارن کي ڊيڄارينديون رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو پوءِ ڏسڻ وارا پاڪستاني فلمن ڏسڻ تان هٿ کڻي ڇڏيندا آهن. بهرحال اسان وٽ بهار نالو مشهور آهي ۽ ان مان ٺهيل ڪجهه ٻيا نالا پڻ جيئن گل بهار، سدا بهار، دل بهار وغيره، تيئن لنگم سان واسطو رکندڙ تامل لفظن وارا نالا آهن جن جو مطلب ننڍو لنگم، وڏو لنگم، سهڻو لنگم، سنهو لنگم آهي يا وري ڪالائي لنگم، سيلوا لنگم، شيوا لنگم، سندر لنگم، ٿيو اهي لنگم نالا آهن. ڏکڻ اوڀر ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ ان قسم جا ئي نالا عام آهن، جو اتي ڏکڻ هندستان جا ماڻهو تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪنهڙ قسم جون زبانون ڳالهائڻ وارا آهن. انڊين سڏائڻ جي باوجود هي اڙدو يا هندي نٿا سمجهن. يورپ ۽ آمريڪا ڏي اتر انڊيا جا گهڻا آهن جيڪي اڙدو ۽ هندي سمجهن ٿا ۽ انهن جا نالا وري به اسان جي سنڌي هندن سان ملن ٿا، پر اسان جي سنڌي هندن کي سندن ذاتيون جڳ کان نرالو بڻائين ٿيون. ڪجهه مشهور هندو ذاتين کان ته اسان سڀ سنڌي واقف آهيون جو انهن جا ناول مضمون ۽ شعر ڪتابن ۾ پڙهيا اٿئون جيئن ته آڏواڻي، گربخشاڻي، پنجواڻي، موٽواڻي، واسواڻي، ملڪاڻي ۽ اتم چنداڻي وغيره. پر ٻيا مون لاءِ به نوان ٿي پيا ۽ هڪ ئي وقت ٽي چار ڊزن نالا ياد ڪرڻ مون لاءِ ڏکيو ڪم ٿي پيو جيئن گوبند خوشحالاڻي، جڳديش لڇاڻي، موهن گيهاڻي، جهمون ڇڳاڻي، سندر اگناڻي، هيرو شيوڪاڻي، ومي سدارنگاڻي، ڪملا گوڪلاڻي، لڇمڻ خوبچنداڻي، ٻلديو مٽلاڻي، پرام ابيچنداڻي، شيام جئسنگهاڻي، منگهارام سپهيمالاڻي، رميش جانجاڻي، مدن جماڻي (اهو وري به familiar نالو لڳو جو جماڻي ۽ خميساڻي اسان مسلمانن ۾ به ذاتيون آهن ۽ اقبال جماڻي، شوڪت جماڻي ۽ بخت علي جماڻي منهنجا پيٽارو جا دوست آهن)، مورجمل منگهناڻي (جنهن سان پوني ۾ ۽ هاڻ دبئي ۾ ملاقات ٿي)، نرنجن ڏوڏاڻي، رام بخشاڻي، جيون گرشاهاڻي وغيره وغيره. اهي نالا اُچارڻ کڻي آسان آهن پر هڪ ئي وقت تي ٻڌڻ ۽ ملڻ سان دماغ چڪرائجي ويو.
مٿيون قصو ائين به چئي سگهون ٿا ته هڪ انڊين سنڌي (مون جهڙي پوڙهي لاءِ) امرجليل، تاجل بيوس، نسيم کرل، ابراهيم جويو، تاج جويو، ادل سومرو، استاد بخاري، جمال ابڙو ۽ ماهتاب محبوب جهڙا نالا اوپرا نه هجن، پر هن کي جيڪڏهن هڪ ئي وقت منظور قادر، فياض چنڊ ڪليري، اشتياق انصاري، اسحاق انصاري، قاضي منظر حيات، فياض ڏاهري، نثار منصور، واحد پارس، امداد سومرو، رحمت الله ماڃوٺي، غلام حسين رنگريز، گل حسن ڪلمتي، ضراب حيدر، فگار هڪڙو، عرفانا ملاح ۽ مهرالنساءِ لاڙڪ ملائيندائو ته هن کي به مون وانگر نه نالا ياد بيهندا ۽ نه شڪليون. ڀلي کڻي ان سلسلي ۾ توهان هن کي ٻه ڏينهن ٽيوشن پڙهايو... پوءِ به هو بلوچ صحبت کي امر سنڌو پيو سمجهندو ۽ امر لغاري کي سرفراز عباسي.
وري به حق جي ڳالهه ڪبي ته اسان مسلمانن جي ذاتين کان هندو سنڌين جون ذاتيون اچارڻ سوليون آهن جن جي گهڻو ڪري هر ذات جو پويون اڌ ته ”واڻي“ آهي جيئن کٽواڻي، ڌيرواڻي، گيانچنداڻي، جڳتياڻي وغيره.
هندستان جا ڪيترا غير سنڌي ته اهو ئي سمجهن ٿا ته هر اها ذات جنهن جي آخر ۾ ”ڻي“ اچي ٿو، اها سنڌي ذات آهي. جهاز جي ڪواٽر ماسٽر کي جيڪو جهاز جو ’اسٽيرنگ ويل‘ جهلي بيهندو آهي ان کي ننڍي کنڊ ۾ توڙي ايران ۽ عرب دنيا ۾ ”سکاڻي“ سڏين ٿا. ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ نوڪريءَ دوران هڪ ڏينهن منهنجو ساٿي پروفيسر ڪئٽپن تيجپال سنگهه ٿو پڇي ته ڇا سکاڻي به توهان سنڌين جي ذات آهي؟
نه فقط غير سنڌي پر ڪيترائي هندو سنڌي خاص ڪري اهي، جيڪي سنڌ کان پري ڌارين ملڪن ۾ رهن ٿا، اهو ئي سمجهن ٿا ته ’ڻي‘ ذات وارو سنڌي ئي آهي. هنن کي ڪو ٻڌائي ته هُو سنڌي آهي ۽ سندس ذات ابڙو، انصاري، ڌاريجو يا گوپانگ آهي ته هنن کي حيرت ٿي ٿئي. شروع وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته هانگ ڪانگ، سنگاپور ۾ توڙي برمودا ۽ ٽرنيڊاڊ جي ٻيٽن تي مون کان جڏهن اتي جا هندو سنڌي دڪاندار ذات پڇندا هئا ته منهنجي ”شيخ“ ٻڌائڻ هو وائڙا ٿي ويندا هئا ته آءٌ ڪهڙو سنڌي آهيان! ڪيترا ته وري اهو سوچي ته مون شايد هنن جو سوال نه سمجهيو مون کي explain ڪندا هئا ته ذات معنيٰ Surname، ڪاسٽ، پاڙو جيئن اسين گدواڻي آهيون، ڀوڄواڻي آهيون، ڪالاڻي يا ناگواڻي آهيون. تنهنجو هي ڪهڙو عجيب نالو ۽ ذات آهي! ۽ مون کي بار بار کين اهو سمجهائڻو پيو ٿي ته افسوس جو منهنجو نالو ميٺارام هاسٽل ۾ رهندڙ منهنجي دوست انجنيئر مرلي ڌر گنگواڻي جهڙو ميوزيڪل ناهي. اسان مسلمانن جا نالا نو ڊائوٽ توهان لاءِ مشڪل آهن، جو توهان وٽ اهي واپرائجن نٿا جيئن منهنجو نالو الطاف شيخ آهي يا بخشڻ مهراڻوي، منصور ويراڳي، خان محمد چنجڻي، سانوڻ خاصخيلي، امداد اوڍو، محسن ڪڪڙائي، طوبيٰ گهمرو، منظور سخيراڻي وغيره.
بهرحال ان هوندي به اسان سنڌي مسلمان اديبن ۽ شاعرن ۾ ڪي اهڙا خوش نصيب ضرور آهن جن جون ذاتيون يا تخلص اڄ جي نئين نسل جي هندو سنڌيءَ کي اُچارڻ ۾ ڪا اوپرائپ نه ٿيڻ کپي، جيئن: معمور يوسفاڻي، اسماعيل عرساڻي، ڪريم بخش نظاماڻي، درگاهي ميراڻي وغيره جن ۾ آخر ۾ ’ڻي‘ اچي ٿو ۽ فقط ’ي‘ اُچار وارا ته اسان وٽ به ڪيترائي شاعر اديب آهن، جيئن ته: علي نواز وفائي، وفا ناٿن شاهي، نجم عباسي، مومن مليرائي، ناز سنائي، مهتاب اڪبر راشدي، علي احمد بروهي، سوز هالائي، سرويچ سجاولي، سرشار عقيلي، زيب عاقلي وغيره وغيره...
No comments:
Post a Comment