
انتساب
الطاف شيخ
حسين قلي زاده نالي
پنهنجو هي سفرنامو حسين قليزاده جي نالي منسوب ڪري بيحد خوشي محسوس ڪريان ٿو.
حسين نه فقط منهنجو پراڻو دوست ۽ ڪلاس ميٽ آهي پر هڪ بيحد پيارو ۽ نيڪ انسان پڻ آهي. پاڻ هڪ سٺو آفيسر ۽ محبِ وطن ايراني آهي جنهن پنهنجو سر پنهنجي ملڪ تان قربان ڪرڻ جي نه فقط خواهش ڏيکاري پر ڪري به ڏيکاريو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس هن جهان ۾ رهڻ جا ڏينهن اڃا هئا جو هو جي رهيو آهي نه ته ”عراق ايران جنگ“ ۾ جنهن بي درديءَ سان هن تي عراقي فوجين ڪيميائي هٿيارن ۽ بمن بارودن سان ٽي کن حملا ڪيا ۽ جنهن حد تائين اسان جو هي ايراني دوست زخمي رهيو، هن جو بچڻ ڪنهن ڪرامت کان گهٽ ناهي.
حسين قليزاده سان منهنجي سئيڊن جي شهر مالمو ۾ ملاقات ٿي جڏهن اسان پنهنجي پنهنجي ملڪ جي حڪومتن طرفان UNO جي مالمو ۾ ٺهيل ورلڊمئريٽائيم يونيورسٽي ۾ پوسٽ گرئجويشن لاءِ داخلا ورتي هئي. هن يونيورسٽي ۾ اسين ٻئي ڪلاس ميٽ هئاسين. آئون مئرين انجنيئرنگ جي هڪ براچ E /MSA ۾ ۽ حسين جو ايران جي بندرگاهه سان واسطو هجڻ ڪري هو پورٽ ائنڊ شپنگ جي سبجيڪٽ ۾ M.S.C ڪري رهيو هو. اسان جا ڪيترائي سبجيڪٽ ساڳيا هجڻ ڪري ليڪچر روم ۾ گڏ ويٺاسين ٿي. فيلڊورڪ جي سلسلي ۾ ڀروارن ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ فنلئنڊ، جرمني ۽ هالينڊ گڏ وياسين ٿي. مالمو شهر ۾ اسان جي رهائش به هڪ ئي علائقي Holma ۾ هڪ اٺ ماڙ بلڊنگ جي فلئٽن ۾ هئي. سندس ٽن ڌيئن مان وچين منهنجي ننڍي ڌيءَ مارئي جيڏي هئي ۽ هي سڀ اتي جي ساڳي سئيڊش اسڪول ۾ ويون ٿي. ان ڪري حسين وارن سان اسان جي هڪ قسم جي فئملي دوستي رهي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي.
حسين قليزاده ۽ ٻين ڏهاڪو کن ايراني ڪلاس ميٽن جي فئملين مالمو (سئيڊن) ۾ به سخت پڙدو ڪيو ٿي. سخت پڙدي مان منهنجو مطلب اهو ناهي ته هنن جون زالون ۽ ڇوڪريون منهن ڍڪڻ وارا اڇا ڪارا برقعا پائي هلنديون هيون. هرگز نه. ملئي مسلمان عورتن وانگر ايرانين جو به هڪ معيار آهي جنهن تي سڄو ملڪ عمل ڪري ٿو. ايرانين جون عورتون روسري (حجاب) سان مٿو ضروري ڍڪينديون هيون پر منهن کليل رکنديون هيون. هو بازارين ۽ پارڪن ۾ هلنديون هيون، ضرورت وقت مردن سان ڳالهائينديون به هيون- ويندي مالمو شهر ۾ سائيڪلنگ ڪنديون هيون. پڙدي جي سختي سان پابندي ڪرڻ مان منهنجو مطلب اهوئي آهي ته هنن جو پڙدي جو معيار جيڪو ايران ۾ آهي (يعني مٿو ڍڪڻ ۽ چادر اوڍڻ) اهو هو هنن Scandinavian ملڪن ۾ به قائم رکنديون هيون. ائين نه ته اسان جي پاڪستاني عورتن وانگر ڪڏهن ستن پڙدن ۾ هجڻ جي باوجود پوش پوش پئي ٿئي ته ڪڏهن وري مٿي تي پوتي به نه!
حسين جي فئملي ۽ ٻين ايراني فئملين مان اها به ڄاڻ ٿي ته ايراني عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون نه فقط روزي ۽ نماز جون پابند آهن پر سائنس، ڪمپيوٽر ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي جي علم ۾ پڻ هوشيار آهن. ايتري قدر جو هو گهوڙي سواري، سئمنگ، تير ڪمان ۽ رائيفل ذريعي نشانو چٽڻ ۾ به ماهر آهن. ۽ اهي سڀ شيون کين ايران جي اسڪولن ۾ سيکاريون وڃن ٿيون. ٻي ڳالهه ته سندن سڄي ملڪ جي اسڪولن جو سسٽم ساڳيو هجڻ ڪري ايران جو غريب توڙي امير، شهري توڙي ٻهراڙيءَ جو ٻار هڪجهڙو مستفيض ٿئي ٿو.
حسين قليزاده کان علاوه منهنجا ٻيا ايراني ڪلاس ميٽ جيڪي پڻ اسان جي پاڙي ۾ رهيا ٿي بيحد سٺا پاڙيسيري هئا. گهرن ۾ ٻارن کي ته ماٺ ۾ رکندا هئا پر ريڊيو يا ٽي وي جو آواز به مٿانهون نه ڪندا هئا متان پاڙيوارا ڊسٽرب نه ٿين. سندن گهر ته ڇا گهٽيون به پيون چلڪنديون هيون. ايتري قدر جو مالمو شهر جا مڪاني سئيڊش باشندا به چوندا هئا ته هن شهر ۾ جيڪي دنيا جا ڌاريا ماڻهو رهن ٿا انهن ۾ فقط ٽي سٺا پاڙيسيري آهن هڪڙا انڊين آهن، ٻيا ايراني ۽ ٽيان احمدي (قادياني) مسلمان- جيڪي نه فقط پاڻ صاف سٿرا ٿي رهن ٿا پر اوڙي پاڙي جو به خيال رکن ٿا. هنن ۾ ڏوهن جو عنصر (Crime Rate) به نه برابر آهي. باقي ٻيا، چاهي آفريڪن هجن يا سائوٿ آمريڪن- بنگالي هجن يا پاڪستاني، عراقي هجن يا افغاني- وڏا مٿي جا سور آهن!
حسين قليزاده کي پڙهائيءَ جو به ڏاڍو خيال هوندو هو. ان معاملي ۾ ٻيا ايراني به تمام گهڻو سنجيده نظر آيا ٿي ۽ هنن کي هر وقت پنهنجي ملڪ جو فڪر رهيو ٿي. پر حسين ان معاملي ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي اڳڀرو هوندو هو. هو مذهب جي معاملي ۾ به اسان کي ليڪچر ڏيندو هو ته مسلمانو! يورپ جي رنگينين کان پاڻ بچايو، آخرت جو فڪر ڪيو، سٺا انسان ٿي رهو جيئن هتي جي گورن کي احساس ٿئي ته مسلمان سٺا ماڻهو آهن، ۽ اسلام جي Teachings ۾ نيڪي آهي. هو ايتري قدر مذهبي ۽ حب الوطن هو جو ڪڏهن ڪڏهن اسان ان ليول تي هن کي سپورٽ ڪرڻ کان مجبور هوندا هئاسين. جيئن ته هو چاهيندو هو ته ”اسان مسلمان ملڪن جا شاگرد يونيورسٽي انتظاميھ تي زور آڻيون ته يونيورسٽي ڪئنٽين ۾ بيئر Serve نه ڪيو وڃي. خاص ڪري يونيورسٽي جي ساليانين ڊنرن ۾ ته هرگز نه.“
هاڻ ڀلا اهو ڪم ڪيئن ٿو ٿي سگهي ۽ ڪهڙي منهن سان جڏهن يورپ جي گورن شاگردن کان وڌيڪ پيئڻ جا عادي اسان جي مسلمان ملڪن جا هئا. ويندي عرب ملڪن جا! ٻن سالن بعد ڊگري ملڻ واري فنڪشن تي جيتوڻيڪ يونيورسٽي وارن نٿي مڃيو پر اسان جي قلي زاده جي زور ڀرڻ تي هنن مجبور ٿي ايراني شاگردن جو نالو پڪارڻ وقت هنن جي ملڪ جو نالو فقط ”ايران“ چوڻ بدران ”اسلامڪ ريپبلڪ آف ايران.“ انائونس ڪرڻ لاءِ رضامندو ڏيکاريو. حسين قليزاده اسان پاڪستانين کي به Convince ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان به ڦڏو ڪريون ۽ يونيورسٽي وارن کي مجبور ڪريون ته هو اسان کي ڊگريون ڏيڻ وقت اسان جي ملڪ جو به سڄو نالو ”اسلامي جمهوريہ يا پاڪستان“ پڪارين، پر اسان مان ڪنهن به قليزاده کي وٺ نه ڏنو.
بهرحال حسين قليزاده جتي سخت Disciplinarian ۽ اصولن جو پڪو ۽ مذهبي معاملن ۾ سخت مزاج وارو هو اتي نرم دل، چرچائي هر هڪ جي مدد ڪرڻ وارو ۽ معصوم طبيعت جو پڻ هو. هو دل جو بيحد صاف ۽ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائڻ وارن مان هو. ساڻس گذاريل ڏينهن اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان ڄڻ ڪالهو ڪو ڏينهن هجي. هڪ ٻئي کي خط لکڻ يا فون ڪرڻ ۾ مون کان وري به ڪڏهن ڪڏهن سستي ٿي ويندي آهي پر هو هميشھ اسان کي ياد رکندو اچي ۽ سندس ڌيئرون به جتي به رهن ٿيون ته منهنجي ڌيءَ (سندن ڪلاس ميٽ) کي ياد ڪنديون رهن ٿيون، جن مالمو (سئيڊن) جي ٻاراڻي اسڪول ۾ ٻه سال گڏ تعليم حاصل ڪئي. برف سان ڀريل شهر جي گهٽين ۽ پارڪن ۾ رانديون کيڏيون ۽ مختلف ميلا (Festivals) گڏ Enjoy ڪيا. اڄ جڏهن آئون حسين قليزاده جي ملڪ ايران جو سير ڪري ان جي روئداد سفرنامي جي صورت ۾ قلمبند ڪري رهيو آهيان ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هي ڪتاب آئون پنهنجي هن ايراني جهازي دوست، ڪلاس ميٽ ۽ سئيڊن ۾ منهنجي پاڙيسيري کي ارپيان.
حسين قليزاده عمر ۾ مون کان اٺ سال ننڍو آهي. هو ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۵۳ع ۾ اتر ايران جي خوبصورت شهر ”نوشهر“ ۾ ڄائو جتي توهان جي نظرن اڳيان ڪئسپين سمنڊ جون لهرون آهن يا وري گهاٽا ٻيلا ۽ جنگل. هن پنهنجي بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ”نوشهر“ جي خسروي اسڪول مان مڪمل ڪري ۱۹۷۲ع ۾ يونيورسٽي آف اصفهان ۾ داخلا ورتي. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن کي اڄ به ان اسڪول جا محنتي ٽيچر ياد آهن، خاص ڪري تاريخ ۽ جاگرافي جو مسٽر سلطاني ۽ فارسي لٽريچر جو مسٽر واحد. يونيورسٽي آف اصفهان ۾ قليزاده جو خاص سبجيڪٽ ”Training Sciences“ هو. اتي جي هڪ اهم شخصيت پروفيسر علي شريعت مداري پڻ هو. قلي زاده ٻڌايو ”هو مون تي بيحد مهربان هو ۽ پيءُ برابر هو. هو اڃا حيات آهي ۽ منهنجا هن سان فئملي تعلقات هلندا اچن. هو منهنجي نظرن ۾ Training Sciences جو ايران ۾ پهريون ۽ بيسٽ پروفيسر آهي.“
۱۹۷۵ع ۾ يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد حسين قليزاده هڪ ٽيچر جي حيثيت سان پنهنجو ڪئريئر شروع ڪيو ۽ فراح (هاڻ نئون نالو ڊاڪٽر شريعتي) ٽريننگ ڪامپليڪس مزگاه ۾ پڙهايو. آگسٽ ۱۹۷۷ع ۾ حسين قليزاده جي شادي پنهنجي اباڻي ڳوٺ نوشهر مان ئي ٿي. سيپٽمبر ۱۹۸۰ع ۾ جڏهن عراق هن جي ملڪ ايران تي حملو ڪيو ته اسان جي يار حسين قليزاده گهر جو سک ڇڏي پنهنجو سر قربان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي فوج رضاڪارانه طور ڀرتي ڪئي. هن جنگ ۾، جيئن شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته هو سخت زخمي ٿي پيو. سندس حياتي هئي جو هو اڄ اسان سان آهي.
ايران عراق جنگ بعد حسين قلي زاده کي ڪيترن ئي وڏن عهدن جي آفر ٿي پر هن ٽيچر ٿي نوجوان نسل جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي. بهرحال ۱۹۸۴ع ۾ هن کي اباڻي شهر نوشهر ۾ رهي ڪري پنهنجي صوبي مزنداران جي بندرگاهن ۽ جهاز راني (Ports & Shipping) جي نظرداري جي جوابداري ڏني وئي. ست سال کن اها نوڪري ڪرڻ بعد کيس ايران جي حڪومت طرفان ۱۹۹۱ع ۾ سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مان ”جنرل مئريٽائيم ايئڊمنسٽريشن“ (GMA) جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. واپسي تي هن کي بندر عباس ۾ هورموزگان جي سمورن بندگارهن ۽ اتي جي جهاز راني جو ”آپريشن مئنيجر“ مقرر ڪيو ويو. ان بعد هن کي پورٽس ۽ شپنگ آرگنائيزيشن (PSO) جي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. ۲۰۰۱ع ۾ هورموزگان جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، ان بعد ۲۰۰۶ع تائين هو پنهنجي ملڪ جي IMO (انٽرنيشنل مئيريٽائيم آرگنائيزيشن) ۾ نمائندگي ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ ترسايو ويو. ۲۰۰۶ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد به هن کي لنڊن ۾ رکيو ويو آهي جتي هو پنهنجي ملڪ جي شپنگ ايجنسيءَ جي فل ميمبر جي حيثيت سان نمائندگي ڪري ٿو.
هونءَ هتي اهو لکڻ جي جيتوڻيڪ ضرورت ناهي ته اسان جي دوست حسين قليزاده جا ٻار ڇا پيا پڙهن پر آئون سندس ڌيئرن: ريحانه، فائزه ۽ فاطمہ بابت ضرور لکندس جو دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن کي خاص ڪري آمريڪا جهڙن مغربي ملڪن جي ماڻهن کي دماغ ۾ اها غلط فهمي ويٺل آهي ته ايران جا ماڻهو جاهل ۽ پراڻي خيالن جا آهن. خاص ڪري هنن جون عورتون- جيڪي سخت پڙدي ۾ رهن ٿيون ۽ کين پرائمري تعليم کان به محروم رکيو وڃي ٿو. اها ڳالهه سراسر غلط آهي ۽ اها مغرب جي دنيا جي ايران خلاف پروپئگنڊا آهي. ايران جون ڇوڪريون نه فقط اعليٰ تعليم ۾، پر ماڊرن ٽيڪنالاجي ۾، فوج ۽ پوليس ۾، جهاز راني ۾، بزنس ۽ انڊسٽري ۾، ميڊيڪل سائنسز ۽ ڪامرس ۾ ڪافي اڳيان اڳيان آهن.
حسين قليزاده جي وڏي ڌيءَ ريحانھ ايم بي بي ايس ڪري هاڻ اصفهان ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي آهي ۽ هوءَ جنرل پرئڪٽيشنر سبجيڪٽ ۾ Ph. D ڪري رهي آهي. ٻيو نمبر ڌيءَ فائزه ايران مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هاڻ UNO جي مالٽا ٻيٽ تي قانون جي يونيورسٽي IMLI مان ”بين الاقوامي ميريٽائيم قانون“ ۾ ماسٽرس ڪري رهي آهي. ياد رهي ته هن يونيوسٽي جو اسان جي ملڪ ۾ فقط هڪ ڄڻو گرئجوئيٽ آهي ۽ اها به عورت آهي. مئڊم روبينا خرم. هن پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ ڪجهه سال پڙهايو هاڻ لنڊن ۾ رهي ٿي.
قليزاده جي ننڍي ڌيءَ فاطمہ لنڊن ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي ۾ آرڪيٽيڪچر جي شاگردياڻي آهي جتي هوءَ پنهنجي پيءُ سان گڏ رهي ٿي.
الطاف شيخ
باسمه تعالی
تقدیم به آقای حسینعلی قلی زاده
من واقعا خوشحالم که این سفرنامه به ایران را به دوست ایرانی ام آقای حسینعلی قلیزاده (حسین) اهدا میکنم. حسین نه تنها یک دوست قدیمی و همکلاسی من بوده است بلکه شخصیتی دوست داشتنی، بسیار متین و همیشه مترصد کمک به دیگران است. او وطن پرستی است که آماده است زندگی خویش را برای کشور عزیزش ایران فدا کند. او وقتی جنگ تحمیلی عراق علیه ایران در سال هزار و نهصد و هشتاد آغاز شد داوطلبانه و به کرات در جبهه حضور یافت و در عملیات ها شرکت نمود و سه بار از حملات شیمیایی و تیراندازی مستقیم عراقیها مجروح شد. من فکر میکنم تقدیر این بود که حسین زنده بماند. این کمتر از یک معجزه نیست که او زنده ماند تا امروز در کنار ما باشد.
اولین باری که حسین را در شهر جنوبی سوئد، مالمو ملاقات کردم حدودا هفده سال پیش بود. در آن زمان هردوی ما به دانشگاه جهانی دریانوردی در این شهر برای تحصیل در مقطع کارشناسی ارشد وارد شده بودیم. من در رشته مهندسی ایمنی دریانوردی و حسین در رشته مدیریت عمومی دریانوردی درس میخواند اما اکثر دروس ما مشترک بود و لذا در بسیاری از کلاس ها باهم بودیم و با هم به برخی سفرهای آموزشی به کشورهای دانمارک، نروژ، فنلاند، بلژیک و آلمان رفتیم. ما همچنین در محله ای بنام هولما در مالمو زندگی میکردیم. فرزندان حسین خصوصا سه دخترش در همان کلاس های انگلیسی خاص فرزندان ما درس میخواندند که دخترم ماروی میرفت. آنها باهم دوست بودند و مدام در پارک جلوی منزلمان باهم بازی میکردند، لذا روابط خانوادگی نزدیکی باهم داشتیم و فرصت بسیار خوبی بود که در باره کشورمان با یکدیگر مبادله اطلاعات کنیم.
حسین اولین ایرانی بود در زندگی من که از نزدیک ملاقاتش میکردم و رابطه بسیار صمیمی باهم داشتیم. او اطلاعات زیادی در باره کشورم داشت ولی برای من اولین بار بود که درباره ایران، مردمش و فرهنگ آن از نزدیک آشنا میشدم. کشوری که محل و زادگاه شعرای مورد علاقه من عمر خیام، مولانا، عطار، فردوسی، سعدی و نظامی است.
نکته ایکه باید اضافه نمایم و به همه کشورهای جهان سوم اعلام نمایم این است که ایرانیها همسایگان بسیار خوبی برای مردم کشورهای اطراف خویش هستند. آنها هرگز در امور داخلی همسایگانشان دخالت نمی نمایند و همسایگان خود را نمی آزارند. مردم این کشور درخانه هایی زندگی میکنند که بسیار تمیز و مرتب هست. من فکر میکنم اینکه سوئدی ها ترجیح میدادند مستاجرشان ایرانی باشد به دلیل همین پاکیزگی باشد.
حسین برای من در سوئد موهبتی الهی و فرشته ای در لباس انسان بود. درکنار کمک به دیگران، او یک مسلمان واقعی در عقیده و عمل بود. فردی بسیار ساده، صمیمی و شخصی متواضع و مدیر بود. من هنوز هم فردی با این کمالات و از خودگذشته برای انجام وظیفه و عشق به کشورش ندیده ام.
من پس از بازدیدی که برای اولین بار از کشورش داشتم این سفرنامه را در باره آن نوشتم، و اکنون که این کتاب آماده انتشار است هیچ فردی را شایسته تر از همکلاسی عزیزم در دوران تحصیل در سوئد و کارمند (باز نشسته) سازمان بنادر و کشتیرانی یعنی آقای حسینعلی قلی زاده نیافتم. لذا این کتاب را به ایشان اهدا مینمایم.
دوست ما حسین در پانزدهم سپتامبر هزار ونهصد و پنجاه وسه در شهر ساحلی نوشهر، شهری زیبا در استان مازندران در شمال ایران متولد شد. بعد از تکمیل دبستان و دبیرستان در شهرش، وی در سال هزار و نهصد و هفتاد و دو به دانشگاه اصفهان راه یافت و دوره کارشناسی رشته علوم تربیتی را از این دانشگاه در سال هزار و نهصدو هفتاد شش به پایان رساند. حسین در پاسخ به سوالم نام برخی دبیران پرتلاش دبیرستانی اش از جمله آقای کبیر سلطانی دبیر تاریخ و جغرافیا و آقای کاظم وحید دبیر ادبیات فارسی خود را هنوز بیاد داشت. حسین در دانشگاه با پروفسور علی شریعتمداری استاد و رئیس دانشکده اش رابطه ای بسیار صمیمی برقرار کرد. او میگفت پروفسور شریعتمداری با من بسیار مهربان بود و مرا خیلی دوست داشت و رابطه صمیمی خانوادگی ما هنوز ادامه دارد. حسین میگوید پروفسور شریعتمداری یک از بهترین اساتید تعلیم و تربیت در جهان معاصر است که دارای دکترین آموزشی و تربیتی مترقی میباشد. وی در اول انقلاب اسلامی ایران وزیر فرهنگ و آموزش عالی بود و هم اکنون عضو شورایعالی انقلاب فرهنگی است. وی جدا از لیستی که برای تشکیل ستاد انقلاب فرهنگی به امام خمینی (ره) بنیان گذار جمهوری اسلامی ایران پیشنهاد شده بود توسط خود ایشان انتخاب شد و این گویای شناخت امام خمینی از شخصیت این استاد برجسته تعلیم و تربیت است.
حسین پس از پایان دانشگاه به خدمت سربازی رفت و با شغل معلمی کارش را شروع کرد. او در سال هزار و نهصد و هشتاد وقتی هزاران کیلومتر مربع از خاک کشورش توسط عراق اشغال شد داوطلبانه بعنوان ادای دین به کشورش به جبهه رفت و در چند بار در حمله شیمیایی و تیراندازی عراقیها مجروح شد ولی سرانجام نجات یافت.
سمت های مدیریتی مختلفی به حسین پیشنهاد شد ولی او ترجیح میداد یک معلم باقی بماند. مع الاصف در سال هزار و نهصد و هشتاد و چهار حسین راهی به جز پذیرش مسئولیت مدیریت بنادر و کشتیرانی مازندران در شهر خودش نوشهر نداشت. بعد از هفت سال مدیریت در این سمت و جلب رضایت مدیرانش، به وی بورس تحصیلی در دوره کارشناسی ارشد در دانشگاه جهانی دریانوردی سوئد اعطا شد. وی در پایان سال هزار و نهصد و نود وسه تحصیلا ت خود را در این دانشگاه به اتمام رساند و به کشورش بازگشت و به سمت مدیر عملیات بنادر استان هرمزگان در جنوب ایران منصوب شد و به مدت سه سال به همه مشکلات خانوادگی اش تمام تلاش خود را برای بهبود خدمات عملیات دریایی و بندری در این استان خصوصا در بنادر شهید رجایی و شهید باهنر بکار گرفت. در سال هزار ونهصد و نود و هفت وی به سمت مشاور و بازرس ویژه معاون وزیر و مدیرعامل سازمان بنادر و کشتیرانی منصوب شد. وی پس از اینکه پیشنهاد قبول مسئولیت مدیرکلی بنادر و کشترانی استان هرمزگان را نپذیرفت، در سال دوهزار و یک میلادی بصورت اجباری برای تصدی این مسئولیت به استان هرمزگان اعزام گردید. و نهایتا در سال دو هزار وسه میلادی به عنوان اولین نماینده سازمان بنادر و کشتیرانی در سازمان بین المللی دریانوردی به انگلستان رفت. این سازمان یکی از سازمانهای ویژه سازمان ملل است که وظیفه قانونگذاری در امور کشتیرانی و ایمنی دریانوردی و حفظ محیط زیست دریایی را برعهده دارد. سرانجام حسین در آوریل سال دوهزار و شش میلادی پس از تکمیل سی سال خدمات دولتی بازنشسته گردید. وی درحال حاضر عضو هیات مدیره و کارمند تمام وقت شرکت کشتیرانی ایرسل یوکی در لندن میباشد.
من نزدیک به بیست سال با خانواده حسین آشنایی نزدیک دارم. حسین نسبت به فرزندانش عنایت خاصی داشت و برای کسب دانش و ارتقای تحصیلی آنها خیلی بیشتر از پدر و مادرهای غربی توجه میکرد. دختر بزرگش دکترای پزشکی ر ااز دانشگاه اصفهان در سال دو هزار هفت میلادی اخذ و هم اکنون در یکی از بیمارستانهای دانشگاهی بریتانیا دوره تخصصی خود را آغاز نموده است. دختر دیگر ایشان دوره کارشناسی ارشد رشته حقوق بین الملل دریایی را از دانشگاه بین المللی در کشور مالتا به پایان رسانده و دختر سوم ایشان دوره کارشناسی معماری را از دانشگاه متروپولیتن لندن اخذ نموده است.
آرزو میکنم دوست من حسینعلی قلی زاده و خانواده محترمش عمری طولانی و موفقی داشته باشند.
الطاف شیخ- د وازدهم جولای سال دوهزار و هشت میلادی- اسلام آباد پاکستان
No comments:
Post a Comment