Sunday, February 06, 2011

جوڌا ۽ اڪبر

جوڌا ۽ اڪبر

اڄ ڪلهه ممبئي ۽ پوني ۾ جيڪي ٽاپ جون هندي فلمون هلي رهيون آهن، انهن مان هڪڙي ’جوڌا اڪبر‘ آهي، جيڪا هفتو کن ٿيندو ته رليز ٿي آهي. ”اشوتوش گوواريڪر“ نالي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر جي هيءَ ٽين فلم آهي، هن کان اڳ واريون ٻئي فلمو ”لگان“ جيڪا ۲۰۰۱ع ۾ رليز ٿي هئي ۽ سواديس (Swadesh) جيڪا ۲۰۰۴ع ۾ رليز ٿي، بيحد ڪامياب ثابت ٿيون. ’لگان‘ ته ايتريقدر جو Academy Award for best foreign films لاءِ چونڊي وئي. ياد رهي ته ان ايوارڊ لاءِ ’لگان‘ کان اڳ انڊيا جون فقط ٻه فلمون چونڊيون هيون: ۱۹۵۷ع ۾ مدر انڊيا ۽ ۱۹۸۹ع ۾ سلام بامبي!

اشوتوش گوواريڪر هي ٽي فلمون ٺاهڻ کان اڳ سٺو ائڪٽر ۽ ڪهاڻيڪار به رهي چڪو آهي. پاڻ ۱۹۸۴ع ۾، جڏهن هُو ويهن سالن جو هو ته هولي فلم ۾ پهريون دفعو ائڪٽنگ ڪئي هئائين. ان بعد نام، چمتڪار ۽ ڪڀي هان ڪڀي نان ۾ پڻ ڪم ڪيائين. ان کان علاوه ٽي وي سيريل CID، سرڪس ۽ ڪچي ڌوپ ۾ پڻ ائڪٽنگ ڪيائين. زي چئنل تي ڪنهن زماني ۾ هڪ Horror شو ”وه“ نالي ايندو هو، ان ۾ پڻ اشوتوش ائڪٽنگ ڪئي هئي.

ٽن فلمن ۾ ئي مشهور ٿي ويندڙ ۽ خوب ناڻو ڪمائڻ واري هن ڊئريڪٽر، پروڊيوسر اشوتوش ’لگان‘ فلم ۾ عامر خان ۽ گريسي سنگهه کي کنيو هو، گريسي سنگهه جيڪا ’لگان‘ فلم ۾ ڳوٺاڻي ڇوڪري گوري ٿي اها پنجاب جي هڪ سِک ڇوڪري آهي، جيڪا فلمن ۾ اچڻ کان اڳ The Planets نالي هڪ ڊانس گروپ سان گڏ انڊيا جي مختلف شهرن ۾ ڊانس ڪندي هئي ۽ ٽي ويءَ جي هڪ مشهور سيريز امانت ۾ ائڪٽنگ به ڪئي اٿس.

’سواديس‘ ۾ هيرو شاهه رخ خان ٿيو ۽ هيروئن گياتري جوشي ٿي. دراصل هن فلم لاءِ اشوتوش، هريتڪ روشن کي چونڊيو، جنهن فلم جو اسڪرپٽ پڙهي انڪار ڪري ڇڏيو، پر هاڻ، هن ٽين فلم جوڌا اڪبر لاءِ هريتڪ روشن، فلم جو هيرو، يعني ”مغل شهنشاهه اڪبر“ ٿيڻ قبول ڪيو.

’سواديس‘ فلم لاءِ اهو لکندو هلان ته انڊيا جي هيءَ پهرين فلم آهي، جيڪا آمريڪا جي NASA ۾ فلمايل آهي، هونئن ته انڊيا جون فلمون سالن کان ولايت ۾ به فلمائبيون رهن ٿيون ته ولايت ۾ ڏٺيون به وڃن ٿيون بلڪ اهڙن اهڙن ملڪن ۽ شهرن ۾ جتي اڙدو يا هندي سمجهڻ وارو ئي ڪونهي، پر مقامي ملئي، ٿائي، چيني، آفريڪي، عرب ۽ يورپي به ڏسن ٿا. اڄ کان چاليهه سال اڳ ۱۹۶۹ع ۾ مون فرانس ۾ فلمايل انڊين فلم ”ايوننگ ان پئرس“ لبنان جي شهر بيروت ۾ ڏٺي هئي. انهن ڏينهن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي انڊين فلمون ممباسا، نئروبي، زئنزيبار ۽ انگلينڊ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڏٺيون، هاڻ ته انهن جو معيار ۽ ماڻهن منجهه انهن کي ڏسڻ جو شوق ايترو ته وڌي ويو آهي، جو اهي فلمون آمريڪا ۽ ڪئناڊا جهڙن ملڪن جي شهرن ۾ به هلن ٿيون. ڪجهه انڊين فلمون ته انڊيا کان اڳ آمريڪا ۽ يورپ ۾ رليز ٿين ٿيون. اشوتوش جي هيءَ ٽين فلم ”جوڌا اڪبر“ جيڪا هُن وڏي ڌام ڌوم سان ٺاهي ۽ اٽڪل چاليهه ڪروڙ رپيا خرچ اچي ويس، ڪجهه مذهبي ۽ تاريخي اعتقادن جي ٽڪراءَ ڪري انڊيا ۾ صفا بندش هيٺ اچي وڃي ها، پر آمريڪا ۾ هلڻ ڪري پهرين هفتي ئي هن ڪافي پئسو ڪڍي ورتو.

’سواديس‘ فلم ۾ هيرو موهن (شاهه رخ خان) آمريڪا جي ايئرو اسپيس کاتي NASA ۾ ڪنهن پروجيڪٽ تي ڪم ڪري ٿو ۽ ان فلم ۾ NASA فلوريڊا جي ڪينيڊي اسپيس سينٽر جي لانچ پئڊ A۳۹ جي اندر جا real فوٽا آهن. بارش تي نظر رکڻ ۽ معلومات ٻڌائڻ وارو Global Precipitation Measurement (GPM) وارو سئٽلائيٽ جيڪو ’سواديس‘ فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي، اصل وارو ئي آهي، جيڪو آمريڪا (USA) وارا ۲۰۱۳ع ۾ خلا ۾ لانچ ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.

بهرحال ’جوڌا اڪبر‘ فلم سورهين صديءَ جي ٻن گهراڻن جي ويجهي اچڻ جي مقصد سان رٿيل شادي جي ”لو اسٽوري“ آهي، جنهن ۾ مغل بادشاهه اڪبر (هريتڪ روشن) ۽ راجپوت شهزادي جوڌا (ايشوريا راءِ) جو هڪٻئي سان پيار جو ڳانڍاپو ٿيو ٿو وڃي. پيار به اهڙو جو اڪبر، جوڌا جو هر شرط منظور ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي ۽ بورچين جي کوٽ نه هجڻ جي باوجود جوڌا ٻائي، آگري جي گرميءَ ۾ رڌڻي ۾ اڪبر لاءِ چُلهه تي ديڳڙا چاڙهيندي وتي، جيئن هن کي سوادي کاڌو ملي ۽ اهو به ثابت ٿئي ته هُوءَ رڳو راڻي نه پر گهرواري به آهي.

مغل شهنشاهه اڪبر، سياسي طرح پنهنجي حڪومت افغانستان کان خليج بنگال تائين ۽ هماليا جبلن جي قدمن کان گوداوري نديءَ تائين پهچائي ڇڏي. هُو پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ کان ڪم وٺي راجپوتن سان به سٺو پئي هليو ۽ دوستيءَ جو هٿ وڌايو پر مهارانا پرتاب سنگهه ۽ ٻين ڪيترن راجپوتن اڪبر کي ڌاريو ئي سمجهيو ٿي، جنهن هندستان جي ڌرتيءَ تي تلوار جي زور تي قبضو ڪيو، اڪبر امبر شهر جي هڪ راجپوت سردار راجا ڀرمال (فلم ۾ ڪلبوشن کربندا) جي ڌيءَ جوڌا سان شادي ڪرڻ بعد پنهنجو سياسي مستقبل روشن سمجهيو ٿي، پر جوڌا ٻائيءَ پنهنجو پاڻ کي هن شاديءَ ۾ سياسي هٿيار نٿي بنجڻ چاهيو.

”اڪبر کي جيڪڏهن مون سان شادي ڪرڻي آهي ۽ مون سان واقعي پيار اٿس ته هن کي منهنجا ٻه شرط مڃڻا پوندا“ جوڌا چيو، جن مان هڪ اهو هو ته هُوءَ هندو ٿي رهندي ۽ ٻيو ته هن کي اڪبر جي محل ۾ سندس ديوي جي مورتيءَ جو ننڍڙو مندر ٺاهڻ جي اجازت ڏني ويندي.

جوڌا ٻائيءَ جا شرط اسان جو مسلمان بادشاهه اڪبر صاحب قبول ٿو ڪري. هتي ٿورو تاريخ جو مختصر احوال ڪجي. همايون جي ۱۵۵۶ع ۾ وفات بعد اڪبر هندستان جو بادشاهه ٿيو. ان وقت هن جي عمر ۱۴ سال هئي، ان ئي سال اڪبر جي پاڻيپٽ جي ميدان ۾ هيمونءَ سال لڙائي ٿي، جيڪا پاڻيپٽ جي ٻي جنگ سڏجي ٿي. هيمو سوري سلطنت جو هڪ طاقتور وزير هو. شير شاهه سوريءَ جي مرڻ بعد سندس هڪ هڪ ٿي ٻه پٽ تخت تي ويٺا، پر انهن ۾ حڪومت هلائڻ جو ڪو افعال نه هو سڀ ڪجهه هيمو هو. بهرحال ۱۵۵۵ع ۾ همايون پنهنجو دهليءَ جو وڃايل تخت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سال سوا سال بعد وفات ڪيائين ته اڪبر بادشاهه ٿيو. هيموءَ ساڻس جنگ ڪئي پر هارايائين، ان بعد اڪبر جو دهلي ۽ آگري تي باقائدي راڄ ٿي ويو. اڪبر راجپوتن سان صلح واري پاليسي رکي ۽ راجپوتن سان شاديون ڪري هنن جي Support حاصل ڪئي ٿي. ۱۵۶۷ع ۾ اڪبر چتور تي حملو ڪري هن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، ۱۵۷۶ع ۾ هلدي گهاٽي واري لڙائيءَ ۾ اڪبر جو مهارانا پرتاپ سان مهاڏو ٿيو جنهن ۾ مهارانا پرتاب سنگهه کي شڪست رسي. ان بعد ۱۵۸۹ع تائين اڪبر بنگال، گجرات، ڪشمير ۽ ڪابل فتح ڪيو. ۱۵۹۵ع ڌاري سنڌ ۽ قنڌار به اڪبر حوالي ٿي ويا، ٻئي سال ۱۵۹۶ع ۾ دکن ڏي ويندي اڪبر احمد نگر تي حملو ڪيو، چاند بيبي وڏي همت سان مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُوءَ ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ احمد نگر اڪبر حوالي ٿي ويو.

راجا ڀارمل (جيڪو بهاري مل به سڏجي ٿو. ڄم جو سال ۱۵۴۸ع، وفات ۱۵۷۴ع) جيڪو ”جوڌا اڪبر“ فلم ۾ ڪلبوشن ٿيو آهي ۽ جنهن جي ڌيءَ جوڌا (ايشوريا راءِ) اڪبر بادشاهه (هريتڪ روشن) سان شادي ٿي ڪري. امبر (اڄ واري جئپور) راجستان جي ڪڇ واها حاڪمن مان هڪ حاڪم هو. ڪن تاريخن ۾ هن جو نالو راجا بهال مل به آهي، ۽ سندس وڏي ڌيءَ جنهن جي اڪبر سان ۱۵۶۲ع ۾ شادي ٿي ان جو نالو هيرا ڪنول ڏنل آهي، جنهن جو پوءِ مريم زماني نالو رکيو ويو، هڪ ٻئي راجپوت راجا ڀڳوان داس جي ڌيءَ جي شادي ۱۵۸۴ع ۾ اڪبر پنهنجي پٽ سليم سان ڪرائي.

فلم جو ڊائريڪٽر پاڻ به مڃي ٿو ته ”جوڌا اڪبر“ فلم جو ستر في صد حصو خيالي دنيا تي ٻڌل آهي، پر هُن فلم جون ڪيتريون ئي سينون حقيقت موجب فلمايون آهن. جوڌا اڪبر فلم رليز ٿيڻ سان راجستان (جتي راجپوتن جي وڏي آدمشماري آهي) ۽ ڪجهه ٻين صوبن جي سئنيمائن ۾ هن فلم تان ڪافي گوڙ فساد شروع ٿي ويا آهن. راجپوتن جا ڪيترائي گروپ اهو ٿا چون ته جوڌا جي اڪبر سان نه پر سندس پٽ جهانگير (سليم) سان شادي ٿي هئي ان غلطيءَ لاءِ فلم جي ڊائريڪٽر کي عوام اڳيان معافي وٺڻ کپي. جنهن ڏينهن پوني ۾ اها فلم ڏسڻ ويس ته ان ڏينهن جي اخبار ۾ اها خبر آئي هئي ته راجستان جي ۳۰ سئنيمائن مان اها فلم لاٿي وئي آهي، ڪيترن ئي تاريخدانن جو چوڻ آهي ته مغل دورِ حڪومت ۾ اڪبر بادشاهه جي راجپوت زال ڪڏهن به جوڌاٻائي جي نالي سان نه سڏي وئي، ”اڪبرنامي“ ۾ به اهڙو ڪو ذڪر ناهي. ’اڪبرنامو‘ (جيڪو فارسي زبان ۾ ”نامه اڪبر“ جي نالي سان) ۾ اڪبر بادشاهه جي زندگي ۽ دور جو احوال آهي ۽ سندس نورتن مان ابوالفضل (۱۶۰۲ع-۱۵۵۱ع) لکيو. کيس اهو لکڻ ۾ ست سال لڳي ويا. اڄڪلهه ان ڪتاب جا ترجما ڪيترين ئي زبانن ۾ ڇپجي چڪا آهن، منجهس ڪي ڪي ڳالهيون بيحد دلچسپ انداز ۾ لکيل آهن، توهان چاهيو ته وندر ۾ مون وانگر ان جا ڪجهه چئپٽر انٽرنيٽ تي انگريزيءَ ۾ پڙهي سگهو ٿا. گوگل ۾، توهان کي نامه اڪبر فارسي ڪتاب جو انگريزي ترجمو The Akbarnama of Abul fazal جيڪو هن انڊين ICS انگريز آفيسر H. beveridge ڪيو آهي ۽ ۱۸۹۷ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڇپيو هو، اهو آسانيءَ سان برائوز ٿي سگهي ٿو. علي ڳڙهه يونيورسٽي جي تواريخ جي پروفيسر شيرين موسوي موجب ان بابت اخبارن ۾ رايو آيو آهي ته اڪبر جي راجپوت زال جو جوڌا ٻائي نالو پهريون دفعو ۱۹هين صديءَ جي تاريخي لکڻين ۾ آيو آهي، ويندي تزڪِ جهانگيري (اڪبر جي پٽ جي آتم ڪٿا) ۾ به ان جو نالو مريم زماني بيان ڪيو ويو آهي، پٽنا شهر جي ”خدا بخش اورينٽل پبلڪ لئبرري“ جي ڊائريڪٽر ۽ تاريخدان امتياز احمد جو انڊيا ٽائيمس ۾ جيڪو مضمون ڇپيو آهي، ان ۾ هُو ٻڌائي ٿو ته اڪبر جي راجپوت زال جو جوڌا نالو پهريون دفعو انگريز ليکڪ ليفٽيننٽ ڪرنل جيمس ٽاڊ پنهنجي ڪتاب ”Annals and Antiguities of Rajistan ۾ بيان ڪيو آهي پر راجپوتن جو چوڻ آهي ته جيمس ٽاڊڪو تاريخدان يا تاريخ نويس نه هو. جوڌا ٻائي، اڪبر جي زال جو نه پر سندس پٽ جهانگير سليم جي راجپوت زال جو نالو آهي. ان حساب سان ته هي سهري ۽ ننهن جي معاشقي جي فلم ٿي پئي.

مون پوني ۾ جڏهن هيءَ فلم ڏٺي ته اڃا ايڏا گوڙ شروع نه ٿيا هئا. بلڪ فلم ڏسڻ بعد ڪجهه ڪجهه ڳالهيون هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ مون کي عجيب ۽ Insulting لڳيون ۽ مون اندازو لڳايو ته ننڍي کنڊ جا مسلمان به هن فلم کي ڏسي گوڙ ڪندا، پر پوءِ ڏٺم ته مسلمانن ته شايد ئي ڪا ٻڙڪ ڪڍي، پر راجپوتن هن فلم تي ڪافي اعتراض ڪيو آهي، خاص ڪري انڊيا جي راجستان، هريانا، اتر پرديش ۽ اترکنڊ صوبن ۾ هن فلم جو هلڻ محال بڻجي ويو آهي ۽ فلم جي ڊائريڪٽر پروڊيوسر طرفان ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي جيئن هن جي فلم کي هلائڻ ڏنو وڃي، جنهن تي هُو ۴۰ ڪروڙ رپيا خرچ ڪري چڪو آهي. هن فلم ۾ ٻه چار ڳالهيون جيڪي مون کي اعتراض جوڳيون لڳيون يا کڻي اهو چئجي ته اڪبر بادشاهه ڪهڙو عجيب مسلمان هو! بهرحال هتي اهي سڀ Points پنهنجي ڊائريءَ تان ائين ئي لکي رهيو آهيان، جيئن ان رات هيءَ فلم ”جوڌا اڪبر“ ڏسي اچي نوٽ ڪيون هيم:

اڪبر پنهنجي سالار جي صلاحن ٻُڌڻ کان ٿڪجي، هن کي آرڊر ڪري ٿو ته تون هاڻ مهرباني ڪري فوج جي جوابدارين کان آجو ٿي مڪي هليو وڃ.

مولوي صاحب جيڪو اڪبر کي اسلام جي صحيح ڳالهه ٻڌائي ٿو، پر اڪبر کي اهي ڳالهيون پسند نه آهن. هڪ ڏينهن اڪبر بيزار ٿي ان کي به چوي ٿو ته تون هن درٻار جي هاڻ نوڪري ڇڏي مڪي هليو وڃ. (سئنيما هال ۾ ويٺل ٽهڪ ڏين ٿا، يعني مڪي وڃڻ جو مذاق اڏائين ٿا) اڄ به اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي اسلام ۽ عبادت بابت عجيب سوچ آهي، اسان وٽ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ماڻهو پوڙها ٿي پوءِ حج لاءِ روانگي اختيار ڪندا، ڪو جوان ويندو ته دوست ۽ مائٽ مٽ ٽوڪيندس ته اڃا ته پوڙهو نه ٿيو آهين، يعني اڃا جوان آهين ويٺو عيش ڪر، ويٺو گناهه ڪر پوءِ حج تي وڃي بخشائجانءِ يعني اسان وٽ مسلمانن ۾ اهو ساڳيو هندو ڪلچر آهي، ته گنگا ۾ ست ٽُٻيون ڏيڻ سان سڀ گناهه معاف ٿي ويا، ڪيترا مون کي پڙهيل ڳڙهيل مسلمان ملندا آهن جيڪي يورپي يا ٿائلنڊ جهڙن چَڪُلائي ملڪن جا چڪر هڻي آخر ۾ عمرو ڪري وطن ورندا. چئي گناهه ختم ڪرائي پيا وڃون. ڪيترا حج ۽ عمرو ڪري وري اچي شراب تي ويهندا، چي نوان گناهه شروع ٿا ڪريون وري سال ٻن بعد وڃي معاف ڪرائينداسين. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي وارا مسلمان اسان جي انهن ڳالهين تي تڏهن ته کِلن ٿا ته اسين (يا اڄ کان چار پنج صديون اڳ اڪبر، اورنگزيب، محمود غزنويءَ جهڙا) ڪهڙا مسلمان آهيون! ملائيشيا پاسي وارا ڪوشش ڪري ننڍي هوندي، شاديءَ کان به اڳ يا شاديءَ بعد يڪدم زال سان گڏ حج يا عمري لاءِ مڪي روانا ٿين ٿا. هنن جي مائٽن کان جڏهن پڇيم ته هنن وراڻيو ته اهو سٺو ٿا ڪن جيئن پنهنجي دين جو جلوو پسي اچن ۽ پنهنجي اڳتي جي زندگيءَ جو ان موجب تعين ڪن ۽ سڄي زندگي نيڪ ٿي بسر ڪن.

شهنشاهه اڪبر کي تير ٿو لڳي ته سندس ماءُ ۽ درٻار جا سڀ مولوي سجدي ۾ ڏيکاريا وڃن ٿا، اڪبر کي هوش نٿو اچي، اتي سندس زال جوڌا کي ان حادثي جي خبر پوي ٿي ته هُوءَ يڪدم گهر ۾ ٺهرايل مندر ۾ مورتيءَ جي پوڄا شروع ڪري ٿي ۽ هوڏانهن ڏيکارين ٿا ته اڪبر کي هوش اچڻ شروع ٿئي ٿو. فلم ڏسندڙ هندن ۽ ڪچو ايمان رکندڙ مسلمانن کي ڇا Message ملي رهيو آهي؟!

شهنشاهه اڪبر جا چمچا درٻاري ۽ مولوي پهرين هندو ڇوڪريءَ سان شاديءَ جي مخالفت ڪن ٿا، ان بعد جڏهن هنن کي محسوس ٿو ٿئي ته اڪبر جو ان شاديءَ لاءِ پڪو ارادو آهي، ته يڪدم پلٽو کائي اڪبر جي خوشيءَ ۾ خوش ٿي چون ٿا ته جهان پناهه! ان جو فيلسوفاڻو جواب هي آهي ته جنت جو جڏهن پڇيو ويو ته ڇا آهي؟ ته جواب مليو: جنهن دل ۾ پيار وسي ٿو اها جنت آهي، (يعني اڪبر جي دل ۾ جوڌا لاءِ پيار آهي ۽ اهو ڪم کيس جنت ۾ پهچائڻ لاءِ ڪافي آهي) ۽ جهنم اهو آهي جنهن جي دل ۾ پيار ناهي.

اڪبر لاءِ اهو به ٻڌايائون ته هُو اهڙو جاهل ۽ اڻ پڙهيل هو جو هن کي پنهنجو نالو به لکڻ پڙهڻ نٿي آيو. جڏهن جوڌا سٺن اکرن ۾، ڪيليگرافي کان ڪم وٺي سندس نالو لکيو، ته همراه کي ڪا خبر نه پيئي. مون کي ٻه ٽڪا ڏک ٿيو پر پوءِ سوچيم شهشاهه اڪبر صاحب ضرور جاهل هوندو، اڄ جي ايڪيهين صديءَ ۾ به اسان جا ڪيترا حاڪم، رئيس، پير ڀوتار اڻ پڙهيل ۽ ڄٽ آهن، ٻيا ته ٺهيو پر اسان جي اسيمبلين ۾ ويٺلن، اسان جا چونڊيل نمائندن ۾ ئي ڪيترا اهڙا ڄٽ ملندا جن کي رڳو اهو شوق آهي ته ميمبر يا وزير ٿي عوام تي راڄ ڪريون ۽ سندن عيش عشرت جي زندگيءَ تي ڪو به آڱر نه کڻي.

اسان رڳو مغل بادشاهن يا محمود غزنوي، تيمورلنگ، نادرشاهه، احمد شاه ابداليءَ جهڙن ڌارين ملڪن کان ننڍي کنڊ ۾ آيل حاڪمن ۽ شاهن جا اسلامي نالا ٻڌي ٺرون پيا ٺرون، منجهن ڪهڙي مسلماني هئي، هُو ڪهڙو اسلام تي هليا ٿي؟ عوام کان ڪيل ڦُرلُٽ ۽ پنهنجي عياشي ۽ غير اسلامي ڪمن کي Justify ڪندا رهيا ۽ اسان جو ڪم اڄ به فلم ”جوڌا اڪبر“ ۾ ڏيکاريل انهن ٿلهن متارن مُلن مولوين جهڙو وڃي رهيو آهي، جيڪي سلطنت جي خزاني مان ڳريون پگهارون ۽ انعام اڪرام حاصل ڪري، بادشاهه سلامت جي غير اسلامي ۽ غير اخلاقي ڪمن کي به صحيح ۽ جائز قرار ڏيندا رهيا ٿي.

انٽرويل ۾ آرسيءَ اڳيان هٿ ڌوئيندي ڏسان ته سڀ ڏاڙهي ڪوڙ هتي جا مقامي ماڻهو هئا، آءٌ ئي هڪڙو ڏاڙهيءَ سان هئس. سڀ سمجهي يا سوچي رهيا هوندا ته هي مسلمان مُلو ايشوريا راءِ جي فلم ڏسڻ آيو آهي. ايتري ۾ ڏسان ته ٽي چار ڊگهين ڏاڙهين سان، مون کان به وڏي عمر وارا پوڙها، بوهري يورينرن اڳيان بيٺا مُٽن. ٻاهر نڪرڻ تي پڇيومان ته ٻڌايائون ته هُو گجرات جي شهر احمد آباد کان هتي پوني مائٽن سان ملڻ آيا هئا، اتي هيءَ فلم هنگامن ڪري نه هلي، ان ڪري هتي ڏسي رهيا آهن.

”جوڌا اڪبر“ فلم ۾ ٿڃ شريڪ ماءُ کي به ڪافي ذليل ڪيو ويو آهي. جوڌا شاديءَ بعد به اڪبر کي هٿ نٿي لاهڻ ڏئي ۽ ڏٺو وڃي ته شروع ۾ اڪبر پنهنجي شوق تي نه پر جوڌا جي پيءُ جي request تي شاديءَ لاءِ رضامندي ڏيکاري ۽ جڏهن اڪبر کي ڳالهه وڻي ۽ هن شاديءَ لاءِ هائوڪار ڪئي، ته جوڌا طرفان اڪبر تي جيڪي ٻه شرط مڙهيا ويا اهي ڪو به اسلام جو سچو فالوئر قبول نه ڪندو، پر اڪبر اهي به قبول ڪري ٿو. جوءِ کي گهر ۾ مندر ٺاهي مورتيءَ جي پوڄا جي اجازت ڏئي ٿو، ان هوندي به جوڌا چوندي رهي ٿي ته منهنجي تو سان دل نه ڳنڍي آهي، ته ظاهر آهي اڪبر جي والده (کير شريڪ ماءُ، جنهن هن کي تيرنهن سال نپايو) کي باهه ڇو نه وٺندي؟

هن فلم ۾ پنج گانا آهن، ”عظيم و شان، شهنشاه“ جيڪو محمد اسلم ۽ بوني چڪرا بورتيءَ ڳايو آهي ته هريتڪ روشن ۽ ايشوريا راءِ تي فلمايو ويو آهي، ان ۾ هڪ هزار کن ناچڻين کي پنهنجي روايتي لباس ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو گانو ڪرجات شهر ۾ فلمايو ويو، فلم ۾ ۸۰ هاٿي، هڪ سئو گهوڙا ۽ ۵۵ اٺ پڻ استعمال ڪيا ويا، اهو احوال هر اخبار ۾ اچي رهيو آهي.

فلم ۾ مختلف ٻانهين، درٻارين ۽ راڻي صاحبا، جيڪي ڳهه ڳٺا استعمال ڪيا آهن، انهن جو وزن ۴۰۰ ڪلو چون ٿا، يعني ڏهه مڻ کن، جيڪي انڊيا جي مشهور ڪمپني Tanishq سپلاءِ ڪيا.

هن فلم ۾ اڪبر جي نورتن (ڪورٽ جي نو اهم سياڻن) مان پڻ ڪجهه ڏيکاريا ويا آهن، جيئن ته راجا توڏر مل جيڪو اڪبر جي حڪومت ۾ ۱۵۶۰ع کان وٺي آخر تائين وزيرِ خزانا ٿي رهيو. چون ٿا ته هي سنڌ جو رهاڪو هو. هن وزن لاءِ تورَ ۽ وَٽَ مقرر ڪيا. ريوينيو گڏ ڪرڻ لاءِ ملڪ کي ضلعن ۾ ورهايائين ۽ آفيسر مقرر ڪيائين، جيئن ماڻهن کان ڍل ۽ ٽئڪس اوڳاڙي سگهجي، سندس ئي بنيادي سسٽم تي اڳتي هلي انگريزن به ڪم ڪيو. فلم ۾ اندرجيت سرڪار ”بيربل“ ٿيو، بيربل (اصل نالو مهيش داس) ۱۵۲۸ع ۾ ڄائو ۽ ۱۵۸۳ع ۾ وفات ڪيائين، پاڻ هڪ غريب هندو برهمڻ جو پٽ هو، پنهنجي ذهانت ۽ خوش مزاجيءَ ڪري اڪبر جي نورتنن مان هڪ هو، اڪبر کيس راجا بيربل سڏيندو هو. بيربل جا چرچا اڄ به مشهور آهن، پاڻ شاعر پڻ هو ۽ سندس تخلص ”برهما“ هو. سندس شاعريءَ جو بياض ڀرتپور ميوزيم ۾ موجود آهي.

سيد بدرالحسن ”جوڌا اڪبر“ فلم ۾ ”ملادو پيازا“ ٿيو آهي. ملادو پيازا پڻ اڪبر جي نورتنن مان هڪ آهي. ملان دو پيازا، اڪبر جو خاص صلاحڪار هو ۽ اڪبر هن جي صلاح کي هميشه وڏي اهميت ڏيندو هو. ملان دوپيازا پڻ سٺو چرچائي هو پر بيربل سان مقابلي ۾ هميشه هارائيندو هو.

بيربل جا چرچا جيڪي ننڍي هوندي پڙهيا هئاسين، انهن مان هڪ ياد ٿو اچي ته هڪ ڏينهن اڪبر ۽ بيربل گهوڙن تي سواري ڪري رهيا هئا، ته گوبين جي پوک مان اچي لنگهيا.

”گوبي ڇا ته مزيدار ڀاڄي آهي، مون کي سڀ کان گهڻي پسند آهي.“ اڪبر، بيربل کي چيو.

”واقعي حضور پناهه! گوبي ڀاڄين جي راڻي آهي.“ بيربل چيو. ان تي اڪبر ڪجهه نه ڪڇيو ۽ اڳتي روانا ٿي ويا. ڪجهه ڏينهن بعد هي ٻئي ڄڻا وري ساڳئي هنڌ تان اچي لنگهيا، هن دفعي گوبين جي فصل کي ڏسي شهنشاهه اڪبر، بيربل کي چيو: ”گوبي به ڪا کائڻ جي شيءِ آهي، خبر ناهي ماڻهو ڪيئن ٿا کائين.“

”سائين سچ ٿا چئو، گوبي اهڙي ڀاڄي آهي جنهن کي ڏسڻ تي به دل نٿي چوي.“ بيربل چيو.

اڪبر هن ڀيري به بيربل جي اها ڳالهه ٻڌي خاموشي سان اڳتي وڌندو رهيو ۽ پوءِ کيس يڪدم ڪو خيال اچي ويو ۽ بيربل کي چيائين، ”بيربل! مون کي تنهنجي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، اڳئين دفعي پاڻ هتان لنگهياسين ته تو چيو ته گوبي ڀاڄين جي راڻي آهي ۽ هاڻ چوين ٿو ته گوبي اهڙي بيڪار ڀاڄي آهي، جنهن کي ڏسڻ تي به دل نٿي چوي!“

بيربل آداب بجا آڻيندي عرض ڪيو، ”حضورِ اعليٰ! خادم توهان جو نوڪر آهي، گوبين جو ناهي.“

No comments:

Post a Comment