منهوڙو ۽ ڪلفٽن جي وچ ۾ آئسٽرڪ راڪ ”رام جهروڪا“
الطاف شيخ
اڄ جڏهن گذريل صديءَ کان تيل جي ملڻ ۽ انجڻ جي ايجاد بعد آفت جيڏا جهاز نڪري ويا آهن تڏهن به هڪ جهازي ڪراچي واري عربي سمنڊ ۾ پهچي، سولائي محسوس ڪري ٿو. لنگر ڪيرال جهاز به گڏهه وانگر ڪڏائي آنڊا ٿو ٻاهر ڪڍي، ڄڻ شاهه لطيف اڄ جي ماڊرن ۽ طاقتور جهاز هلائيندڙ ۽ قابل نيويگيٽر کي به چتاءُ ڏئي رهيو هجي.
مَ ڪي هيج مَ هوج، ترس مَ، تاڻ جهاز کي.....
(هينئن هونءَ نه ڪر، يعني گهتون گوهيون نه ڏي، ويل نه وڃاٰءِ، پنهنجي جهاز کي هڪدم هاڪار) دنيا جا سمنڊ لتاري ڪراچيءَ جي ويجهو پهچڻ وارو ائين سولو ڪم نه سمجهي ته بس هاڻ ته گهر جي ڳالهه آهي، پنهنجي ماڳ پهچي ويس، ڇو جو بقول شاهه لطيف جي؛ ڪن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سک نه ستا ڪڏهين، (ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ گهڙڻ جي شوق ۾، گهاتو ڪڏهن به آرامي نٿا ٿين)
جهازي دنيا کي وقفڪارن لاءِ ”اباسين“ نالي ماڊرن جهاز جو مثال ڪافي آهي. هيڏو وڏو ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ جهازMain engine جنهن جي ڏهه هزار هارس پاور جي هئي، انگلينڊ ۽ جرمنيءَ کان ٽيهارو کن ڏينهن جي سفر طئي ڪري واٽ تي ائٽلانٽڪ سمنڊ، ڪيپ آف گڊ هوپ، موزمبق چئنل ۽ هندي وڏي سمنڊ جهڙن بحرن کي لتاڙي اچي ڪراچي جي ويجهو بلڪل منهوڙي وٽ، زمين کان فقط ٽن ميلن جي فاصلي تي ڪن جي چنبي ۾ اهڙو ڦاسي ويو جو جهاز جو ناکئو سکان ساڄو نه ڪري سگهيو ۽ جهاز اتي جو اتي غرق ٿي ويو. جهاز تي ڪئپٽن کان وٺي ڪئڊٽ تائين سڀ سڄاڻ نيويگيٽر هئا. جيرو، ڪمپاس ۽ پاٿ فائينڊر کان وٺي اين اي نيويگيشنل ايڊز جي هر سهولت موجود هئي ته به جهازي جهاز کي بچائي نه سگهيا. هيڏو وڏو سفر پورو ڪرڻ اچڻ وارا ضرور ڪجهه ڍار ٿي ويا هوندا، هنن اهو محسوس نه ڪيو هوندو ته هن مهراڻ (سمنڊ) جي حصي ۾ لڳندڙ وڏاندرو (خوفناڪ) واءُ ۽ هتي پئدا ٿيندڙ ڪن ڪڙڪا اهڙا آهن جو ٿوري بي خيالي ۽ سستي وڏي تباهي آڻي سگهي ٿي ۽ ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ ٻيڙا هلائڻ ڪا joy ride نه آهي، تڏهن ته شاهه لطيف چيو:
اوليون اجهڻ لڳيون، ويا ونجهه وهي
ڪلاچيان ڪهي، ڪڏهن ڪو نه آئيو
مٿئين شعر ۾ آيل لفظ ”اوليون“ ٻيڙي هلائڻ جا ڳن آهن، اڄ جي ٻيڙي يا جهاز کي ڳن بدران اسٽيئرنگ ويل ٿئي ٿو، جيڪو رف موسم ۽ سمنڊ ۾ ٿيڙ کائيندو رهي ٿو ۽ غلط واٽ تي پهچائي ڇڏي. اباسين جهاز سان به ڪجهه اهو ئي مسئلو درپيش آيو هوندو ۽ ڪلفٽن ۽ منهوڙي جي وچ ۾ Oyster Rock نالي جبل جي آب دوز ٽڪرين جي سلسلي مان ڪنهن ٽڪري يا اتي اڳهين ٻڏل جهاز جي لوهي جسم سان هي جهاز ٽڪرائي ڦاٽي پيو هوندو ۽ پاڻي اندر وڃڻ ڪري ٻڏي ويو هوندو.
مٿي بيان ڪيل Oyster Rock ڪياماڙي، منهوڙي ۽ صاف موسم ۾ ڪلفٽن تان به نظر اچي ٿي، هن ٽڪريءَ جي نالي سان بلاول هائوس جي ڀرسان ڪلفٽن وٽ Oyster view نالي اٺ ماڙ فلئٽن جي بلڊنگ پڻ آهي. سمنڊ جي اندر هن ٻيٽ نما آئسٽرراڪ کي هندو ”رام جهروڪا“ به سڏين ٿا. هنن جي ڌرمي ڪتابن موجب هنگلاج ويندي وقت رام، لڇمڻ ۽ سيتا هتي ترسيا هئا. شروع شروع ۾ هيءَ ٽڪري ڪلفٽن ۽ منهوڙي جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل جبلن جي قطار هئي ۽ ماڻهو خشڪيءَ رستي پهچي ويندا هئا ۽ پوءِ بقول لوڪرام ڏوڏيجا جي ڏهين صديءَ ۾ آيل زلزلي ۾ هي ٽڪريون ۽ جبل سمنڊ اندر هليا ويا. هاڻ ٻيڙيءَ رستي رام جهروڪا Oyster Rock تائين پهچي سگهجي ٿو.
No comments:
Post a Comment