Thursday, February 03, 2011

ويزائن جون ٺڳيون ۽ پرديس ۾ پريشانيون - الطاف شيخ

ويزائن جون ٺڳيون ۽ پرديس ۾ پريشانيون
الطاف شيخ
تهران جي ايئرپورٽ تي اميگريشن وانگر ڪسٽمس جو مرحلو به منٽن ۾ طي ٿي ويو. اسانجو پاڪستاني پاسپورٽ ڏسي اسان کي اجايو سجايو تنگ نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪا ضروري يا غير ضروري پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، نه ته اهي خواريون دنيا جي هوائي اڏن تي اسان پاڪستانين لاءِ نارمل ڳالهه ٿي پيئي آهي. ان ۾ ڪجهه اسان ماڻهن جو به ڏوهه آهي. اسان جي ڪيترن ماڻهن جا سفري ڪاغذات پاسپورٽ کان ويزا تائين نقلي، اڻ پورا يا نقص وارا هجڻ ڪري وٺ پڪڙ ٿئي ٿي ۽ پوءِ سڪن سان گڏ آلا به ٻرن ٿا. ڌارئين ملڪ جي واسطيدار کاتي کي چڙ لڳي ٿي ته هي ڪهڙا ٺڳ سندن ملڪ ۾ گهڙي رهيا آهن جن جو پاسپورٽ Expiry تاريخ جي ويجهو آهي يا جعلي آهي يا ٻئي جي پاسپورٽ تي پنهنجو فوٽو هنيو اٿس، نالي Spelling ۾ فرق آهي يا ڄم جي تاريخ صحيح ناهي. بهرحال اڄ ڪلهه اسانجي ملڪ جو پاسپورٽ Readable هجڻ ڪري ان قسم جي ڪافي ٺڳين کان اسان جا ماڻهو گريز ڪن ٿا، جو اليڪٽرانڪ مشين ذريعي، سفر ڪندڙ ماڻهو جا، ضروري Particulars ويندي فنگر پرنٽس نوٽ ٿيو وڃن، جيڪي ملڪ ڇڏڻ تي به چيڪ ڪيا وڃن ٿا جيئن خبر پوي ته اهو ساڳيو ماڻهو جيڪو enter ٿيو، اهو ئي ان ڌارئين ملڪ مان نڪتو. ائين نه ته ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو نڪتو.
 
ايران لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. هزار يا ٻارهن سئو رپين جي في ۽ بلڊ رپورٽ جمع ڪرائڻ سان ٽن مهينن جي ويزا مليو وڃي. اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ سلهه جي بيماري وڌڻ جي افواهن ڪري ايران جو قونصل خانو ايران ويندڙ مسافر جي ڦڦڙن جو ايڪسري به گهري ٿو. ان لاءِ هنن هر شهر ۾ ڪو ڊاڪٽر يا ڪلنڪ مقرر ڪري ڇڏي آهي جيئن ڪراچي ۾ عيسي خان لئبارٽريز آهن جن جون ڪلفٽن، ڊفينس، ناظم آباد، صدر ۽ ٻين هنڌن تي برانچون آهن. ويزا ۾ سنگل انٽري به ٿئي ٿي ته ڊبل به. اهي جيڪي فقط ايران جي زيارتن لاءِ وڃن ٿا انهن لاءِ سنگل ويزا ڪافي آهي باقي عراق ۽ شام ويندڙن لاءِ ڊبل ويزا ضروري آهي جو هنن کي ايران اچي پوءِ بس ذريعي ڪربلا (عراق) ۽ شام وڃڻو پوي ٿو جتان وري هنن کي ٻيو دفعو ايران اچڻو پوي ٿو. ان ڪري انهن لاءِ ڊبل انٽري ضروري آهي. بهرحال هي ڪم توهان پاڻ به ڪري سگهو ٿا. هڪ ڏينهن ايران جي قونصلر سيد مجدد دين افقا سان ملڻ ويس ته قونصل خاني ٻاهران ڪيترائي ٻهراڙي جي ڳوٺن جا اڻ پڙهيل ۽ پوڙها ويٺل نظر آيا جن ٻڌايو ته هو پاڻ ويزا لاءِ فارم ڀريندا آهن ۽ ٻن ڏينهن بعد وٺي ويندا آهن. افقا وٽ عبدالهادي نالي هڪ پاڪستاني آفيسر، جنهن فارسي به سٺي ڳالهائي ٿي، تنهن پڻ ٻڌايو ته گهربل ڊاڪومينٽ صحيح آهن ته اسان ڪنهن کي به ويزا ڏيڻ ۾ دير نٿا ڪريون. اسان جي گروپ جي ماڻهن پنهنجو پنهنجو پاسپورٽ ،بلڊ رپورٽ، ايڪس ري ۽ ويزا في الحرمين ٽريول ايجنٽس کي ڏني، جيڪي گذريل ٽيهن سالن کان مختلف زيارتن ۽ ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ ٽڪيٽون ۽ گروپ ٺاهي هنن کي حج، عمري، ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي وٺي هلن ٿا ۽ جتي ڪٿي رهائش، کاڌي پيتي ۽ گهمائڻ لاءِ بسين جو بندو بست ڪن ٿا. هنن جي آفيس ايم اي جناح روڊ تي امام بارگاهه علي رضا جي سامهون آهي. مونکي به هنن سان منهنجي جهاز جي شيعا دوستن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن ملرايو، جيڪي سالن کان هنن جي رهنمائي ۾ وڃن ٿا ۽ هي فائدي کان وڌيڪ اجر خاطر ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن. بهرحال ايران وڃڻ ڪو اهڙو ڏکيو ڪم ناهي ۽ نه وري ايران جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جهد پٽڻا ٿا پون يا وڏو خرچ ڪرڻو پوي ٿو پر افسوس جي اها ڳالهه ته ڪيترائي اسانجا پنهنجا ماڻهو هن نيڪ ڪم ۾ به اٻوجهه ۽ سادن ماڻهن کي، چند رپين جي فائدي لاءِ رلائيندارهن ٿا. هنن کان پئسا وٺي ٻي نمبر جون جعلي ويزائون هڻرائي ڏين ٿا، پوءِ غريب ڳوٺاڻا پرديس ۾ يا بارڊر وٽ دربدر ٿيو وڃن. اهي ٺڳيون گهڻو ڪري باءِ روڊ اچڻ وارن سان بلوچستان واري بارڊر تي ٿين ٿيون. قم ۾ ٻه شيعا مولوي مولانا غلام شبير وڌهو ۽ زوار خان محمد چانڊيو مليا جيڪي ڳوٺ جي ٽيهارو کن ماڻهن کي وٺي ايران ۽ عراق جي زيارتن لاءِ آيا هئا. هنن ٻڌايو ته هو باءِ روڊ يعني ڪوئيٽا کان ٿيندا پهتا آهن.
”اسان کان فلاڻي همراه پئسا وٺي چيو ته توهان کي اسلام آباد مان ايران جي ويزا لڳرائي ٿو ڏيان.“ مولانا غلام شبير ٻڌايو. اهو ٻڌي اسان جي گروپ جي هڪ همراهه ٻڌايس ”پهرين ڳالهه ته اسلام آباد مان ويزا نٿي لڳي، ٻي ڳالهه ته اهو ماڻهو ته مشهور ٺڳ آهي. اهو ان قسم جا دو نمبري ڪم ڪري ماڻهن کي مصيبت ۾ وجهي رهيو آهي.“
”بس مونکي ته خبر نه هئي،“ مولانا شبير چيو ” اسان ته ان وقت وائڙا ٿي وياسين جڏهن ڪوه تافتان (پاڪستان جي بارڊر واري شهر) کان ايران واري بارڊر واري شهر مير جاوا ٿي روانا ٿياسين. ايران جي اميگريشن پوليس اسان کي اتي ئي وهاري ڇڏيو. توهان پاڻ سوچيو ته اسانجو قافلو جنهن ۾ گهڻا پوڙها مرد ۽ عورتون هيون، جيڪي دادو ضلعي کان سفر ڪري ڪوئيٽا پهتا جتان پوءِ سڄي رات بلوچستان جي ڀڳل رستي تان سفر ڪري بارڊر تي پهتا ته هنن کي واپس پئي ڪيو ويو.“
مولانا غلام شبير ٻڌايو ته ” پوءِ ڪجهه سڀني جي دعائن جي اثر ڪري ۽ ڪجهه منهنجي ايران ۾ سڃاڻپ ڪري، جو هتي مون ڪيترائي سال درس تدريس جو ڪم ڪيو آهي، اسان کي ايران اندر گهڙڻ جي اجازت ڏني وئي نه ته منهنجي ڳوٺ ۾ ڇا عزت رهي ها. ڇو جو ڪيترائي ماڻهو اٻوجهه عوام کي زيارتون ڪرائڻ جي چڪر ۾ بيوقوف بڻائيندا وتن.“
ان وقت مونسان گڏ الحرمين جو عابد جعفري به هو تنهن نالو وٺي هڪ ايجنٽ لاءِ ٻڌايو ته اهو اهڙو ٺڳ آهي جو سنڌ ۽ پنجاب جي ڳوٺن جي ماڻهن کان سوا سوا لک رپيا وٺي کين حج ڪرائڻ بدران هيڏانهن ايران وٺيو اچي. ”کين مشهد ۾ امام رضا جي روضي تي آڻي چوي ته هي مڪي شريف ۾ اچي ويا آهيون ۽ پوءِ قم ۽ حضرت معصوما جي درگاهه تان گهمائي کين چوين ته اها مسجد نبوي آهي. توبه توبه! ڪهڙا ٺڳ ۽ ظالم ماڻهو آهن. غريبن سان دوکو ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڄڻ هنن کي ٻئي جهان ۾ هلڻو ئي ناهي. اهڙن ٺڳن جا ته توهان کي نالا لکڻ کپن ته جيئن عوام خبردار ٿئي.“ عابد چيو.
هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته ڪوئيٽا کان تافتان (سڄو نالو ڪوه تافتان ) ۶۳۰ کن ميل آهي. رستي تي نوشڪي، احمد وال، پاڊاگ روڊ ، دلبندين، يڪمچ ۽ نوڪ ڪنڊي جهڙا ننڍا ڳوٺ اچن ٿا. رستو ايڏو خراب آهي ۽ رستي تي ترسندي ٻيو ڏينهن ٿيو وڃي. يعني گهٽ ۾ گهٽ ۲۴ ڪلاڪ لڳيو وڃن. پاڪستان جو بارڊر ٽپڻ بعد ٽن چئن ڪلوميٽرن بعد ايران جو پهريون شهر ميرجاوا اچي ٿو ان بعد ۱۰۰ کن ڪلو ميٽرن بعد ايران جو هڪ وڏو ۽ بلوچستان جي گادي وارو شهر زاهدان اچي ٿو ۽ پاڪستان جي مقابلي ۾ ايران جا رستا ايڏو ته ويڪرا ۽ پرامن آهن جو ۱۰۰ ڪلوميٽرن جو فاصلو هڪ ڪلاڪ ۾ پورو ٿيو وڃي ۽ اسان ڏي نوڪ ڪنڊي کان ڪوه ڪوفتان جو ۱۲۰ ميل رستو طيءَ ڪرڻ ۾ ڏهن ڪلاڪن کان مٿي وقت لڳيو وڃي. پر اهو آهي ته باءِ روڊ ايران اچڻ سان وڏو خرچ بچيو پوي جو ان جي مقابلي ۾ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ تمام گهڻي مهانگي آهي. ايران ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو سامان به ايترو مهانگو ناهي. خاص ڪري عرب ملڪن جي مقابلي ۾. ڪي شيون ته اسان کان به سستيون آهن. ڪي شيون انڊيا ۽ پاڪستان کان کڻي سستيون نه هجن پر صاف سٿريون ۽ هائيجنڪ ته آهن. ايران جي شهرن جو ٽئپ واٽر يعني نلڪن جو پاڻي به پيئڻ لائق آهي. ٻيو ڇا کپي! اسان وٽ اڌ کان وڌيڪ بيماريون پاڻي جي آلودگي ۽ بيمار وهٽ کائڻ ڪري آهن. اهوئي سبب آهي جو ايراني اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کان تندرست آهن ۽ گهٽ کائڻ ۽ گهڻي پنڌ ڪري ڀر وارن ملڪن جي عربن کان سنها ۽ سمارٽ آهن. ايران جي حڪومت کي ان ڳالهه تي ڪريڊٽ نه ڏيڻ سخت بخيلپڻو ٿيندو ته هن عوام جي سواري لاءِ سک ڪري ڇڏيا آهن. ايران جي هرشهر ۾ تهران مشهد هجي يا قم ،اصفهان يا تبريز، شيراز ، بس جو ڀاڙو نه برابر آهي. ايران جي هر شهر ۾ واندڪائي وقت بس ۾ چڙهي شهر جا چڪر هڻڻ منهنجو ايران ۾ خاص مشغلو رهيو ٿي. توهانکي جي رستن جي ڪجهه ڄاڻ ٿي وڃي ته چار ماڻهو هلڻ واريون ٽئڪسيون به سستيون آهن، جن بابت مونکي به پهريون دفعو قم ۾ خميني مدرسي جي هڪ آفريڪي طالب علم ٻڌايو. ايران جو هي وڏو بين الاقوامي مدرسو ڏسي بس لاءِ اچي بيٺس ته ڪانگو جو هي ذوالقعد نالي شاگرد جيڪو مدرسي جي هاسٽل ۾ رهي ٿو، مونکي چئن ماڻهن واري ٽئڪسي ۾ بازار قم ۾ وٺي آيو. کيس سٺي انگريزي آئي ٿي سو مونکي هتي جي هنن ٽئڪسين جو سسٽم سمجهائي ڇڏيو. قم جي هن مشهور امام خميني مدرسي جو احوال ڪٿي اڳتي هلي ڪنداسين جتي منهنجي ڪيترن ئي ملڪن جي عالمن ۽ شاگردن سان پڻ ملاقات ٿي.
مٿي ذڪر ڪيل مولانا غلام شبير وڌهو هتي جي عالمن ۽ تعليم يافته ماڻهن مان آهي پاڻ مولانا عبيدالله جو فرزند آهي ۽ سندن ڳوٺ تعلقي شهداد ڪوٽ جو چاڪياڻي نالي آهي جتي سندس جنم پهرين مارچ ۱۹۶۱ تي ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ ميرو خان ۾ مرحوم مولانا اختر حسين چانڊيو کان ورتائون خاص ڪري جامع المقدمات ۾. ان بعد ڪجهه عرصو ڪوئيٽا ۾ جامع امام صادق علمدار روڊ واري مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي. ” ان کان پوءِ،“ مولانا شبيرٻڌايو ته”ايران آيس جتي حوزه علميه قم ۾ آيت الله سيد محمد مفتي الشيعه اردبيلي وٽ هي درس ورتم؛
نهج البلاغه
صحيفه سجاديه
ڪتب اربع
اصول ڪافي
من لايحضر الفضيه
الاستبصار
تهذيب ۽
علوم تاريخ.“
مولانا غلام شبير ٻڌايو ته هن قم ۾ انهن سبجيڪٽن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي مان” امام زمانا مهدي موعود“ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. هو ڪيترائي دفعا ڪربلا ۽ شام زيارت لاءِ توڙي ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃي چڪو آهي. پاڻ تمام سٺي فارسي ڳالهائين ٿي. ساڻس گڏ دادو ضلعي جي ماڏو ڳوٺ جي زوار فيض محمد چانڊيو جو فرزند زوار خان محمد چانڊيو پڻ هو. سندس ڏاڏو زوار رئيس مرحوم جان محمد چانڊيو شيعن جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي جنهن ۱۹۵۲ ۾ سنڌ ۾ پهريون مناظرو ڪرايو هو. زوار خان محمد ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه مان ايم اي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان M.Ed حاصل ڪئي آهي.

No comments:

Post a Comment