Thursday, February 03, 2011

هيچ احساس ندارم - الطاف شيخ

هيچ احساس ندارم
الطاف شيخ
تهران جي ايئرپورٽ کان تهران وڃي رهيا هئاسين. رات جو وقت هو. هاءِ وي مٿان بلبن جو جهالرون هيون ۽ گاڏيءَ کي Beam تي بتيون رکي سامهون ايندڙن جون اکيون ڪڍڻ جي ضرورت نٿي پئي. شهر اڃان پري هو ۽ سنسان ٻهراڙي ۾ انيڪ بتين جي روشني ۾ امام خميني جو مقبرو نظر آيو.
”خميني جي جنازي نماز تي آئون ۽ منهنجا ڀائر سلمان ۽ عمران به ايران آيا هئا،“ اسانجي گروپ جي گائيڊ محمد علي ٻڌايو، ”دراصل وڃڻو وڏي ڀاءُ کي هو. اسان کيس ڪراچي ايئرپورٽ ڇڏڻ آيا هئاسين. اتي خبر پيئي ته سرڪاري طرح ايران جهاز پيو وڃي ۽ ويزا جي به ضرورت نه آهي. سو اسان بنا پاسپورٽ ۽ ويزا چڙهي پياسين ۽ واپسي تي غلام اسحاق صاحب سان گڏ آياسين“

محمد علي ٻڌايو ته امام خميني کي دفنائڻ وقت لکين ماڻهو هئا ۽ چڱو جو پاڪستان جو سربراهه اتي پهتو. ايران وارن ڏاڍو appreciate ڪيو هو جو ٻئي ڪنهن به ملڪ جو هيڊ نه پهتو هو. هن ٻڌايو ته سندس خميني سان ٽي دفعا ملاقات ٿي هئي. آخري دفعي ته هو ايڏو بيمار ۽ ڪمزور ٿي ويو هو جو آڱرين جي اشاري سان نماز پڙهندو هو. آخري يارهن ڏينهن امام خميني اسپتال ۾ رهيو. سندس Internal Bleeding کي روڪڻ لاءِ آپريشن ٿي جتي پوءِ دل جي دوري ڪري هن جو موت ٿيو. اهو جون جو مهينو هو ۽ سال ۱۹۸۹. ان وقت امام خميني جي عمر ۸۶ سال هئي.
انهن ڏينهن ۾ آئون ملائيشيا ۾ هوس جتي اسان ٽي وي تي ڏٺو ته جون جي سخت گرم مهيني ۾ ماڻهو گهرن کان نڪري سمنڊ وانگر اٿلي پيا هئا. کين نه اڃ ۽ بک جي پرواهه هئي ۽ نه گرمي جي. ڪيترائي ماڻهو رش ۾ چيڀاٽجڻ ڪري مري ويا. گرمي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سرڪاري فائربريگيڊ جو گاڏيو ماڻهن مٿان پاڻي هارينديون رهيون. چون ٿا ته جنازي تي آيل ماڻهن جو تعداد ٽيهه لکن کان به مٿي هو. جيڏانهن ٿي نظر ويئي اوڏانهن ماڻهو ئي ماڻهو هئا. مرد ڪارن ڪپڙن ۾ عورتون چادرن ۾، رستن تي نڪري پيون هيون. ڏهه سال اڳ امام خمينيءَ ايران ۾ انقلاب آندو هو. ان وقت شاه (محمد رضا پهلوي) جي حڪومت جو خاتمو ٿيو هو. ان وقت امام خميني هن ميدان تي جتي کيس دفن ڪيو ويو تقرير ڪئي هئي. اها فيبروري جي پهرين تاريخ ۽ سال ۱۹۷۹ هو. سڄي دنيا هن کي غور سان ڏسي رهي هئي. اسان سندس اها تقرير جپاني دوستن سان گڏ ٽوڪيو جي شپ يارڊ I.H.I ۾ ٻڌي هئي“...... الله نه ڪري پر جي شاهه جي حڪومت اڃان ڪجهه عرصو هلي ها،“ خميني لکين ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو،” ته اڄ هو اسانجي ملڪ جو سمورو تيل ڌارين کي ڏيئي ڇڏي ها. اسان ڌارين جا غلام ٿي رهون ها. اهو سوچي اسان دانهون ٿا ڪريون. اهوئي سبب آهي جو ايران جون گهٽيون اسانجي نوجوانن جي خون سان ڳاڙهيون ٿي ويون.......“ تقرير ٻڌندڙ نعرا هڻدا رهيا ته آمريڪا وڏو شيطان آهي .... آمريڪا! شل موت اچنئي ..... اسان خميني جي فارسي تقرير ۽ نعرن جو انگريزي ۾ ترجمو پڙهندا رهياسين. ”آمريڪا ۽ ان جا ڇاڙتا عرب ليڊر دهشتگرد ۽ قزاق آهن“ امام خميني پنهنجي وصيت ۾ ان جو اعلان ڪيو جيڪا ٻئي ڏينهن ريڊيو تهران تان ٻڌائي وئي ۽ بي بي سي ۽ CNN جهڙي ٽي وي چئنلن انگريزي ۾ ترجمي سان دنيا کي ٻڌايو. ” شل الله انهن کي غارت ڪري.“
ٽوڪيو ۾ رهندڙ ايرانين جيڪي گنزا جي پٺيان فٽ پاٿ تي مصالحن ۽ حلال شين جي مارڪيٽ هڻندا هئا انهن ٽي ڏينهن مارڪيٽ بند ڪري ڇڏي، ” امام خميني اسانجي پيءُ برابر آهي.“ هنن چيو، ” هن جي وڃڻ سان اسان يتيم ٿي ويا آهيون.“
مشهد، نيشاپور ۽ قم شهرن ۾ ڪجهه عرصو رهڻ بعد هڪ دفعي تهران اچي رهيو هوس ته رستي تي امام خميني جي مقبري وٽ لهي پيس. امام خميني جنهن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي اهو ايران جو سڀ ۾ وڏو قبرستان ”بهشت زهره“ جي نالي سان سڏجي ٿو. اهو ميٽرو ريل رستي تهران شهر سان ڳنڍيل آهي. هن قبرستان ۾ ”ايران-عراق“ جنگ ۾ شهيد ٿيل ٻن لکن کان مٿي شهيدن جون قبرون آهن. امام خميني جو مقبرو پنج هزار ايڪڙن تي آهي جتي اسلامي تعليم جي يونيورسٽي، شاپنگ مال ۽ مدرسو ٺهي رهيا آهن. امام خميني جو مقبرو به اڃان تائين ٺهي رهيو آهي، جنهن تي ۱۹۸۹ کان ڪم شروع ٿيو آهي. اندر مسجد به آهي جتي مون مغرب جي نماز پڙهي. اٽڪل ٻه سو کن ماڻهو ٿيندا جيڪي ان وقت هن مقبري جي زيارت لاءِ آيل هئا. نماز مهل ڪيترائي مون وانگر هٿ ٻڌي نماز پڙهي رهيا هئا ان مان اندازو لڳايم ته نه رڳو شيعا پر دنيا جي مختلف ملڪن جا سُني پڻ اچن ٿا. اڇي رنگ جي عمامه (پٽڪي) ۾ هڪ سيالڪوٽ جي مولانا ٻڌايو ته امام خميني جي هن سڄي پروجيڪٽ تي سرڪار هڪ ريال به خرچ نه ڪيو آهي. هي جيڪو ڪم هلي رهيو آهي سو سڀ عوام جي ڏنل پئسن مان آهي. مون ڏٺو ته زيارت لاءِ آيل ڪيترائي ايراني مرد ۽ عورتون پنهنجي عظيم ليڊر جي هن درگاهه لاءِ سندس قبر جي چوڌاري شيشي جي ڀتين ۾ ٺهيل سيرن مان نوٽ وجهي رهيا هئا ۽ چوڌاري نوٽن جا ڍير هئا.
سيالڪوٽ جي مولويءَ ٻڌايو ته هر سال ۲۱ سيپٽمبر، خميني جي جنم ڏينهن تي هي پئسا ڪڍي ڳڻيا وڃن ٿا. آيت الله خميني (سندس نالو سيد روح الله) سال ۱۹۰۲ ۾ ايران جي صوبي مرڪزي جي هڪ شهر خومين ۾ ڄائو ۽ ۸۸ ورهن جي ڄمار ۾ جون ۱۹۸۹ تي تهران ۾ گذاري ويو. هتي سندس زندگي ۽ انقلاب بابت ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو جو ايران ۾ هر وقت ان جو ذڪر توهان کي ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ انهن کي چڱي طرح سمجهڻ بنا ايران جي سفر تي نڪرڻ يا ايران جو سفر نامو پڙهڻ اجايو لڳندو.
امام خميني ويهين صدي جو وڏو عالم، طاقتور ليڊر، نيڪ انسان هو جنهن پنهنجي سڄي زندگي پاڻ کي ڏکيو رکي انسانذات جي ڀلائي ۽ سک لاءِ پاڻ پتوڙيو، پاڻ وڏو ليکڪ ۽ مڪرر هو جنهن کي ايران جي عوام توڙي دنيا جي مسلمانن سچي دل سان عزت ۽ پيار ٿي ڪيو. هن انسان، جيڪو جسماني توڙي مالي طور ڪمزور ۽ غريب هو، هڪ طاقتور ، ظالم ۽ مغرب پرست حڪومت جو تخت ڊاهي پنهنجي ملڪ ۾ اسلامي حڪومت جو بنياد رکڻ جو انقلاب آندو.
امام خميني ۲۴ سيپٽمبر ۱۹۰۲ (۲۰ جمادي الثاني ۱۳۲۰ هجري) تي خمين نالي شهر ۾ ڄائو جنهن ڪري هو خميني سڏجي ٿو. خمين شهر تهران جي ڏکڻ ۾ ايران جي مرڪزي صوبي ۾ تهران کان ۳۰۰ ڪلوميٽر (۱۸۰ ميل) پري آهي. امام خميني جي والد جو نالو آيت الله سيد مصطفي موسوي ۽ والده جو نالو حاجي آغا خانم هو. امام خميني جو تعلق سيد خاندان سو هو، يعني هو حضور صلعم جن جي نياڻي فاطمه زهرا جي اولاد مان، ستين امام موسي الڪاظم (۷۴۵-۷۹۹) جي معرفت هو.
امام خميني جي ڏاڏي ”سيد احمد موسوي هندي“ جو تعلق خراسان صوبي جي شهر نيشاپور سان هو (جتي عمر خيام، فريد دين عطار ۽ امام زادي سيد محمد محروق جا مقبرا آهن). هن کي هندي ان ڪري سڏيندا هئا جو هن شيعا مذهبي اڳواڻ جي حيثيت سان هندستان ۾ ڪيترائي سال تعليم ڏني. اتان موٽڻ بعد هو خومين ۾ اچي Settle ٿيو جتي سندس ٽي زال سڪينا مصطفيٰ (امام خميني جي والد) کي ۱۸۵۶ ۾ جنم ڏنو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن انڊيا ۾ جتي ڪٿي انگريزن خلاف هنگاما ٿي رهيا هئا ۽ ۱۸۵۷ جو مشهور بلوو ٿيو.
امام خميني جو نانو مرزا احمد مجتهد خنساري به ايران جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي جنهن جي ڏينهن ۾ جڏهن شهنشاهه ايران برطانيه جي هڪ سگريٽ ڪمپني کي ايران ۾ ڪارخانو کولڻ جي اجازت ڏني ته امام خميني جي ناني مسلمانن کي سگريٽ ڇڪڻ کان منع ڪئي. مجبور ٿي شاه کي پنهنجو حڪم نامون ڪئنسل ڪرڻو پيو ۽ ان واقعي کان پوءِ حڪومت کي خبر پيئي ته ملڪ جي سياست تي مذهبي عالمن جو وڏو اثر آهي.
امام خميني جي ڄم جي تاريخ اها ئي آهي جيڪا بيبي فاطمه الزهره جي آهي. امام خميني جو نالو روح الله موسوي آهي ۽ هن جي نالي سان ٻه لقب استعمال ٿين ٿا. آيت الله ۽ امام. آيت الله مذهبي اڳواڻ جو لقب آهي پر ايران ۾ اهو لقب سڀ ۾ وڏو نه آهي خميني کي اهو لقب ايران ۾ انقلاب آڻڻ وقت ڏنو ويو ان بعد جلد ئي خميني کي شيعا اسلام جو سڀ کان وڏو لقب امام ڏنو ويو. امام خميني جو والد سيد مصطفيٰ موسوي جيڪو پڻ آيت الله هو (نجف عراق مان ديني تعليم حاصل ڪرڻ بعد هو خمين ۽ ڀر وارن ڳوٺن جو ليڊر ٿيو.) امام خميني جي ڄمڻ کي چار مهينا به ڪي مس گذريا ته سندس والد آيت الله مصطفيٰ کي ڪجهه ڌاڙيلن ارڪ ڏي ويندڙ رستي تي قتل ڪري ڇڏيو. ان وقت هو ۴۷ سالن جو هو. امام خميني کي سندس ماءُ ۽ ماسي نپائيندي رهي. ان بعد جڏهن هو پندرهن سالن جو ٿيو ته سندس والده ۽ ماسي ساڳي سال هڪ ٻئي پويان گذاري ويون. اهڙين حالتن جي باوجود امام خمينيءَ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق جاري رکيو. هن ڪجهه وقت پنهنجي وڏي ڀاءُ ” آيت الله سيد مرتضيٰ پسنديده“ وٽ علم حاصل ڪيو ان بعد هن ارڪ جي هڪ ديني مدرسي مان مختلف اسلامي سبجيڪٽ ۽ عربي ادب پڙهيو. ان بعد هن قم شهر ۾ اچي ۱۹۲۷ ڌاري اعليٰ مذهبي تعليم مڪمل ڪئي ۽ فقه، فلسفي، عرفان ۽ اخلاقيات جهڙن سبجيڪٽن ۾Specialization ڪئي. هن کي ملڪ جي حاڪمن (پهلوي خاندان) ۽ حڪومت جون مغربي ۽ غير اسلامي پاليسيون پسند نه هيون جنهن خلاف هو آواز اٿاريندو رهيو جيتوڻيڪ حڪومت هن جي چرپر تي پابندي لڳائيندي رهي.
ان وقت جي وڏي شيعا عالم آيت الله بوروجردي جي وفات بعد ايران جي عوام ۽ عالمن امام خميني کي هن جي جاءِ تي مذهبي ليڊر يعني آيت الله چونڊيو. ان بعد امام خميني جو شهنشاهيت خلاف جهاد زور وٺڻ لڳو. هيءَ ۱۹۶۱ جي ڳالهه آهي. اها تحريڪ ۱۹۶۳ تائين عروج تي پهچي وئي. ان سال ۳ جون تي امام خمينيءَ تاريخي تقرير ڪئي جنهن ۾ هن شاهه جي حڪومت کي مغرب تي ڀاڙڻ تي سخت نديو. انهن ڏينهن ۾ ايران اسرائيل کي Support ٿي ڪيو ايتريقدر جو شهنشاهه ايران پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي تعليم لاءِ به اسرائيل موڪلڻ پسند ڪندو هو. خميني ان جي خلاف آواز بلند ڪيو ۽ هن تقرير ۾ اهو به چيو ته ملڪ هلائڻ لاءِ عالمن کي به اهم ڪردار ادا ڪرڻ کپي.“ اهو ٻڌي شهنشاهه ايران جيڪو هي ملڪ ايران پنهنجي بابي ڏاڏي جي ملڪيت سمجهيو ويٺو هو، اهو ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي باهه ٿي ويو. ٻن ڏينهن بعد امام خميني کي گرفتار ڪيو ويو. هي اهي ڏينهن هئا جن ۾ ڪو ماڻهو گرفتار ٿيندو هو يا ڪو حاڪم جي خلاف ڳالهائيندو هو ته هو هميشه لاءِ غائب ٿي ويندو هو. ان ڪم لاءِ شهنشاهه جو جاسوسي ادارو SAVAK پنهنجن ظلمن کان دنيا ۾ مشهور هو. امام خميني جو به منهن ڏسڻ لاءِ ماڻهو سڪندا رهن ها پر هن جي جوشيلي تقرير ٻڌڻ بعد قم جا ماڻهو گهٽين ۾ نڪري آيا ۽ جيئن جيئن خميني گرفتار ٿيڻ جي خبر ملڪ ۾ پکڙي ته سڀني وڏن شهرن ويندي تهران ۾، عوام شهنشاهه خلاف ۽ خميني جي حق ۾ مظاهرا ڪرڻ لڳا. حڪومت جي آرڊر تي فوج ٽئنڪن ذريعي هن وڌندڙ تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪئين هزارين ماڻهو قتل ڪيا ويا پر ماڻهن جو جذبو ماٺو نه ٿيو. ويتر ليڊرن ۽ عالمن جو دٻاءُ ايترو ته وڌي ويو جو هنن خميني کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو ته هن جي غير موجودگي ۾ ماٺ ٿي ويندي. اهو سال ۱۹۶۴ هو جنهن جي ۴ نومبر تي خميني کي پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. هن کي پهرين ترڪي Deport ڪيو ويو جتي هو سال کن ازمير ۽ برسا ۾ رهڻ بعد هي آڪٽوبر ۱۹۶۵ ۾ عراق موڪليو ويو جتي هو تيرهن سال نجف ۾ رهيو، جتي هو ڪتاب لکندو رهيو. تقريرون ڪندو رهيو جيڪي گانن وارن ڪئسٽن تي ٽيپ ڪري ايران موڪليون ويون ٿي ۽ انهن تان ماڻهن وڌيڪ ڪئسٽ ٽيپ ڪري عوام ۾ ورهايا ٿي. آخر ايران ۽ عراق حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته خميني کي عراق مان ڪڍيو وڃي.ان وقت عراق جو نائب صدر صادام حسين هو جنهن خميني کي زوريءَ عراق مان ڪڍيو، جنهن بعد هو ٽوئرسٽ ويزا تي فرانس جي شهر Neauphle-le-chateau ۾ اچي رهيو. پٺيان ايران ۾ ڏينهون ڏينهن پهلوي شهنشاهه جي خلاف مظاهرا وڌندا ويا. جڏهن شهنشاهه ڏٺو ته بچڻ جو ڪو آسرو ناهي ته هو ۱۶ جنوري ۱۹۷۹ تي ايران ڇڏي هليو ويو. حاڪمن جو سر بچائڻ لاءِ ملڪ ڇڏڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي پر شهنشاهه ايران جي هن ڪيس ۾ انسان لاءِ وڏو سبق آهي ته جيستائين هن جي ايران تي حڪومت هئي هن پاڻ کي وڏو طاقتور ٿي سمجهيو ۽ عوام کي مکيون ماڪوڙيون ٿي سمجهيو. هن سڄي ايران کي پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو. کيس پٽ جو اولاد نه ٿيو ته پريشان ٿي ويو ۽ پٽ خاطر ٻي شادي ڪيائين. چي هيڏا مال ملڪيتون ۽ پاڪستان کان آذربائيجان تائين، افغانستان کان ترڪي تائين، بحراحمر کان ڪئسپيئن سمنڊ تائين سڄو ايران سندس آهي ان جو ڪو والي وارث نه ٿئي. هن کي ٻي زال مان پٽ به ٿيو پر سندس مرڻ کان اڳ کين اهي سڀ محل ماڙيون ۽ خوبصورت ملڪ ڇڏڻو پيو. نه رڳو ڇڏڻو پيو پر دنيا جو ڪو ملڪ کين رهائڻ لاءِ تيار نه هو. آمريڪا جهڙو ملڪ جنهن جي هن سڄي عمر غلامي ڪئي ان به هن کي اڇوت ڪري ڇڏيو. بنا سڏ جي آمريڪا پهتو ته هن به چيس ته ٻيلي جلدي پنهنجو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي اسان جي جان ڇڏ. هيڏي وڏي ملڪ جو هيڏو وڏو بادشاهه، شاهن جو شاهه، آخري ڏينهن ۾ ڪئنسر جي مرض ۾ تڙپندو رهيو. جيئن هن جي ڏاڏي ٺڳي ڪري هي ملڪ ۽ حڪومت حاصل ڪئي تيئن ئي هنن جي هٿن مان نڪري وئي. هو ڇا چوندا آهن ته رهندو نانءُ الله جو. پهلوي خاندان جو ذڪر ڪنهن ٻئي هنڌ هلي ڪنداسين ته هو ڪئين شهنشاهه ٿيا.
ايران جي پهلوي شهنشاهه جي ملڪ ڇڏڻ بعد پورن ٻن هفتن بعد پهرين فيبروري ۱۹۷۹ تي خميني ۱۵ سالن جي جلاوطني بعد پنهنجي وطن آيو. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته امام خميني جي اها واپسي اسان جپان ۾ ٽي وي تي ڏٺي. ABC ٽي وي جو نمائندو پيٽر جيننگس هن سفر ۾ امام خميني سان گڏ هو ۽ هن واقعي جي رپوٽنگ ڪري رهيو هو، تنهن تهران جي هوائي اڏي جي ويجهو پهچڻ تي امام خمينيءَ کان پڇيو؛
“What do you feel in returning Iran?”
امام خميني فارسي ۾ جواب ۾ ڏنو؛
” هيچ احساس ندارم.“ يعني آئون ڪجهه به محسوس نٿو ڪريان. خميني جي هن جواب کي ڪيترا خميني جا مغربي مخالف، خميني جي ڪٺور دل هجڻ جي ثابتي ٿا ڏين.
خميني جي واپس اچڻ تي ايران جي ماڻهن سچي دل سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. مغربي اخباري نمائنده موجب تهران ۾ پنجاهه لک کان مٿي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. مهرآباد هوائي اڏي تي لهڻ بعد امام خميني پهرين بهشت زهرا قبرستان تي اچي انهن شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن هن انقلاب جي تحريڪ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو ۽ شاهه جي ظالم فوج ۽ پوليس هٿان مارجي ويا. عوام اسلامڪ ريپبلڪ لاءِ ووٽ ڏنو ۽ اهڙي طرح دنيا جي گولي تي ۱۴۰۰ سالن بعد پهرين اسلامي رياست وجود ۾ آئي. ۱۹۷۹ کان ۱۹۸۹ تائين امام خميني سڀ کان گهڻيون تقريرون ڪيون، ليڪچر ۽ واعظ ڏنا، ڪيترن ئي سياسي مسئلن جا حل ڏنا، اسلام ۽ اخلاق جون ڀلايون بيان ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جون خارجي ۽ اندروني پاليسيون اسلام جي بنياد تي قائم ڪيون.
ڏهه سال حيات رهڻ بعد ۳ جون ۱۹۸۹ تي امام خميني پاڻ هن جهان مان هليو ويو پر پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي ٺاهي ويو. ۽ بقول هڪ ڌارئين ٽورسٽ جي؛
“The Islamic Republic of Iran like a beacon, Shines out across the globe and embraces the oppressed.”

No comments:

Post a Comment