Thursday, February 03, 2011

تبريز- جتي منهنجو دلبر آ - الطاف شيخ

تبريز- جتي منهنجو دلبر آ
الطاف شيخ
مولانا روم (يعني جلال الدين رومي) پنهنجن شاگردن جي وچ ۾ ويهي کين وعظ ۽ نصيحتون ٻڌائي رهيو هو. هن جي اڳيان هن جا سمورا قلمي نسخا رکيا هئا. ڀر ۾ هڪ حوض به هو. ڊگهن وڻن جي ڇانوَ ۾ لڳندڙ ٿڌي ٿڌي هوا ۾ مولانا روميءَ جو دل تي اثر ڪندڙ آواز ۾ هلندڙ واعظ روح کي عجيب راحت بخشي رهيو هو. اتي، ان وقت هڪ پيرسن ٿڪل حال ۾، مٽي ۽ ڌوڙ ۾ ڀڀوت منهن سان اچي حاضر ٿيو ۽ جتي مولانا رومي شاگردن کي ليڪچر ڏئي رهيو هو اتي اچي بيٺو.
 
مولانا هن کي ڏسي پنهنجو واعظ بند ڪيو ۽ هن پير مرد کان پڇيو، ”اي پيرسن انسان! ڪٿان کان اچي رهيا آهيو. ڇا گهرجي ۽ ڪنهن سان ملڻ چاهيو ٿا؟“
مولانا جي سوال جو جواب ته هن پيرسن نه ڏنو ويتر مولانا روميءَ کان سوال ڪيو. هن ڪتابن ۽ هٿ جي لکيل نسخن ڏي اشارو ڪري پڇيو، ”هي ڪهڙيون شيون آهن؟“
مولانا وراڻيو، ”اي پير مرد! هي تنهنجي ڪم جون شيون نه آهن، هي علم وارن جون شيون آهن ۽ انهن کان علم وارائي واقف آهن.“
اهو ٻڌي پير مرد پنهنجو هٿ اڳيان وڌايو ۽ هڪ ئي جهٽڪي سان سڀ ڪتاب کڻي حوض ۾ اڇلايا. اهو ڏسي مولانا رومي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چيو، ”اي بي علم ڄٽ انسان! تو هي ڪهڙو ظلم ڪيو. منهنجو سالن جو پورهيو تو هڪ پل ۾ برباد ڪري وڌو. تون سوچي به نٿو سگهين ته تو ڪيڏو وڏو نقصان ڪري وڌو. تنهنجي هن حرڪت سان ڪيترائي ماڻهو هاڻ علم کان محروم ٿي ويندا.“
مولانا رومي جي ڏک ۽ ڪاوڙ جون ڳالهيون هي پيرسن ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ مرڪندي هن حوض اندر هٿ وڌو ۽ سڀ ڪتاب ڪڍي ٻاهر رکيا. ۽ حيرت جي اها ڳالهه ته ڪوبه ڪتاب نه آلو ٿيو هو ۽ نه ڪنهن جي مس خراب ٿي هئي. مطلب ته ڪتاب ته پنهنجي ساڳي صورت ۾ جهڙا پهرين هئا اهڙا هينئر هئا. مولانا رومي هن پير مرد جي هن ڪمال تي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ هن کان پڇيو، ”اي پير مرد! هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟“
پير مرد وراڻيو، ”هيءَ ڳالهه تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي. هن کي صاحبِ علم، صاحبِ ڪمال ۽ معرفت وارا ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا. تون ان بابت اجائي پڇا نه ڪر. توکي پنهنجا ڪتاب کتا ٿي اهي توکي واپس ملي ويا.“ اهو چئي هي پير مرد اتان روانو ٿي ويو. پٺيان مولانا روميءَ کي فڪر ورائي ويو ته هي پوڙهو ماڻهو ڪو عام ماڻهو نه پر ڪا نبي ڪرامت وارو ۽ بلند پائي جو بزرگ آهي. مولانا هن جي پٺيان پٺيان ڊوڙيو ۽ هن کي هٿ ڳڪري هن کان معافي گهري ۽ ان سان گڏ عرض ڪيو، ”اي بزرگ انسان! مون کي تون پاڻ وٽ رک يا مون وٽ هلي رهه ۽ منهنجي تربيت فرماءِ.“
هي درويش شمس تبريز هو. اهو ئي مولانا روميءَ جو پير و مرشد هو. ۽ هن سان ئي مولانا جو سڄي عمر عشق رهيو. مولانا روميءَ جي سڄي ڪلام تي شمس تبريزيءَ جو اثر چيو وڃي ٿو. مولانا رومي شمس تبريزي جي وفات تائين هن سان گڏ رهيو ۽ لمحي لاءِ به هن کان جدائي برداشت نه ڪري سگهيو.
تهران جي هوٽل ۾ جڏهن اتي جي مئنيجر اها مٿين ڳالهه ٻڌائي ته مون کي آذربائيجاني ايراني دوست محبوبي ياد اچي ويو. ڪئپٽن محبوبي به تعليم دوران سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ منهنجو دوست ٿيو هو. فارسي کان علاوه هن آزري ۽ ٿوري گهڻي ترڪي زبان به ڳالهائي ٿي. ظاهر آهي ايران جو صوبو اوڀر آذربائيجان روس واري رياست آذربائيجان ۽ ترڪي جي بارڊر تي آهي. ڪنهن زماني ۾ هي آذربائيجان جو ملڪ ۽ ايران جا آذربائيجان وارا ٻئي صوبا هڪ ئي وڏو حصو هو ۽ خراسان وانگر اهو سڄو حصو ايران جي حڪومت ۾ آيو ٿي. بهرحال هاڻ ايران ۾ رهيل آذربائيجان جا ٻه اڌ ڪري هڪ جو نالو مشرقي آذر بائيجان ۽ ٻئي جو مغربي آذر بائيجان رکيو ويو آهي. منهنجو جهازي دوست محبوبي تبريز شهر جو آهي جيڪو مشرقي آذربائيجان جي گاديءَ جو هنڌ آهي. محبوبيءَ مون کي تبريز گهمڻ لاءِ به ڏاڍو لکيو پر منهنجو في الحال اوڏانهن وڃڻ جو ارادو نه پئي ٿيو. پر هاڻ شمس تبريز جي ڳالهه ٻڌي محبوبي جو شهر تبريز ياد اچي ويو.
”آغا اهو ٻڌاءِ ته تبريز هتان ڪيترو پري ٿيندو؟ مون مٿيون قصو ٻڌائيندڙ هوٽل جي مئنيجر کان پڇيو.
”سر هتان تهران کان ته تمام ويجهو آهي. تهران کان جيترو زاهدان پري آهي ان جي اڌ کان به گهٽ پنڌ تي هتان کان تبريز آهي. بس ۾ هينئر چڙهندائو ته شام ڌاري تبريز مان وڃي نڪرندائو. وچ ۾ فقط فازون ۽ زنجان جا ته ننڍڙا صوبا آهن.“
۽ هينئر تبريز شهر جي خميني اسٽريٽ جي ٿري اسٽار هوٽل درياءَ جي ڪمري مان هي لکي عجيب محسوس ڪري رهيو آهيان. چوڌاري هن شهر جون اوچين عمارتن واريون فائو اسٽار ۽ فور اسٽار هوٽلن جون اوچيون عمارتون آهن. هوٽل پارس (جيڪا هوٽل ال قولي به سڏجي ٿي)، شهريار انٽرنيشنل هوٽل، گوشتريش هوٽل، تبريز انٽرنيشنل هوٽل، شهناز اسٽريٽ تي هوٽل آذربائيجان ۽ هوٽل ارڪ. مون واري هوٽل واري گهٽيءَ ۾ اڳيان هوٽل پارڪ ۽ هوٽل نگين جو به بورڊ نظر اچي رهيو آهي. ”تبريز“ يونيورسٽين جو شهر به چئي سگهو ٿا جن مان ڪيتريون ته وچ شهر ۾ ئي آهن جن جا بورڊ ايندي ويندي نظر اچن ٿا- خاص ڪري هي يونيورسٽيون:
- يونيورسٽي آف تبريز
- تبريز ميڊيڪل يونيورسٽي
- تبريز آرٽس يونيورسٽي
- اسلامڪ آزاد يونيورسٽي
- پيام نور يونيورسٽي
- خاجا رشيد يونيورسٽي
- امام حسين يونيورسٽي
- الظهرا ٽيڪنالاجي ڪاليج، وغيره وغيره
هونءَ ته سڄي ايران ۾ فارسي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ پرائمريءَ کان مٿاهين ليول تائين تعليم به فارسي ۾ ڏني وڃي ٿي، پر ڪن ڪن شهرن ۾ فارسي کان علاوه ٻيون زباون ڳالهائڻ وارا جام نظر اچن ٿا. جيئن زاهدان پاسي بلوچي ۽ بروهي زبانون به ڳالهائيون وڃن ٿيون، تيئن هتي تبريز ۾ اذري ۽ ترڪي زبانون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون، جو ترڪي ۽ آذربائيجان ملڪ نه فقط تبريز کان سڏ پنڌ تي آهن پر ماضيءَ ۾ انهن ملڪن جو تبريز تي وڏو اثر رهيو آهي. تبريز جي خوبصورت location ۽ جاگرافيائي پوزيشن ڪري اهو ايران جو شهر هوندي به رکي رکي ترڪيءَ ۽ آذربائيجان جي ته قبضي ۾ پئي رهيو آهي، پر روس جي به قبضي ۾ رهيو! ان ڪري هي شهر ايران جي ٻين شهرن کان بيحد نرالو نظر اچي ٿو ۽ منهنجي زائرين ۽ گهمڻ جي شوقينن کي اهائي صلاح آهي ته تهران ۽ قم شهرن ۾ پهچڻ بعد تبريز ڪو پري ناهي. بسين ۽ ريل گاڏين جو ڀاڙو ته ايران ۾ ڪو گهڻو ناهي، رهائش به اميرن توڙي غريبن لاءِ هر قسم جي آهي. هوٽلن ۽ مهمانخانن کان علاوه تبريز جي فردوسي اسٽريٽ تي ڪيتريون ئي گهٽ اگهه واريون هاسٽلون به آهن ۽ گهمڻ جي شوقينن لاءِ ايران ۾ رُکا نان به بيحد سوادي آهن. آئون ته انهن جي وچ تي ڪڏهن جئم ذرو هڻي کانوان ٿو ته ڪڏهن ڪواب وجهي رول ٺاهي هلندي چلندي، گهمندي ڦرندي کائيندو رهان ٿو. انگريز ۽ يويرپي به ڌارين ملڪن ۾ ائين ڪندا وتن.
ايران جي هن اتر اولهه واري حصي ۾ تبريز سڀ ۾ وڏو شهر آهي. هونءَ تهران، مشهد ۽ اصفهان بعد تبريز ايران جو چوٿون وڏو شهر آهي. آدمشماري ويهه لک کن- يعني روهڙي ۽ خيرپور کان به گهٽ اٿس. شهر جي ڏکڻ پاسي سهند جا آتش فشان (volcanic) جبل اٿس ۽ اتر ۾ اينالي جبلن جي قطار آهي. ايران جون ٻه نديون ڪومور (جنهن کي مهراڻ به سڏين ٿا) ۽ اَچي جتي ملن ٿيون، اتي هي شهر تبريز واقع آهي، ان ڪري مٿي لکيو اٿم ته هن شهر جي لوڪيشن بيحد خوبصورت آهي. هن شهر تي هي نالو تبريز ڪيئن پيو ان لاءِ گهڻن اهو ئي ٻڌايو ٿي ته هتي ڪيترائي گرم پاڻيءَ جا چشما آهن، جن تان هي نالو پيو آهي ۽ اصل لفظ ”تپ ريز“ آهي، يعني گرمائش (temperature) وڌائيندڙ. اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي ۽ پڪ توهان به سوچيندا هوندا ته بخار (يعني گرمائش) ته فارسيءَ جو لفظ آهي پر اسان سنڌي fever کي ”تپ“ ٿا سڏيون اهو به سنڌيءَ جو نه پر فارسيءَ جو لفظ آهي. هونءَ هن شهر جو اصل نالو شاهستان هو، پوءِ سن ۲۴۶ع ۾ جڏهن آرمينيا جو بادشاهه تريدتس سوم ٿيو ته هن تبريز کي آرمينيا جي گاديءَ جو هنڌ به بنايو.
جيئن ۱۹۳۰ع جي زلزلي ۾ ڪوئيٽا جو شهر تباهه ٿي ويو هو، تيئن تبريز جي تاريخ ۾ به ڪيترائي دفعا (جيئن ته ۸۵۸ع، ۱۰۴۱ع ۽ ۱۷۲۱ع ۾) اهڙا ته سخت قسم جا زلزلا آيا جو هي شهر ترپٽ ٿي ويو. ۽ هڪ ان کان به اڳ اٺين صديءَ جي آخر ۾ زلزلو آيو هو ۽ ڊٺل شهر کي ۷۹۱ ۾ عباسي خليفي هارون رشيد جي زال زبيده نه فقط نئين سنئين جوڙايو پر خوبصورت به بنايو، ايتريقدر جو ڪيترا اهوئي چون ٿا ته تبريز جي باني (founder) زبيده آهي.
صفوي دور ۾ ”تبريز“ شاهه اسماعيل اول جي ڏينهن (۱۵۰۱ع) ۾ ايران جي گاديءَ جو هنڌ به رهيو جيڪو پوءِ شاهه طهما شپ اول ۱۵۴۸ع ۾ ڀر واري صوبي قازون ۾ شفٽ ڪيو. صفوي گهراڻي جي حڪومت کان اڳ ۽ پوءِ به رکي رکي تبريز ترڪن جي سلطنت عثمانيه حوالي ٿيندو رهيو ٿي. ۱۸۲۸ع ۾ ته روس حوالي به ٿي ويو هو.
بهرحال ايران جي هن خوبصورت شهر تبريز جو تاريخ ۾ اعليٰ مقام آهي. هي اهو شهر آهي جتان ۱۹۰۶ع ۾ ايران جو آئيني انقلاب شروع ٿيو هو ۽ جتان ستار خان ۽ باقر خان جهڙا ليڊر آيا. هن انقلاب ۾ هاورڊ باسڪروائل نالي آمريڪن به پنهنجي جان ڏني، جيڪو هتي تبريز ۾ دفن ٿيل آهي. تبريز اهو شهر آهي جتي ۱۸۱۱ ۾ ايران جو پهريون ڇاپخانو لڳو، ايران جو پهريون گونگن لاءِ (۱۹۲۴ع ۾) ۽ انڌن شاگردن لاءِ ۱۹۲۶ع ۾ اسڪول کليو. ايران جو پهريون ڪنڊر-گارٽن اسڪول، ميونسپالٽي ۽ پهرين لئبرري پڻ تبريز ۾ کلي. ايران جو پهريون سئنيما هال (۱۹۰۰ع ۾) پڻ تبريز ۾ کليو ۽ تبريز ان ڳالهه ۾ پڻ ايران جو پهريون شهر آهي جتي ۱۹۰۰ع ۾ ٽيليفون لڳو..... انهن ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين ڪري تبريز کي اولين شين جو شهر (city of firsts) پڻ سڏجي ٿو.
تبريز کي ايراني ادب ۽ شاعريءَ ۾ پڻ ساراهايو ويو آهي، جيئن مولانا جلال الدين روميءَ جو هڪ شعر آهي ته:
سار بانا بار بگشاز اشتران
شهر تبريز است وڪوي دلبران.
(او ساربان! ڇا اٺن تان بار لهي چڪو
هي شهر تبريز آهي جتي منهنجو دلبر آ)
ايران جي هڪ ٻئي مشهور شاعر شيخ سعديءَ جو هن شهر تبريز تي ”بوستان سعدي“ ۾ شعر آهي ته:
اقصاي تبريز بود عزيزي در
ڪھ همواره بيدار و شبخيز بود
ڪنهن انگريز هن جو واهه جو ترجمو ڪيو آهي.
A beloved lived in Tabriz away from Sight
Who was always alert and awake at night.
ايران جي هڪ ٻئي شاعر خاقانيءَ جو تبريز بابت ارسي شعر آهي ته:
تابھ تبريزم دو چيزم حاصل است
رود و بس نيم نان و آب مهران
(جيستائين آئون تبريز ۾ آهيان، مون کي ٻن شين جو فڪر نه هئڻ کپي.
نان جو اڌ ۽ مهراڻ نديءَ جو پاڻي مون لاءِ ڪافي آهي)
مٿي لکي آيو آهيان ته تبريز مهراڻ (ڪومور) ندي ۽ اَجي نديءَ جي سنگم تي آهي. توهان تبريز کان اچي نڪرو ته ايئرپورٽ واري گهٽيءَ وٽ، اَجي نديءَ مٿان ٺهيل جهوني پل ڏسڻ وٽان آهي. تبريز هڪ جهونو شهر آهي، جنهن ۾ صدين کان مختلف مذهبن، زبانن ۽ ڪلچرن جا ماڻهو رهندا پئي آيا آهن جن جا ڪيترائي يادگار موجود آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ توهان کي هتي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن ضرور رهڻ کپن، ان بعد ڀلي تهران موٽي وڃو يا اڳتي ترڪيءَ هليا وڃو. اڄ ڪلهه جتي ڪٿي Secutity جو مسئلو وڌندو وڃي ۽ اسان پاڪستانين کي ته هيڪاندو شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، نه ته ستر جي ڏهاڪي تائين انگلنڊ ۾ رهندڙ ڪيترا اسان جا پاڪستاني هوائي جهاز ۾ وطن ورڻ بدران باءِ روڊ ڪار ۾ ايندا هئا. فيريءَ رستي انگلش چئنل ٽپي فرانس پهچي وڃبو هو ۽ پوءِ ته روڊ ئي روڊ آهي. فرانس ٽپي اٽليءَ ۾ اچبو هو جتان پوءِ آسٽريا ۽ هنگري ملڪ اچن ٿا، جتان پوءِ يوگوسلاويا مان ٿي يونان اچبو هو. تنهن کان پوءِ ترڪي شروع ٿئي ٿو ۽ سڄو ترڪي لتاڙڻ بعد ايران جي بارڊر واري شهر تبريز ۾ ٿو اچجي ۽ پوءِ پاڪستان وڃڻ لاءِ ايران جي شهر زاهدان جو رخ ڪبو هو، جيڪو پاڪستان جي بارڊر وٽ آهي، جيڪو ٽپي ڪوئيٽا ۾ اچبو هو. ڪجهه عرصو- سٺ وارو سڄو ڏهو ايران، ترڪي ۽ پاڪستان جو RCD معاهد هيٺ ٽنهي ملڪن جا ماڻهو بنا پاسپورٽ جي هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ پيا ايندا ويندا هئا. بهرحال اڃان به پاڪستانين لاءِ ايران ۾ گهمڻ ڦرڻ يا زيارت جو به هڪ هڪ شهر تاريخ سان ڀريو پيو آهي. هن شهر تبريز ۾ گهمڻ لاءِ ڪجهه جايون Suggest ڪري سگهان ٿو. مٿي بيان ڪيل اجي ندي واري پل ڏسڻ کان علاوه ٻيون شيون هنريت آهن:
- آرمينين چرچ (گرجا گهر)
- ارڪِ تبريز جو قلعو
- آشورن چرچ
- باغِ گلستان پارڪ
- بقلار باقي پارڪ
- بلو مسجد
- باغِ امامزاده ابراهيم
- ڪئٿولڪ عيسائين جو چرچ
- مقبرة الشعرا (شاعرن جو مقبرو)
تبريز ڪيترن ئي سياستدانن، شاعرن، اديبن، سائنسدانن، عالمن ۽ آرٽسٽن کان به مشهور آهي. پر اسان جي تبريز شهر سان سڃاڻپ هتي جي مشهور صوفي شاعر شمس تبريزيءَ ڪري ننڍي هوندي کان ٿي.
جيئن عمر خيام نيشاپوري جو مقبرو نيشاپور ۾ آهي يا شيخ سعدي شيرازي جو مقبرو شيراز ۾ آهي، تيئن شمس تبريزي جو مقبرو تبريز ۾ ناهي. هو تبريز شهر ۾ ڄائو ضرور هو پر سندس وفات ۱۲۴۸ع ۾ خوي شهر ۾ ٿي، جيڪو ايران جي مغربي آذربائيجان صوبي جو شهر آهي. خوي شهر مختلف انگريزي اسپيلنگن ۾ لکيو وڃي ٿو. جيئن ته: Khvoy, Khuy, Khoi ۽ Xoy. شمس تبريز جو مقبرو خوي ۾ آهي، پر پاڻ زندگي جو وڏو حصو تبريز ۾ ۽ ڪونيا ۾ گذاريائون، جيڪو اڄ ڪلهه ترڪيءَ جو شهر آهي، پر تن ڏينهن ۾ ترڪيءَ جو اهو حصو ايران ۾ آيو ٿي. جلال الدين رومي به اتي ئي ڪونيا ۾ پنهنجي استاد سان گڏ رهيو ٿي. روميءَ کي شمس تبريزيءَ سان وڏي عقيدت هئي، ايتريقدر جو هن پنهنجي شاعريءَ جو وڏو حصو شمس تبريزي کي منسوب ڪيو آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ جو هڪ ماسٽريس ديوان جو نالو ئي ”ديوان شمس تبريزي“ رکيائين- جنهن ۾ روميءَ جي چاليهه هزار شعرن جو مجموعو آهي. شمس تبريزيءَ جو سندس لکيل نثر جو ڪتاب ”مقالاتِ شمسِ تبريزي“ فارسي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.

No comments:

Post a Comment