Thursday, February 03, 2011

ميڊ اِن جپان ۽ بئنڪن جو گهوٽالو - الطاف شيخ


ميڊ ان جپان ۽ بئنڪن جو گھوٽالو
الطاف شيخ

ڪجهه دير اڳ ڪنهن آمريڪي رسالي ۾ جپان بابت ٻه لطيفا پڙهيا اٿم.
هڪ جپاني همراهه گهمڻ واسطي آمريڪا ويو. آخري ڏينهن تي هن ٽئڪسي گهرائي. ٽئڪسي ڊرائيور کي ايئرپورٽ هلڻ لاءِ چيو.
رستي تي هڪ هونڊا ڪار هن جي ٽئڪسيءَ کي ڪراس ڪيو. آمريڪا ۾ گهڻو ڪري آمريڪا جون ٺهيل شيورليٽ ڪارون ٽئڪسي طور هلن. جپانيءَ پنهنجي ملڪ جي هونڊا ڪار کي شيورليٽ کان تکو ويندي ڏسي دريءَ مان منهن ڪڍي خوشيءَ مان رڙ ڪئي: ”هونڊا! ويري فاسٽ. ميڊ اِن جپان.“ (هونڊا! ڇو نه تکي هجي. آخر جپان ۾ ٺهي آهي.(
Made in Japan.
اهڙي طرح ٿورو اڳيان هليا ته هڪ ٽويوٽا ڪار جيڪا هنن جي پٺيان هئي کانئن اڳيان ٿي وئي. جپاني همراهه هڪ دفعو وري ٻهڪندي رڙ ڪئي:
“Toyata! Very fast! Made in Japan!”
۽ اهڙي طرح ڏسندي ئي ڏسندي هڪ هنڌ متسوبشي ڪار کين ڪراس ڪيو. جپاني همراهه خوشيءَ وچان رڙ ڪئي: ”متسوبشي! ويري فاسٽ! ميڊ اِن جپان!“
۽ ائين ايئرپورٽ تائين جپاني همراهه پنهنجي ملڪ جي ڪارن کي اڳيان ويندو ڏسي نعرا هڻندو رهيو. آمريڪن شيدي ٽئڪسي ڊرائيور دل ئي دل ۾ پچرندو رهيو پر ڪڇيو ڪو نه. ايئرپورٽ تي پهچي جپانيءَ ڀاڙو پڇيو.شيدي ٽئڪسي ڊرائيور سندس ڪار ۾ لڳل تيرا ساڪي (جپان جي هڪ اليڪٽرانڪ ڪمپني) جي ميٽر ڏي اشارو ڪري ٻڌايس ”ٽي سئو آمريڪن ڊالر.“
”ٽي سئو ڊالر!“ جپانيءَ حيرت مان پڪ ڪئي. ”ڇا ته بل آيو آهي!“
ان تي ڊرائيور ساڳي انداز ۾ رڙ ڪري چيس:
“Meter! Very fast! Made in Japan.”
(ميٽر! ڇو نه تکو هجي! آخر توهان جهڙن ٺاهيو آهي. ميڊ اِن جپان.)


جپاني سڪي يين جو اگهه ڪجهه ڏينهن اڳ ڪِرڻ ڪري جپان جي ڪيترين بئنڪن جي حالت خراب ٿي وئي هئي. ڪيترين ئي بئنڪن پنهنجون ڪجهه فالتو برانچون بند به ڪري ڇڏيون ته ڪيترين پگهار بچائڻ لاءِ بئنڪن جو اسٽاف گهٽائي ڇڏيو. ڪجهه نيون بئنڪون اٿندي ڏيوالي ۾ هليون ويون ۽ مالڪن کي هميشه لاءِ بند ڪرڻيون پيون. جپاني بئنڪن جا نالا ته ٽوڪيو بئنڪ، مستوبشي بئنڪ، نشي نهان بئنڪ، ياماگچي بئنڪ، فڪوئوڪا بئنڪ وغيره آهن پر هتي نقلي نالن وارين بئنڪن جو حال پيش ڪجي ٿو جو هتي جي هڪ اخبار ۾ آيون هو، انهن نالن جي چونڊ ئي هن کي دلچسپ چرچو بنائي ٿي.
Japanese Banking Crisis
The Japanese banking crisis shows no signs of improvement. If anything it’s getting worse.
Following last week’s news the Origami Bank had folded, we are hearing that Sumo Bank has gone belly up and Bonsai Bann plans to cut back some of its branches.
Karaoke Bank is up for sale and is (you guessed it!) going for a song.
Meanwhile, shares in Kamikaze Ban have nose- dived and 500 back- office staff at Karate Bank got the chop.
Analysts report that there is something fishy going on at Sushi Bank and the staff there fear they may get a raw deal.
جپاني بئنڪون گهوٽالي ۾
”گهوٽالي ۾ ويل جپاني بئنڪن جي بهتريءَ جي ڪا به اُميد اڃا نظر نه پئي اچي. ويتر ڏينهون ڏينهن حالتون خراب ٿينديون وڃن.
گذريل هفتي جي خبر مطابق ”اوريگامي بئنڪ“ کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري بند ڪيو ويو آهي ۽ اسان ٻڌي رهيا آهيون ته ’سومو‘ بئنڪ پٺيءَ ڀر وڃي ڦهڪو ڪيو آهي ۽ ”بونسائي بئنڪ“ پنهنجيون ڪجهه برانچون ختم ڪرڻ جو پئي سوچي.“
(اوريگامي (Origami) دراصل پني کي ويڙهي سيڙهي (Fold ڪري) ان مان مختلف شين جو آرٽ آهي جيئن پاڻ وٽ به پني کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ٻيڙي، آگبوٽ وغيره ٺاهيو وڃي ٿو. سومو (Sumo) جپاني ملهه جو نالو آهي جنهن ۾ ٻه ٿلها متارا پهلوان هڪ ٻئي کي ٿيلها ڏئي گول چڪري مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پوءِ جيڪو ٻئي کي Ring مان ٻاهر ڪڍي يا پٺيءَ ڀر ڪيرائي اهو کٽيندو آهي. بونزائي (Bonsai) ڄامڙن وڻن جو نالو آهي جن کان جپان مشهور آهي. هي هڪ آرٽ آهي جنهن ذريعي وڌندڙ وڻ جون اهڙي طرح شاخون ڪٽبيون وڃبيون آهن جو وڻ عمر ۾ ته ضرور وڏو ٿيندو رهي پر قدبت ۾ هڪ ننڍڙي ٻوٽي جهڙو ڄامڙو لڳي. اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ بعد هڪ پڙهندڙ مختلف نالن وارن بئنڪن جي خبر وڌيڪ Appreciate ڪري سگهندو.)
”ڪارا اوڪي (Karaoke) بئنڪ وڪري لاءِ تيار آهي ۽ اها ڦلن مٺ ۾ (توهان صحيح سوچيو آهي) يعني راڳ جي بدلي ۾ وڪامي رهي آهي.
في الحال ته ڪامي ڪازي (Kamikaze) بئنڪ جي شيئرن جي اگهن اونڌي منهن کڻي ٽٻي هنئي آهي ۽ ڪاراٽي بئنڪ 500 کن آفيسرن جون نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون آهن.
تجزيو ڪندڙن جي رپورٽ آهي ته ان سلسلي ۾ سوشي (Sushi) بئنڪ مان به ککي ڌپ اچي رهي آهي..
(ڪارا اوڪي (Karaoke) جپان ۾ راڳ گاني جا ڪلب ۽ بئنڊون آهن جتي جپاني نوجوان مست ٿي زوردار ميوزڪ تي ڳائين ٿا. هنن لاءِ راڳ سڀ ڪجهه آهي. سو ڪارا اوڪي نالي واري بئنڪ راڳ جي بدلي ۾ وڪامي وئي.
ڪامي ڪازي (Kami kaze) انهن فدائي (خودڪش) حملو ڪندڙ جپاني دلير پائلٽن جو نالو آهي جن ٻي وڏي جنگ ۾ پرل هاربر تي بيٺل آمريڪن جهازن تي حملو ڪيو. هنن پائلٽن بندرگاهه ۾ بيٺل بحري جهازن مٿان بمن جو وسڪارو ڪري ڀڄي وڃڻ بدران بمن سان ڀريل پنهنجن هوائي جهازن کي پاڻي جي جهازن مٿان ٽٻي هڻي پاڻ کي ته تباهه ڪري ڇڏيو پر آمريڪن بحري ٻيڙي کي لولو لنگڙو ڪري آمريڪن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون.
۽ ڪاراٽي (Karate) ويڙهه کان ته اسان سڀ واقف آهيون ته ڪيئن هڪ ڪمزور انسان به عقلمندي سان پنهنجي طاقت کي صحيح طرح استعمال ڪري ڪاٺ جي تختين کي يا سرن کي به ائين ٻن حصن ۾ ڀڃيو ڇڏي جيئن ڇريءَ سان بصر کي ڪپي ٻه اڌ ڪجي.
سوشي (Sushi) ڪچي مڇيءَ جو ڊش آهي. جپانين جي عجيب ڳالهين مان اها به هڪ آهي ته هو مڇين جا ڪجهه قسم تري يا رڌي کائڻ بدران ڪچو (Raw) کائين ٿا. سو ان تان مٿين بئنڪ جو نالو Sushi رکيو آهي.)
هاڻ ان معلومات کي ڌيان ۾ رکي بئنڪن جي ڏيوالي واري خبر پڙهي سگهجي ٿي.

No comments:

Post a Comment