ماتا ھري
الطاف شيخ
گذريل هڪ مضمون ۾ ڪِهارو نالي هڪ جپاني گيشا جو احوال لکندي ماتا هري (Mata
Hari) نالي عورت جو حوالو ڏنو اٿم ته ٻي وڏي لڙائيءَ ۾
جپان جي مليٽري حڪومت پنهنجي ملڪ جي مٿين گيشا ڪهارو کي هن لڙائيءَ جي ماتا هري
بنائڻ ٿي چاهيو. هتي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ ڪجهه احوال ماتا هري جو لکڻ ضروري
سمجهان ٿو جو پڪ اٿم ته پڙهندڙن لاءِ دلچسپ ثابت ٿيندو.
ماتا هري هڪ ڊچ خوبصورت اگهاڙي ڊانسر هجڻ کان علاوه پهرين لڙائي جي
مشهور ترين جاسوس ٿي گذري آهي. آخر ۾ مٿس ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس فائرنگ اسڪواڊ
اڳيان بيهاري گوليون هنيون ويون. ماتا هري 1876ع ۾ مار گريٿا نالي هالنڊ جي شهر
ليو وارڊن ۾ آدم زيلي جي گهر ۾ ڄائي. مارگريٿا جو پيءُ ٽوپلن جو واپاري هو. هي اهو
زمانو هو، جڏهن يورپ ۾ هر هڪ ماڻهو ٻاهر نڪرڻ مهل ٽوپلو پائي نڪرندو هو ۽ آدم
زيليءَ جو وڏو واپار هو، جيڪو پوءِ اڳتي هلي نقصان ۾ هليو ويو. هو پنهنجي زال ۽
ٻارن کي ڇڏي پرڏيهه هليو ويو. سندس زال صدمي ۾ مري وئي ۽ مارگريٿا (ماتا هري) پيٽ
گذر لاءِ هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي ٿي رهي، جتي جي هيڊ ماستر سان ناجائز تعلق رکڻ ڪري
کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. ان بعد ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ هڪ ڊچ نيول آفيسر سان شادي
ڪئي، جيڪو هن کان ويهه سال کن وڏو هو. شادي بعد هو لڏي انڊونيشيا آيا، جتي ڊچ (هالنڊ
وارن) جي حڪومت هئي (جيئن ملايا، انڊيا سريلنڪا وغيره تي انگريزن جي هئي).
مارگريٿا جي ماءُ به انڊونيشيا جي مشهور ٻيٽ جاوا جي رهاڪو هئي. مارگريٿا وارا
انڊونيشيا ۾ ڏهاڪو کن سال رهيا، ان دوران کين ٻه ٻار ٿيا، پر پوءِ طلاق وٺي
مارگريٿا پئرس هلي آئي. پئرس ۾ پنهنجي پراڻي نالي ۽ شخصيت بدران هڪ نئين نالي
”ماتا هريءَ“ سان هوءَ پنهنجو پاڻ کي جاواني شهزادي سڏائڻ لڳي. هن فرانس جي Oriented Studies Museum ۾
اگهاڙو ۽ اشتعال انگيز ناچ (Erotic dance) جي شروعات ڪئي.
ماتا هري (Mata Hari) دراصل ملئي زبان جو لفظ آهي، جيڪا ملائيشيا،
انڊونيشيا، برونائي وغيره ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ماتا هري (سج) جي لفظن معنيٰ ”ڏينهن
جي اک“ آهي. ماتا معنيٰ اک ۽ هري معنيٰ ڏينهن- يعني سج. ملئي زبان جا ڪيترائي لفظ
ان خيال کان عجيب آهن، جيئن ملئي زبان ۾ چنڊ کي چون ”انڪ بولان“ (Anak
Bolan) يعني مهيني جو ٻار. بهرحال انهن ڏينهن ۾ پهرين وڏي
لڙائي شروع ٿي. ان لڙائيءَ دوران ماتا هريءَ جو هڪ 25 سالن جي روسي پائلٽ سان Affair ٿيو،
جنهن هڪ فرينچ پائلٽ سان گڏجي جهاز هلايو ٿي. هنن جي معرفت ماتا هريءَ کي جرمنن جي
جاسوسي ڪرڻ لاءِ وڏي رقم جي آڇ ڪئي وئي ۽ سندس ڳجهو نالو H-21 رکيو
ويو. جاسوسيءَ لاءِ
ماتا هري اسپين ۽ انگلينڊ مان ڦري جرمني پهتي، پر اتي جرمنن جي
جاسوسي ڪرڻ ته پنهنجي جاءِ تي، ماڳهين هڪ جرمن فوجيءَ سان عشق ۾ ڦاسي پئي ۽ فرانس
جي راز جون ڳالهيون ويندي پنهنجو ڳجهو نالو H-21 فاش
ڪري ويٺي. 4 جنوري 1917ع تي فرانس موٽڻ تي ماتا هريءَ کي Arrest ڪيو
ويو. مٿس ڪيس هليو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 15 آڪٽوبر 1917ع تي فرينچ فائرنگ اسڪواڊ
اڳيان بيهاري بندوقن جا منهن کوليا ويا. چون ٿا ته کيس فائرنگ اسڪواڊ اڳيان بيهارڻ
مهل هن پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌرائڻ کان منع ڪئي ۽ فائرنگ اسڪواڊ جا ٻارهن ماڻهو هن
تي گوليون هلائين، ان کان اڳ هن هٿ جي اشاري سان کين اڏامندڙ چمي ڏني.
ماتا هري دنيا جي تمام مشهور ڊبل ايجنٽ جاسوس (جيتوڻيڪ جاسوسيءَ ۾ ڪا
اهڙي هوشيار ثابت نه ٿي) پنهنجي سونهن، ڪيترن ئي وڏن ۽ اهم ماڻهن سان هڪ ئي وقت
عشق جا چڪر ۽ ڄاڻ سڃاڻ هجڻ ڪري اڄ تائين دنيا جي اهم جاسوس عورت مڃي وڃي ٿي. سندس
زندگيءَ تي ڪيترين ئي زبانن ۾ فلمون ٺهيون ۽ دنيا جي مشهور ترين فلمي اداڪارائن
سندس رول جي اداڪاري ڪئي.
No comments:
Post a Comment