پُٽن جي پيڙا کان آزاد آهيو...
الطاف شيخ
ڪتابن جي شوق ۾ لوڪرام ڏوڏيجا صاحب ڪيترن ئي اديبن کي خطَ پَٽَ لکندو رهيو ٿي. اهي ستر واري ڏهاڪي جا آخري سال ۽ اَسي واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا. انهن ڏينهن ۾ حالتون مختلف هيون. پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ ٽپال جو سسٽم روان نه هو. ان ڪري ٽپال رستي موڪليل سندس ڪتاب ۽ خط هيٺ مٿي ٿي ويندا هئا. جهاز تي هجڻ ڪري مون کي وري به ملي ويندا هئا، پر منهنجو وري هڪ هنڌ ٺام ٺڪاڻو نه هو. ڪڏهن جپان جي ڪنهن شهر ۾، ته ڪڏهن ڪوريا جي ڪنهن شهر ۾... ۽ سچ اهو به آهي ته سُستي يا مشغول هجڻ ڪري ڪڏهن جواب لکي سگهبو هو ڪڏهن نه، پر لوڪرام صاحب خط لکڻ ۾ بيحد regular هوندو هو يا ته ان ڪري به جو هُو عمر جي ان پيٽي ۾ (۷۵ سالن کن جو) هو، جنهن ۾ کيس واندڪائي ئي واندڪائي هئي. منهنجا سفرناما کيس ڪافي پسند هئا. انهن ۾ جيڪي چُڪون ۽ غلطيون هونديون هيون، انهن جي هُو مهرباني ڪري نشاندهي ڪندو هو، پر اسان جي عمر اهڙي هئي جنهن ۾ اها ڳالهه ڪانه وڻندي هئي، جيتوڻيڪ پوءِ (گهڻو گهڻو پوءِ) مون محسوس ڪيو، ته لوڪرام صاحب منهنجي ڀلي لاءِ ٿو درستي ڪري پر تن ڏينهن ۾ ڪنهن جي تنقيد تان ٻَرو چڙهندو هو. پنهنجي هر ڳالهه صحيح لڳندي هئي. مثال طور پهريون دفعو انگلينڊ اچي انگريزن جا ڳڙکين جهڙا گهر ۽ عام طرح کين سلاد جي سئنڊوچ کائيندو ڏسي حيرت ٿي ته هي هڪ عام گهرن ۾ رهڻ وارا ۽ سادو کائڻ وارا اسان جي ملڪ تي ڪيئن ۲۰۰ کن سال راڄ ڪري ويا! پنهنجي ماڻهن جي ڪمزورين کي ڏسڻ بدران هر ڳالهه ۾ انگريزن تي ڇوهه ڇنڊڻ لڳاسين ته هنن اچي اسان کي غلام بڻايو ۽ اسان جي ملڪ جو ستياناس ڪيو وغيره وغيره ۽ ان ئي قسم جي احساسن جي منهنجي شروع جي ڪن سفرنامن ۾ جهلڪ به نظر اچي ٿي. هڪ اهڙي سفرنامي تي شري لوڪرام ڏوڏيجا ٽيڪا ٽپڻي ڪندي مون کي لکيو:
”پيارا دوست الطاف! ڌڻي شل سدائين توهان کي سامونڊي ۽ دنياوي طوفانن ۽ راڪاسن کان حفاظت ۾ رکي.
ٻه ڏينهن اڳ توهان جو ڪتاب ’وايون وڻجارن جون‘ هانگ ڪانگ مان موڪليل پهتو. ان مان اهڙو سواد آيو، جو هڪ ئي ڳيت ۾ پڙهي ويس. توهان جي لکڻي نرالي آهي، ان مان جوانيءَ جي خوشنما طبيعت جو هُڳاءُ اچي ٿو. توهان جا ڪي ڪي لفظ ۽ اصطلاح پڙهي ڏاڍو لطف ۽ کِلَ ايندي آهي. جيئن هينئر هڪ چئپٽر ۾ پڙهيم: هر گري گنجي سان، گوشت جو جبل هئي، بس ۾ به ٻن ماڻهن جي جاءِ ٿي ولاريائين، پر رينگٽ بند نه ڪري، اسان جو باس پنهنجي چيني کاکڙ ساهيڙيءَ کي جا کانئس به ڪُراڙي هئي، ماءِ گرل چئي مخاطب ٿيندو هو، ڪو ڌُڪو کڻي هڻ، ٽيهر تپ وٺي وڃڻ، وغيره وغيره... پر ڪي لفظ وري اهڙا ڪم آندا اٿانوَ جيڪي اسان کي اسڪول ۾ (۱۹۱۰ع کان ۱۹۱۷ع تائين) نه پاڙهيندا هئا. جيئن ته تفاوت، مرغوب ڪرڻ، خواهش جي تڪميل، مصنوعي (نقلي، ملاوتي)، ثانوي حيثيت (ٻئي نمبر جي)، معيشت (ناڻي جي) وغيره وغيره. اهي لفظ عام سنڌيءَ کي سمجهه ۾ نه ايندا. وري به توهان اهڙا لفظ اٽي ۾ لوڻ برابر لکيا آهن ۽ انهن جو مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو. ڪي ليکڪ ته اهڙا آهن، جن کي سمجهڻ ئي ڏکيو آهي. هتي جيڪي ليکڪ هندي لفظ ڪم آڻيندا آهن تن جا ڇوڏا لاهيندو آهيان.
ٻي ڳالهه اها ته توهان ڪي اهڙا انگريزيءَ جا لفظ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪم آندا آهن، جن جي سنڌي معنيٰ سولائيءَ سان لکي سگهو پيا، جيئن ته Justification (عذر)، frustration (نراسا، نااُميديءَ جي ڪاوڙ)، پالوشن، پرورشن، پورنوگرافي، پراسٽيٽيوشن، پروگريس، پراسپرٽي، Pessimist وغيره. پر اڄڪلهه انگريزي اسان ۾ اهڙو گهر ڪري وئي آهي، جو اهي لفظ رواجي ڄاڻ جا لڳن ٿا. مورڳو دال ڀاڄيءَ ۾ مرچن مصالحن وانگر سوادي لڳن ٿا. توهان جهڙي اديب کي اهي ڪتب آڻڻ گهرجن يا نه، سو بحث جو سوال ٿي سگهي ٿو.
ٽي ڳالهه ته ڪي ڳالهيون منهنجي ناقص ڄاڻ موجب ٺيڪ نه به چئجن. جيئن توهان لکيو آهي ته مغرب هميشھ مشرق کي بک، بيروزگاري ۽ بڇڙايون ڏنيون آهن ۽ مشرق جي دولت، تهذيب ۽ ثقافت تي ڌاڙا هڻي ملڪ کي کوکلو بڻايو آهي. منهنجو رايو آهي ته Give the devil its Due انگريزن جي اچڻ کان اڳ هندستان ۾ سدائين راجائن ۽ حاڪمن جون پاڻ ۾ جنگيون چالو هونديون هيون. مغلن جي اوج وارن ڏينهن ۾ اورنگزيب جي سڄي عمر لڙائين ۾ گذري، جو وفات به دهليءَ کان گهڻو پري دکڻ (South India)۾ ڪيائين. انهن جنگين ڪري رعيت جي حالت قياس جوڳي هئي. مسافريءَ ۾ ٺڳ ۽ ڌاڙيل اهڙا هئا، جو ڪجهه سلامت نه هئو. لاباري لهڻ تي ڌاڙيلن جا گهوڙيسوار جهنڊ ڳوٺاڻن جو اناج ۽ ڪپڙا لٽا ميڙي ويندا هئا. انگريزن جي وقت ۾ سلامتي ملي، اسپتال، اسڪول، مسافرخانا، رستا، پُليون، سائنس لئبارٽريز کُليون، عدل انصاف، پوليس، ريل، پوسٽ آفيس ۽ تعليم جا ادارا قائم ٿيا.
هانگ ڪانگ لاءِ ته توهان پاڻ لکيو اٿوَ ته سامونڊي ڌاڙيلن جو پناهه گهر هو ۽ اڄ انگريزن جي حڪومت ۾ بلنديءَ جي چوٽ تي آهي. ڀيٽ ڪريو چين سان جنهن جي غربت دک درد جو بيان توهان پاڻ پنهنجي هن سفرنامي ’وايون وڻجارن جون‘ ۾ ڪيو آهي. هانگ ڪانگ ۾ جيڪي به فقير پنندي ڏٺاسين چين مان ڀڄي آيل هئا. انهن حالتن ۾ توهان لکيو آهي ته مغرب ڏني بک ۽ بيروزگاري؟ ٻيو لکيو اٿوَ ته مائوزي تنگ آفيم جي نشي تي بندش وڌي. آفيم تي بندش چيني سرڪار ۱۸۳۰ع ۾ وڌي جڏهن مائوءَ جو ابو ڏاڏو به نه ڄائو هو. ان لاءِ ۱۸۴۲ع ۾ انگريزن سان زبردست لڙائي ڪيائون، جنهن جو توهان به بيان ڪيو آهي. ملڪ اندر آفيم واپرائڻ کي ڏوهه ليکبو هو. توهان مائوءَ کي ناحق پَڏايو آهي، پر هاڻ سندس ملڪي ماڻهو به سچ ڪوڙ پرکڻ لڳا آهن...“
لوڪرام ڏوڏيجا جو پوني جي حوالي سان هي احوال لکندي سندس ۱۹۷۵ع کان مرڻ گهڙي (۱۹۸۸ع) تائين جا مون ڏي لکيل خط ٿو پڙهان ته ان ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ ۽ عجيب ڳالهيون ۽ سندس علمي لياقت ۽ مطالعي جي شوق جي ڄاڻ ٿي ٿئي. لوڪرام ڏوڏيجا ۽ سندس پٽ گرڌاري (جنهن پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا) ۽ ٻين اديبن ۽ شاعرن جا مون ڏي لکيل خط، جن مان ڪيترا ته مختلف جهازن ۽ بندرگاهن ڏي بدلي ۽ لڏپلاڻ ۾ هيٺ مٿي به ٿي ويا، پر ان هوندي به ڪيترائي مون وٽ، مون سان گڏ آهن. منهنجي ٻنهي ٻارن (مريم ۽ مارئي) کي ادب سان دلچسپي ناهي، جو کڻي پنهنجا خط ۽ ڪتابن جا قلمي نسخا انهن جي حوالي ڪري ڇڏجن. هالا ۾ هڪ ٻه همراهه مخمور بخاري، امتياز ابڙو ۽ منوج هالائي جهڙا سُجهن ٿا، جن کي ڪتابن ۽ ادبي شين سان دلچسپي آهي. سوچيان ٿو ته اهڙيون شيون هيڏانهن هوڏانهن ضايع ٿي وڃڻ کان مٿين همراهن مان ڪنهن جي حوالي ڪري ڇڏجن. هنن جو ادب ۽ تعليم سان واسطو آهي، ڳوٺ ۾ رهن ٿا، جتي گهر وڏا هجڻ ڪري هنن وٽ ڪتابن جهڙيون شيون رکڻ لاءِ ڪافي جاءِ نڪري سگهي ٿي. بهرحال هتي لوڪرام ڏوڏيجا صاحب جي ڪجهه خطن جا مختصر ٽڪرا نموني خاطر ڏيان ٿو ۽ مون کي حيرت ٿي ٿئي ته هي انهن ڏينهن جا آهن، جڏهن هن جي ڄمار ستر ۽ اَسي ورهين جي وچ ۾ هئي، هُو بيمار به رهيو ٿي پر ان هوندي به هُو لکڻ پڙهڻ کي وقت ڏيندو رهيو ۽ ڪنهن نئين ڪتاب ڇپجڻ جو ٻڌندو هو ته هُو پوري ڪوشش ڪري ان کي ڌارئين ملڪ مان به گهرائي پڙهندو هو. کيس سَت زبانون آيون ٿي: سنڌي، انگريزي، سنسڪرت، مرهٺي، گجراتي، هندي ۽ اڙدو. هڪ خط ۾ لکي ٿو:
· ”هيءَ چٺي لکندي توهان جا ’سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين‘، ۽ ’سي ئي جوڀن ڏينهن‘ مون کي مليا آهن، جيڪي توهان جي جهاز جي سنگاپور وٽان لنگهڻ وقت توهان اتان پوسٽ ڪرايا آهن. هينئر يورپ ويندي توهان جو جهاز ڪهڙي بندرگاهه ۾ گهڻا ڏينهن ترسندو، جيئن اتي ڪجهه سنڌي ڪتاب ۽ سنڌي ڪئسيٽ موڪليان. گرو نانڪ جو ڪتاب موڪلڻ تي ناراض ته نه ٿيندا...؟
· آءٌ توهان جي ڪتابن تي سخت تنقيد ڪريان ٿو، ڇو جو جنهن سان پيار ٿيندو آهي، تنهن کي ئي سچ چئبو آهي. گهر جي ڀاتين کي ئي چئبو آهي ۽ نه ڌارين کي. ٻيو ان لاءِ به ته توهان منهنجي ڪتابن جي به اهڙي سخت ڇنڊڇاڻ ڪريو.
· توهان لکيو آهي ته توهان جهاز هلائڻ وارن جو نه تعليم سان گهڻو واهپو رهي ٿو ۽ نه پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن سان، پر توهان جا لکيل ڪتاب توهان کي غلط ثابت ڪن ٿا. انهن مان توهان جي بلند خيالن ۽ ملڪ جي بهبوديءَ جو فڪر ثابت ٿئي ٿو. مان پنهنجي سڄي عمر هندي، سنسڪرت، انگريزي، مراٺي، گجراتي ۽ اڙدو وغيره ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ ئي گذاريندو رهيس، پر جڏهن اوپرن ملڪن ۾ ويس ته مون کي پنهنجي سڄي محنت اجائي لڳي ۽ محسوس ڪيم ته زندگي ناڪاره وئي. رڳو ڪتاب ڏسڻ بدلي مالڪ جي جوڙيل هن مانڊاڻ / سرشتي کي پڙهندو ۽ نهاريندو رهان ها ته وڌيڪ پِرايان ها. ان ڳالهه ۾ توهان مون کان وڌيڪ عالم آهيو. منهنجا شايع ڪيل ڪتاب اڳلن (ماضي جي) فلاسفرن جي چاڻ جو سارتت آهن ۽ توهان جا ڪتاب اصل پنهنجي ڄاڻ جا اصلوڪا آهن...
· مون توهان کي جيڪي ڪتاب يوڪوهاما (جپان) موڪليا آهن، سي توهان کي پهتا يا نه؟ پاڪستان موڪليل ڪتاب گهڻو ڪري ڪنهن کي به نٿا ملن. اميد ته ٽپال چور اسان تي رحم جي نظر رکندا. مان ڌڻيءَ در اها ئي دعا پِنان ٿو ته شل توهان تي ۽ توهان جي ڪٽنب تي ان جي مهر وسندي رهي ۽ سدائين مِيٺ محبت ۾ سکي رهو. مان توهان کي ڏياريءَ جو ڪارڊ موڪليان ٿو. مان سمجهان ٿو ته سڀئي مذهب عوام کي ڦرڻ ۽ گمراهه ڪرڻ جا وسيلا آهن. سچو مذهب آهي پيار پريت ۽ سڀني جي ڪم اچڻ ۽ چڱائي ڪرڻ. رام ۽ ڪرشن جي تصويرَ، ياد ڏياري ٿي ته پاڻ وڏي ۾ وڏي مصيبت سهي ڪري به ٻين جي ڀلائي ڪندا رهو. رام ڪرشن هئا يا نه سا خبر خدا کي، پر چڱائيءَ ۽ مدائيءَ جي ويڙهاند اڃا تائين چالو آهي. عوام تي ۽ زالن ۽ مسڪينن تي ڪهڙا ته ظلم ستم ٿي رهيا آهن؟ شل ڌڻي اسان کي سدائين چڱائيءَ جي راهه تي قائم رکي.
· توهان لکيو آهي ته توهان منهنجي ڪتاب ۽ مون بابت ’هلالِ پاڪستان‘ ۾ لکڻ چاهيو ٿا. مان جهڙي خصيص ماڻهوءَ جي واقفيت لکڻ لائق ناهي. سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ وڏي جائداد، جڳهيون ۽ دڪان هئا. اتان مفلسيءَ ۾ نڪتاسين ته هتي محنت ڪئي ته ڏاتار چئي ڇڏيو. هتي به گهڻن شهرن ۾ دڪان ۽ املاڪون آهن. ويهه کن پوٽا ۽ ڏوهٽا آهن ۽ پنج پٽ ۽ ٽي ڌيئر آهن، جن کي به پنهنجون جدا جدا جڳهيون ۽ موٽرون وغيره آهن. مان سڀني کان جدا پوني پنهنجي بنگلي ۾ رهندو آهيان ۽ رڳو مٿاڇري نگهباني ڪندو آهيان. علم جو طالب آهيان. ڇهه ست ٻوليون اينديون آهن، پر ته به ۷۵ سالن ۾ به شاگردي هلندي رهي ٿي. منهنجا ۳ ڀائيٽا ڪويت ۾ آهن. هڪ ڪئناڊا ۾ ۽ ۵ ڀائٽيون آمريڪا ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر وغيره آهن.
· توهان جي زال ست اٺ سالن کان توهان سان گڏ جهاز تي سفر ڪري رهي آهي، اهو ته توهان پنهنجي زال ۽ ٻارن سان نسورو ئي ظلم ڪري رهيا آهيو، پر اهو ضرور چوندس ته ٻارن کي ته کڻي سي سڪنيس نه ٿيندي هجي، پر توهان جي ڪنوار وڏي دلير چئبي جو سمنڊ تي لڳندڙ طوفانن ۽ ڇولين جو مقابلو ڪري ٿي. منهنجو هڪ مسواڙي ڪئپٽن جوشي، انڊيا جي سنڌيا ڪمپني جي جهاز ۾ پنهنجي زال کي فقط ٻن مهينن جي voyage تي ڏور اوڀر جي ملڪن سنگاپور، فلپين، ويٽنام، هانگ ڪانگ ۽ جپان وٺي ويو. واپس اچڻ تي جوڻس چيو: دادا! مون توبهه ڪئي. جيتوڻيڪ اڄ جا جهاز بيحد ماڊرن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ آهن، رڌپچاءَ ۽ ڪم ڪار کان به آجي هيس، پر اهڙا سامونڊي طوفان ۽ ٽائفون سَهڻا پيا، جو ٻيهر وڃڻ کان بانهه ڪئي اٿم... پر زالون جي sailor مردن کي اڪيلو نه ٿيون ڇڏين، ته سندن ڏوهه ناهي جو چيل آهي ته هر هڪ سيلر کي هر هڪ بندرگاهه تي آشنا ٿيندي آهي. انهن کان مڙس جي حفاظت ڪرڻ سندن فرض آهي. توهان خبر ناهي ڇو ٻه ٻار گهڻا ٿا سمجهو. هڪڙو پٽڙو هئڻ به ضروري آهي. جيئن توهان جي پيڙهي به پيڙهي قائم رهي ۽ توهان لاءِ ٻڍاپي ۾ سهارو رهي. آءٌ هر وقت اها دعا ڪندو رهان ٿو ته ٻن نياڻين بعد هاڻ توهان کي پٽ ٿئي. اهو رحيم ڪريم سائين سڀني جي مراد پوري ڪندو. الله منهنجي اها آس پڄائيندو ته مان مٺائي ورهائيندس.
· توهان سنڌ ۽ منهنجو ڳوٺ شڪارپور گهمڻ لاءِ لکيو آهي سو ته شايد نصيبن ۾ ناهي، جو ٽن چئن سالن کان بيحد ڪوشش ڪندي به ويزا نٿا ڏين. هاڻ بيحد پوڙهو ۽ نٻل ٿي ويو آهيان. هلڻ جي به اها سگهه نٿو ساريان. باقي هڪڙي وصيت ڪري ڇڏي آهي، ته منهنجي لاش جي خاڪ سنڌ موڪلجو ته ذرو پرزو سنڌونديءَ ۾ پوندو ته منهنجي روح کي راحت ملندي. نالائق سياستدانن جيڪي زبردست ديوارون کڙيون ڪيون آهن، سي اسان کي پنهنجي پاڙيسري ملڪ ۾ وڃڻ کان روڪين ٿيون. ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي اچ وڃ سان پاڻ ۾ ميلاپ ۽ محبت وڌي ٿي ۽ ٽينشن گم ٿئي ٿي. هتي هروڀرو وير ورڌ ڪونهي. بامبي جو گورنر مسٽر صادق علي آهي. چيف منسٽر عبدالرحمان انتلي آهي. شهر جو ميئر يوسف علي آهي. هتي سنڌي هندن ڪروڙن جي لاڳت جا اسڪول ۽ ڪاليج ۽ ڪارخانا کوليا آهن. ٻنهي ملڪن ۾ ساز سلوڪ هجي، ته ٻنهي جي ڀلائي ٿئي.
· توهان جيڪي ڪتاب لکيا آهن، انهن مان پنج ته مون وٽ پيا هئا ۽ توهان جي هانگ ڪانگ ائڊريس تي موڪليا اٿم. سيتل کي به پڙهائيندا. هن جي سنڌ ۽ سنڌين بابت مئگزين ”دي انڊين“ ملندي رهي ٿي. پوپٽي هيراننداڻيءَ جا ته گهڻا ڪتاب هندو ڌرم تي آهن ۽ هُوءَ گهڻو ڪري ليک لکندي آهي. وچ ۾ هڪ نظم لکيو هئائين، ”دُن هيٺان دٻلي“ جو لطف. سندس هن بيشرم ڪوتا تي گهڻي ڦٽ لعنت پيس ته هڪ ڪنواري ڪنيا ٿي ڪري اهڙا شعر ٿي لکي! هن خط سان گڏ پوپٽيءَ جو اهو شعر موڪليان ٿو، جنهن تي مون کي ته ويساهه نٿو اچي. توهان ئي ٻڌايو ته اهو صحيح آهي يا غلط.
لوڪرام ڏوڏيجا جي وفات ۱۹۸۸ع ۾ ٿي. آخري ڏينهن ۾ هُو پيٽ جي تڪليف ڪري ڪڏهن گهر ته ڪڏهن اسپتال ۾ داخل ٿي ٿيو. دل جو مريض ته اڳهين هو. کيس ۱۹۶۲ع ۾ دل جو دورو پيو هو. ان کان علاوه هُو ڪجهه گهرو پريشانين ڪري به ڏکويل رهيو ٿي. خاص ڪري سندس وڏي پٽ گرڌاري لعل ۽ سندس وچ ۾ ڪجهه ذاتي ۽ ڪاروباري ضد پيدا ٿي پيا، ان ڪري ۱۹۸۵ع ۾ هن ڪٽنب جي سڀني ڪمپنين کان رٽائرمينٽ ورتي، پر جاين جڳهين ۽ ٻي پراپرٽيءَ تي هن جو پٽن سان ٺاهه ٿي نه سگهيو، جنهن جو هن کي ڏاڍو ڏک رهيو، جنهن جو اظهار هو مون سان خطن ۾ به ڪندو رهيو. مون ڏي سندس آخري خط سندس وفات کان مهينو کن اڳ جو آهي، جيڪو مون کي ملاڪا (ملائيشيا) ۾ مليو، جتي آءٌ گذريل ڇهن سالن کان ٽڪيل هوس. سندس هن خط جون ڪجهه سِٽون هن ريت آهن:
· توهان کي پنهنجي تازي ڪتاب ”ورهاڱي جون لڱ ڪانڊاريندڙ ڪهاڻيون“ جي ڪاپي ملاڪا موڪلي اٿم. ان ڪتاب تي توهان جي ٽيڪاٽپڻيءَ جو انتظار رهندو. توهان ملائيشيا ۾ اچڻ رهڻ لاءِ چيو آهي، ان لاءِ ٿورائتو آهيان. انهن اوڀر جي ملڪن جي تاريخ جو هندو شاسترن ۾ گهڻو ذڪر آهي، جو صدين جون صديون هندو راجائن جي حڪومت هئي ۽ اتي جون ٻوليون سنسڪرت جي بنياد ۽ وياڪرڻ تي ٻڌل آهن. مان جڏهن ٿائلينڊ (سيام)، ملائيشيا، جاوا، سوماترا ۽ بالي انڊونيشيا ويو هئس، تڏهن اتي پنهنجي ڌرم جا گهڻا اهڃاڻ ڏٺا هئم. ڪمبوج ٿائلينڊ جي سرحد تي ”انگڪور واٽ“ ته هندو ديوتائن ۽ ديوين جي بُتن سان ڀريل ڏٺم. مان سنسڪرت جي گرنٿن تان، انهن ملڪن جي تاريخ به لکي پر بيماريءَ سبب سڀ اڌ لکيل ڪتاب اڌ ۾ لکيل ڇڏي ڏنا اٿم. جي سائينءَ سگهارو بڻايو ته ترڪستان، تاجڪستان، ايران، عراق جي آريا – هندو راجائن جا اتهاس لکي پورا ڪندس. جيڪڏهن توهان بمبئي منهنجي غريب خاني ۾ رهندائو ۽ پوني ايندائو ته ڏاڍي خوشي ٿيندي، باقي ٻڍاپي ۽ بيماريءَ ڪري آءٌ ٻاهر به نٿو نڪري سگهان. منهنجو مربي پٽ (۶۲ سالن جو) ڌارين سان ٻيلي ٿي مون کي ٺڳي رهيو آهي. مان مڃان ٿو ته پٽ جو پيءُ جي ملڪيت تي جنم سڌ (Birth Right) آهي، پر پيءُ جو به ته خيال ڪجي. ڪهڙا سُور سليان؟ مان هن جي خاطر بمبئيءَ جي وڏي بلڊنگ وڪڻي ڇڏي ۽ مان پنهنجي رهڻ لاءِ سمنڊ ڪناري هڪ شاندار فليٽ ڪئي آهي. باقي منهنجا ٽي دڪان هُو ڦٻائي ويو آهي پر مون دعويٰ نه ڪئيمانس، پر پنهنجو ٻيو دڪان کوليو آهي ۽ هميشھ وانگر مالڪ مهربان آهي. مان پاڻ اڪثر پوني رهندو آهيان... توهان جي قسمت زور آهي جو توهان پٽن جي پيڙا کان آزاد آهيو...
دُن هيٺان دٻلي
دُن هيٺان هيءَ دٻلي آهي، يا
اُپتيءَ جي ندي اصلي آهي؟
آ عورت جو هيءُ نفيس اَنگُ، يا
انسان جي آ مدت جو اصلي لنگُهه
هي هاٿيءَ جي مُنهن وارو ٽِڪنڊو
آهي ڪامديو جو سونهاري جهنڊو
هيءَ آهي ماديات جي نجي دل،
يا پُرش پيار جي آخري منزل؟
هيءَ ماڻڻ ڀوڳڻ جي اونهي غُفا، يا
عورت جي تباهيءَ واري قضا
هيءُ ٻل ڪمزويءَ جو عجب ميلُ
يا پُرش پرڪتيءَ جو انوکو کيلُ
نانءُ هن جو ڳيهڻ آهي، ڇا ڇا نه هيءَ ڳڙڪائي ٿي!
پُرش جو اهم، پتيءَ جي شخصيت،
پنهنجي سامهون جهڪائي ٿي.
دشمن جو حملو، انسان جي لعنت
سڀ سِرَ تي سهسائي ٿي.
پنهنجي اندر سرشٽيءَ جو ٻج
نهائين بڻجي پچائي ٿي
تَنُ مَنُ پيءُ جو آسانيءَ سان
پُٽ تائين پهچائي ٿي.
هن آنند جي لئه ۽ ڀوڳ جي مئه
چوڌاري ترگڻي مايا
انادي پرش جي ڪايا
جيون جا ڪل مقصد چار
ڪلا، سياست ۽ ٻيا ٻَه خمار
گهمندا رهيا، ڦرندا رهيا، گهمندا رهندا.
(پوپٽي هيراننداڻي)
No comments:
Post a Comment