Sunday, February 06, 2011

سودي خاطر سنبهي... الطاف شيخ

سودي خاطر سنبهي...
الطاف شيخ

هن کان اڳ پوني جا پيٺ يعني پاڙن جي ڳالهه ڪندي، شريمتي راڌيڪا جو نالو پڻ آيو، جنهن سان ساڌو واسواڻي چوڪ واري گيسٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي. راڌيڪا (جنهن جو سڄو نالو مسز راڌيڪا ڪشن محبوباڻي آهي) ڪا شاعره يا ليکڪا نه آهي، پر دادا جي انهن عقيدتمندن مان آهي، جيڪي پري پري کان سفر ڪري دادا جشن واسواڻيءَ جو ديدار ڪرڻ ۽ نصيحت ڀريون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ پوني آيا هئا.


راڌيڪا ۽ سندس ٻارن رام ۽ ڪنچن سان ملي، جتي خوشي ٿي اتي حيرت پڻ! حيرت ان ڳالهه جي ته هيءَ دنيا ڪيڏي ننڍي آهي ۽ هيءَ عورت جنهن جو ٻالڪپڻو پينانگ (ملائيشيا) ۾ گذريو، جتي اڄ کان ٽيهه چاليهه سال کن اڳ جڏهن اسان جو جهاز ملائيشيا جي هن بندرگاهه پينانگ ۾ پهچندو هو، ته اسان سندن Vogue نالي دڪان تي شاپنگ ڪرڻ لاءِ ضرور پهچي ويندا هئاسين ۽ شاپنگ کان سواءِ دڪان جي مالڪ (يعني راڌيڪا جي پِتا) مرلي هاسارام سرتاني سان ڪچهري ڪندا هئاسين. مرلي هاسارام انهن سنڌين مان هو، جنهن جي فئملي هندستان جي ورهاڱي وقت يعني ۱۹۴۷ع ۾ نه پر ان کان گهڻو گهڻو اڳ سندس پڙ ڏاڏي اوڻهيئن صديءَ ڌاري حيدرآباد سنڌ کان هتي پينانگ ۾ اچي بزنيس شروع ڪيو، جيئن ڪوالالمپور جي گلوب سلڪ شاپنگ سينٽر جي مالڪ تان سِري ڪشوءَ بابت ملائيشيا وارن سفرنامن (’ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه‘، ’جت جر وهي ٿو جال‘ ۽ ’۱۲ سال بعد ملائيشيا‘) ۾ لکيو اٿم. دراصل ڪشوءَ جو پيءُ ڄيٺانند راڌيڪا جي پِتا مرلي هاسارام سرتانيءَ جو سٺو دوست هو، پر سرتانيءَ وارا ملائيشيا ۾ گهڻو اڳ آيا. تانسري ڪشوءَ جو پيءُ به جيتوڻيڪ ورهاڱي کان گهڻو اڳ آيو، پر سرتانيءَ وارن کان پاءُ صدي پوءِ ۱۹۲۸ع ۾ آيو ۽ هن اچڻ سان پهرين سيگامت شهر ۾ دڪان کوليو ۽ پوءِ ڏهاڪو کن سالن بعد ڪوالالمپور جي باتو روڊ تي اچي گلوب سلڪ اسٽور نالي دڪان کوليو. هي روڊ اڄڪلهه ”جالان تنڪو عبدالرحمان“ سڏجي ٿو. شروع وارن ڏينهن ۾ يعني ستر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن آءٌ جهاز تي هئس ۽ منهنجو جهاز پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) ويندو رهندو هو، ته انهن ڏينهن ۾ ڪشوءَ جو پيءُ ڄيٺانند ۽ راڌيڪا جو پيءُ مرلي هاسارام سرتاني جيئرا هئا. بعد ۾ ۱۹۸۲ع ڌاري جڏهن آءٌ ڏهه سال کن لاءِ ملاڪا (ملائيشيا) وڃي رهيس ته انهن ڏينهن ۾ هي ٻئي گذاري چڪا هئا. راڌيڪا وارن جو پينانگ وارو دڪان هاڻ هن جو ڀاءُ پشو مرلي هاسارام هلائي ٿو. پشو ۽ راڌيڪا پينانگ ۾ ئي ڄاوا. راڌيڪا پرائمري ۽ هاءِ اسڪول تعليم پينانگ مان حاصل ڪرڻ بعد ملائيشيا يونيورسٽي ڪوالالمپور مان بي. اي. آنرس ڪئي.
راڌيڪا ٻڌايو ته سندس شادي ۱۹۷۵ع ۾ ڪشن سندر داس محبوباڻيءَ سان ممبئيءَ ۾ ٿي. محبوباڻيءَ وارا ورهاڱي بعد حيدرآباد کان لڏي ممبئيءَ اچي Settle ٿيا هئا. راڌيڪا ٻڌايو ته سندس سهرو (يعني ڪشن جو پيءُ) سندر داس دَتارام محبوباڻي ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ اسڪول جو ٽيچر هو. راڌيڪا شاديءَ بعد ممبئيءَ جي ڏاکڻي علائقي ڪولابا ۾ اسٽرانڊ روڊ تي رهي ٿي. کيس ٻه ٻار، هڪ پٽ رام ۽ هڪ ڌيءَ ڪنچن آهن، جيڪي پڻ ساڻس گڏ پوني آيا هئا. هُو تعليم ختم ڪري چڪا آهن ۽ ٻئي ممبئيءَ ۾ نوڪري ڪن ٿا.
ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهندڙ سنڌي، راڌيڪا جي مڙس ڪِشن سندرداس محبوباڻيءَ جي هڪ ڪزن ڪشور محبوباڻيءَ کي ضرور سڃاڻندا هوندا. ڪشور محبوباڻي اڄڪلهه نئشنل يونيورسٽي آف سنگاپور جي لي ڪئان يئو اسڪول آف پبلڪ پاليسي جو ڊين آهي.
ڪشور محبوباڻيءَ جو پِتا ورهاڱي کان پوءِ حيدرآباد سنڌ مان لڏي سنگاپور اچي رهيو، جتي ۱۹۴۸ع ۾ ڪشور ڄائو. ڪشور فلسفي ۽ تاريخ جو شاگرد ٿي رهيو. پڙهائيءَ ۾ هوشيار هجڻ ڪري ڪشور محبوباڻيءَ کي ۱۹۶۷ع ۾ صدارتي اسڪالر ملي. هن ۱۹۷۱ع ۾ سنگاپور يونيورسٽيءَ مان فلاسافيءَ ۾ بي. اي. آنرز، فرسٽ ڪلاس فرسٽ حاصل ڪيو. ان بعد ڪئناڊا جي ڊالهوسي يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۶ع ۾ ايم. اي. جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ۱۹۹۵ع ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪيائين.
۱۹۷۱ع کان وٺي ۲۰۰۴ع تائين ڪشور محبوباڻيءَ سنگاپور جي فارين سروسز ۾ نوڪري ڪئي، جتي آخر ۾ هُو سنگاپور طرفان يونائيٽيڊ نئشن ۾ سفير به ٿي رهيو. ان کان اڳ ۾ هُو ڪمبوڊيا، ملائيشيا ۽ آمريڪا ۾ سفير ٿي رهيو.
هونئن ڪشور محبوباڻي سنگاپور ۽ ملائيشيا کان ٻاهر هڪ ليکڪ ۽ جرنلسٽ جي حيثيت سان وڌيڪ سڃاتو وڃي ٿو ۽ هن جا مضمون سنگاپور جي اخبارن ۽ رسالن کان علاوه نيويارڪ ٽائيمز اخبار ۽ وال اسٽريٽ جرنل ۾ به ايندا رهن ٿا. ڪشور جا ٽي ڪتاب ايشيا توڙي آمريڪا ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيا آهن:
1. Can Asian Think?
2. Beyond the Age of Innocence
3. The New Asian Hemisphere
راڌيڪا سان پوني جي گيسٽ هائوس ۾ هڪڙي ڏينهن نيرن تي، ملائيشيا ۽ سنگاپور جون ڳالهيون ڪندي اتي جي ڊائننگ هال ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مرهٺي بورچياڻيءَ، جنهن صاف سنڌي ٿي ڳالهائي، چرچي يا شايد ٽوڪ طور راڌيڪا کي چيو ته، ”چڱو جو هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ توهان سنڌين کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪاروبار ڄمائڻ جو موقعو مليو.“ جنهن تي راڌيڪا هن کي ٻڌايو ته، ”هن جا وڏا ورهاڱي وقت نه پر ان کان گهڻو گهڻو اڳ ملائيشيا ۾ وڃي رهيا، جڏهن ملائيشيا ’ملايا‘ هو، جڏهن ملايا جا شهر ۽ اتي جون حالتون اسان جي ننڍي کنڊ جي ڳوٺن کان به بدتر هيون. اسان جي وڏن حيدرآباد، شڪارپور، بڙودا ۽ بمبئيءَ جهڙا شهر، جن ان وقت پئرس ۽ لنڊن جو مقابلو ٿي ڪيو، اهي ڇڏي روزگار ۽ ڪاروبار ڄمائڻ لاءِ ملايا وڃي زندگي گذاري، جتي پيئڻ لاءِ هائجنڪ پاڻي نه هو، جتي مليريا ۽ ٽائفائيڊ جو راڄ هو، جتي نانگ بلائون ۽ وڇون ۽ سؤپيريون عام هيون...
منهنجي خيال ۾ راڌيڪا بلڪل صحيح چئي رهي هئي. سٺ واري ڏهي جي آخري سالن کان، جڏهن مون مئرين انجنيئر جي حيثيت سان مختلف جهازن تي سفر شروع ڪيو ته نه فقط ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، سريلنڪا ۽ ڪويت عراق ۾، پر برمودا، بهاما، لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ)، سينيگال، موزمبق جهڙن ڏورانهن ٻيٽن ۽ اڻ سڌريل آفريڪي ملڪن ۾ مون کي ڪيترائي اهڙا سنڌي دڪاندار مليا، جن جي اتي ٻِي يا ٽِي به جنريشن هئي يعني هُو ويهين صديءَ جي شروع ۾ يا ان کان به اڳ انهن هنڌن تي پهتا. پينانگ جي ڄايل هن راڌيڪا محبوباڻيءَ جي به ملائيشيا ۾ هيءَ چوٿين جنريشن آهي. سندس شادي ممبئيءَ ۾ ٿي، پر سندس ڀاءُ پِشو پينانگ ٻيٽ جي بشپ اسٽريٽ تي اڃا تائين بوتيڪ جو Vogue نالي دڪان هلائي ٿو. پِشو جو ڏاڏو هاسارام ۱۸۶۰ع ۾ حيدرآباد ڇڏي، هتي پينانگ آيو هو ۽ سندس نالو پينانگ جي تاريخ ۾ موجود آهي. انگريزيءَ جو ليکڪ امرجيت هاسارام ۽ ٻين سنڌي هندو واپارين لاءِ جيڪي آڳاٽي دور ۾ هتي پينانگ ۽ سنگاپور ۾ اچي رهيا، لکي ٿو ته...
“Sindhis are shrewd and aggressive business communities, who left their native homeland, Sindh in the early nineteenth century to seek, their for tunes overseas...
پينانگ ۾ ته نه فقط راڌيڪا وارا پر ٻيا به ڪيترا اهڙا سنڌي دڪاندار ملندا هئا، جن گهڻو اڳ هتي اچي ديرو ڄمايو هو. جن مان ڪجهه احوال، جيئن ته ’چيپ جان‘ واري سنڌي دڪاندار جو ۽ ٻين جو، ملائيشيا وارن سفرنامن ۾ لکيو اٿم. هندستان جي ورهاڱي بعد ته اڃا به گهڻا سنڌي مختلف ملڪن ۾ اچي ويا، پر دولترام ۽ پرمانند برادرس وارا، واسيامل وارا پيانگ ۾ ۽ پوهومل وارا ڪوالالمپور ۾ ۽ پارواڻي وارا ملاڪا ۾ ۱۹۲۰ع ۽ ۱۹۳۰ع جي وچ ۾ آيا هئا. پارواڻين بابت ’مڪلي کان ملاڪا‘ واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. ۱۹۴۷ع ۾ (يعني ورهاڱي کان اڳ) ملايا (اڄ واري ملائيشيا ۽ سنگاپور) ۾ ورتل آدمشماريءَ مطابق ۷۲۸ سنڌي رهيا ٿي ۽ ان جي مقابلي ۾ پارسي ۹۸ هئا ۽ مرهٺا ۵۵۶ هئا.
بهرحال سنڌي واپارين، دڪانن ۽ ڪمپنين جي، مختلف ملڪن ۾ موجودگيءَ جو بهترين مثال ’چوٽيرام ائنڊ ڪمپني‘ آهي، جنهن جي آفيس جو وڏو بورڊ ۽ دڪان ڪوالالمپور جي خوبصورت علائقي جالان تنڪو عبدالرحمان تي گلوب سينٽر جي کاٻي پاسي آهي. ملئي زبان ۾ جالان معنيٰ ’هلڻ‘ به آهي ته ’روڊ‘ يا ’رستو‘ به. هن ڪمپنيءَ جا دڪان مون کي ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن تي نظر آيا آهن ۽ هن ڪمپنيءَ بابت آءٌ پنهنجي ڪنهن آفريڪي سفرنامي ۾ به مختصر طور لکي چڪو آهيان، ته سنڌ جي واپاري سيٺين جي چوٽيرام گهراڻي پنهنجي واپار جي پهرين شاخ، اڄ کان ۱۳۵ سال اڳ ۱۸۷۵ع ۾ انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ کولي. ان بعد ۱۸۸۲ع ۾ سنگاپور ۾، ۱۸۸۸ع ۾ هانگ ڪانگ ۾، ۱۸۹۳ع ۾ يوڪوهاما (جپان) ۾، ۲۱ سالن بعد هنن جپان ۾ ’چوٽيرام ۽ ڪمپني‘ جي ٻي برانچ ڪوبي شهر ۾، ۱۹۵۱ع ۾ پئرس ۾ آفيسون ۽ دڪان کوليا، ۱۹۵۳ع ۾ دبئي ۽ نيويارڪ ۾، ۱۹۵۶ع ۾ لاگوس ۾، ۱۹۵۷ع ۾ ڪوالالمپور ۾ جڏهن جالان تنڪو عبدالرحمان (روڊ) سيمينٽ جو نه پر پٿرن جو ٺهيل هو ۽ ان روڊ جو نالو ’باتو روڊ‘ هو، معنيٰ پٿرن وارو رستو. چوٽيرام ائنڊ ڪمپنيءَ جون وڌيڪ برانچون ۱ ۹۶۰ع ۾ جبرالٽر ۾ کليون ۽ ۱۹۶۱ع ۾ لاس پاماس ۾، ۱۹۶۶ع ۾ سيول (ڪوريا) ۾، ۱۹۶۷ع ۾ مئڊرڊ (اسپين) ۾، ۱۹۶۸ع ۾ بئنڪاڪ ۾ ۽ ۱۹۷۱ع ۾ تائپي (تائيوان) ۾. اهڙيءَ طرح ٻين سنڌي هندن جون واپاري ڪوٺيون مختلف ملڪن ۾ کُلنديون رهيون. مختلف ملڪ ۾ ٽِڪِي، ڌنڌي هلائڻ کان به گهڻو گهڻو اڳ هُو واپار وڙي لاءِ ويندا رهيا ٿي ۽ پئسو ڪمائي موٽي آيا ٿي ۽ اهو سلسلو شاهه لطيف کان به اڳ جو شروع ٿيل هو، تڏهن ته شاهه صاحب به هنن ماڻهن ۽ ماڳن جي ڳالهه ڪئي آهي، خاص ڪري لنڪا، عدن ۽ جاوا ته واپار ۽ ڪمائڻ جا ڳڙهه هئا، جتي يورپ کنڊ کان انگريز، ڊچ، پورچوگيز ۽ فرينچ به اچي نڪتا، پر هي سنڌي واپاري ۽ انڊيا جي صوبي گجرات جا انهن هنڌن تي اڳهين موجود هئا. چون ٿا ته گجرات جي راجا ڪسم چتر پنهنجي پٽ ڀرو وجي ساويچال کي جاوا وڃڻ لاءِ ۱۶۱۰ع ڌاري ڇهه جهاز ۽ پنج هزار ماڻهو ڏنا، جن ۾ هر قسم جا پورهيت، واپاري ۽ سپاهي هئا. انهن ڏينهن ۾ گجرات جو وڏو حصو سنڌ اندر هو ۽ سنڌي به ان وقت کان جاوا ايندا ويندا رهيا ٿي ۽ جَجهو ناڻو ڪمائي آيا ٿي. ننڍي هوندي سنڌي ڪتاب ۾ هڪ بيت پڙهبو هو ته:
سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا،
ڪري وڻج واپار سي، سگهو ٿيا ساوا،
اڻ ميو ڌَنُ اتان، سو جو ڪمائين،
پاڻ ته کائين تن جا پويان پڻ کائين.
شاهه لطيف جو شعر آهي:
لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا،
سُڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين.
پوني ۾ شايد ڪنهن شاهه جو ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو شعر ٻڌايو جيڪو عجب اتفاق آهي، جو منهنجي لاءِ ته نئون آهي. ٿي سگهي ٿو ڪنهن ٻئي شاعر جو هجي:
سودي ڪارڻ سنڀري، ويهون وڻجارن،
ويا چين بينگال ڏي، ماڻڪ رکي من.

No comments:

Post a Comment